پروفيسر نذير احمد سومرو
پکڙا ۽ پنهوار
وارو “گدائي”
ماضيءَ جي يادن جا نقش، زندگيءَ
جي تصور جي رُخ تي نمايان ٿي بيهي رهيا آهن. هاڻي ته عُمر عزيز اڌ صديءَ کان به
تجاوز ڪري چُڪي آهي. ياد ٿو پئي، اُهو سال 1968ع وارو زمانو هو. صوبو سنڌ بدنام
زمانه “ون يونٽ” جي قهري ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل يا ايئن کڻي چئجي ته چوکنڀو ٻڌل هو. ان
زماني ۾ ڪنهن ٿي ڄاتو ته فقط ٻن سالن کان پوءِ ان وقت جي پاڪستاني صدر آغا يحيٰ
خان جي مارشل لا جي هڪ فقري سان “ون يونٽ” ڪنهن ڀُتي ڀت وانگر اچي ڦهه ڪري ڪري
پوندو ۽ سنڌ صوبو 1935ع واري انڊين ايڪٽ تحت، پنهنجي صوبائي اصلي شڪل ۽ حالت وٺندو،
جيڪا کيس ممبئي پريزيڊنسي سان لاڳاپيل هجڻ ڀيري حاصل هئي.
پاڪستان ٺهڻ کان ڪجهه ورهيه
پوءِ، اسان جي حيدرآباد ۾ رسالو “روح رهاڻ” ٻيو جنم وٺي، سنڌ جي هڪ اڀرندڙ نوجوان
اديب حميد سنڌيءَ جي نگراني ۾ شايع ٿيڻ لڳو هو. ان کان اڳ ۾ 1922ع ۾ پڻ “روح
رهاڻ” رسالو حيدرآباد سنڌ مان سنڌ جي هڪ نامور اديب ڪاڪي ڄيٺمل پرسرام
گلراجاڻيءَ جي ادارت هيٺ شايع ٿيندو هو. اڳتي هلي، يعني ٽن سالن کان پوءِ، ان
ادارت ۾ ڪاڪي گلراجاڻيءَ سان سنڌي ادب جي هڪ وڏي محسن مرزا قليچ بيگ جو
فرزند مرزا نادر بيگ پڻ ڀاڱي ڀائيوار ٿيو هو. ورهاڱي کان اڳ واري “روح رهاڻ”
جي پيشانيءَ تي علم الاهي ۽ ڀٽائيءَ جو هيءُ بيت لکيل هوندو هو:
پيهي جـــان پـــاڻ ۾، ڪيــم ‘روح رهــــــــاڻ’،
نه ڪي ڏونگر ڏيهه ۾، نه ڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهــون ٿيـــــس پــاڻ،
سسئي تان سـور هــوا.
قدرت واري جا پنهنجا لقاءَ آهن!
سندس حڪمت کي ڪنهن ڄاتو آهي؟ ڀلا زماني ۾ ڪنهن کي اها ڄاڻ هئي ته رسالي ‘روح رهاڻ’
جو اهتمام ۽ بندوبست ڪندڙ ۽ وقتي حڪومت جي نظرن ۾ آيل نوجوان حميد سنڌي اڳتي هلي
سنڌ يونيورسٽيءَ جو ڪنٽرولر آف اگزيمس، ڊائريڪٽر آف ڪاليجز حيدرآباد ريجن ۽ اتر
سنڌ جي پهرين يونيورسٽيءَ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسلر
بڻبو؟!
حميد سنڌيءَ جي ڪوٺايل ان جشن ‘روح
رهاڻ’ (1968ع) ۾ حيدرآباد جي بسنت هال ۾ نه رڳو سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ حيدرآباد شهر ۽
ان جي پسگردائي جي ڪاليجن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون پر سڄي سنڌ مان کوڙ اسان پارا،
ان زماني جي ڪاليجن جا شاگرد به ٻين وانگر لاڙڪاڻي مان سيڙجي جشن ‘روح رهاڻ’ ڏسڻ
ويا هئاسون. مون سان گڏ رسول بخش سولنگيءَ (بعد ۾ پروفيسر ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
لاڙڪاڻي جو پرنسپال) کان علاوه منهنجو همراز/همرفيق/ادبي محفلن ۽ راڳ رنگ ۾ شرڪت
ڪرڻ واسطي جيري لاءِ ٻڪري نه، پر اُٺ ڪهندڙ دوست مرحوم نذير احمد پيرزادو به ساڻ
هو. بسنت هال جو نظارو ڪنهن خوبصورت خيال ۽ خواب جيان لڳي رهيو هو. هال ۾ اندر
مختلف شهرن کان آيل شاگردن ۽ شاگردياڻين جي چهرن تي جشن جي حوالي سان ڇا ته سرهائي
۽ سهائي هئي! اصل ٻهه ٻهه پئي ٻريا. منهنجي آڏو واري قطار ۾ هڪ تکن نقش واري مهمان
به هئي، جنهن جا مهانڊا انڊين اداڪاره نرگس جهڙا هئا ۽ سندس نالو خوشبو (سندس نالي
جي هم معنيٰ) هو. اهو به سندس ڪنهن ساهيڙيءَ جي واتان بار بار اُچارجڻ ڪري معلوم
ٿيو هو. ڇا ته سندس گهاٽا، وڏا ڪارا ڀنڀا وار هيا جيڪي سندس رئي ۾ نه پئي ماپيا!
