21/06/2013

تنقيد جي چوواٽي تي! - شوڪت لوهار (Shoukat Lohaar)

تنقيد جي چوواٽي تي!
شوڪت لوهار
علم تنقيد ايترو پراڻو آهي جيترو انسان جي پنهنجي تاريخ. تنقيد جو مطلب آهي ڪنهن به ادبي، سياسي، سماجي فن پاري، شاهپاري  موجود فني ۽ فڪري ڳالهين کي اُجاگر ڪرڻ، کولڻ، کولي سمجهائڻ. نه صرف ايترو پر تنقيد جو علم ادب جي خاص طور تي هڪ اڌ اسم Genere  لاءِ پڻ ڪم ايندو آهي. تنقيد جو علم منهجي نظر ۾ اوڏڪي اوسار جيان آهي، جيئن هڪ اوڏ مِٽي جا گپوڙا هڪ ڀت مٿان هڻي وري ان جي پاسن مان ان جي وڌيل مٽي کي ٽوڙي سنواري ٺيڪ ڪندو ويندو آهي. تنقيد به ائين آهي ڪنهن به شاهپاري لاءِ ان جي ٺاهه ٺوهه، ان جي سنوت، ان ۾ موجود ماضي، حال، مستقبل بابت اشارن کي سمجهي واضح ڪرڻ علم تنقيد چورائجي ٿو.
تنقيد جيئن اڳ ۾ ڳالهايوسين ته ڪنهن به فني شاهپاري جي ڪٿ ڪرڻ ان جون خوبيون خاميون ان ۾ موجود فلسفو (ان جو ڳر) کي واضح ڪرڻ آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ان ادبي لکڻي جي سرجڻهار جي باري ۾ پڻ هڪ معروضي خاڪو ڪڍڻ ته هو ڪهڙي دؤر ۾ زنده رهيو ۽ هن تي ڪهڙن ليکڪن ۽ ڪهڙي دور جو اثر رهيو. هن تي ڪهڙي ادبي تحريڪ وڌيڪ اثرانداز رهي وغيره.
تنقيد جو علم جيئن ته ٿوري گهڻي فرق سان تقريباً هر ملڪ ۽ علائقي ۾ شروع ٿيو، جتي زبان آهي، اتي ادب به لازم هوندو ۽ ان جي ڪٿ ڪرڻ جا جي ماڻا پڻ هوندا، ان لاءِ ائين نٿو چئي سگهجي ته علم تنقيد جي شروعات حقيقي معنائن ۾ هتان ٿي يا هُتان.
هن وقت هن علم ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي آهي ۽ تنقيدي اُفق تي تمام گهڻا نالا آهن، جيڪي تنقيد جي جديد طريقن سان ڪنهن ادبي فن پاري جي تشريح ڪن پيا. اسان وٽ سنڌ ۾ تنقيدي علم جي انتهائي کوٽ آهي بلڪه ائين چئجي ته تنقيد جو علم اسانوٽ وڌي ويجهي نه سگهيو آهي. اسان وٽ موجوده دؤر ۾ تنقيد جو مطلب هڪ ٻئي جو پٽڪو ڌوڙ ڪرڻ هڪ ٻئي جي ذاتي زندگي ۾ اکيون وجهڻ، تنقيد معنيٰ ٻي کي هيٺ ڏيکارڻ ۽ پاڻ کي علم جو اڪابر سمجهڻ، اجاين، سجاين نظرين جا گرم ڪوٽ پائي ڪنهن جي شاعري، ڪهاڻي، ناول تي ڪاهي پوڻ کي تنقيد سمجهيو ٿو وڃي. حقيقي معنيٰ ۾ اِها تنقيد نه آهي، اهو ذاتي حملو ۽ وجودي ماليخوليا آهي ته فلاڻي ماڻهو اِها شيءِ ڇو لکي، مون ڇو نه لکي. ساڙ ۽ حسد ذاتي دشمني ۽ پنهنجي علمي سيڪرين سان ٻي کي مِٺو ڪري مارڻ. مشهور افسانه ڊرامه نگار اشفاق احمد پنهنجي ليکڪ وني بانو قدسيه جي ادبي شاهپاري ”راجه گِڌ“ جي تعريف ڪندي اهو چيو هو ته آئون بانو کي پنهنجون سڀئي تصنيفون ڏيڻ لاءِ تيار آهيان جي هو هڪ ناول منهنجي نانءُ ڪري. حالانڪه اشفاق احمد پاڻ هڪ وڏي پايي جو ليکڪ آهي، جنهن جون تصنيفون زاويا“ ۽ ”ايڪ محبت سو افساني“ ۽ ”من چلي ڪا سودا“ هر حوالي سان شاهڪار آهن، پر اسان وٽ جتي ٻي هر پاسي اوندهه لڳي پيئي آهي. سماجي قدر اهڙا آهن، جيڪي تنقيد جي علم کي وڌڻ ويجهڻ کان روڪين ٿا. وري ياري باشي ۾ تنقيد جي نانءُ ۾ ان جي اهڙي تعريف ڪبي جو همراهه پاڻ کي ادب جي چوٽي تي ويٺل محسوس ڪندو. جيتوڻيڪ ليکڪ داد جو بکيو هوندو آهي مگر داد ان نوعيت جي نه ته مرڳو ان کيBlind  ۽Blunt  ڪري ڇڏي پر داد انهيءَ سطح جي جنهن مان ان جي حوصله افزائي ٿي سگهي پر اهي سڀ ڳالهيون هتي ڪنهن کي کٽي کنيو آهي جو ويهي پنهنجو نور نچوئي ۽ بعد ۾ وتو دشمنيون پالي. صحتمند تنقيد صحتمند ادب کي پيدا ڪندي آهي. تنقيد بنا ادب بنا پيماني جي چانهه ۾ کنڊ وجهڻ برابر آهي.
جيڪا ٿوري گهڻي تنقيد ٿئي پئي، جنهن کي به اسين ڪا مڪمل ادبي تنقيد نٿا چئي سگهون. ڇاڪاڻ ته تنقيد ۾ ان لکڻي جيContent  (ڳر) تي ڳالهائڻ بجاءِ ولايتي نظرين جا هوڪا ڏيڻ تنقيد بجاءِ اجايو (Trash)  هجي ٿو.
هڪ ٻي وڏي ڳالهه ته جنهن جي ادبي شاهپاري يا ادبي صنف بابت ڳالهائجي ان کي به پنهنجي اندر ۾ ٿوري برداشت پيدا ڪرڻ گهرجي (جي تنقيد اصلاحي آهي ته) ڇاڪاڻ ته ان کي فني ۽ فڪري لوازمات سکڻ مان عار نه هئڻ گهرجي. جي هو تنقيد برداشت نٿو ڪري سگهي ته پوءِ ادبي دنيا ۾ لهڻ جي ضرورت نه آهي. وڃي ڪو ٻيو ڌنڌو ڌاڙي ڪري. ڇاڪاڻ ته سکڻ کان انڪار معنيٰ ادبي وڏيرپائي چئبي ته مون جيڪو لکيو آهي، چيو آهي اهو ڪائنات قل، حرف آخر آهي. اها ته ادب ۾ رجعت پسندي ٿي پوندي ۽ رجعت پسندي ڪنهن به حوالي سان ڪنهن به لقاءُ جي صحتمند تشڪيل ڪو نه ڪري سگهندي.
