07/06/2014

ريشم جهڙا خواب - ثمي ڪي بلوچ (Sami K. Baloch)



ريشم جهڙا خواب
ثمي ڪي بلوچ
شاعري جو سرجڻ ڪا سولي ۽ آسان ڳالهه نه آهي. هيءُ اها ڀوڳنا آهي جيڪا شايد هڪ ماءُ، قدرت جي تخليق ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي ڀوڳي ٿي. جنهن درد ۽ تڪليف جو هينئر تائين ڪو نانءُ ڪو نه سرجي سگهيو آهي. اها خبر تڏهن پيم جڏهن مون کي به شاعري ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو. تڏهن دلي ۽ شعوري طور ان پيڙا کان واقف ٿيس ته هي هڪ اهڙي ڀوڳنا آهي جيڪا شايد ماءُ، جي پيڙا کان به وڌيڪ زندگيءَ سان گڏ سفر ڪري ٿي. شاعري ۾ هڪ سٽ سرجڻ ڪا سولي ڳالهه نه آهي. اسان روز ڪافيون، وايون، بيت، گيت ۽ غزل پڙهي بس ائين سمجهندا آهيون ته اهي صرف سکڻا لفظ آهن جيڪي شايد شاعر صرف سوچيا ۽ پني تي چٽيا، پر اها درد جي شدت جي انتها هوندي آهي، جتي شاعر جو ذهني، جسماني، عقلي ۽ روحاني وجود يا ته پيڙجي ٿو يا ته ميسارجي وڃي ٿو. ان درد جي دلدل ۾سڄي عمر هٿوراڙيون هڻندو پڄرندو وتي ٿو.

