05/09/2016

پيرل قمبر: شعريت جي مٽيءَ مان ڳوهيل يگانو ماڻهو! - جامي چانڊيو (Jami Chandio)

پيرل قمبر: شعريت جي مٽيءَ مان ڳوهيل يگانو ماڻهو!
 جامي چانڊيو

مون جڏهن پنهنجي شعوري اک کولي ته منهنجو شهر ۽ هاڻي شايد اهو چوڻ وڌيڪ درست ٿيندو ته ’وڃائجي ويل شهر‘ قمبر ادبي ۽ سياسي لحاظ کان هڪ بيحد متحرڪ شهر هو. منهنجي مزاج ۾ ٻه ئي لاڙا هئا، سو مون ٻنهي لاڙن جو وڏو اثر قبول ڪيو. 1974ع ۾ مان قمبر تعلقي جي علي خان پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيس ۽ 1977ع ۾ هڪ شخص ڪجهه وقت لاءِ اسان جو ڪلاس ٽيچر ٿيو، جنهن کي پهرين درجي کان اسڪول ۾ هڪ استاد طور ڏسندو هئس. هو  سڀني استادن کان منفرد ۽ غيررواجي لڳندو هو. هن جو اچڻ، وڃڻ، هلڻ، ڳالهائڻ ۽ مجموعي شخصيت ٻين کان گهڻو مختلف هئي. مون کي سندس ڪابه خبر نه هئي ته هو ڪير آهي، بس رڳو ايتري خبر هئي ته هو اسڪول جو استاد ۽ شخصيت ۾ ٻين کان الڳ ٿلڳ ڪو انوکو ماڻهو هو. اسان جو ڪلاس استاد سائين محمد مٺل هنن کي ناپسند ڪندو هو ۽ هن کي اسڪول جي ورانڊي ۾ ايندو ويندو ڏسي پيو مُنهن ٺاهيندو هو. شام جو اسان ڪجهه دوست سائين محمد مٺل جي گهر ٽيوشن پڙهڻ ويندا هئاسين. هڪ ڀيري مون پنهنجي دلي تجسس جي احساس وچان سائين محمد مٺل کان هن ”عجيب استاد“ بابت پڇيو ته هن جو جواب هو، ”اِهو شاعر آ، هن سان نه ملجو- واندو آهي ۽ ڪنهن ڪم جو ماڻهو ناهي.“ اُن زماني ۾ ته مان هڪ ٻار هئس پر اڳتي هلي جڏهن هن ”عجيب شخص“ سان واقفيت ٿي ۽ پاڻ ادب جي دنيا ۾ پير پاتم ته خبر پئي ته اِهو هڪ فرد جو فرد ڏانهن شخصي رويو نه پر هڪ پسمانده سماج جو هڪ تخليقي شعبي ۽ تخليقڪار ڏانهن رويو هو. اڳتي هلي اُهو شخص 1977ع ۾ ڪجهه وقت لاءِ اسان جو ڪلاس استاد ٿيو. پڙهائڻ ۾ هڪ ڀلو استاد، ٻارن سان شفقت، باقي استادن سان ڳالهه ڳالهه تي چِڙيو پوي. سندس خاص سڃاڻپ هئي هر وقت چانهن پيئڻ، ڀانيان ٿو ته سڄي پگهار چانهن تي خرچ ڪندو هو. مٿان وري معصوم اهڙو جو ٻيا استاد ۽ خاص طور فتاح چاڪي لِڪي ان گرم چانهن مان ڪجهه چُسڪيون ڀري پوءِ ان ۾ پاڻي وجهي پوءِ کيس ڏيندا هئا ۽ پوءِ استاد پيرل جو سڄو ڏينهن چانهن واري سان جهيڙو هوندو هو ته چانهن ٺاري ٿو موڪلين ۽ مزو به ڪونهيس، اِهو لقاءُ مون سالن جا سال اسڪول ۾ ڏٺو. اهو فقيرمنش شخص هو سنڌ جو غزل جو استاد شاعر سائين ”استاد پيرل قنبر“. مون به چوٿين درجي کان ڪَچا ڦِڪا  شعر لکڻ شروع ڪيا ۽ اُنهن جي اصلاح بابا (پروفيسر عبدالحئي چانڊيو) کان ڪرائيندو هئس، جنهن مون کي علم عروض ۽ علم بديع و بيان سيکاريو. مون اُهي شعر  سائين پيرل قمبر کي ڏيکارڻ شروع ڪيا ته هو مون کي وڌيڪ ڀانئڻ لڳو ۽ تاڪيد ڪندو هو ته مان کيس پنهنجا شعر ڏيکاريان. ايئن استاد پيرل سان هڪ رسمي ۽ ادبي شاگرد طور لاڳاپو شروع ٿيو، جيڪو ساڻس سندس  زندگيءَ جي آخر تائين رهيو.

