03/09/2013

مانجهئَ جي شاعريءَ جو تنقيدي جائزو - محمد ”مارو“ خشڪ (Muhammad Maroo Khushk)


محمد علي مانجهئَ جي شاعريءَ جو تنقيدي جائزو
محمد ”مارو“ خشڪ
اهو ڊاڪٽر محمد علي مانجهي جي شاعريءَ جي پهرين ڪتاب ”مڪلي ۽ مانجهي“ کان پوءِ هڪ ٻيو ڪتاب ”جهڙي سج ڪڪور“ پڻ ڇپجي چڪو آهي جيڪا خوشئَ جي ڳالهه آهي. هن ڪتاب ۾ نظم، وايون، دوها، گيت ۽ ٽيڙو شامل آهن جن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو:
چوندا آهن ته جنهن ڏک ۽ درد نه ڏٺا آهن، ان کي ڏکويل ماڻهن جي ارمانن ۽ اهنجن جو ڪهڙو پتو. هونءَ به ڏکن ۽ تڪليفن جي زمين مان ئي احساسن جا گل ٽڙندا آهن، جيڪي خوشبو ڏيندا آهن. مانجهئَ ماڻهن جي اڪثريت جي من ۾ جهاتي پاتي آهي، کيس نظر آيو آهي ته:
لڳــــــــي ٿـــــــــو ڳــــــاهه پيـــــو ڳاهجي من تــي،
اسان جي سوچ سنگــــن جـــان سَـــــٽي آهــــــي.

مٿين غزل جي شعر ۾، من تي ڳاهه ڳاهجڻ کان پوءِ، سوچن جو سنگن وانگي سٽجڻ هڪ انوکي ۽ بلڪل نئين تشبيهه آهي. جڏهن سنگن کي صاف ڪرڻ لاءِ سٽبو آهي ته اهي کلن (تهه) کان الڳ ٿي نج صورت ۾ ظاهر ٿيندا آهن، جيڪي ماڻهوَ/ انسانذات جي ڪم ايندا آهن. ساڳي طرح ڪيترين ئي خواهشن جي کلن ۽ پردن ۾ ويڙهيل سوچ پڻ سٽجي، اهڙي اڇي اُجري اَن وانگي ٿي پوي ٿي جنهن مان انسانيت جو ۽ سماج جو فائدو ٿئي ٿو. اها ڳالهه سندس مثبت سوچ جي نشاندهي ڪري ٿي. اها سوچ ئي آهي جيڪا سماجن جي ارتقا جو باعث بڻبي آهي. اها سوچ ئي آهي جيڪا ماڻهوءَ کي کوهه جي ڏيڏر وانگي محدود ڪري ڇڏيندي آهي. اها سوچ ئي آهي جنهن جو سفر ڏور پولارن کان ٿيندو، ستارن جي جهان ۾ جهاتي پائڻ لڳي ٿو. سندس غزل جا هي شعر ته پڙهي ڏسو:
اچ سوچ سڏي ٿـــي ڏور اُڏون
۽ چنــــــــڊ ستارن ساڻ ڪُــڏون
اوچايـــــن کان اوچو نڪـــــري
اچ، پاڻ اُڏون پر ڪين ڌُڏون
مانجهئَ جي شاعرئَ ۾ جيڪا درد جي ڪيفيت آهي، اها ٻن شين /ڳالهين جي چوگرد ڦري ٿي.
(الف) ساڻيهه
(ب) سڄڻ.
هو جڏهن پنهنجي ساڻيهه يا ديس کي تڪليفن ۾ ڏسي ٿو ته وطن سان ٿيندڙ بي واجبين تي نه رڳو ماتم پر مزاحمت پڻ ڪري ٿو ۽ محبوب يا سڄڻ جي جدائيءَ جو ڏک، جيڪو فطري آهي، ان تي لکي ٿو. محبوب جي حسن ۽ خوبصورتئَ جي چٽن جي عڪاسي اهڙي نموني ڪري ٿو جو هو حسين منظرن جو حسين شاعر نظر اچي ٿو.
