نئين رُت جو نرالو شاعر
نوجوان شاعر مخمور رضا جي ڪتاب
”هينئڙي منجهه هڳاءُ“
جو مختصر اڀياس
جو مختصر اڀياس
سنڌو
پيرزاده
ادي روبينه ابڙو جي شاعريءَ تي لکندي مون لکيو هو ته لاڙڪاڻو صرف
سرسبز ۽ شاداب ٻنين، زرخيز زمينن، موهن جي دڙي ۽ سنڌو درياءُ جي ڪري ئي مشهور نه
آهي بلڪه هي شهر علم، ادب، فن ۽ موسيقي ۾ به ايترو ئي زرخيز آهي. ان ڳالهه تي ويتر
ايمان وڌيو جڏهن لاڙڪاڻي جي نوجوان شاعر مخمور رضا جو ڪتاب ”هينئڙي منجهه هڳاءُ“
مون کي پوسٽ وسيلي مليو.
مخمور جي شاعري ته مون ڪڏهن ڪڏهن فيس بُڪ تي پڙهي هئي ۽ سندس عمر
کي ڏسندي مون کي سندس شاعري وڌيڪ پختي لڳي. مخمور جي شاعريءَ ۾ جذبو به آهي، حساسيت
به آهي، موسيقيت ۽ رڌم به آهي.
ڪتاب ملڻ تي سوچيم ته مختصر ئي سهي پر هن ڪتاب تي ڪجهه ضرور لکندس
ڇو ته نوجوان شاعرن کي Appreciate ڪرڻ
گهرجي ۽ خاص طور تي انهن شاعرن کي جن جي شاعريءَ ۾ جذبو آهي، درد آهي، عشق آهي ۽
پنهنجي ڳالهه کي سچائيءَ سان بيان ڪرڻ جو ڏانءُ به آهي. جنهن کي ڏات چئجي ٿو.
شاعري فقط فن نه آهي هي ڪا ڊاڪٽريٽ يا انجنيئرنگ جي ڊگري نه آهي جيڪا فني ترتيب
کان پوءِ اچي. شاعري ته فقط درد آهي، پيڙا آهي، خود ڪلامي آهي ، سچائي ۽ صرف سچائي
آهي، جيڪا دل مان روشنيءَ وانگر ڦٽي ٿي نڪري ۽ پوءِ هن جي سهائي چوگرد جي ماحول کي
به روشن ڪري ٿي ڇڏي. ڏات جيڪا سراسر God -Gifted يعني اللّه جي
طرف کان خاص ماڻهن کي ئي ملي ٿي. ڏات جنهن لئه ڀٽائي جهڙي شاعر به اللّه کان دعا
گهري آهي ته ”اي خدا مون کي ڏات ڏي“
ڏاتر ڏيندم ڏات (ڀٽائي)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙي عظيم شاعرن کان وٺي مخمور رضا تائين
شاعرن خدا کان ڏات گُهري آهي. ڇو ته هي هڪ عميق سمنڊ آهي جنهن مان اگر ماڻهوءَ کي
ڍڪ پاڻيءَ جو به ملي وڃي ته هن جو روح سيراب ٿي ويندو آهي. مخمور به خدا کان دعا
گهري ٿو ته
منهنجا مولا رڳو
ڏات ئي ڏات ڏي
پاڻ کي تاج سونا ڪي گهرجن نه ٿا
اڄ ڪلهه بحث هلي
رهيو آهي ته غزل جو دور ختم ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ منظوم شاعريءَ جو نه پر نثري نظم جو
دور آهي. پر اگر مخمور جهڙا نوجوان شاعر ايڏو خوبصورت غزل لکي رهيا آهن جنهن ۾ درد
به آهي، عشق به آهي، معاشرتي ۽ سماجي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز به اُٿاريل آهي ۽ نواڻ
به آهي ته پوءِ ڪيئن چئجي ته غزل جو دور ختم ٿي چڪو آهي.