استاد پيرل پنهنجي شخصيت، سوچ ۽ زندگيءَ ڏانهن رويي ۾ هڪ مڪمل مست الست قسم جو ماڻهو ۽ چوويهه ڪلاڪ شاعر هو. شاعري هن جي زندگي، محبت، ڪارج، سڀاءُ مطلب ته سڀ ڪجهه هو. ماڻهو شاعري ڪندا آهن، هو شاعري سوچيندو هو، شاعري محسوس ڪندو هو، شاعريءَ سان گفتگو ڪندو هو، شاعريءَ کي پاليندو هو ،  شاعريءَ سان رهاڻيون ڪندو هو، شاعريءَ سان انگل ۽ آرا ڪندو هو، شاعريءَ سان هن جون ٻٽيهه دليون هونديون هيون، اُن ڪري شاعريءَ سان هو انيڪ فني تجربن ۽ ترڪيبن جون حُجتون ڪندو هو. اُستاد پيرل جو وجود سراپا شاعري هو، هو هڪ اهڙو معصوم صفت تخليقار هو، جنهن جي سموري ڪائنات شاعري هئي. هو شاعريءَ کي دريافت ڪندو هو، ڏينهن رات ان جي ڳولا ڪندو هو ۽ ان کي انيڪ رنگن ۾ تخليق ڪندو هو. هو شاعريءَ کي شاعريءَ تي آشڪار ڪندو هو. هن جي شاعري، شاعريءَ کي داد ڏيندي هئي ۽ هو اڪيلائين ۾ ان جو شاهد هوندو هو. اُن ڪري استاد پيرل ۽ شاعريءَ کي هڪٻئي کان جدا نه ٿو ڪري سگهجي. شاعري هن جو روح هئي، هن جي اندر جو لباس هئي. هيءُ فقير طبع مست الست شاعر دل جو بادشاهه هو، وڏيءَ اَنا ۽ خودداريءَ وارو هو پر دل جي بارگاهه ۾ سدائين نماءُ هوندو هوس. هن پنهنجي لاءِ ئي چيو آهي ته:
اي ”پيرل“ آ هر ڪنهن جي قسمت جي بازي،
جتي سِرُ هو جهُڪڻو، جهُڪائي وياسين.
هن جو سِر ڪنهن به حڪمران آڏو نه جهُڪيو، زندگيءَ جي بي رحمين آڏو نه جهُڪيو، پر شاعريءَ آڏو هن جو روح سراپا سربسجود هو ۽ اهو ئي هن جو تعارف هو. اُستاد پيرل هن جهانَ کي ٻَٻُر سان ڀيٽَ ڏني، ايئن ئي جيئن هن جو محبوب شاعر غالب دنيا کي ”بازيچهءِ اطفال“ يعني ٻارن جي راند سمجهندو هو ۽ ڇا ته ان رمز ۽ تعليءَ جو خوبصورت استعمال ڪيو هئائين:
”پيرل ته وئي وفا هلي هاڻي ڪيان به ڇا،
مان ٻير وانگي ڌوڻيان ڇا ٻٻرن جي ڏارَ کي.“
استاد پيرل جو اصل نالو پير محمد هو، جنهن جو جنم 17هين جولاءِ 1933ع تي ميرو خان تعلقي جي ڳوٺ بٺي ۾ ٿيو. سندس والد امام بخش سومرو پنهنجي ذات جي پراڻي ڪِرت موجب کَٽِڪو ڪم ڪندو هو.  چيو وڃي ٿو ته استاد پيرل سنڌي فائنل ۽ ٽي درجا انگريزيءَ جا پڙهڻ کانپوءِ پنهنجي پيءُ سان قمبر ۾ رهڻ لڳو ۽ 1953ع ۾ قمبر ۾ استاد مقرر ٿيڻ کانپوءِ مستقل طور قمبر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. جيتوڻيڪ هو زندگيءَ جا آخري ڪيترائي سال شهدادڪوٽ ۾ وڃي رهيو ۽ اُتي ئي وفات ڪيائين پر قمبر سان سندس دل هئي جو هن پنهنجي جواني سموري قمبر کي  ارپي هئي ۽ هن جي عاشقين جا سمورا قصا به قمبر سان وابسته رهيا، جنهن جو اظهار هو پنهنجن شعرن ۾ هميشه ڪندو رهيو. جنهن شهر ۾ ماڻهوءَ جي جواني گذري، ان کي ماڻهو ڪٿي ٿو وساري سگهي ۽ اُهو به استاد پيرل جهڙو عشاق. مثال طور هو قمبر سان پنهنجي والهانه اُنسيت جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
شهر پنهنجي سان لڳن هي دل، اکيون ۽ پيرَ هٿَ،
شهر جو منهنجي سڄڻ جو، اُن شهر سان سِرُ لڳي،
ٻيا به آهن شهر سوَ ڀي، سي اکين تي يار پر،
مان ئي هان پيرل قنبر، منهنجو قنبر سان سِرُ لڳي.
استاد پيرل جنهن چيو هو ته:
ڇِني سگهبا ته اي پيرل پهاڙن جا به سينا پر،
ننڍي جي نينهن جا ناتا، ڇِنڻ ڏاڍا ڏکيا آهن.
يا هو ٻئي هنڌ وري چوي  ٿو، جنهن جو ذڪر رياضت ٻُرڙي هينئن ڪيو آهي:
”ساڳيءَ ريت استاد ’پيرل قنبر‘ جي محبت، قنبر کان پوءِ شهدادڪوٽ شهر سان به ٿِي، جڏهن هُو اُتي وڃي رهيو ۽ شهدادڪوٽين سان سندس اُٿاويٺي ٿِي. ان بعد هُن شهدادڪوٽ جي شانَ ۾ پڻ شعر سِرجيا. خاص طور ”اُگهاڙا پير ٽانڊن تي“ ڪتاب ۾، صحفي 112 کان 114 تائين، 24 شعرن تي جُڙيل مسلسل غزل نمايان آهي، جنهن ۾ هن ڪيترين ئي شخصيتن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. هتي ان غززل جا ٻه شعر پيش ڪجن ٿا:
شهدادڪوٽ کي مون پنهنجو گهر چئي ڏنو،
ڪَتيون، قمر ۽ ڪهڪشان اختر چئي ڏنو.
*
ڊرامن ۽ ڪچهري ڪري شهدادڪوٽ کي،
مون سونو ڪوٽ، چاندي سندو در چئي ڏنو.
پر ان غزل جي مقطع ۾، استاد ’پيرل قنبر‘ وري به قنبر شهر جي ئي ڳالهه ڪئي آهي:
اسحاق فريديءَ پڇيو: ٻيو شهر پيارو ڏَس،
شاعر قنبر مون پيرل، قنبر چئي ڏنو.“
(ڪتاب: پيرل قنبر تخليقڪارن جي آئيني ۾“، مرتب: ڪوڙل قربدار، صفحو: 16)
استاد پيرل جڏهن 1950ع ۾ قمبر ۾ اچي ويٺو ته اُهو زمانو قمبر، لاڙڪاڻي ضلعي توڻي سڄيءَ سنڌ ۾ طرحي مشاعرن جو هو ۽ استاد پيرل اُنهن ۾ نه رڳو ويندو هو ۽ اُتي سندس بنيادي فني تربيت ٿي پر هن پاڻ به اڳتي هلي اُنهن مشاعرن ۾ پاڻ ملهايو.. طرحي مشاعرن ۾ جيتوڻيڪ روايتي شاعري گهڻي ٿيندي هئي پر استاد پيرل جو اُن ۾به پنهنجو منفرد انداز هو، مثال طور ضياءُ الحق جي آمريتي دور ۾ 1978ع ۾ لطيف ادبي سنگت رتي ديري طرفان جشن لطيف ملهايو ويو، جنهن موقعي تي آل سنڌ لطيفي مشاعري ۾ طرح ڏني وئي، ”لطيفي لات جي جهر جهنگ ۾ جهُونگار جاري آ“، استاد بخاري به اُن مشاعري ۾ شريڪ ٿيو ۽ سڄيءَ سنڌ مان شاعر اچي شريڪ ٿيا، پر اُن موقعي تي استاد پيرل جي شعرن مشاعري کي مست ڪري ڇڏيو. جنهن تي مشاعري جي صدارت ڪندڙ سائين عطا محمد حامي ۽ استاد بخاريءَ سميت سمورن شاعرن کيس وڏو داد ڏنو. جنهن جا اُنهن مان چند شعر هي  آهن:
نه ڪو تارو نه ٽانڊاڻو نه ڪنهن تيلي ڪا ٻاري آ،
ڏسان هر طرف جاڏي رڳو اوندهه انڌاري آ،
ٻُڌايان حال دل ڪهڙو اها دل درد ماري آ،
کڻي ڪجهه لفظ مرشد جا اسان ڀي لاٽ ٻاري آ،
”لطيفي لات جي جهر جهنگ ۾ جهونگار جاري آ“،
*
وطن محبوب تي ڇانيل ڏسو ٿا رات ڪاري آ،
الائي ڪنهن وِجهي ڪاٺيون چِڻنگ مان ٻاهه ٻاري آ،
نه ڪو مزدور خوش آهي نه ڪو خوش حال هاري آ،
مگر پو ڀي جوان جذبا اسان همت نه هاري آ،
”لطيفي لات جي جهر جهنگ ۾ جهونگار جاري آ“،
*
رَتَي وارن کي جس آهي جنين هيءَ جوت ٻاري آ،
ملهائي جشن مرشد جو سچي سنڀاري آ،
ڀلي آيا هلي، يارن نِڀائي خوب ياري آ،
لکي هيءَ پيار مان “پيرل” طرح، طرح دل سان تنواري آ،
”لطيفي لات جي جهر جهنگ ۾ جهونگار جاري آ“.

