نامور شاعر زخمي چانڊئي جي ڪتاب ”شهر شهر
زخمي“ جو مهاڳ
مزاحمت ۽ بغاوت جو
لاثاني شاعر
شهيد زخمي چانڊيو
تاجل بيوس
پارکن
”ادب“ ٻن حصن ۾ ورهايو آهي، هڪ نظم(POETRY) ۽ ٻيو نثر (PROSE)، بيت، وائي، ڪافي، غزل، گيت، قطعو، رُباعي ۽ ٽه سٽو يا هائيڪو
جون صنفون نظم جي دائري ۾ اچن ٿيون ۽ ڪهاڻي، ناول، مضمون وغيره ادب تخليق ڪرڻ جي
نثر ۾ شامل آهن. نظم يا شاعريءَ ۾ هر لفظ جو وزن مقرر هوندو آهي، جي ماپا عربي ۽
فارسيءَ جي علم عروض واريءَ ڄاڻ موجب بحرن ۾ هوندا آهن، هوڏانهن هنديءَ ۾ ڇند
ودياموجب هر لفظ لَگهُه ۽ گُرُ ماترائي رُڪنن (SYLLABLES) سان ماپيو ويندو آهي. شعر جي وزن کي اڄ ڪلهه ڳائڻ واري لئي ۽
تالَ سان به آڱرين تي پرکيو وڃي ٿو، جا ڄاڻ هر ڪنهن شاعر جي وس کان ٻاهر آهي.
ادب کي
ڪڏهن ”ادب جو ادب لاءِ هُئڻ“ ته ڪڏهن ”ادب جو زندگيءَ لاءِ هُئڻ“ چيو ويو آهي.
ماضيءَ ۾ ڪن پارکن ادب کي انساني وندر يا تفريح لاءِ به مقرر ڪيو هو. هن وقت اڳتي
وڌي آيل سائنسي ٽيڪنالاجي ترقي کي سامهون رکي، ادب جي تشريح هئڻ گهرجي، جنهن جو
مطلب آهي ته هر شعبي جي فني واڌاري يا ترقيءَ جي بنياد تي ادب جي تشريح ڪرڻي آهي،
ان ڪري مُون پنهنجي تجربي، ملڪي ۽ غيرملڪي حالتن لي آڏو رکي، پنهنجي غير ترقي
يافته ملڪ (NON-DEVELOPED COUNTRY) جي حواکي سان
ادب جي وصف اِجهو هن ريت ڪئي آهي: ”ادب جو سماجي، فني، فلاحي ۽ سياسي تبديلين يا
انقلاب هُئڻ“.
ادب جي ڏنل
وصف کي جاچي ڏسبو ته خبر پوندي ته ادب جو اهو سماجي ڪارج يا سڦلتا (SOCIAL
UTILITY) وارو گُڻيا خُوبي آهي، جنهن ذريعي انساني
زندگي کي سينگاري سنواري، اڇو اجرو ڪري، ماڻهوءَ کي ٺاهُوڪڙو بڻايو وڃي ٿو. اهڙو
ڪارج يا سڦلتا انساني ماڳ ۽ مڪانن لاءِ ڪنهن وڻ جيان گل ۽ گل- ٻاٽيون، پُسيون ۽
پيرُون، ٻُور ۽ ٻُنگ بڻجي، سورنهن سينگارن کان گهٽ نٿو لڳي. ان لاءِ جڏهن به خارجي
۽ داخلي پيڙائون شاعر يا سرجڻهار جي اندر ۾ آنڌ مانڌ، هلچل يا ڀونچال جهڙي ولوڙ
پيدا ٿيون ڪن، ان وقت شاعر پنهنجن جذبن ۽ احساسن کي ڪاغذ تائين وٺي ٿو اچي.
منهنجي
سامهون خالد چانڊيو ۽ دلبر چانڊيو کان مليل اسان جي شاعر زخمي چانڊيو جو ڪلام آهي،
جنهن ۾ غزل، بيت، وايُون ۽ چوسٽا آهن، مون کي زخمي چانڊئي جي 1998ع جي ڊائري به
ڏني وئي آهي، جا ان اعتبار کان هڪ قيمتي اثاثو آهي، جو هن ڊائريءَ ۾ خاص فون نمبر
۽ 150 غزل اوتاريل آهن، ڪن غزلن هيٺان تاريخ ۽ وقت به ڏنل آهي، مثال طور رات جا 12.15،
رات جو هڪ وڳو، رات جو 01.30، صبح جا 05.30 ۽ سحري وقت. سالن جو سلسلو 1984ع کان 13.10.2000
(آخري) تائين ڄاڻايل آهي، 13.10.2000 مٿان زخمي جو غزل آهي، جنهن جا مصرعا هن طرح
به آهن:
”آواز ٻڌي دَرَ تي،
اُٿيو پيرين اگهاڙو هو.