ان نظاري کي ڏٺي ورهيه گذري ويا. بقول ڀٽائي:
ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪُهه
ڄاڻان ڪهڙا پرين.
جشن روح رهاڻ جو نظارو مون کي
هڪ سچي خواب جيان ياد آهي، ته ان جشن ۾ ڪيئن هڪ پير مرد (عبدالڪريم گدائي)
خاص طور تي جيڪب آباد کان جشن ‘روح رهاڻ’ ۾ پنهنجي هڙ جي آسري حصو وٺڻ لاءِ ڪهي
آيو هو.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن مٿان
(4 مارچ 1967ع تي)، جيڪب آباد ۾ 1960ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر طور رهندڙ ۽ 1967ع ۾ حيدرآباد
ڊويزن جي ڪمشنر رهندڙ، هڪ ڪوتاه قد ۽ بي رحم شخص، مسرور حسن جي حڪمن تي گولين جي
مينهن وسڻ کي مشڪل سان سال گذريو هو ۽ سنڌين جا زخم ۽ ماتم، اڃا نوان ۽ تازا هئا.
ٻوليءَ خاطر شهيد ٿي ويل ڳڀرو
شاگردن جي والدين جي دلين مان اڃا سندن پٿر (تڏو) به ڪو نه کنيو ويو هو. اهڙي سمي
۾ چاچو عبدالڪريم گدائي اسٽيج تي آيو ۽ پنهنجو گيت/نظم بعنوان “پکڙا ۽ پنهوار”
پڙهندي جڏهن هنن مصرعن تي آيو:
مَاءُ مــــٺــــيءَ جون لــــوليــــــون
ســــــاڳيـــــــون،
ٻـــولــــيءَ خاطـــــــــر
گـــــــــوليــــــون ساڳيــــــون.
سوريءَ جا سينگار اڃا ڀي
ساڳيا ڙي!
ڇال ڏئــــــــــــي اڄ
جاڳيــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــا ڇورا،
ڪـــــــوٽ ڪــــــــنــــــدا ســـــي
ڀــــــورا ڀـــــــــــورا،
سورهيه سر کان ڌار اڃا
ڀي ساڳيـا ڙي!
ته سامعين کيس انهن مصرعن کان
اڳتي وڌڻ ئي ڪو نه پئي ڏنو.
جشن ۾ شريڪ ٿيندڙن کان اهو
نظارو ڪيئن وسريو هوندو ته جڏهن شاگردن ۽ شاگردياڻين، “واهه واهه!”، “ٻيهر چئه!”، “ٻيهر
چئه!” جا اُڀ ڦاڙيندڙ نعرا هڻي تاڙيون وڄايون هيون. تڏهن شاعر (عبدالڪريم گدائي)
اسٽيج تي روئي ڏنو هو ۽ ڪيترن ئي دردمند دليون رکندڙ سامعين جي اکين جا بند پڻ ڀڄي
پيا هيا. ان ڳالهه کي ورئي ڪجهه ورهيه ٿي ويا.
لاڙڪاڻي جي جناح باغ ۾ هڪ وڏو
مشاعرو ٿيو هو، جنهن ۾ عبدالڪريم گدائي جڏهن شعر پڙهڻ آيو، تڏهن هن غريب شاعر جا
ڏند، ڪنهن بي قدر ۽ بي وفا محبوبا جيان، سندس ساٿ ڇڏي چڪا هيا ۽ رعشو (Parkinson) هئڻ ڪري سندس هٿ ڏڪي رهيا هيا. ان وقت مون کي
سنڌ جي رنگين ڪلام شاعر استاد بخاريءَ جو هي شعر ياد پيو هو:
پــــــــــوڙهــــــــو
ماڻــــهــــو، ڏڪــــنــــــــدڙ هــــــٿ،
بيهاري پارو، مان بي چين
اَلا جي اهڙو.
ٽيون دفعو مون عبدالڪريم
گدائيءَ کي قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي جي نئين ديري واري بنگلي تي، مرحوم سردار
پير بخش ڀُٽي سان ويٺل ڏٺو. تن ڏينهن ۾ جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي همشيره ممتاز
بيگم لاهور ۾ وفات ڪري وئي هئي ۽ ڀُٽي صاحب سندس ميت کڻائي اچي پنهنجي اباڻي
قبرستان ۾ دفن ڪرائي هئي. ان ڪري تڏو به نئين ديري واري بنگلي ۾ وڇايو ويو هو.
