شهمير سومرو! ڪلا جي ڪڙم جو نرالو ڪوي
علي زاهد
دنيا ۾
ڪو به اهڙو موضوع ناهي جنهن کي اڄ تائين ڪنهن به شاعر يا ڪنهن به ليکاريءَ قلمبند
نه ڪيو هجي... اسين جيڪو ڪجھ به لکون ٿا، اهو يقين ڪرڻ گهرجي ته ان موضوع تي اسان
کان اڳ به ڪنهن نه ڪنهن ضرور لکيو هوندو. پوءِ اها ڪهڙي ڳالھ آهي جيڪا اسان جي
خيال کي منفرد بڻائي ٿي يا اسان جو خيال پڙهندڙ کي نئون، نڪور، چنهنڊڙي پائيندڙ يا
ڇرڪائيندڙ ڀاسي....؟
ان ڳالھ
کي هيئن به سمجهي سگهجي ٿو ته شاعري هڪ پيمانو آهي ۽ ان ۾ خيال جو شراب هرڪو
پنهنجو ئي اوتي ٿو. ان جي تاثير پنهنجي هجي، ان جي خوشبوءِ پنهنجي هجي ۽ ان جو رنگ
به پنهنجو ئي هجي. اها پنهنجاڻ، اصل ۾ اها ٽريٽمنٽ آهي جيڪا هر شاعر کي ڪوشش ڪرڻ
گهرجي ته اها نج پج سندس پنهنجي ئي هجي يعني خيال جي پيشڪش اهڙي هئڻ گهرجي جو پڙهندڙ
جو اهو موضوع جيڪڏهن اڳ به پڙهيل هجي ته ان کي ايئن محسوس ئي نه ٿئي، ته هو موضوع
جو ورجاءُ پيو پڙهي... هو ته صرف ان خيال جي گهرائيءَ ۽ اندازِ-بيان جي ساگر جي پاتار ۾ وڃي پڄي.... ان شراب ۾ ايترو ته
سرور هجي جو پڙهندڙ مخمور ٿي وڃي....
مان
چوندو آهيان ته ڌرتيءَ تي شاعريءَ جي شروعات ٿي ئي هِن خطي کان آهي، ڇو ته موهن جي
دڙي واري دور تي اڄ ڪلھ بحث پيو هلي ته اها دنيا جي سڀ کا قديمي تهذيب آهي، مصر جي
فرعونن کان به پراڻي. پوءِ، جڏهن اسان کي موهن دڙي جي آثارن مان نرتڪيءَ جو مجسمو
ملي ٿو ته ان جو مطلب به صاف ظاهر آهي..... جي ان دور ۾ ناچ هيو ته موسيقي به
هوندي. جي موسيقي هئي ته پوءِ شاعري به ته هوندي نه. مان لاڙڪاڻي کي موهن جي دڙي
جو تسلسل سمجهندو آهيان ۽ ان موهن جي دڙي جي تسلسل، لاڙڪاڻي جي زمين ادب ۽ خاص ڪري
شاعريءَ جي حوالي سان ڏاڍي زرخيز آهي... هن مٽيءَ تاريخ ۾ سنڌي ادب کي ڪيترا ئي
وڏا اديب ۽ شاعر ارپيا آهن. اسان جو دور پڻ هن ڌرتيءَ لاءِ ڏاڍو سڀاڳو دور آهي جو
هن دور ۾ به هن سرزمين تي اهڙا ته املھ موتي پيدا ٿيا آهن جيڪي سنڌ جي ادب واري
مالها ۾ پنهنجي موجودگيءَ يا پنهنجي هئڻ وارو احساس شدت سان محسوس ڪرائي رهيا
آهن..... اهي ان مالها ۾ پرانهان ئي جرڪندي ۽ جوتي ڦهلائيندي نظر اچن ٿا.
شهمير سومرو منهنجي دَور جو آواز آهي. لاڙڪاڻي جي مٽيءَ جو ڳوهيل هي
شاعر موهن دڙي جي ان موسيقيت، رقص ۽ شاعريءَ جو تسلسل آهي. هن مٽيءَ جو هي سدا ملوڪ
شاعر جيتري محبت پنهنجي مٽيءَ سان ڪري ٿو اوتري ئي محبت هن کي پنهنجي سرتيءَ ۽
شاعريءَ سان به آهي.
