سردار خاتون
پرينءَ جو شهر- ڪتاب تي تَبصرو
(1) ڪھاڻي اُميد، جنھن ۾ مائٽن جي اُميدن
جو ذڪر ڪيل آھي. مائٽ پنھنجي اولاد کي سُٺي سُھڻي ۽ روشن مُستقبل ڏيڻ لاءِ ڪيئن پاڻ
پتوڙين ٿا. ڊبل ڊيوٽيون ڪري، ڳاٽي ٽوڙ قرض کڻي به پنھنجي اولاد جون ضرورتون ۽ گھرجون
پوريون ڪن ٿا، ۽ اولاد ورسٽي ۾ پڄي غلط صحبت ۾ اچي پنھنجو مقصد وساري ويھي ٿو. (2)
ڪھاڻي ويلنٽائن به ھڪ سبق آموز ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ڪھاڻيڪار اُن مَسئلي ڏانھن ڌيان ڇڪائي
ٿو، جيڪو اسان جي سماج ۾ ھاڻي ناسُور بڻجي چُڪو آھي. ھِن ڏس ۾ نياڻيون جذباتي وابستگي
جي ور چڙھي پنھنجون عزتون وڃائي ويھن ٿيون، اُنھن کي ھاڻي پنھنجون اکيون کولڻ گھرجن.
ڪھاڻي
”پرينءَ جو شھر“ ۾ اُنھن نوجوانن جو ذڪر آھي، جيڪو ورسٽي جي آزاد ماحول ۾ اچڻ يا اچڻ
کان اڳ ۾ ڪيئي حسرتون پالي اچن ٿا. پنھنجي روايتي سوچ جو مظاھرو ڪن ٿا، تعليم جي تقاضائن
کي پورو نٿا ڪن ۽ پوءِ بي چين رھن ٿا. اھڙن روايتي سوچ رکندڙ نوجوانن کي ليکڪ دُرست
رستو ڏسي ٿو.
ڪھاڻي
”اديبڙو“ به پنھنجو مٽ پاڻ آھي، جيڪو اديبن جا بَکيا اُڊيڙيندي نظر اچي ٿو. ھِن ڪھاڻي
جو ڪِردار اديب نئون اسم لکڻ لاءِ ھر وقت ڪنھن دل دھلائيندڙ واقعي جي انتظار ۾ رھي
ٿو، ماڻھن جي بيوسي کي ھٿيار بڻائي پنھنجو دڪان چَمڪائي ٿو.
ڪھاڻي
”ڪامريڊ“ به ھِن سماج جي حقيقتن تي ٻڌل ڪھاڻي آھي. پنھنجي وطن ۽ ٻوليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ
ڪامريڊن کي رياست طرفان کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي ٿو. اھڙي طرح ھر ڪھاڻي پنھنجي جاءِ تي اھم
آھي، ۽ مُعاشرتي رَوين جي بھترين عڪاسي ڪري ٿو.
ھِن ڪتاب
جي ھر ڪھاڻي ٻي ڪهاڻيءَ کان وڌ آهي، چاھي اُھا ڪھاڻي چپ، ارپنا، جاڳ جا خواب، آس، سُورمي،
لٻاڙيل، حال نه حال جھڙو يا انجام ھُجي، ھي سَڀ ڪھاڻيون قابلِ ذڪر آھن.
ھِن ڪتاب
جو ٻه اکر ڊاڪٽر نواب ڪاڪا لکيو، جڏھن ته رايو
ڊاڪٽر ريحانه نظير لکيو آهي، جيڪي ٻئي ھستيون سنڌ
ورسٽيءَ جا ناميارا پروفيسر آهن. ھِن ڪتاب جي ليکڪ ھِي پنھنجو قلمي پورهيو پنھنجي مرحوم
ڏاڏي ۽ جيجل ماءُ کي ارپيو آهي. اُميد ٿي ڪجي ته مبين سنڌي آئينده به سنڌي ادب ۾ واڌاري
جو سبب بڻجندو. الله تعاليٰ کان دُعا آھي ته تمام گھڻيون ڪاميابيون ماڻي، ۽ ائين ئي
سنڌي ادب ۽ مادري ٻوليءَ جي خدمت ڪندو رھي!
No comments:
Post a Comment