منفرد ڪيفيتن جو
جهان جوڙيندڙ شاعري
خدائي رقص ۾ آهي
مشتاق ڦل
هن
خاموشيءَ سان مون کي ڇهيو ،
هن
جي دل جي تارن جي ڪيفيت ئي ڪجهھ اهڙي هئي !!
مون
کي خبر ناهي ته هن جا مون لاءِ ڪهڙا احساس ۽ جذبا آهن ، اها به خبر ناهي ته هن
منهنجي شاعري پڙهي به آهي يا نه !
هن
سان ڪا اهڙي ملاقات به ناهي ٿي! جنهن ۾ ڪي دل جون ڳالهيون ڪجن ها. ڪي اهڙيون ڳالهيون
جيڪي محسوس ڪرائن ته اسان به ويجھا ۽ گھاٽا يار آهيون. پر مون
کي اهو ياد آهي ته هن سان هن ئي سال ۾ ڪراچي جي مختلف پروگرامن
۾ انتهائي پيار ۽ اتساه وارا ڀاڪر نصيب ٿيا آهن. گول چهرو، سهڻي رنگت، نارمل قد، خوش
لباس ۽ خوش شڪل شخص رحمت پيرزادو سدائين مليو ته محبتن واري انداز ۾ آهي . هن جي هر ڀاڪر جي خوشبو منهنجي اندر ۾
سندس لاءِ محبتن ۽ پيار جي هڪ اهڙي ڪيفيت کي تاري ٿيندي
محسوس ڪيو آهي جو ڀائيندو آهيان ته هي منهنجو ويجھڙو ۽ گھاٽو يار آهي . هونئن به مان
ته خوشنصيب آهيان دوستن جي معاملي ۾، پنجاه سالن کي اچي ويجھو ٿيو آهيان ڪنهن هيڪڙ ٻيڪڙ دوست بيوفائي جا رنگ ڏيکاريا هوندا نه ته
سدائين سڄڻن جي ڇانو ۾ سڪون پاتو اٿم. رحمت به پنهنجي محبوباڻي انداز ۾ سچل ڳوٺ ۾
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي سالگره تقريب ۾ شرڪت لاءِ پوين ڪرسين واري قطار ۾ ويهي وڏي سڪون سان گفتگو ٻڌڻ جو مزو ماڻي رهيو هيو.
پروگرام ختم ٿيو ته وڏو ڀاڪر پائي ڪتاب هٿ ۾ ڏئي ائين واپس هليو ويو ڄڻ ته هو
منهنجو واقف ئي نه هيو. خوبصورت ٽائيٽل سان. ”خدائي
رقص ۾ آهي“ جهڙي منفرد نالي وارو هي ڪتاب کڻي سنگت کان موڪلائي رات اچي
حيدرآباد رهيس. صبح جو سوير خيرپور لاءِ روانو ٿيندي اکين تي عينڪ لڳائي سندس شعري
جهان ۾ جھاتي پائڻ لڳس ته منهنجي اندر جي ڪيفيت اهڙي ئي ٿيڻ لڳي جهڙي مان مٿي شعر
۾ بيان ڪري آيو آهيان. گھڻو تمام گھڻو عرصو اڳ اهو شعر ڪٿي پڙهيو هيم ۽ منهنجي
حواسن تي پنهنجون انوکيون ڪيفيتون تاري ڪري ويو هيو ۽ مون سوچيو ته ڀاڪر کان پوءِ
خاموشيءَ سان هي ڪتاب منهنجي هٿ ۾ پهچائيندي پياري
رحمت شايد منهنجي روح تائين لهندڙ ڪيفيتن کي تبديل ڪرڻ جو هي ئي دڳ ڳولي لڌو هوندو.
ان ڪري مان ڪتاب تي تبصرو ڪرڻ کان اڳ اهو ئي چوڻ جي قابل ٿيو آهيان ته رحمت آهي ئي
ڪيفيتن جو شاعر. سندس شاعري پنهنجي نالي جيان اندر ۾ رقص واري ڪيفيت جا نوان جهان
جوڙڻ لڳي ٿي. هن ٿورڙو ئي لکيو آهي پر لکيو دل سان آهي. هو جن ڪيفيتن مان گذريو
آهي يا جيڪي وارتائون هن جي نظر مان گذريون آهن يا هن سان ٿيون آهن انهن کي ڪمال جي
فني پختگي ۽ خيالن جي خوبصورت اڏام وارين ڪيفيتن مان گذاريو اٿائين.
بهارن جي اچڻ کان اڳ پرين پن ڇڻ سندو منظر
پپر جو وڻ ،ڇڻيل پن ۽ اڱڻ جي سار رهجي وئي.