مخمور مون کي چيو ته ”ادي ڪجهه دوست چون ٿا ته تو هيڏي ننڍي عمر ۾
ايڏي سٺي شاعري ڪيئن ڪئي آهي“. مون مخمور کي جواب ڏنو ته: ”توهان نوجوان آهيو
توهان جي ئي شاعريءَ ۾ نواڻ هوندي ۽ توهان ئي ته اسان کان اڳتي جي ڳالهه ڪندئو...“
۽ پوءِ جڏهن سندس ڪتاب مون پڙهيو ته بلڪل ان ۾ نواڻ، سادگي، سچائي ۽ جذبو نظر آيو
ڪتاب جي ابتدا ۾ لکيل نوحو مون کي تمام گهڻو وڻيو:
وحشتن جي
انڌياري منجهه ديپ
ماڻهپي جو ڪو جلائي ٿو حسين عه
حق جو پرچم ڪري
بلند رضا
نانءُ باطل جو مٽائي ٿو حسين عه
مخمور وٽ جذبو ۽
اڳتي وڌڻ جي خواهش آهي جيڪا يقينا کيس اڳتي وٺي ويندي:
ڪجهه ته اڳتي
وڌان تمنا آ
چنڊ توتي رسان تمنا آ
عشق، حسن، محبوب
جو قرب ۽ پيار جي پوتر جذبن کي خوبصورت تشبيهن ۽ استعارن سان استعمال ڪرڻ جو فن به
مون کي مخمور جي شاعريءَ ۾ جابجا نظر اچي ٿو مخمور معصوم جذبن جي عڪاسي، محبت جي
واکاڻ ۽ محبوب جي تعريف نهايت دلڪش انداز ۾ ڪري ٿو. سندس ڪجهه شعر مثال طور ڏيان
ٿي:
هوا ڪومل بدن
تنهنجو ڇهي مخمور ٿي وئي آ
گهٽا اڄ اٽهڪڙا تنهنجا ٻڌي مخمور ٿي وئي آ
هوائون گيت ڳائن
ٿيون نچي ٿي لام وڻ وڻ جي
لڳي ٿو ايئن ڄڻ دنيا سڄي مخمور ٿي وئي آ
هڪ ٻي غزل جا
شعر آهن ته:
ڪنهن سهڻي گل جي
يادن جو
هينئڙي منجهه هڳاءُ رهي ٿو
حسن به ڄڻ
بازيگر آهي
داءُ تي هڻدو داءُ رهي ٿو
ڪتاب ”هينئڙي
منجهه هڳاءُ“ ۾ مون کي ڪيترن ئي موضوعن تي سُٺا شعر نظر آيا. ائين نه آهن ته شاعر
وٽ فقط حسن، عشق ۽ محبوب ئي موضوع هجي. پر سندس ڪتاب ۾ سنڌ سان عشق ۽ ڌرتيءَ سان
محبت لاءِ به ڪيترا ئي شعر موجود آهن
مثال طور:
ذهن آزاد ناهن
اڃان ٿي سگهيا
۽ اڃان سنڌ ڌرتي آ آزار ۾
سنڌ ڌرتي ۽
تنهنجي محبت مان من
ٿي نه واندو ڪڏهن به سگهيو آ سکي
سونهن سينگار
کان مٿي آهي
سنڌڙي يار کان مٿي آهي
سنڌڙي تنهنجي
تهذيبن تان
سر ڀي پنهنجو واري وڃبو
جيئن ته مان لکي
چڪي آهيان ته مخمور وٽ مختلف موضوعن تي شعر ملن ٿا. ڪارو ڪاري ۽ عورتن تي ٿيندڙ
ظلم ۽ ڏاڍ خلاف به مخمور آواز اُٿاريندو نظر اچي ٿو . هو چوي ٿو ته:
پيءُ سا هٿ سان
ڪٺي ڪاري ڪري