استاد پيرل پنهنجي مزاج ۾ هڪ باغيانه ماڻهو هو. اهو هٺيلو مزاج هن جي ذاتي زندگيءَ ۾ به هميشه رهيو، سندس سماجي خيال به اهڙا هئا، ان جا عڪس ۽ لاڙا سندس شاعريءَ ۾ به پسي سگهجن ٿا.
چوي ٿو:
پٿر جو بُت رکي آڏو چئين ته سجدو ڪر!
خدا ئي ڄاڻي ته ڪهڙو خدا ڏئي ويو مون کي.
بظاهر هڪ نِهٺي ۽ مست الست شاعر جو هيءُ هٺيلو خيال ڏسو:
لَٺِ تي گهُمان، نه پوءِ به ڪيان دل لڳيءَ کان دنگ مان،
”پيرل قمبر“ نه مون کي ڪو توبهه جو تجربو آ.
*
سدائين سچ مان چوان، سچ چوڻ آ سرويچي،
وڃي هي ڪٽجي بدن، ڪٽجي پر زبان نه  وڃڃي.
*
مسجد جي در کان ٿيندو، وڃان ٿو صنم جي در،
اڄ سجدو هي خدا جو قضا ٿو ڪري وٺان.
هن جي صوفياڻي خيال جو هيءُ رنگ ۽ اظهار ڏسو:
ڇو ڏيارين ٿو هي مندر ڀلا مسجد جا چڪر،
اسان محبت ۾ ڪو مذهب نه ڌرم رکون ٿا.
*
خاڪ آ هو ڇو چوان، نمرود کي يارو خدا،
جو خدا سڀ جو خدا، مون کي خدا اهڙو کپي.
وڇڙيو آ ڪنهن طريقي سان، آدم جو هي اولاد،
مسجد ۾ رهجي ويا ڪي مندر ۾ رهجي ويا.
هونئن ته شاعري شاعر جي انيڪ خيالن، ڪيفيتن، احساسن، مشاهدن ۽ زندگيءَ جي تجربن جو نِچوڙ هوندي آهي، پر استاد پيرل قمبر تي رومانوي شاعريءَ جو رنگ وڌيڪ حاوي هو. هن جي رومانويت گهڻي ڀاڱي روايتي آهي، پر اُن ۾ به هن جي شاعراڻي ڏات ۽ احساس جي تازگي ۽ شائستگي هن جي اظهار کي انفراديت جو رنگ بخشين ٿيون. چوي ٿو:
”پيرل قنبر“ کي تون ڪري ڇڏ مفت ۾ خريد،
مِٽيءَ جي بُت جي توکان مان ڪهڙي بَها وٺان.
*
غير سان ڪر آبِ ڪوثر جو بيان،
مون سان تون پنهنجي پگهر جي ڳالهه ڪر.
*
نه کڻ اکيون مان ادا کي قضا چئي نه وجهان،
دوا کي زهر، زهر کي دوا چئي نه وجهان،
بغير پردي نه مستن جي آ تون محفل ۾،
مٽيءَ جي بُت کي مبادا، خدا چئي نه وجهان.
*
ويڄن جو در وٺان يا تنهنجي خاڪِ پا وٺان،
هن درد نامراد جي ڪنهن کان دوا وٺان،
محبوب آهي آڏو ته هتڙي ئي حج آ،
ڪهڙا وٺان مدينا مان ڪهڙا مڪا وٺان.

