نئين نسل جي محقق آفتاب ابڙي جو ڪتاب
مختلف دورن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي
رکيل مورائي (Rakhyal
Morai)
اڄ تحقيق جي حوالي ۾ جڏهن نئين نسل کان ڪا اعليٰ تحقيق نه پئي ملي، اتي
ڪو اهم ڪتاب تحقيق جي ڪنهن به موضوع تي ملي ٿو ته بيحد خوشي ٿئي ٿي، اهڙي خوشي تازو
ئي اسان جي نئين نسل جي محقق آفتاب ابڙي جو تحقيقي ڪتاب ”مختلف دورن ۾ سنڌي ٻوليءَ
جي ترقي“ کڻي آيو آهي. هيءُ ڪتاب پنهنجي نالي مان ئي ظاهر ڪري ٿو ته اهو سنڌي ٻوليءَ
جي ارتقا بابت آهي.
مختلف عالمن سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا کي موهن جي دڙي کان جاچڻ شروع ڪيو آهي.
ڪي محقق ان کي عربن جي فتح کان پوءِ اهم سمهجن ٿا. اهي ٻه نقطا نه رڳو اهم آهن پر گهڻو
ڪري انهن جي پيشمنظر ۾ ئي سنڌي ٻوليءَ بابت لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي. ٻوليءَ جا ماهر،
ڪهڙو رستو طي ڪندا، اهو ته ايستائين انتظار جو سبب بڻجڻو آهي، جيستائين موهن جي دڙي
جي لپي پڙهي وڃي. ان کان ٻاهر اڄ تائين جيڪو ڪم ٿيو آهي، اهو ڪيترو اطمينان ڏيندڙ آهي
۽ ڪيترو اطمينان کسيندڙ آهي، اهو فيصلو به ٻوليءَ جي ماهرن کي ئي ڪرڻو آهي. البت ان
لاءِ ٿيندڙ جاکوڙ يا کوج هر طرح ساراهڻ جوڳي آهي ۽ ائين هيءُ ڪتاب به ساراهڻ جهڙو آهي.
جڏهن اسان جي ٻوليءَ جي ڄاڻن جو سمورو نسل طبعي طور جهونو ٿي رهيو آهي،
اتي ڪي نوجوان هڪ خشڪ موضوع بابت تحقيق جي ميدان ۾ لهي، پنهنجو خدمتون ڌرتيءَ کي ۽
ان جي ٻوليءَ کي آڇين ته اسان طرفان نه رڳو انهن جي معتبر آجيان ٿيڻ گهرجي، پر اطمينان
به ڪرڻ گهرجي ته ٻوليءَ کي سنڀالڻ، ان کي وڌائڻ ويجهائڻ ۽ ان کي پنهنجو اصلي رڪارڊ
ڏيکارڻ لاءِ ڪي نوجوان اڄ به موجود آهن، ۽ انهن جي موجودگي، سڀاڻي لاءَ ڪارگر بڻجڻي
آهي، اهو يقين ڪرڻ گهرجي.
اسان جو دوست آفتاب ابڙو اهڙو اعتماد ڏيارائي ٿو. هن جو ڪتاب سنڌي ٻوليءَ
جي الڳ دورن ۾ ارتقا بابت آهي، جيڪو اهو ٻڌائي ٿو ته سنڌ جي مختلف دورن ۾ سنڌي ٻوليءَ
ڪيتري اهميت ماڻي ۽ ڪيتري ترقي ڪئي. هن جي ويچارن سان سهمت هجڻ يا نه هجڻ جو هر پڙهندڙ
کي حق ڏيندي، هڪ پڙهندڙ جي حوالي ۾ مان شخصي طور ”مختلف دورن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ“
بابت لکيل هن ڪتاب کي سنڌي ٻوليءَ جي تحقيقي تاريخ جي جڳهه تي سياسي تاريخ طور قبول
ڪيان ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪتاب اهو ٻڌائڻ ۾ گهڻي حد تائين سڦل ويو آهي ته الڳ دورن ۾ سنڌي
ٻوليءَ جي حيثيت سياسي طور ڪيتري اهم يا غير اهم رهي آهي. جيتوڻيڪ ڪتاب کي ٻڌائڻ اهو
کپي ته الڳ دورن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ٻوليءَ جي حيثيت سان ڪيتري واڌ ويجهه ٿي. ڪهڙي
دور ۾ ان لاءِ ڪهڙا ماڻ ۽ ماپا طي ڪيا ويا، ڪهڙن دورن ۾ ڪهڙيون لکڻيون ۽ لپيون قبول
ڪيون ويون، جنهن جي بنياد تي پڪ ڪري سگهون ته سنڌي ٻوليءَ ترقي ڪئي ۽ خاص طور ڪنهن
به دور ۾ ٻوليءَ جو واهپو، يقينن حڪمرانن جي منشا تحت ئي ٿيندو، جيئن هن ڪتاب ۾ ڄاڻايو
ويو آهي ته محمود غزنوي کان پوءِ ٽالپر دور تائين فارسي ٻولي رهي، اها ڄاڻ ضرور پوي
ٿي، پر سنڌي ٻولي ته پنهنجي جوهر ۾ موجود هئي، مٿي ڄاڻايل سمورن دورن ۾ ان جي بيهڪ
ان جو واهپو، ان جا لهجا، ان جو لپيون، لپيون ڪيئن ۽ ڪيتري حد تائين ترقي پذير يا ترقي
يافته رهيا، جنهن بنياد تي فيصلو ڪري سگهون ته سنڌي ٻوليءَ ترقي ڪئي. مثال طور جڳ مشهور
سنڌي عالم ڊاڪٽر مرليڌر ڄيٺلي جو هڪ حوالو هت ڪم اچي سگهي ٿو ته ”جيتوڻيڪ، ڪلهوڙن
۽ ٽالپرن جي دور ۾ سرڪاري ٻولي، فارسي رهي، پر هنن سنڌي ٻوليءَ کي همٿايو، جنهنڪري
سنڌي شاعريءَ معرفت سنڌي ٻولي مٿي اڀري بيٺي“.
آفتاب ابڙي صاحب جو هيءُ ڪتاب ايندڙ نسلن لاءِ، سنڌي ٻوليءَ جي الڳ الڳ
دورن جي تاريخ بابت نهايت اهم ڪتاب آهي. جيترو اهم شايد ٻوليءَ جي ترقيءَ بابت نه ٿي
سگهي. پر سڀاڻي جو محقق هن ڪتاب مان جيڪو فائدو وٺندو، اهو وساري نه سگهندو ته هو جن
رستن تي سفر ڪري رهيو آهي انهن جي جوڙڻ ۾ سندس پيشروئن جون محنتون آهن ۽ انهن ۾ هڪ
نالو آفتاب ابڙو به ڳڻيو ويندو. اهڙي پڪ آهي. گهڻي محنت سان لکيل سنڌي ٻوليءَ جي سفر
بابت هي ڪتاب سنڌ آرڪائيوز کاتي پاران اسان جي نوجوان دوست روشن قناصري جي محنتن ۽
محبتن سان ڇپيو آهي. نهايت خوبصورت ڇپيل هن پڪي جلد وارري ڪتاب ۾ پوڻا چار سئو صفحا
آهن. ڪتاب جو ملهه 350 رپيا آهي. ڪتاب کي سهڻو ڪري ڇاپڻ پٺيان، پيڪاڪ پرنٽرز ڪراچيءَ
جون محبتون ساراهڻ جوکيون آهن.
No comments:
Post a Comment