26/06/2025

شاعري، رنگ، روشني، سرهاڻ ۽ ساڀيان - نياز مسرور بدوي (Niaz Masroor Badvi)

 نياز مسرور بدوي

شاعري، رنگ، روشني، سرهاڻ ۽ ساڀيان 

شاعري، اندر جو اجالو آهي، جنھن جي روشنيءَ ۾ شاعر جي جيون جي تخليقي سفر ۾ جهاتي پائي سگهجي ٿي. ان سفر جي ميڙا چونڊيءَ ۾ کيس جيڪي به خوشيءَ جون راحتون، درد جون ساعتون، محبت جون سوغاتون، جهوليءَ ۾ جُهوليندي رهيون آهن، انھن جي جلال ۽ جمال کي جيءَ جو جيئدان سمجهي، جهونگاريندو رهندو آهي. من اندر ۾ يادن جا مضراب وقت جي ضرب سان وڄندا رهندا آهن. اهي ڪلپنائون ڏاڙهون گل جيان رتائون هونديون آهن، تنھن جي رنگ ۾ رڱيل، رَسِيَلُ ۽ رُسيل روح سان رهاڻيون ڪري سگهبيون آهن، ان ۾ محبوب جي اها مرڪ، پسي سگهبي آهي، جيڪا ڏور هوندي به دل جي چانڊوڪيءَ ۾ جلوه گر هوندي آهي ۽ سورن جا سنيھا به ڪنھن نھائين جيان دل ۾ دکندا رهندا آهن. جيڪي لبن کي لالاڻ ۽ ڳلن کي گلال ڪري ڇڏيندا آهن.

اها رنگن جي روشني، هڪ اهڙي جاوداني راهه جي رهنمائي ڪندي آهي، جتي شاعري ساڀيان جي سرهاڻ سان سماج کي سرهائي بخشيندي آهي. دل ۽ ذهن اندر جيڪا تڙپ، تانگهه، تشنگي، آنڌ مانڌ ۽ شعوري جنگ هوندي آهي، تنھن کي پڻ پنھنجي پيار جي پورهئي سان هڪ نئين آردش جي امتحان ۾ ڪڏي ڪاهي پوڻ جي همت ۽ جرئت پيدا ڪندي آهي.

شاعري، ڪيفيتن جو هڪ اهڙو اظھار آهي، جنھن ۾ سڄي ڪائنات، پنھنجي سموري حقيقي، فطرتي احساسن سميت سمائجي سگهي ٿي. هي هڪ اهڙو ظھوري احساس آهي، جنھن ۾ شاعر جي هستي، پنھنجي وجودي اظھار لاءِ لڇندي رهندي آهي، اها ’ڳليان ڳوليان مَ لھان شال مَ ملان هوت، من اندر جي لوڇ ملڻ سان ماٺي ٿئي‘ اها من اندر جي لوڇ وارو احساساتي ۽ روحي اعجاز، ’من مڻيو تن تسبيح جيان رڳن ۾ رباب‘ وانگي وڄندو رهندو آهي ۽ جڏهن اهو معجزو بڻجي، لفظن جو حسين جامو پھري، شعور جي ادارڪ تي واسو ڪندو آهي ته هستي ان جي انگ انگ، رنگ رنگ، ڍنگ ڍنگ، حسن جي نازڪي ۽ نزاڪت کي، سچائيءَ ۽ صداقت کي، سونھن ۽ سلاست کي نھايت دلڪش انداز ۾ بيان ڪرڻ کي سعادت سمجهندو آهي. شاعر جي هستي موجود هوندي به ان جي آڏو ناموجود ٿي ويندي آهي.

اهڙي شاعريءَ جي سڳنڌ هر ڪنھن جي نصيب ۾ لکيل نه هوندي آهي. اِها اُها ڏات آهي، جيڪا روح جي راڄ تي راڄ (حڪومت) ڪندي آهي ۽ ڪرڻا ڪرڻا ٿي ڪري جرڪندي آهي ڪائنات جي وسيع وسعتن ۾ واٽ جي لاٽ بڻجي چمڪندي رهندي آهي. سچ اهو آهي ته شاعري، زندگي جي اها خوشي آهي، جا درد جي دنيا سان آباد هوندي به دنيا جھان جي دردن کي گهٽائڻ ۾ ۽ عام کي اتساهڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندي آهي. اهڙي ئي شاعري جي سدا ملوڪ سرجڻھار ساڀيان سانگي جي به آهي، جنھن جي شاعريءَ ۾ حيا ۽ حليمت سان گڏ، وجودي ڪيفيتن جي اپٽار، ۽ جذباتي وابستگي به تمام گهڻي محسوس ٿئي ٿي. ان سان گڏ عورت زاد جي آواز جي گونج به ٻڌڻ اچي ٿي. جيڪا دل جي ايوانن جي ڀاري برجن ۽ ان جي فصيلن کي لوڏائڻ جي سگهه رکي ٿي.