ڌيءُ جا ان کي مٺي ڪيڏي هئي
بخشرائي مالڪن
قران کي
ڪئي ستيءَ سان زيادتي ڪيڏي هئي
ڪارو ڪاريءَ جر
رسمن جو
هتڙان گند ٻهاري وڃبو
دوکي بازن جي
چهري تان
گهونگهٽ هاڻ اُتاري وڃبو
سنڌ جي نوجوانن
لاءِ به مخمور آواز اُٿاري ٿو ۽ هو سنڌ ۾ بيروزگاري، ميرٽ جي لتاڙ ۽ نوجوانن سان
ٿيندڙ ناانصافين تي مخمور جي دل روئي ٿي، هو سراپا احتجاج ڪندي ٿو نظر اچي، تڏهن
هو چوي ٿو ته:
نوڪريءَ جي ڊڪي،
ڊڪي پويان
ديس جو هر جوان روئي ٿو
چنڊ ۽ آسمان
روئي ٿو
ڇو خدا يا جهان روئي ٿو
پورهيت ۽ محنت
مزدوري ڪرڻ وارن ماروئڙن لاءِ به مخمور سوچي ٿو، لوچي ٿو ۽ سندس دل درد سان ڀرجي
وڃي ٿي. کيس شايد پنهنجو بابا به هنن ماروئڙن ۾ ئي نظر اچي ٿو جيڪو پڻ پورهيت هو.
مخمور پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ سور سٺا آهن، تڪليفون برداشت ڪيون آهن ۽ ڏکيائن سان
مُنهن ڏنو آهي انهن جو پڙلاءُ سندس شعرن مان صاف طور تي ٻڌي سگهجي ٿو:
پورهيت جي پگهر
جي خوشبو، هر
مند مهڪار کان مٿي آهي
پنهنجي نظرن ۾
عشق جو رتبو
ساري سنسار کان مٿي آهي
مخمور وٽ مون کي
موضوع جي نواڻ، سوچ ۽ فڪر جي گهرائي نظر اچي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ ڀل ته وزن بحر جي
لحاظ کان ڪجهه گهٽتائيون، ڪجهه ڪچائيون ۽ ڦڪائيون هجن ۽ اُها ضرور شاعريءَ کي فقط
وزن بحر جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ وارا ڪڍندا رهندا. مخمور جي جيڪا عمر آهي ۽ خاص طور تي
شاعريءَ جي ميدان ۾ سندس جيڪا عمر آهي ان لحاظ کان جڏهن مون سندس شاعريءَ کي پرکيو
ته مونکي محسوس ٿيو ته سنڌي شاعري ۽ ادب جو مستقبل روشن آهي : سندس ڪجهه شعر مثال
طور ڏيان ٿي:
اوهان جون هيون
ساڻ سارون اسان سان
بظاهر اڪيلا اڪيلا هئاسين
اسان جي نه ڌرتي
نه ئي آسمان هو
ته ڇا خواب سارا اجايا ڏٺاسين
سنڌ جون حالتون
ڏسي يقينن اهو ئي خيال ٿو اچي ته ”اسان جي نه ڌرتي نه ئي آسمان هو“..... ۽ وري
خواب جيڪي اڃا به اسان جي اکين ۾ آهن. ڪٿي ائين ته نه آهي ته اهي سڀ خواب به اجايا
ئي هجن؟؟؟ ساڀيان ته اسان کان دور، دور ۽ بس دور ئي ٿيندي پئي وڃي.