تو بُت جي بندگيءَ جو محبوب آ مزو،
مون کي نظر ۾ ٻي ڪا عبادت نه ٿي ملي.
*
گلشن ۾ وڃي هي تون، زلفن کي نه ڦيرائج،
ڪنڊن جي ڀي چُهنبن تي سئو گئونچ ڦُٽي پوندا!
*
جهل تون رُخسار جو تِرُ، ڪاڏي مڪي مان وڃان،
حجر اسود آ هتي، هتڙي هجڻ جي بدران.
*
رُخ تان ايئن نه تون ڪر پردو ڪري ڪري،
ويندس مري مان سِڪَ جا سجدا ڪري ڪري.

استاد پيرل پنهنجي رومانوي شاعرانه مزاج سبب جيتوڻيڪ گهڻي ڀاڱي غزل جي صنف ۾ لکيو. سندس شاگرد ۽ خود استاد شاعر سرمد چانڊيي هن جي غزل جي مهارت تي لکندي کيس داد ڏيندي لکيو ته:
”استاد پيرل قنبر متضاد غزل جي پيشڪش جو بادشاهه هو. استاد جي غزل جو معراج متضاد تخيل آهي.
چنڊ جي تون روشني سان جهول ڀر،
مون کي ٻُڪ ۾ يار! ٽانڊاڻو ته ڏي!

يا
ويڄن جو در وٺان يا تنهنجي خاڪ پا وٺان!
هن درد نامراد جي ڪنهن کان دوا وٺان؟

منهنجي مٿي تي گر هجي خودمختياري تاج،
سارو لُٽي خزانو مان اک جي ادا وٺان.

هر آدمي جي دل ٿو ڏسان آهي داغ داغ!
ڪنهن سان مِٽائي پنهنجي مان قسمت قضا وٺان!

اهڙو ته ڪاروبار ڪڏهن مون نه ڏٺو آ ڪيو،
وِڪڻي ثنا ٻهر جي گهر جي گِلا وٺان!

جنهن کي خوشي سان دوستو! پالي نه مان سگهان،
زلفن جو وٺان نانگ يا اک جي بلا وٺان!

اڳ ۾ اکيون ملائي مان پارت ٿو پو ڪيان،
هڪ وقت ۾ ٿو درد ۽ ان جي دوا وٺان!

پيرل قنبر کي تون ڪري ڇڏ مفت ۾ خريد!
مِٽي جي بُت جي توکان مان ڪهڙي بَها وٺان!
استاد پيرل قنبر جو متضاد تخيل، سنڌ ۾ ڪن ٿورن شاعرن کي نصيب ٿيو هوندو.“ 1

