نامور
سفرنامه نويس الطاف شيخ جي ڪتاب
”اي
جرني ٽو ٿائلنڊ“ جو پيش لفظ
الطاف شيخ جي ڪتاب لاءِ ٻه اکر لکڻ، منهنجي لاءِ وڏي رتبي
جي ڳالهه آهي. سندس ليکڪ جي حيثيت ۾ تجربو ۽ منهنجي عمر، سندس زندگيءَ جا سفر
۽ منهنجي کوهه جي زندگي، سندس سنڌي ادب
لاءِ خدمتون ۽ منهنجي ڪاهلي ... اهي سڀ جز مون کي ان قابل نٿا بڻائين ته مان هيڏي وڏي ليکڪ،
جنهن سنڌي ادب ۾ سفرنامن جي کوٽ پوري ڪئي آهي، تي ادبي ٽيڪا ٽپڻي ڪيان. پر مان
سندس ٿورائتو آهيان. الطاف مون کي نٽهڻ ننڊ مان ڌونڌاڙي اٿاريو آهي. منهنجي تخليقي
قوت جيڪا سالن کان سنڍ ٿي وئي هئي، ان کي ڪروٽ موڙي اٿاريو آهي. ان بهاني شايد مان
پنهنجو ڪم اڻپورو پورو ڪري سگهان.
الطاف جو ڪتاب ”اي جرني ٽو
ٿائلنڊ“ مون سندس پياري ننڍڙي گهر ملاڪا (ملائيشيا) وڃي پڙهيو. پڙهڻ کان
پوءِ کيس چيم ته ٻه اکر لکان؟
هن کلي ڏنو ۽ چيائين: ”لکندين! ڇڏ جاني تون واندو ٿوروئي
آهين!“
مان ٻڏ ـــ تر ۾ اچي کانئس پڇيو: ”جي لکان ته ڇپائيندين؟“
”ڇو نه“ الطاف وراڻيو.
پنهنجي تلخ تجربي جي ڳالهه ڪئي مانس. هڪ يار محنت ڪرائي،
پوءِ جڏهن ڏٺائين ته تعريف پوري ساري ۽ تنقيد ججھي آهي ته ڇپائڻ ته ٺهيو پر مسودو
به کڻي ويو ــــ متان ڪنهن مخزن ۾ ڏئي ڇڏيان. ان تي مون لڳاتار ٻه مهينا ڪم ڪيو
هو. پنهنجي ننڍڙي ڪتب خاني کي ابتو ڪيو هيم. راڻي ۽ ننڍڙي ٽئگور کي ور ۽ پيءُ جي
پيار کان محروم ڪيو هوم. ۽ پنهنجو خون پيتو هيم. خير رب کيس خوش رکي.
سياح جو سفرنامو چترڪار جي چتر کان وڌيڪ اثرائتو ٿئي ٿو.
چترڪار جي شاهڪار تي نظر چند ماڻهن جي پئي ٿي ۽ هر هڪ مخصوص جڳهه تي چترڪاريءَ تي
ان جو ڊول، ڊانو ۽ رنگن جي ريکا، خيال جي اونهائي، تصور جو چٽو هجڻ ۽ ڏسندڙ کي
محسوس ڪرائيندڙ خيال صرف ان تصوير جي اردگرد ئي رکندو. پر سياح جي سفرنامي ۾
جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي سماجي، سياسي، سياحتي، ثقافتي ۽ لساني پهلوئن جي ڇنڊ ڇاڻ ايتري
ئي سهڻي ريت ٿيل آهي جهڙي ريت چترڪار جي تصوير ۾ ته ان جو اثر گهڻو ۽ گهرو ٿيندو.
اهو پوءِ رڳو سفرنامو نه، رڳو وندر نه پر مخصوص ملڪ جي ڇنڊ ڇاڻ جي صورت ۾ پڙهندڙ
اڳيان اچي ٿو. مڃان ٿو ته اها هڪ فرد جي
نظر آهي. ان جي سفرنامي ۾ ڪنهن Comparative Study جو دخل نه آهي. ان هوندي به اهو ڪجهه نه ڪجهه کوجنا جو سامان مهيا
ڪري ٿو. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته آڳاٽي زماني جا سفر ناما وڻجارن لاءِ واجهه جو
ذريعو نه بڻجن. ها الطاف جا سڀئي سفرناما ان ڪسوٽيءَ تي پرکي سگهجن ٿا. سندس رجحان
هميشه داخلي Introvert ۽ Subjective رهيو آهي.