مخمور جي هڪ ٻئي خوبصورت غزل جا شعر آهن ته:
هڪڙي چهري ۾
سوين چهري ڏٺا
جاڳ توڙي ننڊ ۾ دوکا ڏٺا
جنهن مهل گل پئي
ڇنا ويا، تنهن مهل
پوپٽن جي ديد ۾ ڳوڙها ڏٺا
محبوبا جا خواب
ڏسڻ واري عمر ۾ نه ڄاڻ ڪيئن مخمور جي اکين ۾ سنڌ جي آجپي، امن، سلامت ۽ آزاديءَ جا
خواب آهن ۽ پوپٽن جي رنگن سان کيڏڻ جي عمر ۾ مخمور کي پوٽن جي اکين ۾ ڳوڙها ڪيئن
ٿا نظر اچن . شايد اهو درد ئي آهي جيڪو جنهن دل ۾ به پنهنجي جاءِ جوڙي ٿو وڃي پوءِ
اُها دل چاهي ننڍڙي عمر واري مخمور جي ئي ڇو نه هجي هو ان کي عشق جي اوناهين مان
غوطا کارائي ٿو ڇڏي. اهو درد ئي آهي جيڪو ماڻهوءَ کان صحرا پار ٿو ڪرائي ۽ سندس دل
۾ ڏات ۽ ڏانءُ جي پياس به پيدا ٿو ڪري ڇڏي
اوندهه منجهه
شعاءُ نه آ
دل ٺاريندڙ واءُ نه آ
هر پاسي انياءُ
رڳو
ڪنهن پاسي ڀي نياءُ نه آ
سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلم
جيڪو اسان پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون. اسان مائرن جا لختِ جگر گم ٿيندي به
ڏٺاسين ۽ وري انهن جا لاش رڻ ۾ اڇلائيل به ڏٺاسين ڄڻ ڪنهن جانور ذبح ڪري اُڇلائيو
ويو هجي. ڇا چئجي ته اهڙي دور ۾ مخمور پوپٽن، گلن، خوشبوئن، محبت ۽ محبوبا جي
ڳالهه ڪري. جيڪي حالتون اسان کي ڏنيون ويون آهن انهن اسان جي اکين مان خواب روڙي
ڪڍي ڇڏيا آهن . هاڻ مخمور جهڙا نوجوان به چوڻ تي مجبور آهن ته:
پنهنجي نيڻن جو
شعاءُ ڳولي ٿي
گمشده ٻارُ ماءُ ڳولي ٿي
چرٻٽن جي ازل
کان نگريءَ ۾
ڪا اياڻي نياءُ ڳولي ٿي
مخمور جي
شاعريءَ ۾ جيڪا خاص ڳالهه نظر اچي ٿي اُها آهي سادگي ۽ فطرت جي ويجهو هجڻ. مصنوعيت
مون کي ڪٿي به نظر نه آئي نه ئي مون کي ڳوڙها ۽ ڏکيا، مشڪل قافيا ۽ رديف ڏکيو، فلسفو،
منطق ۽ جديديت جي واکاڻ لاءِ اجايا لفظ ۽ نواڻ لاءِ ڏکيا قافيا ۽ رديف به مون کي
نظر نه آيا. مخمور جيڪو ڏسي ٿو، جيڪو محسوس ڪري ٿو ان کي سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان
پنهنجي شاعري ۾ بيان ڪري ٿو ۽ اهو ئي سندس وڻندڙ ۽ خاص انداز پڻ آهي. مثال:
اهڙو ڇاهي ڀلا
اسان ۾ جو؟
پئي دُعائون خدا کان گهرندين آن
دل کڻي ڪيئن
نفيس شيشي جي
پٿرن جي شهر ۾ جيئندين آن
ڪجهه ٻيا شعر
آهن ته:
باهه پويان ۽
اڳيان گِهري ندي آ
موڙ اهڙي تي هي بيٺي زندگي آ
روح منهنجو
اڃارو ازل کان وٺي
زندگيءَ جي ڳلين ۾ رُليو آ رضا
ڪجهه ٻيا به شعر
مثال طور ڏيان ٿي جن مان ظاهر آهي ته جذبن کي انتهائي سادگيءَ سان سولي ٻوليءَ ۾