زخميءَ جي گهر ۾ ڇو؟
اڄ روڄُ ۽ راڙو هو.“
اُٿيو پيرين اگهاڙو هو.
زخميءَ جي گهر ۾ ڇو؟
اڄ روڄُ ۽ راڙو هو.“
ڏسو ته کيس ڄڻ خبر
هُئي ته مستقبل قريب ۾ ڇا ٿيڻو آهي، زخمي چانڊئي جي اها اڳڪٿي مولانا روميءَ جي هن
شعر کي سچو ثابت ڪري ٿي:
”شاعري جذ وَ است از پيغمبري،
جـــاهـــلانه ڪــفر دانــد از خــــري“.
جـــاهـــلانه ڪــفر دانــد از خــــري“.
معنيٰ: ”شاعري، پيغمبريءَ جو حصو
يا جزو آهي، جنهن کي جاهلن پنهنجي گڏهپڻي کان ڪفر سمجهيو آهي.“
زخميءَ
جي هن ڊائري ۾ رابيل جو هڪ سُڪِي ويل گل به رکيل آهي، جنهن جي علامتي اهڃاڻ کي
اکين لائڻ سان اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
مُون
وٽ شهادت جي وڏي ۾ وڏي ڪسوٽي هن طرح آهي ته اُهو
ڏاهو ۽ ڏات ڌڻي، جو پريم ۽ پنهنجائپ جا گل ورکا ڪندي، پنهنجي ئي جنم ڀوميءَ
تي پنهنجن ئي هٿان ماريو وڃي ته ان کي شهيد جو رُتبو حاصل ٿئي ٿو، ان ڪري زخمي
چانڊيو به اسان لاءِ شهيد زخمي چانڊيو آهي، هيءُ شهيد ساڳي ئي سُڳداسي چانورن،
زيتونن، بِهن ۽ پٻڻ جي ڀُونءِ جو شهيد آهي، جتي ڀرپاسي ۾ ملڪ جي چئني ڀائرن مان هڪ
ڏاڍي ڀاءُ هٿان قتل ڪرايل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو جن
جا آخري آرامگاهه آهن.
اڄ
ڀنڀي ڏاڙهي، ڦڻي ڏنل شهپرن، چاق چوبند، پُوري هڏ ڪاٺ ۽ سُهڻي مُهانڊي واري اسانجي
شاعر شهيد زخمي چانڊئي تي ڪجهه لکندي، دل مان صدا ٿي اُٿي ته ڪاش هُو اسان سان
اڃان گڏ هجي ها! هُو جتي به آهي، يقين آهي ته سنڌ ماتا جي گود ۾ ئي هوندو، سنڌ ۽
سنڌ وارن جا ئي خواب لهندو هوندو.
عبدالڪريم
گدائي، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي ۽ سرڪش سنڌي اسانجا عوامي ۽
مزاحمتي شاعر آهن، جن ۾ شهيد زخمي چانڊيو به پنهنجي هڏ ڪاٺ سان شامل آهي، ڏٺو وڃي
ته ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ پنهنجن ملڪي ماڻهن هٿان زور شور سان استحصال (EXPLOITATION) پئي ٿيو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان وارن جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙن
واري حالت رهي آهي ۽ ائين استحصال جي حوالي سان مزاحمتي ادب جي نئين سِر تاريخ
مرتب ٿي آهي، جنهن ۾ شهيد زخمي چانڊئي جو نالو به سونهري اکرن ۾ لکيل نظر ٿو اچي.
سنڌ جي غضب ڪيل حقن جي جاکوڙ جي حوالي سان اسان کيس مزاحمت جو شاعر (POET
OF REBELLION) جهڙي لقب سان سڏيو ته وڌاءُ نه ٿيندو.
شهيد
زخمي چانڊيو سڄڻ ۽ ساڻيهه جو ته شاعر آهي ئي پر سندس ڪلام کي غور سان پڙهڻ ۽ پرکڻ
سان اسان منجهانئس ڪيئي معنيٰ جا موتي حاصل ڪري سگهون ٿا. هتي اسان انهن ماڻڪن ۽
موتين جو ذڪر ڪنداسون.