چاچو عبدالڪريم گدائي ان سلسلي ۾ سردار پير بخش خان ڀُٽي سان عذرخواهي ڪرڻ لاءِ
آيو هو. سردار پير بخش ڀُٽي جو هڪ تعلق ضلع جيڪب آباد سان به رهيو، ڇاڪاڻ ته سندس
زمينون ڳوٺ “دودا پور”، تعلقو ڳڙهي خيرو، ضلع جيڪب آباد ۾ هيون ۽ اڃا تائين آهن.
منهنجي چوٿين غائبانه ملاقات،
چاچي عبدالڪريم گدائيءَ سان، 1980ع ۾ سندس مُئي پُڄاڻان ٿي، جڏهن سندس ننڍپڻ جي هڪ
دوست شڪارپور جي رهواسي ۽ انڊس گلاس فيڪٽري حيدرآباد جي مالڪ ۽ ليکڪ سرڳواسي لوڪرام
ڏوڏيجا پُوني انڊيا مان هڪ ڪتاب “سڪارٿو سفر” (جپان، هانگ ڪانگ، سينگاپور،
ٿائلينڊ ۽ فلپائين جو سفرنامو) شايع ڪيو هو. پنهنجي ڪتاب جي مُهڙ ۾ “ڪتاب جو مقصد”
نالي سان سندس مقدمو لکيل آهي، جنهن ۾ موجوده هندستان جي حالتن جو ذڪر ڪندي ڪاڪو
لوڪرام ڏوڏيجا، صفحي 8 تي، پنهنجي ننڍپڻ جي يار عبدالڪريم گدائيءَ کي هن طرح ياد
ڪري ٿو:
“بيروزگاري، پاس خاطري، رشوت ۽
اسٽرائيڪن ملڪ کي ڊانوان ڊول ڪري ڇڏيو آهي. چوڌاري آ رات انڌيري، اوندهه ڪاري...
ملڪ جو ڪو ‘اوهي واهي’ ڪونهي. خود غرضي، نفرت ۽ ڪلفت جي باهه ۾ ڀارت ‘ڀسم’ ٿي رهيو
آهي. ان وقت پنهنجي ننڍپڻ جي ‘يار’ عبدالڪريم گدائي جي هڪ التجا ٿي ياد اچي:
هــن ســڙنــدڙ
ٻــرنــدڙ ڌرتــي تـــــي، ڪــا رحـــمــت جــي بــرســات ٿئــي،
ڪــو سُــک جــو ســج
اُڀــري يــارو، ڪا امـن سڪـون جي رات ٿئي،
اڄ پيار جي ساگر مان
ساٿي، ڪي پريت جي مئه جا جام ڀريون،
هــن پيــار جــي
پيــاسـي دُنيــا ۾، اڄ رســـمِ محبــت عــام ڪـريــون.”
چاچي عبدالڪريم گدائيءَ سان
منهنجي پنجين ملاقات به لاڙڪاڻي جي باڪمال شاعر ۽ انسان دوست هري “دلگير”
جي ڪتاب “چولو منهنجي چڪ ۾” جي ذريعي سان ٿي. هري دلگير جو هي ڪتاب سنڌ جي ڄاتل
سڃاتل اديب ناز سنائيءَ پهريون دفعو سنڌ ۾ 1990ع ڌاري سنڌي ساهت گهر
حيدرآباد طرفان شايع ڪيو هو.
سرڳواسي هري “دلگير” پنهنجي آتم
ڪٿا جي صفحي 65 تي پنهنجون ياديون ساريندي لکي ٿو:
“شڪارپور ۾ رحيم بخش سومرو
منهنجو دوست، جو ٺيڪيدار هو ۽ منهنجي هوندي ئي وزير ٿيو. فيض محمد سومرو (ٺيڪيدار)
به دلبر دوست هو. سندس اوطاق لکي در جي ايراضيءَ ۾ هئي. جيڪب آباد ۾ برڪت علي آزاد
۽ عبدالڪريم گدائيءَ جي صحبت نصيب ٿيندي هئي.”
20 ڊسمبر 1971ع تي جڏهن قائد
عوام ذوالفقار علي ڀٽو، پاڪستان جو صدر بڻيو ته سندس حڪومت کي عوامي راڄ سڏيو ويو.
عوامي دور کي ڏسي، سنڌ جي هن عوامي شاعر (گدائي) پنهنجي نظم ۾ بي اختيار چئي ڏنو:
مــبــارڪـبــاد جــو هـــن ديــــس ۾
جمــهــوريــت آئــي،
ذوالــفــقــار علــي کــي اڄ ڏيــن ٿــا،
وڻ بـه تـه واڌائي.
“صـــدر ڀــٽـــو” وري هـن قــــوم جـــو،
اڳواڻ ٿــي آيـو،
انــڌيــري رات ۾ هُــو چنــڊ جــي،
چــانــڊاڻ ٿــي آيـــو.
فلق تي هڪ نئين سـج جي، اهو ڳاڙهاڻ ٿي آيـو.
عوامــي راڄ جـــــي هــــن ســــاٿ جـو، سرواڻ
ٿي آيـو.