جيئن مٿي عرض ڪري آياسين ته تنقيد جي علم جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي آهي ۽ ان لاءِ ڪو ٺوسExact  ڪتاب يا ليکڪ لاءِ نٿو چئي سگهجي پر جيئن ته علم جون سڀئي ڌارائون يونان مان اڀريون آهن. يوناني مفڪرن، شاعرن، ناٽڪ نويسن، تاريخدانن ۽ فلسفين دنيا جي تاريخ وڏا اڻ مٽ اثر ڇڏيا آهن ۽ هر علم يونان مان متاثر ٿيل لڳي ٿو. ائين اسان اڄوڪي بحث ۾ تنقيدي علم جي پاڙRoot  تي ڳالهائينداسين ۽ ائين علم تنقيد جو سلسلو هلي پوندو. پهرين مرحلي ۾ تنقيدي علم جو بڻ بنياد يعني لانجينس (Longinus) (1st or 3rd A.D)  پوءِ ارسطو جي شاعري جي عهدناميPoetics  ۽ ان کان پوءِ فلپ سڊني Apology for perfry  تي ڳالهائجي. ٻئي مرحلي ۾ اسين ڊرائيڊن، ميٿيون آرنلڊ وليم ورڊس ورٿ ۽ سميوئلٽيلر ڪولرج سان رهائڻ ڪنداسين. ٽئين مرحلي ۾ ٽي ايس ايليٽ ۽ ان کان پوءِ وارن تنقيد نگارن جي ڳالهين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين. لانجينس جي باري ۾ گهڻي خبر ڪو نه آهي. هو ٿي سگهي ٿو ته پهرين ۽ ٽين عيسوي صدي(1 st or 2 rd A.D)   ۾ ڄائو هجي. هن ادبي لکڻين کي سمجهڻ لاءِ ۽ ان جو تعين standard ڪرڻ لاءِ هڪ پيماني جو ڪردار ادا ڪيو. هن جي مشهور تصنيفOn the sublime  (معيار جي اوچائي) جنهن ۾ هن ادبي لکڻي جي بنيادي پرکڻي طور ڪي ماڻ ۽ ماپا طئي ڪيا جيڪي اڃا تائين هلن پيا.
لانجنس مطابق ڪنهن به لکڻي ۾ موجود خيال يا ان جو ڳر اهم هجي ٿو، نه ڪي ان جو سانچو يا ان لکڻي جون ٻيون ضرورتون خيال يا ڳر يا لکڻي ۾ موجود فلسفو ۽ اصل ۾ ان لکڻي جو اصل معيار تعين ڪري ٿو.
لانجينس پنهنجي تصنيفon the sublime  ۾ ڪنهن به لکڻي جي پيماني سان مشابهت هجڻ کي اهم سمجهيو آهي توڙي جو وقت ۽ حالتن آڌار هر شيءِ تبديلي جي ور چڙهندي رهي ٿي. پر جيئن ته هي شروعاتي ڪم آهي تنهن ڪري ان جي اهميت ضرور آهي.
لانجينس چواڻي ته اعليٰ ۽ اوچو خيال “Lofty thought”  ڪنهن به مڪار ذهن ماڻهو جي مٿي ۾ ڪو نه ايندو.“ هن چواڻي ته اعليٰ خيال Lofty thought  لاءِ ليکڪا جي ڪردار جو اعليٰ هجڻ پڻ ضروري آهي. ڪردار مان اسان جي اها هرگز نه آهي ته ليکڪ وٽ ڪو وڏو پئسو ڏوڪڙ هجي يا ان وٽ بنگلو گاڏي هجي يا هو مسجد جو ڪک ۽ باريش ماڻهو هجي پر هڪ ڳالهه ته هو مڪار چالاڪ ۽ منافق نه Cunning  نه هجي پر ائين ٿيڻ ممڪن ڪو نه آهي ڇاڪاڻ ته کوڙ اهڙا ليکڪ ملندا جيڪي لانجنس جي نظرين جي ابتڙ آهن ۽ ان جون لکڻيون لاجواب آهن جن ۾ مسڪين ماڻهن سان همدردي، دوستي ۾ آخري حد تائين سچائي وغيره پر انهن جي پنهنجي زندگي ۾ اهي ڳالهيون بلڪل به ڪو نه ملنديون. بهرحال هڪ ليکڪ جي ڳالهه هئي جيڪا واضح ڪرڻ ضروري سمجهي سون. وري اچون ٿا لانجنيس جي لکڻي (On the sublime)  طرف.
هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته پيماني جي حوالي سان ڪنهن به لکڻي جي پرک لاءِ هيٺيون ڳالهيون اهم آهن.
خيالات جي بلندي (Gendenr of thoughts)
ڇُلڪندڙ جذبات (Vehement emotions)
تمثيلي ٻولي (Figurative language)
اسلوب يا انداز (Diction of style)
ترتيب (Composition)
لانجينس چواڻي مٿئين پيمانن جو صحيح استعمال ڪنهن به لکڻي کي ادبي شاهپاري طور ڳڻائي سگهي ٿي ۽ انهن مان ٿوري گهڻي گهٽ وڌائي ان جي معيار کي ڊاهي پٽ ڪري سگهي ٿي.