(الف) جڏهن شاعر، وطن جي پاڪ مٽئَ تي پاپين جا پيرا ڏسي ٿو ته کيس وطن جي بَهارن جي کسجڻ جو ڀئو، وڻ ويڙهئَ جيئن ويڙهڻ لڳي ٿو. مانجهئَ جو هڪ غزل آهي:
بـهـــــارون به زخمــي، اُڏارون به زخمــي
اڙي ديس تنهنجون ته سارون به زخمي
هتي بهارون، سارون ۽ اُڏارون ٽي قافيا موجود آهن، جيڪي هونءَ ته خالي قافيا آهن، پر خود به وڏي معني رکن ٿا. هتي “بهارون” خوشئَ جي علامت آهن ۽ “ اُڏارون” مان مراد ترقي آهي. “سارون” پراڻيون يادگيريون آهن، جيڪا ڳالهه تاريخ ڏانهن اشارو ڪري ٿي. جنهن ديس جي ماڻهن کان خوشي کسي، ترقئَ کان روڪيو وڃي ۽ تاريخ سان هٿ چراند ڪئي وڃي، اهو ديس ڪهڙي ترقي ڪري سگھندو!؟ اها ذميواري مانجهئَ جهڙن سنڌ دوست شاعرن تي عائد ٿئي ٿي ته اهي ان کي بچائڻ لاءِ ڪهڙو ٿا مواد مهيا ڪن. مانجهئَ جي هيٺين شعرن ۾ ماڻهن جي بيوسي، مصيبت، احساسن جي کوٽ ۽ ڪاوڙ جا سمورا عڪس چِٽي نموني پَسي سگھجن ٿا:
هـــر ماڻـــهــــــو حيـــران لڳي ٿـــــــو،
هــي شهـــر پــــريشـــــان لڳـــي ٿــــو.
جنهن جڳهه تي گولين جا گھوگھاٽ هجن، ماڻهن تي خوف جو راڪاس هجي، وڏيرا شاهي ۽ سردارئَ جو خوف هجي، اُتي واقعي اکڙيون ڦاٽل، چپن تي ماٺ جي مهر لڳل هوندي آهي. پر انهن جي اندر ۾ جيڪو ڪاوڙيل انسان موجود هوندو آهي ان جي نشاندهي مانجهئَ ئي ڪئي آهي:
ڀلي ماڻهو ماٺ هجن پر انهن جي نظرن ۾ هڪ باغي سوچ جهلڪا پائيندي نظر ايندي آهي. رڳو کيس صحيح رستو ڏيکارڻو آهي.
ڳاڙيــــــــــــــــــــو ويٺــــــــي ڳاڙ،
ڳاڙها ڳوڙها ڳجهه ۾
واويـــــــــــــــلا او واويــــــــــــلا،
دانهـــــون ڌرتــــئَ ڦـــــــــــــــــاڙ
ڳاڙها ڳوڙها ڳجهه ۾
مٿيئن وائيءَ ۾ پڻ بي واجبي جو ذڪر آهي، ان ۾ سندس هڪ نظم جيڪو سنڌ ڌرتئَ جو مرثيو آهي، شاعر سنڌؤَ جي ٻيٽن جي خشڪ ٿيڻ جو منظر ڏسي اُفق (آسمان) جي خاموشئَ تي هيئن ٿو چوي:
هُـــــــــــــــوَ اُفــــــق تي شام شفـــــــــق جي
واءُ لڳــــــي ٿــــــــــــــو، ڌوڙ اُڏي ٿــــــــــي
۽ نــانجــهــــــي هئَ نظر ٻـــــــڏي ٿـــــــــي
جيــئـــن بکين جا پيــــــــٽ سڪـــــا ڙي
هـــــــائي! هـــــي هيــــڏو رڻ ڌرتــــــــــي !
دل ڌڙڪي ٿــــي ڇــــو نه اُفـــــــــق جي ؟
اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي ته شاعري، اندر جي احساسن جو نالو آهي. ديس ۾ ايندڙ مشڪلاتن کي قلمبند ڪرڻ، هڪ حساس شاعر جو فرض آهي. هونءَ به کيس اها ڳالهه ويهڻ به نه ڏيندي.
هتي پڻ شاعر، ماڻهن ۾ موجود ڪاوڙ کي چٽو ڪري چئي ٿو ته:
”هــــــــــرڪـــــــــو ڀــڙڪي باهه اُلــن ۾“
اهڙي صورتحال ۾ وطن دوست شاعر پنهنجي شاعرئَ ۾ اهڙا ڪردار به تخليق ڪندو آهي، جيڪي چوندا آهن:
کِڙي کڙي ٿا کڙون، اڙي ديس! ڏس ته تو لئي بهار بڻجي،
ڪَلـــئ ڪلــــئ ۾ کڻـــي سجائـــي، اڙي زمانا اڙي زمانا !
