ڊاڪٽر خليل شيخ جو لطيف تي نئون ڪتاب
شاھ لطيف جو سياسي فڪر
قاسم راڄپر
ڊاڪٽر خليل شيخ جو شمار سنڌ جي ناميارن محققن
۾ ٿئي ٿو. وقت به وقت سندس تحقيقي ڪتاب سنڌي توڙي انگريزيءَ ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا.
تازو سندس نئون تحقيقي ڪتاب (Political thoughts of Shah Abdul Latif Bhittai) شايع ٿيو
آهي، جنهن ۾ هن شاهه سائين جي دؤر جي سياسي ۽ سماجي حالتن توڙي سندس سياسي خيالن
تي بحث ڪيو ويو آهي. 143 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ 5 باب آهن. پي جي ريسرچ سينٽر
ڪراچيءَ پاران شايع ڪرايل هن تحقيقي ڪتاب جو ملهه 300 روپيا آهي. ڪتاب انگريزيءَ ۾
هئڻ سبب شاهه سائين جي سياسي خيالن توڙي سندس حياتي ۽ شاعريءَ کي ٻين ٻولين جا
پڙهندڙ به سولائيءَ سان سمجهي سگهندا.
No comments:
Post a Comment