عجيب شخص
آهي شهمير به. سندس شاعري جيتوڻيڪ اڃا ان ماڳ کي ناهي رسي جيڪو ماڳ پورڻتا ارپيندو
آهي، پر تڏهن به هن پنهنجو هڪ لهجو ضرور قائم ڪري ورتو آهي.... ٿورڙي وقت اندر
پنهنجي هڪ منفرد لهجي ۽ انداز جي سڃاڻپ ڪرائڻ به ته ڪو سولو ڪم ناهي. ان لاءِ من ۾
محبت پائي رندا روڙڻا پوندا آهن، تڏهن ئي اهو سونُ صرافن وٽ اڻتوريو اگهامبو آهي.
شهمير
سان منهنجي پهرين ملاقات لاڙڪاڻي جي ماهوار مشاعري ۾ ٿي هئي. اتي پهريون ڀيرو مون
کيس شعر پڙهندي ڏٺو هو. ٽوپ نراڙ تي، اجرڪ ڪلهن تي، ڊگهو قد ۽ مرڪ چپن تي... سچ پچ
ته شعر پڙهڻ دوران شهمير مون کي اهو دراوڙ لڳو هيو جنهن نرتڪيءَ لاءِ نڪور شاعري
سرجي هجي. ان ويل ڄڻ سندس سامهون اها نرتڪي ويٺي هجي ۽ هو پنهنجو غزل پڙهندو ٿي
ويو:
ريشمي وار سڳيءَ ۾ بند ڪر،
منهنجا آزار سڳيءَ ۾ بند ڪر.
يا ته هر شام ملڻ ايندي ڪر،
يا ته هر سار سڳيءَ ۾ بند ڪر.
ڪيڏا نه
خوبصورت ۽ ڪومل خيال آهن! غزل جي شروعات ايڏي ته خوبصورت هئي جو مان پاڻ کي ڪنهن
سڳيءَ ۾ بند ٿيندو يا قابو ٿيندو محسوس ڪري رهيو هئس. مون کي فخر ٿي رهيو هو ان
ويل پنهنجي دور تي.... پنهنجي هن شاعر تي... ته سندس خيالن جي پيشڪش ڪيڏي نه
دلفريب هئي! لفظ لفظ جڪڙي قابو ڪري رهيو هو! پر ساڳي ئي غزل جي پڇاڙڪن ڪجھ شعرن
اندر الائي ڇو ايئن لڳو ڄڻ شهمير اڃا تائين مرداڻي سماج واري سوچ ۾ ڪٿي ڦاٿل آهي
يا اٽڪيل آهي يا ڦٿڪي رهيو آهي... جڏهن هن هي شعر پڙهيو هو ته:
مغربي ڍنگ نه مڙھ مشرق تي،
اهڙا آثار سڳيءَ ۾ بند ڪر.
مون ان
وقت سوچيو ته هڪ شاعر کي حد بنديون، سرحدون، ويڇا، دوريون ۽ ورهاڱا ته نه وڻڻ
گهرجن، پوءِ شهمير مشرق ۽ مغرب جي چڪرن ۾ ڇو ڦاٿل آهي؟ اهو سوال ڄڻ منهنجي من ۾
ديرو ڄمائي ويهي رهيو. ڪيترا ئي ڀيرا سوچيم ته شهمير سان ان باري ۾ ڳالهائجي، پر
پوءِ ويچاريم ته وقت سان گڏ شايد سوچ پاڻمرادو تبديل ٿي ويندي آهي. ان ڪري شهمير
کي به وقت ڏيڻ گهرجي ته جيئن هو پاڻ پنهنجي ذاتي تجربن، مطالعي ۽ مشاهدي مان ئي
اهڙين شين ۽ ڳالهين کي سمجهي سگهي.
ڳالهيون
اتي ئي رهجي ويون ۽ شهمير جي شاعري سندس ڪتاب جي روپ ۾ تاريخ جو حصو بڻجي وئي... ۽
اڄ اسان جي سامهون آهي... اسان جي هٿن ۾ آهي. اهڙيءَ طرح سندس شاعريءَ جو پهريون
مجموعو ”اکڙين جي ڀاڪر ۾“ جي عنوان سان ڇپجي
پڌرو ٿي ويو ۽ هاڻ اسان جو دوست صاحبِ ڪتاب بڻجي ويو آهي.
