07/06/2014

سنڌ جي تهذيب جا وارث - ادل سومرو (Adal Soomro)



سنڌ جي تهذيب جا وارث
سانڍڻ جهڙو هڪ ڪتاب
ادل سومرو
جيڪي ڪم نهايت محبت ۽ خلوص سان ڪيا ويندا آهن، اهي تمام گهڻا لاڀائتا ۽ خوبصورت روپ ۾ سامهون ايندا آهن. اهڙو ئي نهايت اهم ڪم، جيڪو مڪمل وابستگيءَ ۽ سچائيءَ سان سرانجام ڏنل آهي، سو آهي، رام ايس جوهراڻي جي محنتن جو نتيجو. ڪتاب وادي سنڌ جي تهذيب جا وارث، سنڌي سرويچ، هي ڪتاب نهايت ئي شاندار گيٽ اپ سان پڌرو ٿيو آهي. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ هن سهڻي انداز ۾ شايع ٿيل ڪتاب جهڙا ڪتاب گهٽ ڏٺا آهن.

رام ايس جوهراڻي ڀارت ۾ سنڌي جاتيءَ جي هڪ وڏي شخصيت آهي، جنهن پنهنجي محنت ۽ سماجي خدمتن جي نسبت سان ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ احترام واري جاءِ پيدا ڪئي آهي. هن پنهنجي وس آهر سنڌي ٻولي ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي، مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ سنڌين جي ڪارنامن کي اجاگر ڪرڻ ۽ سنڌيت جي پرچار ۾ جوهراڻي صاحب جو نهايت ساراهه لائق ڪردار رهيو آهي. هو هن وقت گلوبل سنڌي ڪائونسل جو چيئرمين آهي، جنهن جو مرڪز ممبئي ۾ آهي، پر انهن جي خدمت جو دائرو سڄي هندستان تائين ڦهليل آهي. جوهراڻي صاحب 1985ع ۾ سهيوڳ فائونڊيشن جو بنياد رکيو، جنهن جي پليٽ فارم تان هن ۽ سندس ساٿين تمام گهڻيون خدمتون سر انجام ڏنيون آهن، جنهن سبب سهيوڳ فائونڊيشن هڪ مانائتي اداري جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي. اداري جي مڃتا طور ممبئيءَ يونيورسٽيءَ ۾ ان جو ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ممبئي جي کار واري حصي ۾ هڪ چئوواٽي جو نالو ”سهيوڳ فائونڊيشن چوڪ“ رکيو ويو آهي. رام جوهراڻي جي انهن ڪمن کي گهڻو ساراهيو ويو آهي. عام ماڻهو کان وٺي وڏين شخصيتن تائين سندس مڃتا ٿي آهي. رام ڄيٺملاڻي، ڊاڪٽر رام بخشاڻي، ايل ڪي آڏواڻي ۽ ٻين سندس ڪم جي گهڻي واکاڻ ڪئي آهي. مشهور روحاني شخصيت دادا جشن واسواڻي لکي ٿو ته:
”رام جوهراڻي کي مالڪ گوناگون خوبين سان نوازيو آهي، هيءُ ڀاءُ هميشه هڪ هڪ شخص ۽ پوري سماج کي پنهنجون نسوارٿ شيوائون ڏيندو رهيو آهي، هن جي شخصيت ۾ سڀ لاءِ سهيوڳ ۽ سمرپڻ سان گڏوگڏ هڪ قسم جي عميق دور درشٽي ۽ مضبوط ارادي جو گڻ سمايل آهي.“
ڪتاب ”سنڌي سرويچ“ ۾ مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ 36 شخصيتن جا انٽريوو شامل آهن.  