جڏهن منهنجي ذهن ۾ نانءُ، جميل سومرو اڪري ٿو، تڏهن ذهن ان شديد پيڙا، ڀوڳنا ۽ پڄرندڙ وجود ڏانهن ڇڪيو وڃي ٿو. جميل سومري، جي شاعري پڙهي ائين لڳم ته اهي اهي ئي ڪيفيتون آهن جيڪي مٿي بيان ڪيون اٿم. اهي درد، تڪليفون ۽ ڀوڳنائون جميل سومري سڀ يا ته ڀوڳيون آهن يا ته اڃا پيو ٿو ڀوڳي. جتي هن جون سڀ صلاحيتون ذهني، جسماني، عقلي ۽ روحاني سڀ پڄرن ٿيون.
جميل جي هڪ شاهڪار تخليق، ”ريشم جهڙا خواب“ منهنجي هٿن ۾ آهي، جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ مون کي لڳو ته جميل کي ان ڪتاب جو نالو يا ته ”ننڌڻڪا خواب“، ”اڌوري زندگي“ يا ”وکريل وجود“ رکڻ گهرجي ها ڇو ته هن جي هر هڪ سٽ ۾ درد جي بي انتها آلاپجڻ جو سرُور آهي.
”عشق جي آڳ ۾ جو سڙي ٿو جيئي“
موت کان پوءِ ڀي هر گهڙي ٿو جيئي.
مٿين سٽن مان لڳي ٿو ته شاعر کي عشق جو اهڙو ته ڪان لڳل آهي جو کيس ڪٿي به هڪ پل لاءِ سڪون ۽ سک جو ساهه نصيب نه ٿيو آهي.
تون نڀائين ڇو نه ٿي سسئي جيان،
بيوفا ڇا لئه لڄايو پيار اٿئي!
ڇا ته حجت آهي، پرين سان پيار ۾،
پاڻهي ملندم هوت، آنءُ ڪجهه اڳڀري ٿيان،
وارو ساڳيو ورچاءَ ڪيو اٿس.
پير پنهنجا اجايون پٿون پئي ڪرين،
ڳول خود ۾ چري! تو ۾ ئي هوت آ. (ج.س)
جميل جو هيءُ پنهون ٿيس پاڻ  وارو درس ڪيڏو نه اعليٰ آهي.
شاهه سائين جي رسالي ۾ محترم ڪلياڻ آڏواڻي هڪ قصو ٻڌائيندي بيان ڪري ٿو ته ننگر ٺٽي ورندي شاه سائين هڪ غار ۾ هڪ شخص کي ڏٺو ته هي مصرع نهايت درد ناڪ نوع ۾ پيو چوي:
”هيڪليائي هيل، پوريندس پنهونءَ ڏي“
پڇڻ تي معلوم ٿين ته هو هڪ جت هو ۽ هالن جي ڀرسان لنگهندي، فقيرن جي واتان اها مصرع ٻڌي هيائين. شاهه سائين چيس ته جي چاهين ته بيت جون باقي ٻه مصراعون به سڻايانءَ انهيءَ جت خوشي ڏيکاري، شاهه سائين تنهن تي ٻي مصرع ٻڌايس:
”آڏو ڏونگر لڪيون، سوريون سڄڻ بيل“
ٻي مصرع ٻڌندي ئي جت وجد ۾ اچي ويو ۽ ٽي مصرع ٻڌڻ لاءِ بيتاب ٿيو، جنهن تي شاهه سائين چئي ٻڌايس ته:
”ته ڪر ٻيلي آهن ٻيل، جي سور پريان ساڻ مون“
شاهه سائين جو بيت ختم ڪرڻ ۽ جت جو فوت ٿي وڃڻ، شاهه سائين جي ارمان ۽ عجب جي حد نه رهي. شاهه سائين اڪثر چوندا هئا ته ”انهيءَ جت جهڙو درد وارو انسان مون ڪڏهن نه ڏٺو ۽ خدا گواهه آهي هن دور ۾ انهيءَ جت جهڙو درد ۽ پيڙا مون کي جميل سومري جي شاعري جي هر هڪ لفظ مان نظر اچي ٿي، ۽ مان چوندم ته  جميل سومرو هن دور جو اهو ساڳيو ئي درد سان ڀريل ”جت“ آهي جيڪو شاهه سائين پسيو هو. جيڪو جميل سومرو پنهنجي ڪتاب ۾ پاڻ به اعتراف ڪيو آهي.
روح نيڻن جي نمي ۾ ترهيو،
موڪلاڻي موت جو منظر هيو،
آس جو احساس جو قتلام ٿيو،
ڪربلا هو يا هي منهنجو گهر هيو.
جميل سومرو مسلسل ۽ تسلسل سان لکندڙ شاعر آهي ۽ اها هڪ تسليم شده ڳالهه آهي ته اهو شاعر، جنهن ۾ شاعراڻيون خصوصيتون ۽ مادو هجي ٿو، جنهن کي تخليق جي هر هڪ نازڪ ۽ نفيس مرحلن، اڙانگن، لڪن ۽ لنگهن جي ڄاڻ ۽ واقفيت هوندي آهي سو ئي اهو سفر طئي ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
جميل سومري جي ڪتاب ۾ نه صرف درد، ڀوڳنا ۽ پيڙا جو الاپ آهي پر حب الوطني جو درس ۽ نوجوانن لاءِ سجاڳي جا شاندار سبق آموز نڪتا به شامل آهن جميل سومري جي مطابق ته:
سگهارا شاهه پيدا ڪر،
نوان اتساهه پيدا ڪر،
ڀٽائي گهوٽ سان گڏجي،
اندر ۾ شاهه پيدا ڪر،
بڻائي جوش کي دودو،