مٽايو جنهن اچي هت مارشل لا جي نشانن کي،
زبان بخشي وري جنهن ديس
وارن بي زبانن کي.
مرحوم عبدالڪريم گدائيءَ جو
پهريون شعري مجموعو “ساڻيهه جا سور” 1965ع ۾ شايع ٿيو هو، جنهن کي پاڪستان جي اديبن
تي مشتمل، خالص ادبي تنظيم “رائٽرس گلڊ” انعامي ڪتاب قرار ڏئي، کيس هڪ هزار رپيا
روڪ پڻ انعام طور ڏنو هئو.
رائٽرس گلڊ جو ريجنل سيڪريٽري ۽
سنڌي اردو اديبن جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل طور سڃاڻپ رکندڙ سائين آفاق صديقي،
پنهنجي آتم ڪهاڻي “صبح ڪرنا شام ڪا” جي نالي سان لکي آهي، جنهن ۾ هن سنڌ جي عوامي
شاعر “گدائيءَ” جو ڪيترين جاين تي ذڪر ڪيو آهي. مثلاً سائين آفاق صديقي پنهنجي آتم
ڪٿا جي صفحي 48 تي لکي ٿو:
“اپريل 1950ع ۾ هم ني اردو سنڌي ڪانفرنس ڪا انعقاد ڪيا، جس ۾ بابائي اردو
مولوي عبدالحق، پير حسام الدين راشدي، حڪيم اسرار احمد ڪريمي، اُستاد قمر جلالوي،
عبدالڪريم گدائي، سيد اظهر گيلاني، شيخ ‘راز’ اور اندرون سنڌ ڪي ڪئي دوسري اهل ادب
ني شرڪت ڪي.”
اهڙيءَ طرح 23 ڊسمبر 1953ع تي
آفاق صديقيءَ شيخ ‘اياز’، رشيد ڀَٽي، ۽ شيخ ‘راز’ جي ذاتي ڪوششن سان، سکر ۾ هڪ وڏي
عظيم الشان “سنڌي ادبي ڪانفرنس” ڪوٺائي هئي، جنهن جي آخري اجلاس جي صدارت لاڙڪاڻي
جي مشهور شاعر هري “دلگير” درياني ڪئي هئي. ان ڪانفرنس جو ذڪر ڪندي شاعرن ۾ سڀ کان
اول آفاق صديقي، اسان جي عوامي شاعر “گدائي” جو نالو کڻي ۽ لکي ٿو. هن ڪانفرنس جي
تفصيلي روئيداد ڪراچيءَ مان نڪرندڙ هڪ نج ادبي رسالي ماهوار “افڪار” جي جنوري
1954ع واري شماري ۾ ڏنل آهي.
رائٽرس گلڊ جو وجود 1959ع ۾ پيو
۽ عبدالڪريم “گدائي” شروعاتي سال ۾ ان جو ميمبر بڻيو. سائين آفاق صديقي پنهنجي آتم
ڪٿا جي صفحي 61 تي لکي ٿو:
“سنڌي اراڪين ڪي متفق فيصلي سي ريجن ڪا سيڪريٽري منتخب هُوا! اور دس برس تڪ
بلا مقابله منتخب هوتا رها. شيخ اياز، مولائي شيدائي، شيخ ‘راز’، رشيد ڀٽي،
عبدالڪريم گدائي اور ڪئي دوسري اهلِ قلم ڪي تعاون سي سکر سب ريجن ني گلڊ ڪي وقار
ڪو چار چاند لگا ديئي.”
سائين آفاق صديقي جيڪب آباد،
شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ ٿيل مشاعرن جو ذڪر ڪندي هڪ دفعو ٻيهر عبدالڪريم “گدائي” جي
ڪوششن سان جيڪب آباد ۽ ڪنڌ ڪوٽ ۾ ٿيل مشاعرن بابت صفحي 55 تي لکي ٿو:
“سکر ۾ هم ني انجمن فروغ ادب ڪي زير اهتمام جو بڙي بڙي مشاعري منعقد ڪيئي
ان ڪا اثر آس پاس ڪي شهرون پر ڀي پڙا. مثلاً ڪنڌڪوٽ جيسي دُور افتاده قصبي ۾ سنڌي
اور اردو مشاعرون ني بين اللساني مشاعرون ڪو ڪامياب بنايا. جيڪب آباد ۾ نگهت عارف،
عبدالڪريم گدائي، ڪاظمي اور ذڪي خان ني ادبي ڪانفرنسون اور ڪل پاڪستان مشاعرون ڪي
فضا پيدا ڪي.”
اهو آفاق صديقي ئي هيو جنهن
ذاتي دلچسپي وٺي، رائٽرس گلڊ جي پليٽ فارم تان عبدالڪريم گدائيءَ لاءِ تاحيات
ماهوار هڪ سؤ رُپيا وظيفو مقرر ڪرايو هو.