جيڪي رام جوهراڻي انهن کان دور درشن ٽي وي چيئنل لاءِ ورتا هئا، انهن ملاقاتن ۾ ٿيل ڪچهرين کي هڪ هنڌ سيهڙي ڪتاب صورت ۾ آندو ويو آهي، جنهن کي ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ شامل شخصيتون،  ادب صحافت، سياست، مذهب سائنس وڻ واپار، سماجي خدمت، هنر، آرٽ ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان لاڳاپيل آهن. هر شخصيت پنهنجي پنهنجي جاءِ تي نهايت اهم ۽ پنهنجي شعبي ۾ مهارت ۽ مڃتا رکندڙ آهي، دادا جشن واسواڻي، سائين ساڌرام صاحب، ايل ڪي آڏواڻي، رام ڄيٺملاڻي، ايڊمرل آر ايڇ ٽهلياڻي، ڊاڪٽر ايل ايڇ  هيراننداڻي، ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، گووند نهالاڻي، ڊاڪٽر سريش آڏواڻي، ڊاڪٽر رام بخشاڻي، ڀڳوان گدواڻي، هيري هري ليلا، اين اين سپي، ڊاڪٽر ستيش روهڙا، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، مورج منگهناڻي، دليپ ڪمار وي، لکي، ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻي، سوڀو گيانچنداڻي، پهلاج نهالاڻي، نرنجن هيراننداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڊاڪٽر ڪرتار لالواڻي، ڊاڪٽر اندرا هندوجا، چندرو ايل رهيجا، مرلي چنراءِ، محمد علي قاضي، (علي قاضي)، پريم لالواڻي، جهمٽمل واڌواڻي، ڊاڪٽر ديال آشا، ارجن هڱوراڻي، لڇمڻ داس چتناڻي، شيام روپچند ڄيٺناڻي، اشوڪ کيماڻي، سريش ڪيسواڻي ۽ چندرو پنجابي جن جا انٽرويوز هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪتاب ۾ رام جوهراڻيءَ جي شخصيت بابت شيام بينيگل، چندر منگهناڻي، هر داس ماکيجا، آغا سليم، پريادت، دادا جشن واسواڻي، ايل ڪي آڏواڻي، رام ڄيٺملاڻي، سنيل دت، رام بخشاڻي جن جا رايا به ڪتاب جو حصو آهن.
هي سڀئي انٽرويو، انهن شخصيتن جي ڪردار ۽ انهن جي خدمتن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ، انهن جي ذهني پهچ ۽ سوچ ويچار کي به پڌرو ڪن ٿا. سماجي حالتن جي تجزيي سان گڏ، انهن مشهور ماڻهن جا زندگيءَ ۽ انهن جي حاصلات بابت تجربا، نئين ٽهيءَ جي رهنمائي لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. رام جوهراڻيءَ جا پڇيل سوال به نهايت وقتائتا ۽ شخصيتن جي شعبي سان ٺهڪندڙ آهن، انهن سڀني ملاقاتن ۽ ڪچهرين جو بنيادي مقصد ”سنڌيت“ جو جذبو اجاگر ڪرڻو آهي. دنيا کي ٻڌائڻو آهي ته سنڌين ۾ اهي سڀئي صلاحيتون موجود آهن، جيڪي هڪ سڄاڻ ۽ سڌريل قوم جي فردن ۾ هجڻ گهرجن. سنڌين ڏکين کان ڏکين حالت ۾ به حوصلو نه هاريو آهي، پر پنهنجي محنت، جاکوڙ ۽ سچي وابستگيءَ سان پاڻ کي مڃرايو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ دادا جشن واسواڻي چئي ٿو: ”اسان کي پنهنجي زمين ڪو نه آهي، جنهن کي اسين پنهنجو ڪري چئون، اسان کي جيڪڏهن ڪجهه پنهنجو آهي ته اها صرف اسان جي مٺڙي زبان، سنڌي ٻولي آهي جنهن جي ذريعي پنهنجي سڃاڻپ قائم رکي سگهون ٿا.“ داداجشن هڪ روحاني رهبر آهي، پر هن کي گهڻي ۾ گهڻو الڪو پنهنجي سڃاڻپ جو آهي، جنهن جو مکيه وسيلو ٻولي آهي. هر سنڌيءَ جي خواهش آهي ته هند ۾ جيڪڏهن سنڌي ٻولي لکي پڙهي نه سگهجي ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهائڻ واري ٻوليءَ جي روپ ۾ ته پنهنجو وجود بچائي سگهي.