(01) مزاحمتي
شاعري جا سگهارا مثال:
”ستم تون به پنهنجو گهٽائي نه
سگهندين.
مگر مُنهنجي ٻولي مٽائي نه سگهندين.
ڀلي لاش ”زخميءَ“ جو لوڙهي لٽي ڇڏ،
مگر نانءٌ منهنجو لَٽائي نه سگهندين.“
”تنهنجي سوچ لڳي ٿي مونکي،
ارغونن، تُرخانن وانگي.
جيئون ٿا مسواڙي بڻجي،
شاديءَ جي شاميانن وانگي.
هُو ٿو حق پراوا کائي،
سوپاريءَ ۽ پانن وانگي.“
”سون ورني سنڌ جي غدار تي لعنت وجهان.
سامراجي سازشي پرمار تي لعنت وجهان.
رات کي جو ڏينهن چئي ۽ شينهن کي ڪوٺي گدڙ،
مان انهيءَ مردود ۽ مُردار تي لعنت وجهان.“
مگر مُنهنجي ٻولي مٽائي نه سگهندين.
ڀلي لاش ”زخميءَ“ جو لوڙهي لٽي ڇڏ،
مگر نانءٌ منهنجو لَٽائي نه سگهندين.“
”تنهنجي سوچ لڳي ٿي مونکي،
ارغونن، تُرخانن وانگي.
جيئون ٿا مسواڙي بڻجي،
شاديءَ جي شاميانن وانگي.
هُو ٿو حق پراوا کائي،
سوپاريءَ ۽ پانن وانگي.“
”سون ورني سنڌ جي غدار تي لعنت وجهان.
سامراجي سازشي پرمار تي لعنت وجهان.
رات کي جو ڏينهن چئي ۽ شينهن کي ڪوٺي گدڙ،
مان انهيءَ مردود ۽ مُردار تي لعنت وجهان.“
”دل
مان ٿڌڙو ساههُ کڄي ويو.
جيئڻ تان ارواحُ کڄ ويو.
مسجد مان معصومُ ٿيو اغوا،
پاڻ ئي ڄڻ اللهُ کڄي ويو.“
جيئڻ تان ارواحُ کڄ ويو.
مسجد مان معصومُ ٿيو اغوا،
پاڻ ئي ڄڻ اللهُ کڄي ويو.“
”وٺي واڳون ڌرتيءَ جون جَهليون اهڙيون جو، ڇا
چئجي!
قطارُون ڪامريڊن جُون هَليون اهڙيون جو، ڇا چئجي!
جَجهُون ساريون، مڪائي، تِرَ، جُوئر، ڪڻڪون، سرنهن ڄانڀو،
هِتي ڀاڄين سنديون اُڀريون وَليون اهڙيون جو، ڇا چئجي!“
قطارُون ڪامريڊن جُون هَليون اهڙيون جو، ڇا چئجي!
جَجهُون ساريون، مڪائي، تِرَ، جُوئر، ڪڻڪون، سرنهن ڄانڀو،
هِتي ڀاڄين سنديون اُڀريون وَليون اهڙيون جو، ڇا چئجي!“
(02) استحصالي قوتن کي وائکو ڪرڻ:
”امن روڊ، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڪونهي.
سُڪون دل جي پلڪن ۽ پهرن ۾ ڪونهي.
ڏيون ڏوهه ڌارين تي ڇالاءِ ”زخمي“،
ڏسو گهٽ جتوئن ۽ مَهرن ۾ ڪونهي.
”ڏسان ڪيئن وڏيرو گهُري ووٽ ٿو.
مفادن جي خاطر سڏي سوٽ ٿو.
ڇڏيوسينس چُونڊي چڱو مُڙس سمجهي،
غضب نوڪرين لئه گهُري نوٽ ٿو.“
”ها! پنهنجي ڪنن ۾ ڀري ڇڏ تُون سِيهو،
اسانجي زبانن کي تالا نه هڻ.
اٿئي ايڏي همت ته سامُهون هلي آ،
مگر پائي ڀاڪر ايئن ڀالا نه هڻ“.
”ڌاريو حق ٿو کائي ويٺو،
زيتُونن ۽ ڪيلن وانگي.
چونڪ چونڪ تي لاش پيو آ،
قوم ڪُسي ٿي ڇيلن وانگي“.
”حيف اٿئه جو عيش ڪرين ٿو.
قيامت برپا آهي ٿر ۾.