لکڻ لاءِ
ڀوڳڻو پوندو آهي، خيال سان گڏ خيال جو سرجيندڙ به پچندو آهي. جڏهن ڪو شاعر ڪا سِٽ
سرجيندو آهي ته ان کي پچائڻ لاءِ پنهنجي اندر کي آوي ڪرڻو پوندو آهي ۽ ڏات اها آڳ
بڻجي ويندي آهي جيڪا نه صرف شاعر جي ان خيال کي پچائي راس ڪندي آهي پر ان سان گڏ
شاعر جو اندر به پچي پختو ٿيندو رهندو آهي... شهمير به پنهنجي اندر ۾ اها آوي ٻاري
آهي، ڏات هن کي پچائي رهي آهي، کيس نوان استعارا ۽ نيون ترڪيبون ارپي رهي آهي، کيس
منفرد بڻائي رهي آهي. شهمير وٽ اهو فن واقعي به آهي. هن وٽ، هن جي شاعريءَ ۾ نيون
ترڪيبون ۽ نوان استعارا موجود آهن، خاص ڪري هن پنهنجي ڌرتيءَ سان سلهاڙيل حوالن،
عملن، ڪمن ۽ ڳالهين کي ترڪيبن ۽ استعارن جو روپ ڏئي پنهنجي شاعريءَ کي نوان روپ
ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. سندس اهو ڪم کيس اڳتي هلي انتهائي منفرد ۽ برجستو شاعر
بڻائڻ ۾ اهم ڪردار نڀائيندي مثال طور سندس ڪجھ غزلن جا ڪجھ شعر پيش ڪيان ٿو:
وينگس مرڪي چاھ اکين سان ٽاڪي وئي،
مردي ۾ ڄڻ ساھ اکين سان ٽاڪي وئي.
مٽيءَ ذرڙو جيون پنهنجو هو ان ۾،
اڀ جيڏو اتساھ اکين سان ٽاڪي وئي.
يا
اسان جي وفا نئين رلي ٿي سبي،
وري دلربا نئين رلي ٿي سبي.
هي پاڻي تي لهرن جون ٻاريون ڏسي،
لڳي ٿو هوا نئين رلي ٿي سبي.
يا
ريشمي وار سڳيءَ ۾ بند ڪر،
منهنجا آزار سڳيءَ ۾ بند ڪر.
يا
تنهنجو ئي سپنو آ اکڙين جي ڀاڪر ۾،
تنهنجو ئي نالو آ چپڙن جي ڀاڪر ۾.
يا
گلاب ڀي نقاب ٿا اچن پائي،
ثواب ڀي نقاب ٿا اچن پائي.
لڇي لڇي اسان جي ننڊ ٿي روئي،
خواب ڀي نقاب ٿا اچن پائي.
چاھ، ساھ
۽ اتساھ اکين سان ٽاڪجن ٿا... وفا ۽ هوا جو رلي سبڻ... آزارن کي سڳيءَ ۾ بند ڪرڻ...
سپنن کي اکين جي ڀاڪر ۾ ۽ نالي کي چپن جي ڀاڪرن ۾ ڀرڻ... گلابن، ثوابن ۽ خوابن جو
نقاب پهري اچڻ... ڪمال ڪيو آهي شهمير! اهڙي نفاست! اهڙو سهڻو اندازِ بيان! اهڙي
پياري ٽريٽمنٽ پڙهڻ سان چپن تي بي اختيار مرڪ تري اچي ٿي... ۽ اندر مان واھ واھ جو
سلسلو جاري ٿي وڃي ٿو. اها شهمير جي سوڀ آهي. اها سندس انفراديت آهي جيڪا سندس
شاعريءَ اندر موجود فني توڙي فڪري ٿورين ٿڪين خامين کي نظرانداز ڪرڻ تي مجبور ڪري
ٿي ڇڏي. اها شهمير جي شاعريءَ اندر موجود سندس ٻولي، استعارن، ترڪيبن ۽ تشبيهن جي
انفراديت آهي جيڪا کيس ڪلا جي ڪڙم جو نرالو ڪوي بڻائي ٿي ڇڏي.
No comments:
Post a Comment