ڪنهن به لکڻي جي سونهن سوڀيا ۽ ان جو سندتائون انهن پيمانن ۾ لڪل آهن.
(1)  خيالات جي بلندي Grendenr :
هن پيماني مان مراد ڪنهن به ليک جي لکڻي ۾ موجود خيالن جا اُڏار اهم هجي ٿي. هن جي لکڻي ۾ موجود خيال بلندين جي منارن کي ڇهندڙ هجن ٿا جنهن کانپوءِ پڙهڻ وارو، ٻڌڻ وارو پنهنجو پاڻ کي هوا جي پرن تي اڏامندو محسوس ڪري ته واقع خيال ۾ ڪو دم آهي. خيالن جا معيار Standard هر سماج ۽ سماجي قدرن جي حساب سان Vary  ڪن ٿا. هڪڙن معاشرن ۾ هڪڙيون ڳالهيون مروج ۽ پسنديده هجن ٿيون ۽ ساڳي ڳالهيون خيال ٻين معاشرن ۾ ممنوع هجن ٿا. اها ڳالهه پڻ نه وسارڻ گهرجي.
پر خيال جو lofty  هجڻ تمام اهم آهي. غير معياري ۽ ڇسا خيال Mediocre thoughts  هڪ غير معياري لکڻي کي ختم ڏيندا ۽ اها ڪنهن به حوالي سان ڪا تخليق ڪو نه چورائبي. تخليق لاءِ خيال جي بلندي هڪ اهم پيمانو آهي. ايتري تائين جو مزاج جي لاءِ پڻ Caricaturing  اصول تحت هلڻو پوي ٿو. مثال جيڪو معيار آهي ان کان ڪجهه هيٺ ٿي ڪري ۽ ٽهڪ ڏياريندڙ ۽ ٽهڪن کي Stimulate  ڪندڙ لفظن جي چونڊ به اهڙي ڪرڻ گهرجي ته ڪو به لفظ ڇسو نه لڳي. لفظن جي اوگهاڙپ ظاهر نه ٿئي. مزاج جا وري کوڙ هٿيار ٿين ٿا، جيئن سيئائر، آئرني، ريلري Satire, Irony and Yallery etc  جيڪي ان جي مدد ڪن ٿا. بهرحال هي وري هڪ الڳ موضوع آهي. ان تي الڳ سان ڳالهائڻ جي ضرورت آهي.
(2)  ڇلڪندڙ جذبات (Vehement Emotions)
هڪ ادبي تخليق ۾ جيتري قدر خيال ضروري آهي اوتري طرح جذبن جو ڪنن تائين ڀريل هجڻ ضروري آهي. جذبات بنا لکڻي صرف خيالن تي هڪ بنا گوشت جي هڪ ڍانچو لڳندي، تنهن ڪري خيالن سان گڏوگڏ جذبن جي ڀرپوريت جو هجڻ پڻ اهم جز آهي. انگريزي ادب ۾ هڪ دور اهڙو به آيو آهي جنهن ۾ خيالن کي وڏي اهيمت حاصل هئي ۽ جذبن کي ڪجهه ڪو نه سمجهيو ويندو هو. ان دور جي شاعري اوهان کي مڪينيڪل (هٿرادو) لڳندي، جن ۾ اليگزينڊر پوپ جو ماڻهو بابت مضمون (A essay on Man) جانسن جو نظم ”لنڊن“ ۽ ڊرائيڊن جي سڄي شاعري پيش ڪري سگهجي ٿي، جيڪا مترڪي سان ٺڪ ٺڪ واري (Hammered) آهي. جيڪڏهن ڪنهن لکڻي جو ڳر، خيال، مغز ڪمزور آهي ته باقي ٺاهه ٺوهه وقتي آهي جيڪو ڪنهن به وقت ختم ٿي سگهي ٿو.