جڏهن ديس مصيبت ۾ هجي ته ان کي بچائڻ لاءِ وطن دوست شاعر ماڻهن کي هن طرح سڏيندو آهي:
سڏيو ديس ”مانجهي“ اچو ڙي اچو،
سڏي سر جي لئي ٿي اڏي آڏ ٻيهــر .
سنڌ لاءِ سر گھورڻ وارن مجاهدن مان هڪ شخص شاهه عنايت شهيد پڻ ٿي گذريو آهي، جنهن جي جدوجهد جو عڪس سندس شاعرئَ کان جدا ٿي نه سگهيو آهي:
وري جهــــوڪ جاڳي، وري سنڌ تڙپي،
ٽپي ٿـــو ٽپي ٿــو سڄو ڏيهه ڏاڪـــــــــا.
مانجهئَ جو شاهه عنايت جي فڪر سان گهرو لڳاءُ آهي. سندس شاعرئَ ۾ نه رڳو جھوڪ جو ذڪر آهي پر هن ”گيڙو ويس“ جو پڻ ذڪر ڪيو آهي:
اڙي ويس ڪارا، ٿيا ديس ڪارا
مُٺي ماءُ گيــــــــڙو مَٽائـــــڻ لڳي آ
آڳاٽي عالمي شاعريءَ جو مطالعو ڪبو ته ان ۾ عورت جو بهادراڻو روپ نروار نظر ايندو. عورت پنهنجي ور کي جنگ مان ڀڄي اچڻ تي ويڻ ڏئي ٿي ۽ طعنو ڏئي کيس چوي ٿي ته: جيڪڏهن تون جنگ مان ڀاڙيو ٿي ڀڄي آئين ته توکي پنهنجو ور ڪري نه مڃينديس. مانجهي صاحب پڻ ان موضوع تي هڪ سڄي وائئَ کي قلمبند ڪيو آهي:
توکـــــــــــــي ور نه مڃــــــــان
جو تون وئين نه ويڙهه ۾
اهڙي قسم جي شاعري نه رڳو خليفي نبي بخش پر آڳاٽن شاعرن مان سُمنگ چارڻ، شاهه لطيف ڀٽائي پڻ ڪئي آهي، پر اهڙا خيال آڳاٽي يوناني شاعر هومر جي شاعرئَ ۽ آڳاٽي پشتو ۽ ٻين ٻولين جي شاعري ۾ پڻ ملندا پر هر ڪنهن جي شاعرئَ جو رس ۽ چس الڳ آهي. مانجهيءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌ جو حال برابر خطري ۾ آهي، پر هو شاهه لطيف وانگي ان جي مستقبل کي خوشحال ڏسڻ ٿو چاهي:
وري ڏس! گھٽائون گگن تي گجن ٿيون،
وري سنــڌ سانوڻ سجائــــــــــڻ لڳـــــــــــــــي آ.
(ب) مانجهيءَ کي رومانٽڪ شاعر چئجي ته وڌاءُ نه آهي، هن کي خوبصورتي ۽ حسناڪين جا منظر بيحد وڻن ٿا. خاص طور تي اهي جيڪي فطري آهن پوءِ ان ۾ ماڻهو جي جواني، جوڀن، زلف ۽ چهري جي بيهڪ وغيره به اچي سگھي ٿي. شاعر، فطري منظرن ۾ گم ٿي، انهن کي پنهنجي ڏات جي ذريعي، شاعرئَ جي ڪينواس تي اهڙي نموني چِٽي ٿو جو هڪ خوبصورت تصوير سامهون اچي بيهي ٿي.
وار تنهنجا کُلا واس شعــــــــرن ڀــــريـــــــــــا،
ڏات جھـــومي بڻيــــون راڳ راتيون وري.
هن شعر ۾ به حسن جو پرتوو نمايان نظر اچي ٿو:
رتول راهون، گلاب گھُورون، خيال خوشبو، سوال ٻانهون،
اڙي جواڻــــي ڏسـو، سويــــــــن سج ۽ ستــــــــــــارا اُڻي رهي آ.