جبر تي ڪاهه پيدا ڪر.
علم بيان جي عالمن اڳيان، شاعري جي معني آهي روح، لفظ آهن جسم، ۽ لفظي جڙت ان جو زيور. شعر تي ٽنهي حيثيتن سان نظر وجهڻ گهرجي، جيڪڏهن معني نه آهي ته شعر بي روح سمجهيو وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن جڙت سٺي نه آهي ته شعر سٺو ليکبو ۽ جميل سومري جي شاعري ۾ روح ۽ جسم جي جڙت ائين جڙيل آهي، جيئن سوني منڊي ۾ هيري جي ٽڪ.
جڙيل منظر ڪي اکڙين ۾ الائي تون ڪٿي آهين،
پڪا پيرون به کبڙين ۾، الائي تون ڪٿي آهين،
مٽي سيراب ٿي جل ٿل، اٿل مهراڻ آ کاڌي،
پڳا پاڻي به پڇڙين ۾ الائي تون ڪٿي آهين.
يورپ جو هڪ محقق لکي ٿو ته جيتوڻيڪ وزن جو شعر تي گهيرو نه آهي ۽ شروعات ۾ هو گهڻو وقت انهيءَ زيور کان خالي رهيو پر وزن جي ڪري بيشڪ هن جو اثر وڌيڪ تکو ۽ هن جو منتر وڌيڪ ڪارگر ٿئي ٿو. جميل سومري لاءِ به منهنجي اها ذاتي راءِ آهي ۽ جنهن کان شايد ڪير به انڪار نه ڪندو ته جميل سومرو پنهنجي ڪتاب ۾ باقاعدگي سان هر هڪ لفظ ۽ سٽ کي توري تڪي استعمال ڪيو آهي.
ڪيڏا گهر اجاڙي وئي آ،
گن مان نڪتل انڌي گولي،
سنڌي توکي ڪيئن مڃان مان،
گهر ۾ ٻولين ڌاري ٻولي.
هن انڌوڪار ۽ ظالم معاشري ۾ هلندڙ هڪ گهٽيا ۽ انڌي رسم ڪارو ڪاري تي ڇا ته حقيقت پسندانه لفظ لکيا آهن جميل.
آڪاش آهي ڳاڙهو“ بي ڏوهه ڪٺي هوندي،
بدقسمت نياڻي کان تقدير رٺي هوندي،
بندوق جي فائر کان پهرين هو ورانڊي ۾،
ڪيڏو نه رڙي هوندي ڪيڏو نه ڊڪي هوندي،
تو لاءِ ته ڪاري هئي هوءَ کير جهڙي اڇي،
ڪجهه سوچ ته ظالم ڪنهن لاءِ سٺي هوندي.
ارسطو جو هڪ قول آهي ته شاعري فلسفي کان وڌيڪ فڪر انگيز ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿئي ٿي، ۽ شاعري صرف اکرن ۽خيالن جو مجموعو نه آهي اها روح جي اندر جي اونهاين ۽ گهراين ۾ لڪل، غم، درد، تڪليفن، پيڙا، خوشي، جذبن ۽ جوش جي نالي جي ظاهر معني ئي شاعري آهي. ان ۾ ڪنهن قسم جي ٻيائي، دوکو، فريب ۽ ناٽڪ بازي نه هوندي آهي، ان ۾ سچائي ۽ ظاهري احساسن جو روشن عڪس هوندو آهي اهڙي ئي قسم جو مجموعو جميل سومري اسان کي ” ريشم جهڙا خواب“ جي صورت ۾ پهچايو آهي جتي اهي سڀ رموز، راز ۽ روحاني فسلفو بغير ڪنهن واڌءَ گهٽاءُ جي ”جهڙا جي تهڙا“ جي نقطي اندر چٽائي سان پڌرا ڪيا ويا آهن.
ڀونءَ جي هر ڀتر کي چمبو،
وري وري سنڌ نگر کي چمبو،
اسان لئه مهراڻ آب زم زم،
سنڌو نديءَ ڪپر کي چمبو.
۽ وري اڪثر ڌرتي ماءُ، کي پنهنجي محبوب کان به مٿانهون ڪيو اٿس.
توکان وڌهي ماءُ مٺي آ،
سرتي ! توسان ڳالهه چٽي آ،
تو ۾ سنڌ جي ناهي سانئڻ!
جيون ڀر توساڻ ڪٽي آ.
جيڪڏهن اسان جي نوجوان نسل ۾ واقعي شوق، چاهه ۽ اتساهه آهي ته هو شاعري جي ميدان ۾ نالو پيدا ڪن ته منهنجي صلاح اها ضرور هوندي ته هڪ ڀيرو جميل سومري جي ڪتاب ”ريشم جهڙا خواب“ کي اک مان ضرور ڪڍن ۽ منهنجي اها دعويٰ آهي ته هنن کي ان ۾ شاعري جو روح، هڪ سٺو رهبر ۽ قابل استاد ملندو ”ريشم جهڙا خواب“ سنڌي ادب ۾ موجود ڪتابن جي موتين جي مالها جو هڪ اعليٰ موتي آهي، جنهن مان لاڀ حاصل ڪري اسان کي گهڻو ڪجهه حاصل ٿي سگهي ٿو. مان شڪرگذار آهيان امر اقبال جي جنهن جي قربن ڀريل هٿن سان هي املهه تحفو مليو، جنهن کي پڙهي مون گهڻو ڪجهه پرايو ۽ منهنجي گهر جي ننڍڙي ۽ خوبصورت لائبريري ۾ هي ”ريشم جهڙا خواب“ ڪتاب هڪ سهڻو اضافو ڪيو آهي.

No comments:

Post a Comment