هن غزل ۾ انيڪ تجربا پڻ ڪيا، ننڍي کان ننڍو بحر ۽ طويل ترين بحر استاد پيرل جي غزلن ۾ ملن ٿا. ننڍي بحر ۾ ايندو ته ههڙو حَسين اظهار ڪندو:
رات ڪيڏي به ڏيندو قسمت ۾،
ڪري سجدو وري سحر ايندو.
يا وري سندس هيءُ شعر ڏسو:
مون کي سُڌِ آ، سنڌ کي سنڌي،
پڪ مڃيندا ماتا هوندا.
وري جي ڊگهي بحر تي ايندو ته به هن جو اظهار منفرد، مثال طور:
يا ته تيرِ نظر ڏي نظر ۾ ڍڪي يا ته پردي ڍڪڻ جو تون انجام ڪر،
ڪيئي محفل ۾ عاشق مري ٿا مرن، بند بحرِ خدا تون قتلِ عام ڪر.
استاد پيرل جي عاشقيءَ ۽ مجاز جي دنيا ۾ رڳو هن جا محبوب ۽ رومانوي تصور نه هئا پر اُن ۾ سنڌ به سدائين موجود رهي. سنڌي شاعري هجي ۽ اُن ۾ ”سنڌ“ استعاري، محور ۽ محبت جو موضوع نه هجي! اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ ۽ سو به وري استاد پيرل جهڙي باڪمال شاعر ۾! هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ سان عاشقيءَ جي اظهار جا رنگ ڏسو:
اي سنڌ! تنهنجو ڪين ڪڏهن در ڇڏي ڏبو،
تنهنجو نه ڇڏبو ساٿ، پنهنجو سِرُ ڇڏي ڏبو.
مونث هجون يا مذڪر توسان هي قول آهي،
آواز تو ڏنو ته، وَني وَرُ ڇڏي ڏبو.

ورهاڱي جا وَڍَ سدائين استاد پيرل جي روح جا چاڪ چِڪائيندا هئا. سنڌي هندن جي سنڌ مان لڏي وڃڻ تي ڇا ته هن جو روح تڙپيو آ، چوي ٿو:
تون سنڌي ٿي ٿو سنڌ ڇڏين،
تون ڪاتي ٿي ٿو ڪنڌ ڇڏين،
تون راندي ٿي ٿو رند ڇڏين،
تون مئڪش ٿي ٿو منڌ ڇڏين،
مان تولاءِ پاڻ نه روليندس،
مان ٻيجل ٻيو ڪو ڳوليندس.
يا وري هي اظهار ڏسو:
مان تولئه  پاڻ نه روليندس،
مان ٻيجل ڪو ٻيو ڳوليندس،
مان آڱر نه ٻڌندس اڳڙيءَ ۾،
مان لعل نه ٻڌندس لغڙيءَ ۾،
مان پيار نه ٻڌندس پڳڙيءَ ۾،
مان گيدي نه سهندس سنڌيءَ ۾،
مان سورهيه پڙ ڏي سوريندس،
ڀل پيرل ڪوبه ويس ڏيو،
پرديس ۾ کٿيون کيس ڏيو،
ٻيو لبن تي ڪونه لبيسس
او سنگدل سنڌو ديس ڏيو،
مان ٻول نه ٻيا ڪي ٻوليندس،
مان ٻيجل ٻيو ڪو ڳوليندس.
*
سنڌ سان هن جي محبت به الستي هئي، چوي ٿو:
غلاميءَ جو هو ڪو نه ٿيندو، نه ٿيندو،
ڪٿي لوهه هلڪو نه ٿيندو، نه ٿيندو،
صدق سان نهاريو پنهنجي سنڌڙيءَ ڏي،
اهو ڪنڌ ڪو ڪو نه ٿيندو نه ٿيندو.
*
خزان جي پنن جان نه ڇڻجو نه ڇڻجو،
شهادت ۾ سِر کي نه ڳڻجو نه ڳڻجو،
متان پنهنجي سنڌ کي وساري به ويهو،
اهو لعنتاڻو نه کڻجو نه کڻجو.
استاد پيرل جو پنهنجو تعلق هڪ غريب گهر سان هو، هو پاڻ به ان طبقي منجهان هو ۽ ايئن نه هو ته هن کي غربت جو احساس يا ان طبقي جي درد جو احساس رڳو پنهنجي مشاهدي ۽ ذاتي تجربي جي ڪري هو، ان سان گڏ کيس ان جو پورو طبقاتي شعور به هو، جنهن جو اظهار هو انيڪ جاين تي ڪري ٿو، مثال طور:
آهن عجيب دنيا ۾ قدرت جا ڪارخانا،
ڪو پيٽ لئه پريشان، ڪنهن وٽ ڀريل خزانا.
*
اڄ هن طرح زمانو ٿو ضعيفن کي ستائي،
دنيا ۾ ڄڻ غريب جو پروردگار ڪونهي.
*
ٿا اسان تڪڙو اچئون توکي ڏسي بُکَ جا بُکيا،
هاءِ عزرائيل تو وٽ مانيءَ کن ته هوندو ضرور.
*
اڃا ته تن جي نصيبن ۾ آهي لوڻ ۽ لَسي،
مارن کي مولا کنڊون کير ڪڏهن بخشيندين.
*
ٿو مري هر ڪو مگر هِي هِي مُئو، هُو هُو مُئو،
ڪنهن جي مانيءَ تي ٿِي ماني، ڪنهن جِي ماني ڪانه ٿِي.