سندس
غزل جي هنن بندن تي نظر ڊوڙايان ٿوته منهنجي ذهن ۾ منظر
ڪشي، عڪسبندي جنهن ۾ پپل جي وڻ جي گھاٽي ڇانو، پنن جي ڇڻڻ وارو منظر گڏ گڏ پيش ڪرڻ،
ماڻهن جو خوف، ملڻ وارو موهيندڙ لمحو، پيرن ۾ پايل ۽ ان جو ڇمڪو سندس ڏات سان گڏ
ڏانءَ کي پڌرو ڪري کيس مستقبل جي سگھاري شاعر طور منهنجي سامهون آڻي بيهارن ٿا. سندس
هن شعر جي سٽن، سندس بيان ڪندڙ لهجي ۽ ماٺيڻي رويئي مان سندس طبيعت جو سڀاءُ ، تجربو
۽ مشاهدو جهلڪون پائيندي نظر اچي ٿو. مان هاءِ وي تي ڊوڙندڙ تيز ڪار جي شيشن مان
ٻاهر جھاتي پايان ٿو ۽ سوچيان ٿو ڪيڏو نه خوبصورت منظر آهي. هي وڻ، هي پکي، هي
ماڻهو، هي تيز ڊورندڙ زندگيون، هي سامهون زمين ۾ ڪم ڪندڙ ناريون، هوٽلن تي ڪم ڪندڙ مزدور هي سڀ ڪيفيتون ته آهن جيڪي شاعر کي پهريان پنهنجي
گھيري ۾ آڻي پوءِ وري سندس دل ۾ ڪا اهڙي جڳه والارين ٿيون جو شاعر انهن کي لفظن جي
خوبصورت مالها ۾ پوئي ٿو.
توڙي
جو هن کان پهريان منهنجي بوڪ شيلف ۾ ٻين ڪيترن ئي دوستن سان گڏ ٻن پيرزادن امر ۽ سائل جا تازا آيل ڪتاب گھڻن ڏينهن کان پيل آهن پڙهڻو توڙي لکڻو اڳ
۾ انهن تي هيو پر وقت جي بيرحميءَ جي ڪري سندن ڪتابن جي سهڻن ورقن کي ڇهي انتظار
جي لمحن ۾ قيد ڪندي ڊگھي سفر ۽ اڪيلائي جو فائدو وٺي ”خدائي
رقص ۾ آهي“ کي گاڏيءَ جي پوئين سيٽ تي ويهي پڙهڻ کان پوءِ جنهن جهان مان گذري رهيو
آهيان اهو شهري ۽ ٻهراڙي واري زندگيءَ جو ڄڻ ته سنگم لڳي رهيو آهي.
شهر کان ٿورڙو اڳ ۾ اسان جي ڳوٺ جي ڀرسان
جو اجڙيل ڊاڪ خانو آ،
خيالن ئي خيالن ۾ اتي مان پهچندو آهيان،
”ڊاڪ
خانو“ رحمت جو اهڙو ته خوبصورت نظم آهي جنهن ۾ هن اڪيلائي، اداسي، وڻن
جا پاڇا، ٻاراڻي عمر، خطن جي پراسراريت، شهر جي شور، شامن جي مختصر ٿيڻ، وڇوڙي جي
وڍ، زماني جي تهمتن، خالي پني جي درد وارين ڪيفيتن، رمزن ۽ ڪهاڻين کي نظم ۾ گھڻ
موضوعاتي انداز ۾ ايترو ته شاندار نموني ۽ ٽيڪنڪ سان قلمبند ڪيو آهي جو سندس نظم
جي روح تائين پهچڻ ۾ ڪيترين ئي اسٽيجن تان گذرڻ جو حسين تجربو ٿئي ٿو پر اهو آهي
سڀ رومانٽڪ ماحول!! جيڪو هڪ ڪامياب شاعر ئي ڪري سگھي
ٿو باقي ٻئي جي مجال ناهي. ڇو ته هن ئي نظم جي ڪلائيميڪس تائين پهچائيندي پاڻ هينئن
چوي ٿو ته ”اڪيلائي سدائين پاڻ تائين، پهچ جو مون لئه سڌو رستو رهي آهي“. سندس ڪتاب
۾ ڪيترا نظم اهڙا آهن جن مون کي ايترو ته متاثر ڪيو آهي جو سندس نظماڻا احساس
منهنجي من تي به اترڻ لڳا آهن ۽ اجھو ٿو مان به ڪو اهڙو نظم لکان جنهن جي هيٺان
لکيل هوندو ته مرڪزي خيال رحمت پيرزادو…
رحمت
جي شاعري ۾ جدت وارو رويو ۽ انداز من موهيندڙ ۽ ڌيان
ڇڪائيندڙ آهي. مون کي خبر ناهي ته هو پنهنجي طبيعت ۾ چيڙاڪ آهي يا ماٺيڻو، هو سمنڊ
وانگر گهرو آهي يا اتاولو پر هن جي اندر ۾ هڪ اهڙو صوفي رهي ٿو جيڪو جدت جي رنگن
سان ٽمٽار آهي، جيڪو پنهنجي وجود جي ڪارج کان انڪار ڪرڻ يا ماٺ ٿي ويهي رهڻ کان
ڪجھه ڪري وڃڻ ۽ ڪري ڏيکارڻ جي جستجو ۾ سدائين سفر واري سنبت ۾ آهي . هو هڪ غزل ۾
ڇا ته ڪمال اوتيندي چئي ويٺو آهي ته…
هڏن ۽ ماس جي دنيا ، رڳو ناهيان رڳو ناهيان
ڪوئي اسباب آهيان مان ، مٽيءَ ۾ مان نه ٿو ماپان .