هن هر ان ڳالهه تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي اهي جنهن ۾ جدت هجي. ڪٿي
ڪٿي انهن سماجي ۽ ثقافتي اثرن جو به ذڪر ڪيو اٿس جيڪي سنڌ جي ثقافت سان ڀيٽي سگهجن
ٿا. ان مان پروڙ پوي ٿي ته سمنڊ پار ڪئين ملڪ ۽ سندن ثقافت ۽ تمدن هڪٻئي تي اثر انداز ٿين ٿا. ان ۾ هڪ جهڙائي ڇو آهي، اهڙا اثر ڪنهن ڏنن ۽ ورتن،
الطاف ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪونه ٿو ڪري. الطاف هر ملڪ جون خوبيون ۽ اوڻايون جيڪي عام نظر
سان ڏسي سگهجن ٿيون، ظاهر ڪيون آهن. ڪٿي ته فرض محسوس ڪيو اٿائين ته پڙهندڙ کي
خبردار ڪري. رڳو ٿائلنڊ ۾ سماجي برايون
سندس ڪتاب جو حصو ڪونهن ــ ٻي مهاڀاري جنگ
دوران جپانين جا ظلم ۽ ٿائلنڊ جو ڪنهن کان مفتوح ٿيڻ کان بچڻ جهڙيون تاريخي
حقيقتون به شامل آهن. ٿائي عورت جي ڪار ۽ ان جي بيوسي به شامل آهي ته يورپي سياحن
جي حوس به. الطاف تمام معصوم ٿو لڳي جڏهن چوي ٿو ”ٿائي ڇوڪريون رحم جي قابل آهن“ ۽
ڇرڪائي ٿو هڪ ”رئيس“ جي ڳالهه ڪري. اسان جو نوجوان نسل جيڪو گهٽيل سماج ۾ رهي تنگ
ٿي ٿائلنڊ جو منهن ڪندو آهي، ان لاءِ هنڊائڻ جوڳي صلاح ڏني اٿائين.
حقيقت ۾ ”رئيس“ واري قصي کي جي الڳ باب ”رئيس جو ٿائلنڊ
گهمڻ“ جي صورت ۾ آڻي ها ته پڙهندڙ جو ڌيان وڌيڪ ڇڪجي ها. منهنجي خيالَ ۾ اهو واقعو
اهڙي ڌيان ڇڪائڻ جي قابل آهي. سندس اثر ”حويلي جي رازن“ جهڙو ته نه پر ڀرپور ضرور
ٿئي ها.
الطاف جي ذات معصوم آهي پر ڪڏهن به سندس فن تي اثر انداز نه
ٿي آهي. سندس اصول، سندس تجسس جي اڳيان ڪونه آيا آهن. سندس شخصيت بُراين کان پاڪ
هوندي به لچڪندڙ آهي ۽ ان ڪري هن جو هر ماڻهو سان ورتاءُ ۽ سڀاءُ آهي. اهوئي سياڻي
سياح جو ڪم آهي ته سڀني ساڻ سڀاءُ رکي. هر رنگ جي ماڻهوءَ سان رلڻ ملڻ جي صلاحيت
هجيس. وڏي ڳالهه ته ٿائلنـڊ جي مذهبي ۽ سياسي ماڻهن سان ملي ٿو ته هـٽن ۽ چڪلن ۾
ڪم ڪندڙ ڇوڪرين سان به ڪچهري ڪري ٿو. ڳوڙهو مشاهدو ان ڪري ماڻيو اٿائين، پر ڪٿي ڪي
ڳالهيون پي ويو آهي جيڪي ڪري به سگهجن ٿيون.
مون کيس چيو ته سفرناما گهڻا لکيئي، هاڻي صبر سان ڪنهن
ڳنڀير ڪتابَ لاءِ سوچ، جنهن ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن تي سياسي، سماجي ثقافتي
تجزيو موجود هجي. مواد وٽس موجود آهي پر الائي لکي يا نه. منهنجي خيالَ ۾ پرڏيهي
معاملن تي سنڌي ۾ ڪتابن جي کوٽَ پوري ڪرڻ لاءِ الطاف اهو به ڪم ڪري سگهي ٿو. سندس سفرماني
۾ اهڙيون ڳوڙهيون جھلڪيون آهن ۽ رڳو انهن کي وڌائڻ لاءِ Subject Treatment ۽ ڪجهه ڪتابن
جي مدد جي ضرورت اٿس.
الطاف جو اڀياس جيترو اونهو آهي اوترو سفرنامي ۾ جھلڪي نٿو.
ڇو؟ اهو مان الطاف ۽ سندس پڙهندڙ تي ٿو ڇڏيان. اها منهنجي راءِ آهي ــــ سندس ۽
پڙهندڙن جو ان سان متفق هجڻ ضروري ناهي.
(ارشاد
عباسي 1987 جي آخر کان ملائيشيا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جو پريس اتاشي آهي. 1980ع
کان 1984ع تائين ساڳئي عهدي تي انڊونيشيا ۾ پڻ رهيو. پاڻ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن
جي سياسي، سماجي تمدني، تهذيبي، ثقافتي ۽ لساني اڀياس ۾ رڌل آهي. جون 1990ع)
No comments:
Post a Comment