ساڀيان سانگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”خاموشي ڳالهائي ٿي“ جنھن ۾ احساسن جي هڪ اهڙي دنيا آباد آهي، جنھن ۾ هڪ اهڙي ڳنڀيرتا آهي، جيڪا گهڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي. سندس آواز ۾ اهڙن جذبن جي ترجماني ٿيل آهي، جيڪو هر عورت جي هردي ۾ ٻرندڙ ٽانڊي جيان ٻري رهيو آهي. اهي هن ’هٿ تريءَ تي روشن دک‘ کڻي ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس شاعريءَ جي ڏات ۾ اها عورت جاڳي ٿي، جيڪا پنھنجي وجود ۾ مڪملتا جي متلاشي آهي، اها ڪنھن جي اڳيان پنھنجي جذبن کي مات جي سوليءَ سان سينگارڻ کان انڪاري آهي. پر محبت جي منزل تي رسڻ لاءِ مومل جيان مرڻ کي مِھڻو ڪو نه ٿي سمجهي، پر ٻيجل جيان ڪنڌ ڪوري ڏيڻ لاءِ به تيار نه آهي. پنھنجي صبر جي شان کي به اُتم ٿي ڄاڻي:

ڪنڌ ڪپي نه ڏيندي سانءِ،

مون کي

تنھنجا سر ٻڌڻا آهن.

ڪائنات ۾ انساني وجودن جي تخليق عورت جي وجود کان سواءِ ٿي، نه ٿي سگهي. عورت سماج جي انساني اؤسر ڪندڙ رهي آهي. ڏٺو وڃي ته مرد جي مقابلي ۾ عورت وڌيڪ حساس ٿيندي آهي، انهيءَ ڪري سندس احساس ۾ وڌيڪ شدت ۽ گھرائي ٿيندي آهي. سندس ڏنل ڏوراپي ۾ هڪ عورت جا اهي محروميءَ جا احساس جاڳن ٿا، جيڪي عورت کي ميراث نه پر مھڻو لڳندا آهن. سندس هنن چئن سٽن ۽ ڏهن لفظن ۾ هڪ وشال خيال سمنڊ جي لھرن سان دريا جي ڀاڪر ۾ هئڻ جي باوجود اڃارو آهي.

ايڏو کوٽين ڇو پيو!!؟؟

اڃا...

’کنڊر‘ ته ناهيان ٿي!!

ان عورت جو درد پسيو، جيڪا معتبر ۽ مانائتي هئڻ جي باوجود شڪ جي سنگهرن ۾ جڪڙيل نظر اچي رهي هجي. لفظن جا شڪي تير، ڪومل جذبن تي وسندي نظر اچي رهيا آهن، جنھن ۾ هڪ عورت جي عصمت، رت جي ڳاڙهي الفي ۾ اوڍيل ڏسڻ اچي رهي آهي.

مان

ڪوئي

ڊٺل شھر

آهيان!؟

جنھن کي

کوٽڻ سان،

توکي

تاريخ جا

ٽڪرا ملندا!!

هيءُ اهو سور آهي، جيڪو هر مرد، عورت جي احساسن کي هر گهڙي ٽياس تي لڙڪائيندي ڏسڻ اچي ٿو. هيءُ هڪ نظم نه آهي، پر هر ان عورت هي درد ڪٿا آهي، جنھن جو بيان ڪرڻ هر عورت جي وس ۾ نه هوندو آهي. اهي سدائين ڀٽائي جي شعر وانگر ’سڙي سارو ڏينھن ٻاهر ٻاف نه نڪري‘ جي تصوير بڻجي سدا جي روڳ کي پالينديون رهنديون آهن.

ساڀيان سانگي جو اظھار نج پج فطرتي آهي، جنھن ۾ حساسيت سان گڏ مڪمل جامعيت نظر اچي ٿي. هن سماج جي ڪَڙن روين کي جي عيني شاهد بڻجي، جيڪو سور ونڊيو آهي، اهو عورت جو آفاقي احساس آهي، جنھن کي هن دؤر جي زنده باشعور عورت آواز ڏنو آهي، جنھن عورت جي معصوميت کي قتل ٿيڻ کان بچائڻ جو عزم ڪيو آهي، ۽ ان حقيقت جي نشان دهي پڻ ڪئي آهي، جيڪا عورت جي نسلي افزائش تي اجائي تھمت جي انڪاري آهي.