هڪ دفعي سائين آفاق صديقيءَ
پنهنجي بفر زون ڪراچيءَ واري رهائش گاهه تي ڪچهري ڪندي هڪ وڏي اهم ڳالهه هن طرح
ڪئي:
“رائٽرس گلڊ جي عُروج وارو زمانو هو. اسان سان گڏ اوڀر پاڪستان جا چُونڊ
اديب ۽ شاعر به رائيٽرس گلڊ جا ميمبر هُيا. انهن ۾ بنگالي ميمبرن منجهان هڪ ڪوي
جسيم الدين به هو. ڪوي جسيم الدين جي طبيعت اهڙي هئي جو هُو ڪنهن به انسان جي
احساسن کي زخمي ٿيندو ڏسي مغموم ۽ ملول ٿي ويندو هو. ڪوي جسيم الدين سنڌي ٻوليءَ
جي عوامي شاعر ‘گدائيءَ’ جي شاعريءَ بابت راءِ ڏيندي چيو ته؛ ‘ان حقيقت جي باوجود
جو آئون سنڌي ڪونه ڄاڻان ۽ نه ڪي سمجهه ۾ ايندي اٿم پر جڏهن هي پير مرد پر جوان دل
رکندڙ شاعر ‘گدائي’ پنهنجو شعر ۽ ڪلام پڙهي ٿو ته سندس ڪلام جي روشنيءَ جو اولڙو سندس
چهري کي جيڪا رونق بخشي ٿو، اهو ڏسي آءٌ محسوس ڪندو آهيان ته سندس ڪلام ڪيترو نه
پُر اثر ۽ پرتاثير هوندو آهي.’”
“گدائي” پنهنجي دؤر ۽ وقت جو
پهريون عوامي شاعر هو، جنهن پنهنجي هم عمر ۽ هم عصر شاعرن جي وچ ۾ ويهي جيڪا شاعري
ڪئي ۽ پنهنجي دؤر جي شاعرن کان هٽي زندگيءَ ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلن جي باري ۾
سوچيو، غور ۽ فڪر ڪيو، زياده انداز ۾ محسوس ڪري پنهنجي شاعري ۾ انهن کي لفظن جو
روپ ڏئي، پنهنجي شاعري کي نواڻ ڏيندي، حقيقي معنائن ۾ عوامي شاعري ڪئي. گدائيءَ
مظلوم، پيڙيل طبقي ۽ نڌڻڪن ماڻهن جي جذبن جي ترجماني ڪئي. سندس شخصيت ۽ شاعريءَ جي
باري ۾ سنڌ جو عوامي شاعر مرحوم نياز همايوني “گوندر گذاريو ڪاپڙي” ۾ هيئن
راءِ زن آهي:
“محترم عبدالڪريم ‘گدائي’ منهنجو همعصر شاعر آهي. هن بزرگ سنڌي شاعريءَ کي
عظمت بخشڻ لاءِ جيڪي ڪشالا ڪڍيا آهن، تن جي عيوض کيس ‘رومانوي’ شاعر، ‘عوامي’
شاعر، ‘قومي’ ۽ ‘انقلابي’ شاعر جي حيثيت حاصل ٿي چڪي آهي. هن پنهنجي درد کي وطن جي
حب ۾ شامل ڪري، پنهنجي صداقت جو ثبوت ڏنو آهي، تنهن نعمت کان ته اسان جا پُراڻا
شاعر اڃا تائين محروم آهن. اسان کي هن جهوني جوڳيءَ جي جوان خلوص تي سدائين فخر
رهندو.”
ڪهڙو شاعر آهي جنهن جي دل ڪنهن
سان نه اٽڪي ۽ ڦاٿي هجي؟! ڪهڙي دل آهي، جنهن جو لنگهه، پيار جي گس تان نه ٿيو هجي؟!
ڪهڙي دل آهي جنهن پيار جو پاسو ڏٺو ئي نه هجي؟! اهڙيءَ طرح چاچو گدائي به پنهنجي
دل سنڌ جي هڪ لوڪ فنڪاره ۽ رسيلي آواز جي ملڪه ۽ مالڪا مائي الهه رکيءَ سان
اٽڪائي ۽ ڦاسائي ويٺو ۽ گدائيءَ جي الهه رکيءَ سان راز و نياز ۽ محبت جي ڳالهه ته
اڃا تائين سنڌ جي جهونن ماڻهن جي واتان ڪُوڙين ڪنين ٻڌجي پئي. شايد مائي الهه رکي
به پنهنجي پيار کي دوام بخشڻ لاءِ، يادگار رکڻ خاطر ‘گدائيءَ’ جا ڪلام ڳائيندي
هئي.