ڪيئن پڙهي ڪاليج ۾ ڇورو،
جنهن کي پسٽل هُوندو وَرَ ۾“.
سُڪون دل جي پلڪن ۽ پهرن ۾ ڪونهي.
ڏيون ڏوهه ڌارين تي ڇالاءِ ”زخمي“،
ڏسو گهٽ جتوئن ۽ مَهرن ۾ ڪونهي.
”ڏسان ڪيئن وڏيرو گهُري ووٽ ٿو.
مفادن جي خاطر سڏي سوٽ ٿو.
ڇڏيوسينس چُونڊي چڱو مُڙس سمجهي،
غضب نوڪرين لئه گهُري نوٽ ٿو.“
”ها! پنهنجي ڪنن ۾ ڀري ڇڏ تُون سِيهو،
اسانجي زبانن کي تالا نه هڻ.
اٿئي ايڏي همت ته سامُهون هلي آ،
مگر پائي ڀاڪر ايئن ڀالا نه هڻ“.
”ڌاريو حق ٿو کائي ويٺو،
زيتُونن ۽ ڪيلن وانگي.
چونڪ چونڪ تي لاش پيو آ،
قوم ڪُسي ٿي ڇيلن وانگي“.
”حيف اٿئه جو عيش ڪرين ٿو.
قيامت برپا آهي ٿر ۾.
ڪيئن پڙهي ڪاليج ۾ ڇورو،
جنهن کي پسٽل هُوندو وَرَ ۾“.
03- حُب الوطني ۽ زميني هُڳاءُ:
منهنجو ايمان آهي ته پنهنجي جنم
ڀوميءَ تي ڌاريو ٿي رهڻ ڪاٽا ٿيل لغڙ جي مثال آهي، ان حوالي سان مُون هڪ هنڌ لکيو
آهي: ”شاعري پنهنجي جنم ڀومي کان سواءِ ايئن آهي جيئن ٿَرُ وسڪاري بنا، گهر ڏِيئي
بنا ۽ فرحي اکرن بنا“.
مٿيان ويچار شهيد زخمي جي شاعريءَ
۾ ڀلئون ڀَلُ ملن ٿا:
”ماءُ ته مُنهنجي ڌرتي آهي.
ڳالهه اها سر بستي آهي.
هوشوءَ جهڙي سنڌ ۾ ”زخمي“،
جاڳي ٻيهر هستي آهي“.
”فيض تنهنجو سنڌ ۾ آ جابجا جاري لطيف!
تنهنجي دم سان ئي ته قائم سنڌ آ ساري لطيف!
سنڌي ٻولي ۾ ڪيو تو ترجمو آهي قرآن،
سنڌين جي تو سراپا آههِ دل ٺارِي لطيف!
ڳالهه اها سر بستي آهي.
هوشوءَ جهڙي سنڌ ۾ ”زخمي“،
جاڳي ٻيهر هستي آهي“.
”فيض تنهنجو سنڌ ۾ آ جابجا جاري لطيف!
تنهنجي دم سان ئي ته قائم سنڌ آ ساري لطيف!
سنڌي ٻولي ۾ ڪيو تو ترجمو آهي قرآن،
سنڌين جي تو سراپا آههِ دل ٺارِي لطيف!
(04) سماجي زندگيءَ ۾ برابريءَ جو پرچار:
”نوابن جي دنيا.
عذابن جــي دنيا.
گناهن جــي دنيا،
عذابن جــي دنيا.
گناهن جــي دنيا،
ثوابن جــي دنيا.“
”مُخالف ڊيم جا ناهيون، آهي ڏک چالبازيءَ جو،
بلاشڪ ٺاهيو پر ٿر ۽ ڪاڇــي ۾ ٺــهڻ گهُرجي.“
بلاشڪ ٺاهيو پر ٿر ۽ ڪاڇــي ۾ ٺــهڻ گهُرجي.“
(05) روائتي مجازي
شاعري :
اسان
جي سنڌي روائتي شاعريءَ ئي اسان کي ماضيءَ سان پئي ڳنڍيو آهي، جنهن ۾ عشق مجازي جو
خاص عنصر اوتيل آهي، شهيد زخمي چانڊئي جي
شاعري ۾ استاد بخاريءَ وانگر مجازي شاعري جي تناسب، مزاحمت کان پوءِ ٻئي نمبر تي ملي
ٿي، اچو ته ڪي مثال وٺون:
”ڪـــا
ســــار تــه لـهبـــي آ.