لانجينس جي انهيءَ ڳالهه کي اڳيان وڌائيندي توهان پاڻ ڏسو ته ڪنهن به ليکڪ جي لکڻي ۾ موجود ان جو Essence هڪ اهم حيثيت ماڻي ٿو. Essence (ڳر) کان سواءِ وقتي اثر نه ڪندي پر ان ۾ جٽاءُ ڪو نه ٿيندو ۽ ان جي عمر تمام گهٽ هوندي. ان جو مثال توهان ڪيسٽي شاعريءَ مان کڻي وٺو. اسان وٽ انڊين ڌنن تي ٺهيل ڪلامن جي عمر وڌ ۾ وڌ ڪجهه ڏينهن ڪجهه هفتا هجي ٿي. ان جي ڀيٽ ۾ سادگي جي آخري حد هوندي به خيال جي خوبصورتي ۽ ان جي آفاقيت سان ڀڳت ڪنور رام، ڀڳت جاڙا رام، استاد محمد ابراهيم، استاد جمن، استاد محمد يوسف ۽ عابده پروين خيالن سان گڏ جذبن جو هجڻ لازم ۽ ملزوم آهي ۽ هڪ معتبر لکڻي لاءِ جذبو وقت جو محتاج نه هي. خاص طور تخليقي عمل ۾ خيال ڪڏهن ۽ ڪهڙي وقت سمنڊ جي ڇولي جيان من تي لهندو ۽ ان ۾ جذبن جي رواني موجود هوندو ۽ ان مان جيڪا تخليق ٿيندي اها هوندي.
(3)  تمثيلي ٻولي (Fig native language)
ڪنهن به ادبي لکڻي لاءِ بلند خيال، ڇلڪندڙ خيالن سان گڏ ٻولي جي رنگيني جو هجڻ پڻ ضروري آهي. ٻولي جي رنگيني کان سواءِ توهان جي لکيل ۽ ڪيل ڳالهه اخباري بيان کان وڌ ڪجهه ڪو نه هوندو پر هتي خيال رهي ته رنگين ٻولي جو استعمال ان عظيم مصور جيان ڪجي جنهن جي هڪ ئي شيڊ سان موناليزا جي مرڪ امر ٿي ويئي. تشبيهن، استعارن، تجسيم، ندايا لفظن جو اهڙو خوبصورت استعمال ڪجي جو لکڻي بصر جي ڇلڪن جيان هڪ ٻئي سان ائين گڏيل هجن جو خبر ئي نه پوي خوبصورت ٻولي جو استعمال ٽڪ جي رلي جيان آهي جنهن جي هڪ اڌ ٽڪري پنهنجي وڌاءُ جي ڪري ان جي سونهن بگاڙي ڇڏي ٿي. رنگين ٻولي جو استعمال تمام گهڻي احتياط سان ڪرڻ گهرجي واڌو استعمال منهن تي نڪتل ڦورڙين جيان ٿي بيهندو يا ميڪ سان لوڊيڊ ڪا ڪنوار لڳندو، جنهن ۾ ميڪ اپ جي اضافي جي ڪري ان جي اصل روپ کي وڃائي ڇڏيو هوندو. ائين وٽ ائين عام ٿيندو آهي اسان جا کوڙ اهڙا ليکڪ آهن جيڪي ٻولي جي رنگيني ۾ ايترا ته لهي ويندا جو سندن لکڻي ائين لڳندي ڄڻ پتاشن مٿان ڪنهن ماکي هاري هجي. ان سان لکڻي جو اصل ڳر (خيال ۽ جذبو) لکي/مري وڃي ٿو. ان جو بيحد خيال ڪرڻ گهرجي. تشبيهه ۽ استعمال ٺهڪندڙ هجي. اهو خيال سانچي ۾ ائين بيهي جيئن منڊي تي ٽِڪ.