’مان سنڍ ناهيان‘

عورت

اهو احتجاج

دنيا جي ڪنھن به

فورم تي

رڪارڊ نه ٿي ڪرائي،

ڇو ته

لباس جي بي حرمتي،

سندس ’مَرَڪُ‘ ناهي.

ساڳيو ئي احساس هڪ احتجاج ۽ ڏوراپي طور هن ريت تخليق ڪيو آهي.

هڪڙو احسان ڪر!

پنھنجو سچ

جڳ کي

ٻڌائي اچ

ته

هوءَ

’سنڍ‘ ناهي!

فطرت، محبت جي متلاشي رهندي آهي، محبت، فطرت جو مکيه جز آهي، جيڪو ٻن وجودن کي ملائي هڪ ڪندو آهي، بظاهر اهي فطرتي طور تي مختلف مزاج ۽ خاصيتن جا حامل هوندا آهن، پر اهو محبت جو ڪمال هوندو آهي جو وحدت جو مثال بڻجي، جز مان ڪل ٿي ويندا آهن. پر جڏهن محبت ۾ اها تاثير ۽ جوهر نه هوندو آهي، ته فطرت پنھنجو اظھار ڪنھن نه ڪنھن ٻئي طريقي سان ضرور ڪندي آهي.

سماجي ثقافت، رويا، جذبا، خيال ۽ خوش فھميون، جڏهن فطرت سان جنگ جوٽڻ لڳنديون آهن، ته لازماً فطرت ۾ هڪ اڀارپيدا پيدا ٿيندو آهي، جنھن جي ڪائي به صورت ٿي سگهي ٿي. ان جو اظھار ’خاموشي ڳالهائي ٿي‘ ۾ ڪجهه هن ريت ڪيو ويو آهي:

پنھنجي ماءُ کي

ٻڌائي ڇڏ

ته

منھنجي زال

’مريم‘ ناهي

جو مون کان سواءِ

توکي عيسى

ڄڻي ڏي!

عورت جي سرشت ۾ وفاداريءَ جو عنصر به مرد جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي. عورت، پنھنجي محبت ۾ ڪل ڪائنات ڏسندي آهي ۽ ان ڪائنات ۾ ڪنھن اوپري وجود جي دخل اندازيءَ کي ڪڏهن به ڪو نه پسند ڪندي آهي. محبت، وحدت جي نشاني آهي. ان وحدت جي علمدار عورت ئي آهي، جنھن جي شاهدي، اسان کي شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ججهي انداز ۾ ملي ٿي. ساڀيان سانگيءَ به اهڙو اظھار ته ضرور ڪيو آهي، پر ان جي نوعيت ۾ عورت زاد جو عنصر نمايان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جنھن ۾ عورت جي خودداري لياڪا پائيندي نظر اچي ٿي.

تون!

جھانن جو جسم ٿي وڃ ڀل،

مان،

فقط روح عشق جو بڻجي

وحدتن جي وجود ۾ رهنديس.

اهڙو ئي اظھار ٻئي هنڌ ڪندي لکي ٿي :

حوا

توحيد پٺيان

فنا ٿي وئي

۽ آدم

هميشه

شرڪ جو پوئلڳ

ٿي رهيو.

اڪيلائيءَ جي آڪاش ۾ ۽ جڏهن اماوس جي راتين ۾، يادن جون مرليون وڄنديون آهن ته محبت جو ڪاريھر، دل جي پنڊيءَ جو ڍڪ لاهي ڇڏيندو آهي ۽ ياد جون ڄورون چھٽي پونديون آهن. ان محبت جي مئي ماتم شاعريءَ جو معراج ليکيو ويندو آهي. پر نزار قباني پنھنجي آتم ڪٿا ’شاعري ڪا سفر ۾‘ محبت جي مفھوم کي نئين انداز ۾ بيان ڪيو آهي ۽ هن جي خيال ۾ عورت روائتي محبت واري منزل کان گهڻو گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي، اهڙيءَ ريت سندس جذباتي ڪيفيتن ۾ به تبديلي آئي آهي. ساڀيان سانگيءَ جي شاعريءَ ۾ به اها نواڻ ۽ تازگي آهي، جيڪا هن دؤر جي باشعور عورت جي ترجماني ڪري ٿي.

توکي محبت لاءِ

وقت ڪونهي

۽

مون کي

تنھنجي

واندڪائيءَ جو

کاڄ ٿيڻو ناهي.