هن کان جڏهن هڪ انٽرويوءَ ۾ عبدالواحد سومري ۽ ضمير کرل سندس پسنديده شعر ٻُڌائڻ لاءِ چيو ته استاد پيرل 43 صنفن ۽ پنجن ٻولين ۾ چيل ستاويهه هزار شعرن مان وري به پنهنجي جنهن شعر جي چونڊ ڪئي، اهو سندس طبقاتي شعور جو حامل شعر آهي، جنهن ۾ هو چوي ٿو:
ڪهڙو شجر جي هيٺان ويهي ڪو حال ڏيون،
هن دل ۾ زخم آ ته هُتي وڻ ۾ پور آ،
ان کي چيم ته چور ڇا لڪايو اٿئي،
ڊڄندي اُٿي چيائين هي مانيءَ  جو  ڀور آ.
جيتوڻيڪ استاد پيرل کي پنهنجي شاعرانه مرتبي آهر گهربل ميدان نه مليو ۽ هو گهڻي ڀاڱي قمبر ۽ شهدادڪوٽ تائين محدود رهيو پر تنهن هوندي به هن هڪ طرف سرمد چانڊيي، آتش سنڌي ۽ ميهر مجاهد جهڙا پُختا شاعر شاگرد پيدا ڪيا ته ٻئي طرف هن ڀرپور شاعراڻو دور گذاريو، رياضت ٻُرڙو سندس 42 سالن جي اُن شاعرانه سفر کي سموهيندي هن بابت لکي ٿو:
”پيرل قنبر  جي شاعراڻي زندگيءَ جا 42 کن ورهه شاعرن سان اُٿاويٺي ڪندي، شعرَ پڙهندي ۽ لکندي، مشاعرن ۾ شرڪت ڪندي، پاڻ وٽ شاعرن جون محفلون منعقد ڪندي، ۽ ڪنهن هنڌ حاضر هوندي به، اکيون ٻُوٽي پنهنجي ’خيال ۾ مگن رهندي‘ گذريا.
پيرل قنبر شاعريءَ جي گهڻين ئي صنفن ۾ شعر سِرجيا آهن، پر هن جي جيڪا شاعري، سندس وفات کان پوءِ، هن جي شاگردن پاران سهيڙي ڇپرايل ٻن ڪتابن ’اُگهاڙا پير ٽانڊن تي‘ (1997ع) ۽ ’سجدو اُداس آ‘ (2007ع) - ۾ پڌري آهي، تنهن ۾ غزلن جو تعداد وڌيڪ آهي. پيرل قنبر بابت اُنهن ڪتابن ۾ ڏنل تعارفن ۾ ڄاڻايل آهي ته هن ڪجهه سنڌي فلمن جهڙوڪ ’پرديسي‘ (21 اپريل 1958ع)، ’پَرائي زمين‘ (14 آگسٽ 1958ع)، ’گهونگهٽ لاهه ڪنوار‘  (1970)، ’سورٺ‘ (8 جُون 1973ع)، ’سوڍا پُٽ سنڌ جا‘ (7 ڊسمبر 1973ع)، ’غيرت جو سوال‘ (18 آڪٽوبر 1974ع) ۽ ’هاري‘ جا ڪلام/ گيت به لکيا. اُنهن فلمن مان ڪي ته هِٽ فلمون آهن، جيڪي عيدن جي موقعن تي جاري (رليز) ٿيون. ان مان ڪَٿ ڪري سگهجي ٿي ته  پيرل قنبر تنهن وقت مشهور ۽ مقبول شاعر هو ۽ سندس ڪلامن کي پسنديدگيءَ جي نظر سان ڏٺو ويندو هو، جو هڪ پُٺتي پيل ۽ پاسائتي علائقي جي رهائشي هئڻ باوجود کانئس فلمي گيت لکرايا ويا. ڏک اهو آهي ته استاد جي انهن مشهور فلمي گيتن جو شايد ته ڪنهن به ليکڪ يا ماڻهوءَ وٽ ڪو رڪارڊ ناهي ۽ نه ئي ڪا مفصل ڄاڻ آهي ته پيرل قنبر جا انهن فلمن ۾ ڪيترا ۽ ڪهڙا گيت شامل هئا، اهي ڪنهن ڳايا ۽ انهن جي موسيقي ڪنهن ترتيب ڏني. ڇا اهي گيت محفوظ آهن؟ يا وقت جي وِٿين ۾ وڃائجي ويا آهن؟ مون انٽرنيٽ تي وس آهر ڳولا ڪئي، گهڻيون ئي ويب سائيٽون کوليون، پر مون کي ’هاري‘ فلم جي ڪا ڄاڻ نه ملي، جڏهن ته ٻين فلمن جي انتهائي محدود ڄاڻ/ ڊيٽا ملي سگهي، جنهن مان انهن فلمن جي جاري ٿيڻ جون تاريخون درج ڪيون اٿم. ان کان سواءِ يُوٽيوب تي ’پرديسي‘ فلم جو صرف هڪ گيت ۽ ’غيرت جو سوال‘ فلم جا ۳ گيت اپلوڊ ڪيل هئا، جن مان اهو معلوم نه پئي ٿيو ته اهي ڪنهن جا لکيل آهن، ڇاڪاڻ ته فلمي گيتن ۾ شاعر تخلص لکي نه سگهندا آهن. هڪڙو ٻيو طريقو استاد جي انهن فلمي گيتن لهڻ جو اهو ٿي سگهي ٿو ته اڳي مختلف فلمي گيتن جون چوپڙيون پڻ ڇپجنديون هيون، جيڪڏهن انهن چوپڙين جي ڳولا ڪجي، ته استاد جا فلمي گيت لهي سگهجن ٿا. بهرحال، منهنجو مقصد ان پاسي ڌيان ڏيارائڻ آهي، ته استاد جي فلمي گيتن بابت صحيح ڄاڻ هٿ ڪرڻ ضروري آهي. جڏهن ته هن جي ريڊيو تان نشر ٿيل ڪلامن کي سهيڙڻ جي به گهرج آهي.