عبدالڪريم گدائيءَ جي تصنيف “خانڳڙه
کان جيڪب آباد تائين”، ضلع جيڪب آباد متعلق اهم دستاويز جي حيثيت رکي ٿي. ڪتاب
پڙهڻ وقت عبدالڪريم گدائيءَ کي جس ڏيڻو پوي ٿو ته کيس ڪتاب لکڻ لاءِ ڪيڏي وڏي محنت
۽ جاکوڙ ڪرڻي پئي هوندي. تنهن هوندي به مذڪوره ڪتاب جي ورق گرداني ڪندي ڪي
ڳالهيون، ڪي واقعا اڻ پُورا ۽ اڌورا محسوس ٿين ٿا. چند مثال هيٺ ڏجن ٿا:
(1) جيڪب آباد ضلعي سان تعلق
رکندڙ مرحوم محمد امين کوسي بابت ڪا خاص ڄاڻ ڪا نه ڏني وئي آهي. گدائيءَ جي
معلومات کان ته سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي
نامور اديب غلام رباني آگري جي ڪتاب “جهڙا گل گلاب جا” حصي ٻئي ۾ وڌيڪ
معلومات ڏنل آهي. مرحوم محمد امين کوسو، زميندار ۽ سياستدان هجڻ سان گڏ هڪ قلمڪار
به هو. ان جو ذڪر ڪرڻ ضروري هو.
(2) مرحوم گدائي پنهنجي ڪتاب
صفحي 34 تي “ابتدائي تعليمي ادارا” جي عنوان سان جيڪب آباد شهر جي درس گاهن جو ذڪر
ڪري ٿو جن ۾ اردو پرائمري اسڪولن ۾ “حميديه” پرائمري اسڪول جو ذڪر ڪري ٿو. (حميديه
هاڻي گرلس هاءِ اسڪول آهي). مرحوم گدائي اهو ڪو نه لکيو آهي ته هن اسڪول تي “حميديه”
نالو ڪيئن پيو؟ حقيقت هيءَ آهي ته 48-1947ع ۾ جيڪب آباد ضلعي جو ڪليڪٽر (ڊپٽي
ڪمشنر) مرحوم عبدالحميد خان ٿي آيو. مرحوم عبدالحميد خان جو لاڙو تعليمي ادارن
ڏانهن ججهي انداز ۾ هو. سندس تعلق هندوستان جي مسلم ڀوپال سان هو ۽ والي رياست هِز
هائينيس نواب حميدالله خان ڀوپال جي نالي پٺيان اسڪول جو نالو حميديه
رکيائين. اهو ساڳيو عبدالحميد خان، جڏهن “ون يونٽ” جي دؤر ۾ خيرپور ڊويزن جو ڪمشنر
ٿي آيو، تڏهن پراڻي سکر ۾ ٽڪري تي اڏيل اسلاميه ڪاليج جي ترقيءَ ۽ تعمير ۾ وڏو Interest ورتو هئائين.
(3) “خانڳڙهه کان جيڪب آباد
تائين” جي صفحي 64 تي هڪ ابهام واري ڳالهه لکيل آهي: “سال 1963ع ۾ ٺُل ۽ جيڪب آباد
تعلقن جي صوبائي اسميبليءَ جي ضمني چُونڊ ۾ خان صاحب سردار خان جي مقابلي ۾ احمد
ميان سومرو مغربي پاڪستان اسيمبلي تي ميمبر چونڊيو ويو جيڪا جاءِ اوستي در محمد جي
صوبائي وزير ٿيڻ سان خالي ٿي هئي.” هتي سوال اُڀري ٿو ته اوستو دُر محمد جڏهن
صوبائي وزير مقرر ٿيو، ته پوءِ سندس اسميبليءَ جي سيٽ ڇو خالي ٿي؟ وزارت جو
اسيمبليءَ جي سيٽ ڇڏڻ سان ڪهڙو تعلق.
اصل ڳالهه هيءَ آهي ته 1962ع ۾
پاڪستان جي صدر جنرل ايوب خان جڏهن ملڪ کي نئون آئين ڏنو، ته اُن آئين ۾ هڪ شِقِ
هيءَ به هئي ته جيڪو به اسيمبلي ميمبر (صوبائي چاهي قومي) وزير ٿيڻ چاهيندو ته اُهو اسيمبليءَ جو ميمبر نه
رهندو. وزارت حاصل ڪرڻ لاءِ کيس پنهنجي اسميبليءَ واري سيٽ ڇڏڻي پوندي. انهي قانون
هيٺ جناب ذوالفقار علي ڀُٽي 1963ع ۾ پنهنجي نئين ديري-لاڙڪاڻي واري قومي اسيمبليءَ جي سيٽ خالي
ڪئي هئي، ڇو جو هُو به ايوب خان جي ڪابينا جو اهم ميمبر هو. جناب ذوالفقار علي ڀُٽي
جي خالي ڪيل سيٽ تي سردار پير بخش ڀٽو مرحوم قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو
هو.