زندگيءَ جي سفر جو انت ڪنھن نه ڪنھن هڪ مرحلي تي پھچي، وڇوڙي جي وڍ تي انجام پذير ٿئي ٿو، پر جيڪڏهن اهو ويراڳ، ’تن ۾ تنبوري‘ ۾ آڳ جيان جلندو رهي ۽ سرندي منجهان جيڪي سُر نڪرندا، اهي جدائيءَ جي الميي جي تشريح ڪندا رهندا. اهو الم هر ڪنھن جي پُکي ۾ پيل آهي، پر هن نظم ۾ هڪ ميار آهي، جدائيءَ جو غم آهي، هڪ اهڙي سماجي ۽ نفسياتي ڪيفيت آهي، جنھن کي ساڀيان سانگي درد جي شدت سان بيان ڪيو آهي، جنھن ۾ ڏک ۽ ڏوراپي سان گڏ پڻ همدرديءَ جا اولڙا پسي سگهجن ٿا.

گونگا سناٽا،

ٻوڙيون خاموشيون،

۽ انڌا ويرانا،

اڄ به

هن جي گهر ۾

ائين

آباد آهن

جيئن

قبرستان ۾

پرسڪون وحشتون.

ساڀيان سانگيءَ جي شاعريءَ جي مجموعي ”خاموشي ڳلهائي ٿي“ ۾ اهڙيون ڪيتريون تشبيھون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون، جيڪي پنھنجي حسن ۾ نيون نڪور پيون ڀاسن. جھڙوڪ: هجر جي سالگرهه، اکين جي ٽجوڙي، هوائن ۾ آرسيون، ننڊ جا پکي،اوجاڳن جا عقاب، اوجاڳن جي تلوار، غرور جو ڪينسر، زندگيءَ جا نيڻ، نابين آڱريون، بصيرت جا بيت، ننڊ جي ٻيڙي، حساسيت جو هُل، آب ٻارڻ، فائر وال، هئڪ ٿيڻ، ۽ ٻيون اهڙيون ڪيتريون زندهه سٽون ساهه کڻندي محسوس ٿين ٿيون.

ساڀيان سانگيءَ جي هن مجموعي ۾ نثري نظمن سان گڏ غزل، وايون، نظم، آزاد نظم، چوسٽا، سانيٽ، پنجڪڙا وغيره شامل آهن. ساڀيان سانگي شيخ اياز جي ڇپيل ڪتابن جي عنوانن کي پڻ پنھنجي شاعريءَ ۾ پوئيو آهي، جنھن جي لاءِ آفرين جي حقدار آهي.

ساڀيان سانگيءَ جي شاعريءَ کي اردو سر موڙ شاعرائن جھڙوڪ ادا جعفري، پروين شاڪر ۽ خاص طور نوشي گيلانيءَ جي خيالن سان ڀيٽينداسين ته اسان کي، کيس هر حال ۾ اهو مقام ڏيڻو پوندو جنھن جي هوءَ حقدار آهي ۽ سندس شاعريءَ کي اردو شاعرائن جي مقابلي ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. اها حقيقت آهي ته اسان جون سنڌي شاعرائون ڪنھن به حيثيت ۾ اردو شاعرائن کان خيالن جي وسعت ۾ توڙي جديد خيالن جي ڪنھن به صورت ۾ گهٽ نه آهن. سنڌي زبان جون شاعرائون پنھنجي سماجي ۽ تخليقي شعور سان سڃاتيون وڃن ٿيون.

ساڀيان سانگيءَ جي شاعريءَ جي مجموعي ۾ اهڙيون چڻنگون شامل آهن، جيڪي ڪنھن به وقت ڀڀڙ ٿي سگهن ٿيون. ان کان علاوه ساڀيان سانگيءَ جو شعري مجموعو گهڻ پاسائين اڀياس جي گهرجائو آهي. منجهس جيڪي نفسياتي، سماجي، ثقافتي، لساني، ۽ وجداني روين جي سائنسي نقطهء نگاهه سان ڇنڊڇاڻ جي ضرورت آهي. هڪ اهڙي تنقيدنگار جي ضرورت آهي، جيڪو سندس ايڪو فيمنزم جي پيغام کي تمام سھڻي نموني سان واضح ڪري سگهي.

روح جي نازڪ بدن تي،

لفظن جو ٽچڪندڙ شيھو

وجهڻ کان پوءِ،

زندگيءَ جا اهڃاڻ، ڇا باقي رهندا؟

تنھنجي ليکي مري وئي هوندي،

کيس جيئري دفن ڪري آئين،

باهه ڀيڙو بدن ڪري آئين،

هوءَ چڙهي چيئن ڳري وئي هوندي،

تنھنجي ليکي مري وئي هوندي.

No comments:

Post a Comment