فريبيءَ اڳيان دل ڦرائي وياسي،
خزاني مان هڪ شيءِ کُٽائي وياسي. (پيرل قنبر)
اميد ٿو رکان ته استاد ’پيرل قنبر‘ جي خزاني مان کُٽل ڪيئي انمول ’وکر‘ هٿ ڪري وٺبا. فلمي گيتن ۽ ريڊيائي ڪلامن سميت، ضرورت استاد  ’پيرل قنبر’‘ جي انهن ’چوپڙين‘ کي به ڳولڻ ۽ نئين سِر ڇپرائڻ جي آهي، جيڪي هن 1960ع جي ڏهاڪي ۾ ڇپرايون، جن ۾ ’سلامِ محبت‘، ’جذبهءِ دل‘ (يا ’جذبهءِ محبت‘)، ’باغِ فردوس‘، ’يادگارِ زندگي‘، ’نِگاههِ محبت‘ ۽ ’تصويرِ صنم‘ شامل آهن.“2
استاد پيرل موسيقيءَ جو عاشق ۽ ڄاڻو، گائڪيءَ ۾ لئي جو وڏو پارکو، هن جا جيڪي ڪلام فلم ۾ ڳاتا ويا، اُنهن ۾ هو موسيقارن سان پاڻ راتين جون راتيون ويهندو هو ۽ هو تيسين اُنهن کي تسليم نه ڪندو هو، جيسين سندس شاعرانه ۽ موسيقيت مان ڳوهيل دل ان تي مُهر ثبت نه ڪندي هئي. هن کي پنهنجي وقت جي مشهور ڳائڻن ڪمپوز ڪيو ۽ ڳايو، جن ۾ خاص طور تي ملڪ جو مشهور موسيقار مسعود رانا، سنڌ جا مڃيل قمبر جا مشهور راڳي استاد محرم علي، استاد اشرف علي، استاد موج علي خان، ماسٽر منظور جو پيءُ استاد مکڻو فقير، مائي وسائي ۽ ٻيا انيڪ شامل آهن. هو جيڪو عجيب مزاج رکندڙ ماڻهو هو، پنهنجي پگهار جو چڱو حصو پاڙي جي ٻارن کي خرچيون ڏئي ورهائي ڇڏيندو هو، جو هن کي دنيا جا سڀ ٻار هڪ جهڙا حَسين، معصوم ۽ پنهنجا لڳندا هئا، جو پاڻ شادي ڪونه ڪيائين. هن جا رُساما ۽ پرچاڻا به ٻارن جيان هوندا هئا. قمبر جي يارن کان رُسي ته سڌو شهدادڪوٽ ۽ جي اُتي سنگت سان ناراض ٿئي ته قمبر.،  سندس زندگي سراپا سندس هن شعر جيان هئي:
زندان ۾ هئي چرپر خاموش دهن ۾،
هُتي ننڊ اکين ۾ هِتي دار و رسن هو،
هتي سِرُ تي خاڪ ۽ بُتَ تي ڪفن هو،
هُتي محل ۾ موج ۽ هِتي مٽيءَ ۾ بدن هو.
استاد پيرل قمبر کي هونئن ته برطانيه جي راڻي الزبيٿ جي پُٽ چارلس جي تاج پوشيءَ تي چيل شعر تي راڻيءَ پاران ذاتي طور لکيل خط، شهنشاههِ ايران پاران مليل گولڊ ميڊل ۽ شهيد ڀُٽي کان مليل ايوارڊن سميت انيڪ انعام مليا پر هن جو اصل انعام هن جي شاعري ۽ ماڻهن طرفان مليل کيس انمول محبت هئي. هو پنهنجي زندگيءَ کي پاڻ هينئن ٿو بيان ڪري:
نقشا وفا جا بي وفا جي گهر ۾ رهجي ويا،
پارس جا جگر راهه جي پٿر ۾ رهجي ويا،
هٿ تي ڪِريا زمين تي ڪِريا، قلم تي ڪِريا،
باقي رهيا جي اشڪ، سي ڪاڳر ۾ رهجي ويا.
هر انسانن جو پنهنجو مزاج ٿئي ٿو ۽ ماڻهو پنهنجون حُسناڪيون ۽ ڪمزوريون به پاڻ سان گڏ گڏ کڻي ٿو هلي. استاد پيرل جي شخصيت ۽ شاعريءَ ۾ ۾ به ٻه ڪمزوريون هيون، جن هن جي شاعريءَ جو فڪري دائرو محدود ڪري ڇڏيو ۽ اُهي هيون هن جي مطالعي کان چِڙَ ۽ ٻيو سياست يا پنهنجي دور جي محرڪن کان لاتعلقي. مان سمجهان ٿو ته جي استاد پيرل جهڙو استاد شاعر معياري مطالعو به ڪندو رهي ها يا پاڻ کان وڌيڪ باشعور ماڻهن جي محفلن ۾ گهڻو اُٿندو ويهندو رهي ها ته هن جي تفڪر جو دائرو تمام وسيع ٿئي ها، هن جي شاعريءَ کي فني بلوغت سان گڏ موضوعاتي وُسعت ملي ها ۽ جيئن هو روايتي شاعريءَ جي لاڙن جو شڪار ٿيو آهي،  هُو ان کان