رحمت
جو رڳو ڪو هي غزل ناهي جنهن مان سندس اندر واري تڙپ، سڪ، ڇڪ يا اهڙي ڪنهن ڪيفيت کي
سمجھڻ يا سمجھائڻ يا پاڻ سان گڏ ٻئي تي تاري ٿيڻ ۾ دير لڳائيندي هجي،
هي ته ٿورڙي عمر وارو سهڻو شاعر پاڻ هڪ ڪيفيت آهي جيڪا پڙهندڙ تي تاري به ٿئي ٿي ۽
ان جي حواسن تي حاوي به ٿئي ٿي سندس مشهور غزل ۾ به
اهڙي ئي اظهار جو انوکو رنگ آهي ته
ڇڙن ٿا ساز هي سارا سهائي رقص ۾ آهي
کڙن ٿا چنڊ ۽ تارا ، خدائي رقص ۾ آهي
هڪ
آمريڪي شاعره ايملي ڊڪنسن جي شعر جون هي سٽون
منهنجي ذهن ۾ سدائين ترنديون رهيون آهن ته
The
soul selects her own society
Then
shuts the door!!
۽
شاه سائين چيو ته ”اکين ۾ ٿي ويهه ، ته واري ڇپر ڍڪيان“ هي ڪيفيتون ساڳيون آهن پر
انداز مختلف آهن ۽ هتي اهڙين ئي ڪيفيتن جو ڳوٺ آهي، جنهن ۾ رحمت پاڻ کي ٻڏندو،
ترندو ۽ لڏندو محسوس ڪرائي ٿو ڇو ته سندس شعري ڪائنات جي ڳوٺ ۾ روح جي پرواز آ،
اندر جو رقص آ، تلاش آ، ڳولا جي رستي تي ”هڻڻ هڪلڻ ، ٻيلي سارڻ وارو“ سفر آ جيڪو کٽندو نظر اچي ئي نٿو. سندس ڪتاب ۾ جتي غزلاڻا ۽ نظماڻا
ڦول هٻڪارون مهيا ڪري رهيا آهن اتي واين جا ورلاپ به روح پرور رنگتن سان سرشار آهن
،جن ۾ زندگي ليئا پائيندي نظر اچي ٿي.
پوڻا
ٽي سو ڪلوميٽرن جو سفر رحمت پيرزادي جي انوکي ڪيفيتن واري ڪتاب ”خدائي رقص ۾ آهي“
سان ڏاڍو خوبصورت گذريو ۽ مونک ي ايملي ڊڪنسن جهڙي شاعره جنهن سدائين
اڪيلائي ۾ گذاريندي هيئن چيو هيو ته
I
cannot live with You –
It
would be Life –
And
Life is over there –
Behind
the Shelf
رحمت
به محبوبه جي آرس ۽ ڀڳل وارن جهڙي هڪ شاعراڻي ڪائنات جوڙيندي چئي ويٺو ته
بدن
جي بنسريءَ کي ڀي
وڄڻ
۾ سال لڳندا هن!
هي ڪتاب مختصر ضرور آهي پر سندس سٽ سٽ ۾ رومانس جا اهي
سمورا رنگ شامل آهن جيڪي ٿڌو ساه ڀرائڻ ۽ واه واه ڪرڻ ۾ ڪاميابيءَ جو سبب بڻيل آهن.
drmushtaquephull@hotmail.com
No comments:
Post a Comment