(4)  اسلوب (Diction/ Style)
اسلوب ڪنهن به ليکڪ جي سڃاڻپ ٺاهي ٿو، تنهن ڪري ان کي Maintain  رکڻ ضروري آهي. کوڙ اهڙا ليکڪ آهن جن جو اسلوب نرالو آهي. لکي ته هر ڪوئي ٿو پر ڳالهه اها آهي ته اسلوب جي نرلائپ ڪهڙي آهي، توهان جي اسان جي چوڌاري کوڙ تخليقڪار موجود آهن پر اهو اسلوب آهي جنهن انهن کي ممتاز ڪيو آهي. اوهان اسلوب جي ڪري ليکڪ کي سڃاڻي وڃون ٿا. اسلوب جو سادو هجڻ هڪ وڏي خوبي آهي. خوامخواهه ڪنهن ليکڪ جي ڪاپي ڪرڻ سان اوهان جي پنهنجي اندر جو ليکڪ ٻاهر نٿو اچي سگهي. ها البته توهان ڪنهن به ليکڪ کان Inspire  ٿي سگهو ٿا ۽ ان جي اسلوب کي Adapt  ڪري سگهو ٿا پر اها ڳار اهڙي نموني سان هجي، جو جيڪا شيءِ توهان ڏيو اها توهان جي لڳي، نئين لڳي. تنهن ڪري اسلوب يا Style  تخليقڪار جي شناخت جو Mentor  هوندو آهي. ان کي وڏي احتياط ۽ خوبصورتي سان استعمال ڪري. اسلوب هڪ يا وڌ کان وڌ ٻه هجن نه ته پڙهندڙ ڀٽڪندو.
ترتيب (Composition)
خيال بلند، جذبا ڇلڪندڙ، ٻولي جي رنگيني ۽ اسلوب جو وڻندڙ انداز ملي ڪري هڪ سمفوني ٺاهيندا آهن. هڪ Symmetry  جڙندي آهي. هڪ ڏانءُ جڙندو آهي ۽ لکڻي هڪ بلند ۽ اعليٰ اثر ڇڏڻ جهڙي ٿي پوندي آهي.
سڀني پيمانن ۾ ترتيب هڪ Catalyst  آهي، يعني هي سڀئي پيمانا نه گهٽ نه وڌ، گڏيو ۽ هڪ سٺي لکڻي تيار. جيڪڏهن ترتيب ناهي شيون اڳتي پوئتي آهن ته پوءِ لکڻي پنهنجو اثر وڃائي ويهندي. تنهن لاءِ ترتيب هڪ اهم جز آهي.
ٻيو ته ليکڪ ڪڏهن به هنن پيمانن کي پهرئين سوچي پوءِ نه لکندو آهي بلڪه هي سڀ لوازمات بعد ۾ هڪ تنقيد نگار طئي ڪندو آهي ته هن ڪهڙين شين جو ڪيترو ۽ ڪيئن استعمال ڪيو آهي. هڪ ٻيو وڏو الميو اسان وٽ ڪنهن به شيءِ جو ڪلاسڪ هجڻ ڪلاسڪ معنيٰ هڪ ته روايت کي پاسدار ٻيو ته اهڙي لکڻي جيڪا جڏهن جڙي ان جي نمائنده ۽ حال جي نمائنده ۽ ايندڙ وقت جي مهندار، اها هر وقت تازي ۽ تواني لڳي اها ڪلاسڪ چورائبي آهي. ۽ رومينٽڪ معنيٰ صرف ڇوڪري جي ذلفن جو اسير نه آهي، بلڪه رومينٽڪ هڪ گهڻ معنائون لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي تبديلي پسند، مزاحمت پسند، نواڻ چاهيندڙ ۽ ڪجهه ڪجهه هنن سٽن جيان ته
Romanticism Means adding strangeness to beauty
(خوبصورتي ۾ تعجب پيدا ڪرڻ)
پڇاڙڪا لفظ:
هن بحث کي سميٽيندي اهو چئي سگهون ٿا ته ڪلا کيتر ۾ تنقيد جي هڪ وڏي اهميت آهي. اسان تنقيد ماڻن ماپن کي سمجهي، سٽن، لفظن ۽ جملن جي چونڊ ڪري پوءِ جيڪڏهن پاڻ کي اهل سمجهون ٿا ته ڪنهن به لکڻي کي تنقيد جي محلات ۾ گهرايون ۽ اڳئين ماڻهو کي صحتمند تنقيد ٻڌڻ جو حوصلو هجڻ گهرجي. باقي اجائي تنقيد ۽ هڪ ٻئي جون گلائون ڪرڻ تنقيد جي علم جي توهين آهي. تنقيد تمام گهڻو محنت طلبRigorous  ڪم آهي. ان جي تقدس جو پاس رکڻ گهرجي.

No comments:

Post a Comment