ڊاڪٽر مرليڌر مٽلاڻي هڪ سوال جي جواب ۾ چئي ٿو ته: ”اسان وٽ ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب جي دنيا ۾ ٻه پيڙهيون ٻيون به پيدا ٿيون، پر پوءِ اسي واري ڏهاڪي کان اسان جي پنهنجن اديبن ٿرڊ لائين پيدا ٿيڻ ئي نه ڏني، نه صرف پيدا ٿيڻ ڏني، پر اٽلندو نوجوانن جي تخليق ڪيل ادب تي اهڙي مضحڪه خيز تنقيد ڪرڻ لڳا جو انهن ڏياٽين، سنڌي ادب کي ڇهڻ به ڇڏي ڏنو.“
ڊاڪٽر مٽلاڻيءَ جي انهن ويچارن ۾ وڏو وزن آهي، جنهن سبب ئي هندوستان ۾ سنڌي ادب هڪ تسلسل سان اڳتي وڌي نه سگهيو آهي، نئين ٽهيءَ جي همت افزائي نه ٿي سگهي، جنهنڪري ادب کي اڳتي وڌائڻ واري نئين کيپ تيار ڪو نه ٿي، جيڪي هن وقت ڪجهه سنڌ ٻوليءَ جا عاشق ۽ جنوني موجود آهن، انهن کان پوءِ ايندڙ دور ۾ ادبي اوسر جا امڪان گهٽ نظر اچن ٿا.
هند ۾ وسندڙ سڄاڻ سنڌين کي سنڌيت جو ڪيترو فڪر آهي ۽ اهي پنهنجي سڃاڻپ لاءِ ڪهڙا ويچار رکن ٿا، ان جو اندازو سريش ڪيسواڻي جي خيالن مان لڳائي سگهو ٿا، جن جو اظهار هن هڪ سوال جي جواب ۾ ڪيو آهي.
”مان جڏهن 1996ع ۾ راجيه سڀا ۾ چونڊ جي ويس تڏهن قسم کڻڻ مهل ڏٺم ته تامل ناڊو جا ميمبر، انگريزي ۾ ماهر هوندي به تامل ٻوليءَ ۾ قسم کڻي رهيا هئا، ڪي بنگال جا رٽائرڊ فوجي جنرل، پنهنجو قسم بينگالي ٻوليءَ ۾ کڻي رهيا هئا، گجرات وارا ته هميشه گجراتيءَ ۾ ئي کڻندا هئا ۽  مهاراشٽر وارا مرهٽيءَ ۾ کڻندا هئا. مون ڏٺو ته انگريزي ٻولي ڳالهائيندڙ علائقن وارا به پنهنجي ماتر ڀاشا ۾ قسم کڻن ٿا، تڏهن مون سوچيو ته مان به هتي ڏيکاريان ته اسين سنڌي هن ملڪ ۾ هڪ وڏي تعداد ۾ رهون ٿا ۽ جيڪڏهن هن ملڪ جي مکيه ڌارا سان جڙي ويا آهيون ته ان جو مطلب اهو ناهي ته اسان پنهنجي سنڌيت کي وساريو آهي يا سنڌي ٻوليءَ کي وساريو آهي! تنهنڪري مون سنڌيءَ ۾ قسم کنيو. ان وقت ئي مون کي سنڌي ڪائونسل جوڙڻ جو خيال آيو.“
رام جوهراڻي جا ورتل هي سڀئي انٽرويو پنهنجي دور جو هڪ تاريخي دستاويز آهن. سڀني شخصيتن پنهنجا پنهنجا ڪارناما، ڪم ۽ جدوجهد جا قصا بيان ڪيا آهن. هي ڪتاب جوهراڻي صاحب جو سنڌين جي حوالي سان هڪ نهايت شاندار ڪم آهي، جنهن تي هو بجا طور فخر ڪري سگهي ٿو. هن سنڌين کي پنهنجي وجود جو احساس ڏياريندي، انهن ۾ ايڪي ۽ اتحاد اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن اهي پاڻ ۾ هڪ ٿي پنهنجي گم ٿيل تهذيبي ورثي کي ڳولي لهن ۽ موجوده دور ۾ سنڌيت جي روايتن کي برقرار رکي سگهن، ان ۾ ئي سنڌي جاتيءَ جي مهانتا آهي. مان ڊاڪٽر رام بخشاڻيءَ جي ان راءِ اسان اتفاق ڪريان ٿو ته هي ڪتاب ”سنڌي سرويچ“ هر سنڌي ۽ غير سنڌيءَ وٽ هئڻ لازمي آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ هر سنڌيءَ جي گهر ۾ ضرور هئڻ گهرجي.

No comments:

Post a Comment