(4) مذڪوره ڪتاب جي صفحي 66 تي
لکيل آهي: ضلع جون اُهي شخصيتون جيڪي سنڌ ۽ مغربي پاڪستان گورنمينٽ ۾ وزير هيون:
(1) مرحوم شهيد الله بخش سومرو
(2) ڊاڪٽر هيمنداس
(3) حاجي مولا بخش سومرو
(4) مسٽر دُر محمد اوستو
پهرين ڳالهه ته مرحوم کي شهيد ۽
شهيد کي مرحوم لکڻ، ڪجهه عجيب لڳي ٿو. پر شهيد الله بخش سومرو ته پاڪستان ٺهڻ کان
به اٽڪل 10-9 سال اڳ سنڌ جو پهريون وزيراعظم هو. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ ۾ ۽
پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ 1955ع تائين صوبن جي مکيه وزيرن کي وزير اعليٰ نه، پر
وزيراعظم چيو ويندو هو. 1955ع کان پوءِ جڏهن ون يونٽ ٺهيو ته صوبي مغربي پاڪستان
جي مُک وزير کي وزيراعليٰ چيو ويو. بهرحال شهيد الله بخش سومرو، سنڌ حڪومت ۾ رڳو
وزير ڪو نه هو، جيئن مذڪوره ڪتاب ۾ لکيل آهي.
اهڙيءَ طرح مولا بخش سومرو صاحب
صوبائي وزارت کان سواءِ مرڪزي وزير به رهيو هو. اُن ڪري سندس مرڪزي وزارت جو ذڪر
ڪرڻ ضروري هو.
(5) جيڪب آباد ۾ سال 1951ع ۾
بزمِ ادب طرفان “13-سنڌي ادبي ڪانفرنس” منعقد ٿي هئي جنهن جو ذڪر مذڪوره ڪتاب جي
صفحي 71 تي آهي:
“هن بزم (بزم ادب) جو عظيم ۽
زنده جاويد ڪارنامو جيڪب آباد ۾ منعقد ڪرايل جميعت الشعراءِ سنڌ جي، 13-سنڌي ادبي
ڪانفرنس آهي... جيڪب آباد جهڙي خشڪ سر زمين تي هن عظيم ۽ عاليشان دو روزه ڪانفرنس
جو انعقاد جنهن ۾ ساري سنڌ مان آيل چوٽيءَ جا اديب، مورخ، دانشور ۽ شعراءِ ڪلام
شريڪ ٿيا.” ڊاڪٽر دائود پوٽي کان وٺي مولائي شيدائيءَ تائين ۽ رشيد لاشاريءَ کان
وٺي منظور نقويءَ تائين نالا ڏنا ويا آهن. مصنف فقط مشهور ۽ وڏن ماڻهن جا نالا ڏنا
آهن، حالانڪ انهيءَ مشاعري ۾ نالي وارا شاعر جناب سيد احسن الهاشمي، مشهور رنگين
ڪلام شاعر “استاد” بخاري به شريڪ ٿيا هئا. هڪ دفعي “اُستاد” بخاريءَ مون کي جيڪب
آباد واري انهيءَ مشاعري جي روئيداد ٻڌائيندي چيو هو ته “اهو مشاعرو منهنجي
شاعراڻي زندگيءَ جو اُن ڪري به يادگار آهي ته مان اُن مشاعري ۾ پهريون ڀيرو شريڪ
ٿيو هوس. الهڙ جواني هئي ۽ پهريون دفعو وڏن شاعرن جي روبرو ۽ موجودگيءَ ۾ شعر پڙهڻ
جي تصور سان ئي دل گاؤن مائون ٿيڻ لڳي هئي. جڏهن احسن الهاشميءَ شعر پڙهيو ته ڇا
ته کيس داد مليو هو! سيد احسن الهاشميءَ کي ٻڌندڙن طرفان ملندڙ داد ڏسي دل ۾ چيم
ته ٺهيو مان شعر ڪو نه پڙهندم. شاعر ته ههڙو! ههڙي شاعري ٻڌي، مان واري شاعريءَ کي
ڪير ‘داد’ ڏيندو؟ مون دل ۾ پڪو پهه ڪيو هو ته اڄوڪي رات خير سان گذري. مان شاعريءَ
کان بنهه بانءِ ڪئي. جڏهن مون اسٽيج تي ترنم سان شعر پڙهيو ته ڪجهه ‘داد’ مليو.
ايمانداريءَ جي ڳالهه هيءَ اٿئي نذير صاحب! ته ان مشاعري ۾ سيد احسن الهاشميءَ کان
وڌيڪ نه ته ڪنهن جو شعر لڳو هو، نه ڪو ڪنهن کي ايترو داد مليو هو.” مذڪوره مشاعري
۾ نواز علي نياز جعفري ۽ هري درياني “دلگير” پڻ لاڙڪاڻي مان ڪهي ويا هئا. مٿين
شاعرن جو ذڪر نه ڪرڻ دل کي ڪجهه کُٽڪي ٿو.