بچي وڃي ها. مثال طور جيڪڏهن شيخ اياز رڳو پنهنجي فني استاد کيئل داس فاني (جيتوڻيڪ کيئل داس فاني به جديد شاعريءَ جي  مُهندارن مان هو) جي دائري تائين محدود هجي ها ۽ هُو ادب جو وسيع مطالعو نه ڪري ها ۽ پنهنجي دور تحريڪن ۽ تحرڪ کان لاتعلق رهي ها ته شايد هُن جو فن ايئن سِراڻ تي نه سِري ها، جيئن هُو سنڌ جي جديد ادبي اِتهاس تي هڪ سِج جيان اُڀريو. وڏي ڳالهه ته استاد پيرل جي سامهون جديد سنڌي شاعريءَ جو پورو جديد دور شيخ اياز، سندس همعصر ۽ کانئس پوءِ جي نسل جي صورت ۾ سنڌ ۾ اُڀري چڪو هو پر استاد پيرل ان نئين دور کان لاتعلق يا اڻڄاڻ رهيو. هو ادب جا جديد ۽ اُڀرندڙ نوان لاڙا ۽ تجربا سمجهي نه سگهيو. هن جي شاعريءَ جا محرڪ تصور، تخيل ۽ احساس هئا يا وڌ ۾ وڌ مشاهداتي عڪس پر جيڪڏهن سندس فن تي مهارت ۽ اظهار جو ڏانءُ جديد فڪري شاعرانه روايتن سان هم آهنگ ٿئي ها ته هو سنڌ جو ساحر لُڌيانوي هجي ها.
ٻيو ته نظر ايئن ٿو اچي ته استاد پيرل جيئن مطالعي کان پاسيرو رهيو تيئن هو پنهنجي دور جي سياسي تحريڪن يا سماج جي اُٿل پُٿل کان به پاسيرو رهيو، نه ته ون يونٽ جي دور جيئن سنڌي شاعريءَ کي اظهار جا بي مثال محرڪ، انداز ۽ موضوع ڏنا هئا، اُهي استاد پيرل جي صورت ۾ پڻ پنهنجو غيرمعمولي اظهار ڪن ها پر ايئن نه ٿيو. جيتوڻيڪ هن جي شاعريءَ ۾ مزاحمتي رنگ به آهي پر اهو پنهنجي همعصر دور جي ڀرپور ۽ گهڻ طرفي ترجماني ڪندي نظر نه ٿو اچي، جيئن اُهو نياز همايونيءَ، استاد بخاريءَ، ابراهيم منشيءَ ۽ ٻين انيڪ شاعرن جي صورت ۾ ڪري ٿو. استاد تي گهڻو اثر فارسي شاعريءَ جو هو، هن پاڻ به فارسيءَ ۾ شاعري ڪئي. ان ڪمزوريءَ کيس فڪري ۽ موضوعاتي طور محدود رکيو. نه ته سندس شاعرانه درجو ته اهو هو جو پليجو صاحب سدائين پنهنجي نِجي ڪچهرين ۾ ڊاڪٽر  نظير شيخ ۽ ٻين دوستن کان استاد پيرل جا ڪلام فرمائش ڪري ٻُڌندو هو، جنهن ۾ خاص طور تي سندس اهو مشهور غزل، جنهن ۾ هو چوي ٿو:
وار آلا جي ڪُلهن تي، تون سنواري وجهندينءَ،
ڪيئي مهمير خدا ڄاڻي تون ماري وجهندينءَ.
اهڙن موقعن تي مون کي سدائين دل ۾ اها حسرت پيدا ٿيندي هئي ته ڪاش استاد پيرل جي حياتيءَ ۾ پليجي صاحب جهڙي پارکوءَ پاران کيس اهڙي مڃتا روبرو ملي ها پر  وقت جون پنهنجون مجبوريون ۽ نزاڪتون آهن. مون کي يقين آهي ته هو پليجي صاحب پاران مليل اهڙي مڃتا کي برطانيه جي راڻيءَ ايلزبيٿ ۽ شهنشاهه ايران پاران موڪليل گولڊ ميڊل کان وڌيڪ اهم سمجهي ها.
اقبال کان بيحد متاثر سنڌ جي هن رومانوي ۽ فقير صفت شاعر استاد پيرل کي پڻ اقبال جيتري ئي زندگي يعني 62 سال نصيب ٿي. استاد پيرل جسماني طور ته 24 ڊسمبر 1994ع تي هيءُ جهان ڇڏي ويو پر هو اڄ به سنڌ جي دل وارن جي محفلن ۾ پنهنجيءَ دلبر شاعريءَ سبب زندهه رهندو آهي. هونئن به ڪائنات جون حُسناڪيون اندر ۾ سانڍي هلندڙ شاعر ڪيئن ٿو مري سگهي. هو چوي ٿو:
پيرل قنبر وفا جو جنازو ويو اڏي،
ڪوئي هوا مان لاش لهي ڪيئن ٿو سگهي.




1  (ڪتاب: ”پيرل قنبر تخليقڪارن جي آئيني ۾“، مرتب: ڪوڙل قربدار، صفحا: 75-76 )
2  (ڪتاب: پيرل قنبر تخليقڪارن جي آئيني ۾، مرتب: ڪوڙل قربدار، صفحا: 7، 8 ۽ 9)

No comments:

Post a Comment