رڳــــو
هـــامَ نه هـــڻبــي آ.
فرصت جي
گهڻي ناهي،
هـــڪ رات
تـه رهــبــي آ.“
”جي ڪرڻ مُونسان گهُرين ٿو، دل لڳيءَ جي ڳالهه ڪر.
دشمنيءَ جا ورق ڦاڙي، دوستيءَ جي ڳالهه ڪر.
ڏينهن ٻن جي گڏ رهڻ ۾ آ مزو ڪهڙو پرين!
گڏ رهڻ جي لاءِ پُوري زندگيءَ جي ڳالهه ڪر.“
دشمنيءَ جا ورق ڦاڙي، دوستيءَ جي ڳالهه ڪر.
ڏينهن ٻن جي گڏ رهڻ ۾ آ مزو ڪهڙو پرين!
گڏ رهڻ جي لاءِ پُوري زندگيءَ جي ڳالهه ڪر.“
شهيد زخمي چانڊئي پنهنجي ڌرتي جي
ڀلوڙ شاعرن توڙي ادبي ادارن کي به مڃتا طور شعر ۾ ياد ڪيو آهي، جا سندس پريم ۽
خلوص جي واکاڻ جوڳي حقيقت آهي. هُونءَ به مان زخمي چانڊئي ۽ سرڪش سنڌي کي هِڪَ
وجود جا ٻه نالا چوندو آهيان، ڇوته هُو هڪ ٻئي کان سواءِ مون کي اڻپُورا لڳندا
هئا، اڄ سرڪش اڪيلو ئي ٿي ويو آهي:
”سُک جا سنگتي ڏک ۾ ٿي ويا،
مُٺ مان وهندڙ واريءَ وانگي.
ڪيڏو پيارو لڳندو آهين،
سرڪش، گل، بُخاريءَ وانگي.
”جو وڇوڙو ڏئي ويو، زخمي ڪري،
ياد آ مُون کي اڃا اُستاد هو“.
”سنڌي قوم جي نيٺ سُڃاڻپ،
سنڌي ادبي سنگت هوندي“.
”وسارڻ جون ناهن ڀٽائيءَ جون ڳالهيون“.
مُٺ مان وهندڙ واريءَ وانگي.
ڪيڏو پيارو لڳندو آهين،
سرڪش، گل، بُخاريءَ وانگي.
”جو وڇوڙو ڏئي ويو، زخمي ڪري،
ياد آ مُون کي اڃا اُستاد هو“.
”سنڌي قوم جي نيٺ سُڃاڻپ،
سنڌي ادبي سنگت هوندي“.
”وسارڻ جون ناهن ڀٽائيءَ جون ڳالهيون“.
آخر ۾ شهيد زخمي چانڊئي جو غزل ٿو
ڏجي، جنهن ۾ ٻن قافين جو تڪرار هڪ استاد شاعر وانگر ڏيکاريل آهي:
”منهنجي چاهت اڄ به اُها ئي.
تنهنجي نفرت اڄ به اُها ئي.
منهنجي الفت اڄ به اُها ئي.
تنهنجي ڪُلفت اڄ به اُها ئي.
منهنجي رغبت اڄ به اُها ئي.
تنهنجي فرقت اڄ به اُها ئي.
منهنجي حالت اڄ به اُها ئي.
تنهنجي عادت اڄ به اُها ئي.
منهنجي غربت اڄ به اُها ئي.
تنهنجي دولت اڄ به اُها ئي.
منهنجي نِوڙت اڄ به اُها ئي.
تنهنجي طاقت اڄ به اُها ئي.
”زخمي“ ٿي بدنام ويو پر،
تنهنجي شهرت اڄ به اُها ئي.“
تنهنجي نفرت اڄ به اُها ئي.
منهنجي الفت اڄ به اُها ئي.
تنهنجي ڪُلفت اڄ به اُها ئي.
منهنجي رغبت اڄ به اُها ئي.
تنهنجي فرقت اڄ به اُها ئي.
منهنجي حالت اڄ به اُها ئي.
تنهنجي عادت اڄ به اُها ئي.
منهنجي غربت اڄ به اُها ئي.
تنهنجي دولت اڄ به اُها ئي.
منهنجي نِوڙت اڄ به اُها ئي.
تنهنجي طاقت اڄ به اُها ئي.
”زخمي“ ٿي بدنام ويو پر،
تنهنجي شهرت اڄ به اُها ئي.“
No comments:
Post a Comment