نئين ڪوتا
هريش کان همٿاڻيءَ تائين
رکيل مورائي
ورهاڱي کان پوءِ اهو قبول ڪيو ويو آهي ته هند توڙي سنڌ جي ادب تي ترقي
پسند نظريو حاوي رهيو آهي پر اهو هند ۾ سٺ واري ڏهاڪي ۾ پنهنجا پاڇا ادب تان هٽائي
ويو ۽ ماڊرن ازم اها جڳهه والاري ۽ پوسٽ ماڊرن دور ۾ اها ادبي روشني ظاهر ٿيڻ لڳي آهي.
شاعراڻين صفحن ۾ سٺ واري ڏهاڪي ۾ آزاد نظم تي شروعات ٿي ۽ هند ۾ نئين ڪوتا لکجڻ لڳي،
جنهن جو باني هريش واسواڻيءَ کي قبول ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ هند جي وڏن وڏن
نالن نئين ڪوتا لکڻ شروع ڪئي، جنهن ۾ موهن ڪلپنا، لعل پشپ، آنند کيماڻي، نامديو تاراچنداڻي ۽ پريم پرڪاش
اهم نالا آهن. اڄ اها نئين ڪوتا هريش واسواڻي کان سفر شروع ڪري موهن همٿاڻي تائين پهتي آهي.
موهن لڳ ڀڳ اها عمر سنبري جيڪا نئين ڪوتا جي آهي، ان ڪري هو پنهنجي ٻاراڻي وهيءَ کان وٺي انهن نون قدرن سان منهان منهن
آهي، جيڪي هڪ جديد سماج ۾ هجن ٿا، ان ڪري موهن سڀاويڪ نئين ڪوتا لاءِ مناسب ڪوي آهي
۽ ان جو لکڻ به ائين ئي هجي، هند جو خاص ڪري دهلي جو شهري ماحول، موهن همٿاڻي جي ڪوتا
جي هڪ نئين سڃاڻپ کڻي آيو آهي، اهو ته سچ آهي دهليءَ ۾ آنند کيماڻي جهڙو نئين ڪوتا
جو اهم ڪوتاڪار اڳ ۾ ئي موجود آهي.
۽ سنڌي ۾ چيو ويندو آهي ته وڏي وڻ جي ڇانوَ ۾ ننڍو وڻ اسري نه سگهندو
آهي. دهليءَ مان موهن جو اُڀرڻ گهڻي خوشي ڏيندڙ آهي، پر هريش واشواڻيءَ جي هوندي، موهن
همٿاڻي جي ڪوتا پرنٽ هيٺ اچي چڪي هئي، موهن جي خوشنصيبي نه چئجي جو هريش اهو سمورو دور سنڌي ادب کان پري رهيو ۽ موهن
جي ڪوتا بابت سندس راءِ سامهون نه آهي، ساڳئي طرح آنند کيماڻيءَ جي راءِ به.
جڏهن ته پريم پرڪاش ڪجهه ڊڄي پنهنجي راءِ ۾ موهن لاءِ جيڪو نوٽ لکيو آهي
(ڪونج ۾) اهو موهن جي اتساهه لاءِ گهڻو بهتر ثابت ٿيندو. موهن همٿاڻي جنهن قوت سان
نئين ڪوتا ڏئي رهيو آهي، ان مون کي شخصي هند ۾ نئين ڪوتا جي مستقبل بابت گهڻو گهڻو
پر اميد ڪيو آهي. مثلن مان موهن جي ڪوتا وائرس،
ڏيڻ چاهيندس، جيڪا موهن جي تازي ڪوتائي ڪتاب ”لائيف چاڪليٽ ڪوتا“
۾ شامل آهي. هيءَ ڪوتا ويچار ۽ نون قدرن يا ڪامپوٽر يگ جي مختصر واقفيت ڏئي ٿي، ساڳئي
وقت شهر جي تيز ڊوڙ، وقت جي اڻهوند، رشتن جي وڇوٽي ۽ ايندڙ نسل جي اڪيلائي ۽ رشتن کان اڻڄاڻائي ۽ ان کي اڪابري ڪوٺڻ واري وڏ
واتائي جو بنهه نئون اظهار آهي، جنهن کي اڄ جي دور جي اهم ڪوتا ڪوٺڻ ۾ مون کي خوشيءَ
سان گڏ فخر پڻ محسوس ٿئي ٿو.
نئين ڪوتا کي کڻي شايد موهن نئون چئليجر قبول ڪيو آهي، ان جو نتيجو سندس
هيءَ تازو ڪتاب آهي جنهن جون اڪثر ڪوتائون پنهنجي دور جي نه رڳو نمائندگي ڪن ٿيون پر
اهي نئون دور ۽ ويچار کڻي اچن ٿيون، ساڳي وقت هڪ چئلينج به کڻي اچن ٿيون، پنهنجي شاعراڻي
روايت جي وروڌ.
”گڊ باءِ“، 13 مئي 2011ع (بيڪانير)، ”اکيون“، ”ڪارپوريٽ لو“ اهڙيون
ڪوتائون آهن، جيڪي موهن کي پنهنجي پهرين ڪتابن کان گهڻو مٿي کڻي آيون آهن. وائرس جو
ذڪر مٿي الڳ ڪيو ويو آهي، ائين موهن جو هيءَ نئون ڪتاب، هن کي هڪ اهم ڪويءَ طور مٿي
کڻي بيٺو آهي، سبب اهو آهي ته هو جيڪا زندگي جيئي ٿو هن جي ڪوتائن ۾ ظاهر ٿي بيٺي آهي،
گڏوگڏ هن جو ويچار به ڪوتائن ۾ چٽو آهي، هن جي ڪوتا جو لباس به ڪوتائي آهي ۽ ائين سڀني
شين گڏجي موهن کي اڪيلو ۽ نروار ڪري بيهاريو آهي، منهنجي سوچ مون کي ائين چوڻ لاءِ
اتساهي رهي آهي ته مان چوان ته هند ۾ موهن همٿاڻي نئين ڪوتا جو ايڪيهين صديءَ ۾ اڪيلو
ڪوي آهي جيستائين ڪو ٻيو نالو اڀري اچي، پر واضح ڪندو هلان ته مهيش نينواڻي کي باءِ ڪرڻ منهنجي منشا نه آهي، بس ان تي خوش آهيان ته هريش واسواڻي
جي شروع ڪيل نئين ڪوتا جي واڳ موهن همٿاڻي جي مضبوط هٿن ۾ آهي، هن لاءِ اهو اعزاز گهٽ
نه آهي.
No comments:
Post a Comment