ڪيڏي نه خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي:
حسرتن جو سفر نه
ٿو نبري
روح ٿڪجي پيو هي ڪيڏو آ
خواب جي شهر ۾
رلي ويا هن
نيڻ رستا وري ڀلي ويا هن
توکان پوءِ به
اوسيئڙو آ
نيڻن ۾ آلاڻ اڃا آ
گل تنهنجي
جهوليءَ منجهه رکي
مون خار کنيا ها ڀاڪر ۾
ڪتاب”هينئڙي
منجهه هڳاءُ“ جو هڪ مختصر اڀياس لکندي مون محسوس ڪيو ته اسان جي سنڌ ڌرتي رڳو
معدني ذخيرن، خوبصورت ٻنين، باغن، دريائن، سمنڊ ۽ ان ۾ جي خزانن سان ئي مالا مال
نه آهي پر هتي علم ۽ ادب جي دنيا ۾ به انمول هيرا پيا آهن جيڪي وقت به وقت پنهنجي
جڳمگاهٽ ڏيکاري اسان کي محسوس ڪرائيندا رهندا آهن ته متان سمجهو ته سنڌ ۽ سنڌي
ٻولي ڪنهن کان پٺتي آهي. سچ ته اهو آهي ته مخمور جو ڪتاب پڙهي مون کي دلي خوشي ٿي
آهي ته فخر به محسوس ڪري رهي آهيان ته لاڙڪاڻو جنهن سان منهنجو به تعلق آهي ۽
منهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجي به ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿو اچي. ڪيڏا نه انمول شاعر اسان کي ڏيندو
رهيو آهي اهو سلسلو اڄ به مخمور رضا تائين جاري ۽ ساري آهي آهي. مخمور پنهنجي ڪتاب
جي ابتدا ۾ پنهنجي پاران ۾ لکيو آهي ته سندس اها خواهش آهي ته هو شاعر سڏائي. مان
کيس مبارڪباد ٿي ڏيان ته هو نه رڳو هڪ سٺو شاعر آهي پر هاڻ صاحبِ ڪتاب شاعر پڻ آهي.
مخمور جو شاعريءَ جي ڏاڪي تي هي پهريون قدم آهي ۽ هن ڪتاب کي به
پهرئين قدم وانگر سمجهي پڙهڻ گهرجي. هي ڪتاب سنڌي شاعريءَ جي ڪتابن ۾هڪ خوشگوار
اضافو آهي جيڪو اسان کي تازگي ۽ آسودگي بخشي ٿو. مخمور جو هڪ شعي آهي ته:
وقت مخمور شاهدي
ڏيندو
خار آهيون يا پاڻ گل آهيون
مان مخمور کي
چوڻ ٿي چاهيان ته مخمور توهان جو ڪتاب سنڌي ادب ۾ بهار جي هڪ خوشگوار جهوٽي ۽ گلن
جي تازگي جهڙو آهي. باقي خار ته سنڌ جون هي حالتون آهن. جن کي اسان سڀ گڏجي مُنهن
ڏئي رهيا آهيون.
منهنجي دُعا آهي ته مخمور شاعريءَ ۾ نوان نوان تجربا ڪري، گهڻو
اڳتي وڃي پر پنهنجي سادگيءَ کي برقرار رکي، تمام گهڻو مطالعو ضرور ڪجي پر اها صلاح
به آهي ته ٿورو لکجي پر معياري لکجي ۽ هر لکيل ۽ هر چيل شعر نه ته
F.B تي رکجي نه ئي ڇپرائجي. ڪوشش ڪجي ته معياري ۽ صرف معياري شاعري ئي
منظر عام تي اچي.
خدا مخمور کي سٺي صحت ۽ وڏي عمر عطا ڪري ۽ هو پنهنجو سفر جاري رکي
۽ اڳتي وڌندو رهي. ڇو ته هي اها دنيا آهي جنهن جي منز ڪاٿي به نه آهي. اڳتي وڌڻو
آهي ۽ فقط اڳتي وڌڻو آهي.
No comments:
Post a Comment