جواني ۽ جوڀن جي انڊلٺي رنگن کي شاعر طرفان اهڙي نموني پيش ڪرڻ ته ان جي جسم تي سوين سج ۽ ستارا ٽانڪيل آهن. ان کان وڌيڪ حسن جي ٻي تعريف ڪهڙي ٿيندي، جيئن مانجهئَ جي شاعرئَ ۾ نظر اچي ٿي:
ٿا سوين سج سندس گھُور سان ڦٽن،
روشنئَ جـــــــو سبـــــــب ڇا ٻڌائجـــــــي.
مٿين شعرن ۾ ڪنهن جي ڀڻڪڻ يا آواز ٻڌڻ سان عاشق کي باک جي ڦٽڻ وارو سمان محسوس ٿيڻ، ڪنهن جي گھُور سان سج جي روشنئَ جو ڦٽڻ ۽ سارنگ جهڙي جھڙالي موسم جو نروار ٿيڻ جهڙا محاورا ۽ تشبيهون، عاشقئَ جي انتها آهي ۽ اندر ۾ لڪل خوبصورت احساسن کي لفظن جي مالها ۾ پوئي هڪ خوبصورت منظر پيش ڪرڻ شاعر جو ڪمال آهي.
(2) شاعر جو ننڍپڻ ٻهراڙي جي کليل هوائن ۽ کيٽن جي خبر چار لهندي گذريو آهي. اهڙو نج ٻهراڙئَ جو منظر پڻ سندس شعرن ۾ موجود آهي، جنهن جي وسيلي مستقبل جو نقاد ٻهراڙئَ جي آڳاٽي ماحول جو بخوبي اندازو لڳائي سگھي ٿو:
چيــــــــٽ لٿو آ، ميٽ هڻي ٿي،
سانــوڻ سانوڻ ڀيٽ هڻي ٿـــي.
(3) جيڪا شاعري احساسن کان خالي آهي، اها شاعري امن جو حصو نٿي بڻجي سگھي. جڏهن ته مانجهئَ پنهنجي شاعرئَ ۾ امن ۽ انسان دوستئَ جا اهڙا ته عڪس چِٽيا آهن جيڪي اڄڪلهه، اخلاقي قدرن جي کوٽ جي دور ۾ وڏو سهارو آهن. سندس هڪ ٽيڙو ۾ انهن خيالن جو اظهار هن طرح آهي:
هي جو جهونـــــــــــو بَـــــڙ
سالــن کان ڏي ڇانوَ پيو
ڪيــــــــڏو سنـــــــدس وڙ
(4) هن جي هيٺئين شعر پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته هو وحدت الوجودي فلسفي جو پڻ ڪنهن حد تائين ويجهو آهي:
ننڊ به تنهنجي، جاڳ به تنهنجي
تون ئي تون مون منجهه سمايل
مانجهيءَ جا ڪيترا ئي شعر ماضئَ جي تاريخ آهن، هن سنڌ جي بهادرن کي به ياد ڪيو آهي. روپلي ڪولهي کي سامراجن طرفان ڏنل تڪليفن جو اظهار هن طرح ڪري ٿو:
ڪارونجهـــــــــر تي لاٽ
ٻرن روپي آڱريـــــــــــون
پـــوءِ به اُچـــــــي ڳــــــاٽ
هن ايم آر ڊي جي شهيدن ۽ ان دور ۾ ٿيندڙ بربريت تي به قلم کنيو آهي:
ماڻهن مٿان مـــــــــــچ
ايم آر ڊي جي آڙ ۾
ڳاٽيــــــون لٿيون ڳچ
مانجهئَ جو هيٺيون ٽيڙو، سنڌ جي لاڙ خطي ۾ کاروڇاڻ جي معاشي تاريخ ٻڌائي ٿو:
سوچي کاروڇـــــــــــــــــــاڻ
سنڌو سميت رسي وئي
رتـڙين جي سرهــــــــــــــاڻ
مٿيئن شعر ۾ سنڌ جي هڪ اهم خطي کاروڇاڻ جي حالتِ زار بيان ٿيل آهي. ايئن هن جي نئين ڪتاب ۾ هڪ نه پر ڪيئي موضوع موجود آهن، جيڪي من جي تارن کي ڇُهن ٿا ۽ دل کيس داد ڏيڻ کان رهي نٿي سگھي.

No comments:

Post a Comment