ساڳيءَ طرح 15 آگسٽ 1962ع تي
جشن آزاديءَ جي موقعي تي جيڪب آباد ۾ ٿيل “آل مغربي پاڪستان سنڌي اردو مشاعري” جو
احوال (صفحو 76) ڪيو اٿس. لاڙڪاڻي مان فقط ٽن شاعرن جو ذڪر ڪري ٿو: (1) انجمن ترقي
پسند مصنفين جو موجوده سيڪريٽري جنرل مسلم “شميم”، (2) شوڪت عابدي (ٻئي حال حيات ڪراچي
۾) ۽ (3) بزم ادب لاڙڪاڻي جو باني رضوي عبدالصمد “ساز”. انهيءَ کان سواءِ لاڙڪاڻي
مان ٻيا اردو شاعر جهڙوڪ “نشتر” فرخ آبادي، ضمير “جوڪر”، ديوان “لطيف” ۽ اردو غزل
جو باڪمال شاعر “رمز” شاهجهان پوري جن به پنهنجا شعر پڙهيا هئا ۽ لاڙڪاڻي جي “رمز”
شاهجهان پوري جي شعرن ته مغربي پاڪستان جي وڏن شاعرن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون
هيون يا مسلم شميم جي نظم “مارئي ڪا ديس” اردو شاعرن جي منهن ۾ گهُنڊَ وڌا هيا.
اهڙي شاهڪار نظم جو ذڪر ڪرڻ لازمي هو.
اهڙيءَ طرح گدائي جو شعري
مجموعو “پکڙا ۽ پنهوار” (اشاعت سال 1975ع ۾) ڪيترين ئي جاين تي حيرت ۾ وڌو. زير
بحث ڪتاب ۾ صفحي 80 تي هڪ نظم “سنڌ پيارا وطن” جي عنوان سان لکيل آهي، جنهن جي
هيٺان وري هڪ عجيب سِٽ لکيل آهي:
“تاريخ 1- جولاءِ 1971ع
تي ون يونٽ تي لکيو ويو.”
خبر ناهي ته گدائي صاحب جي لکڻ
جو مقصد ڇا آهي؟ ڇاڪاڻ ته پهرين جولاءِ 1970ع تي ون يونٽ ٽٽي چڪو هو ۽ سنڌ سرڪار
ڪراچيءَ ۾ قائم ٿي چڪي هئي. ان حالت ۾ ون يونٽ تي پهرين جولاءِ 1971ع تي نظم لکڻ
ڇا معنيٰ؟ اهڙيءَ طرح آزاد نظم واري حصي جي شروعات ۾ صفحي 71 تي “ڇا ڇا تو کي يار
ٻڌايون؟” جي عنوان سان شعبان بخت جي آزاد نظم “ڪجهه ته ٻڌايو” جي جواب ۾
لکيو اٿس ۽ صفحي 75 تي “خاموش رهڻ مان ڇا ٿيندو؟” جي عنوان سان هڪ الڳ آزاد نظم
وري شعبان بخت جي آزاد نظم “خاموش رهو ۽ ڪجهه نه ڪُڇو” جي جواب ۾ لکيو اٿس.
خبر نه ٿي پوي ته شعبان بخت “ڪجهه
ته ٻڌايو” ۽ “خاموش رهو ۽ ڪجهه نه ڪُڇو؟” جهڙا آزاد نظم ڇو لکيا هئا ۽ اُهي ڪٿي شايع
ٿيا هيا. گدائي پاڻ لکي ٿو؛ “شعبان بخت جي جواب ۾” ڪيترو نه سٺو ٿئي ها جو شعبان
بخت جا آزاد نظم يا انهن مان چند حصا لکي ها ته جيئن جوابي شعر پڙهڻ جو لطف ماڻي
سگهجي ها.
محترم گدائي پنهنجي ڪتاب ۾ ضلع
جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ مشهور عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو نالي ماتر به ذڪر نه ڪيو
آهي. حالانڪ “گدائي” جي ڪتاب شايع ٿيڻ واري زماني ۾ محترم غلام رسول ڪلهوڙو
۽ محترم شعبان “بخت” به ڪي نامعلوم ليکڪ ۽ گمنام شاعر ڪو نه هيا پر انهن جو لکڻيون
ان زماني ۾ به سنڌ جي مختلف معياري رسالن ۾ شايع ٿينديون هيون.
اهڙيءَ طرح جيڪب آباد جي هڪ سماجي
۽ ادبي ڪردار گؤپال “پرواني” جي ادبي خدمتن جو الڳ ذڪر ڪرڻ ۽ فوٽو ڏيڻ
ضروري هو. گؤپال پروانو اڄ ڪلهه انڊيا ۾ رهي ٿو.
اڄوڪي ماحول ۾ هر تڪبند شاعر،
رات جي پيٽ ۾ لئي مان لٺ ڀڃي، قومپرست شاعر سڏرائڻ ۾ پورو آهي، پر مرحوم گدائيءَ
جي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري دور جي شاعري پڙهي بي اختيار ٿي چوڻو پوي ٿو.
“گدائي ڪوڻ سڏاوي؟”
مٽيءَ جو ڀانڊو ٺهيو ئي ڊهڻ ۽
مٽجڻ لاءِ آهي. مٽيءَ جو هي ڀانڊو به ڊهي مٽيءَ ۾ ملي مٽي ٿي ويو، پر سندس لکيت
زماني جي ورقن تي اڃا پئي چمڪي.
No comments:
Post a Comment