24/08/2014

ذوالفقار راشدي: گهڻ-رخي شخصيت ... پروفيسر نذير احمد سومرو (Prof. Nazeer Ahmed Soomro)

پروفيسر نذير احمد سومرو
ذوالفقار راشدي: گهڻ-رخي شخصيت
نوٽ: ذوالفقار راشدي، 10 مارچ 1938ع ڌاري، راشدي گهراڻي جي ستين پڳدار سيد امام راشديءَ جي گهر، پير ڳوٺ ۾، اکيون کوليون. هن سموري تعليم خانگي طريقي سان حاصل ڪئي، انگريزي، فارسي، اردو ۽ سنڌي ٻولين تي عبور حاصل ڪيو. هو صحافي به رهيو ته حيدر بخش جتوئيءَ جي هاري ڪاميٽيءَ ۾ به سرگرميءَ سان بهرو ورتائين. سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ جمال بخاري، ڪامريڊ نذير حسين جتوئي، ۽ ننڍي کنڊ جي ليکڪا قرت العين حيدر ۽ ٻين ڪيترن ئي اديبن سان سندس علمي، ادبي ۽ سياسي لاڳاپا رهيا. مذهبِ انسانيت رسالو به ڪڍيائين.
ڪسوٽي سندس تنقيدي مضمونن جو مجموعو ۽ سوچ کي لوچ سندس شاعريءَ جا ڇپيل ڪتاب آهن. ٻين ڪيترن ئي ڪتابن جا مسودا سندس لائبرري ۾ موجود آهن.             
(ايديٽر ماهوار سوجهرو)

سنڌ جي شاعرن ۾ ذوالفقار راشديءَ کي هڪ منفرد ۽ ممتاز حيثيت حاصل آهي. سندس غزل ۾ تغزل، تازگي ۽ لهجي ۾ نواڻ ۽ سوز آهي. روايتي سنڌي غزل کي ذوالفقار راشديءَ شعري جماليات ۽ لسانيات جو نئون وڳو پهرايو، جنهن سان سندس غزل جو حسن ٻيڻو ٿي پيو ۽ غزل-گو شاعر جي حيثيت ۾، سندس سڃاڻپ به قائم ٿي.
ذوالفقار راشدي جي شاعري، هڪ دل شڪسته شاعر جي، عدم اطمينان جي شاعري ناهي. نه ئي هو اڄ جي سنڌي شاعر وانگر، عادتًا يا هروڀرو، عاشق مزاج ۽ رومان پسند آهي. نه ئي هو مشاعرن جو شاعر هيو، جتي ڳلي باز ۽ تڪبند شاعر پنهنجي نڙيءَ جي زور تي پنهنجا ڪچا ڦڪا ۽ اڌ اکري شعر پڙهي، ڪوٽ کٽندا )پار پوندا( آهن. سندس شعرن ۾ جيڪا پختگي ۽ نواڻ آهي، سا ته ڪيترن ئي شاعرن جي حصي ۾ سڄي عمر نه آئي ۽ نه ئي اچڻي آهي. پاڻ ئي چوندو هيو: “هاڻي پراڻي شاعريءَ وارو زمانو ناهي رهيو. هاڻي شاعريءَ جو ڪو مقصد هجڻ گهرجي وارو زمانو آهي.”
ذوالفقار راشديءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ محبت، پيار ۽ عشق جون به ڳالهيون ڪيون آهن پر هن پنهنجن شعرن ۾ ڪٿي به لفظن جو مانُ نه وڃايو آهي. هن پنهنجي شعرن ۾ لفظن جي حرمت کي بحال رکيو آهي.
هو پنهنجن خيالن کي، شعر جي سانچي/قالب ۾ فٽ ڪرڻ جو هنر ڄاڻندو هو. هو جهيڻي لهجي وارو شاعر هو. سندس شعر صاف سٿرا آهن. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ جديد ۽ قديم طرزِ فڪر سان هڪ توازن پيدا ڪيو. اهو شاعريءَ جو توازن ئي ذوالفقار راشديءَ جي الڳ سڃاڻپ بڻجي ويو. ائين به ناهي ته ڪو ذوالفقار راشدي صرف غزل واري شاعري ڪئي آهي. هن شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. سندس شاعريءَ ۾ معاشري جي بدلجندڙ قدرن، پنهنجي تهذيب جي پائمالي، اخلاقي ڏيوالپڻي، پنهنجن جي بيوفائي، قدر شناس ماڻهن جي مجرمانه خاموشيءَ، وصل جي سرشاري ۽ هجر جو ڪرب، هر هنڌ ليئا پائيندي نظر ايندا. حقيقت به اها آهي ته ذوالفقار راشدي هڪ پيدائشي شاعر هو. سندس شاعري پڙهي، شاعريءَ جي ڄاڻ رکندڙ، اهو اندازو لڳائڻ ۾ دير نه ڪندو ته شاعريءَ جي آمد ۽ آورد ۾ ڪهڙو ۽ ڪيترو فرق آهي.
ذوالفقار راشدي پيڙهيائتيو پير ۽ مرشد هئڻ جي باوجود، عوام دوست ۽ انقلابي سوچ جو مالڪ هو.
ذوالفقار راشديءَ جو مطالعو بيحد وسيع هو. انگريزي ادب جو کيس وڏو مطالعو هو. هن دنيا جي سمورين علمي، ادبي ۽ سياسي تحريڪن جو اڀياس ڪيو هو.
سندس علمي ڌاڪ ۽ ڄاڻ جا، سندس منڪر به کُليءَ دل سان اعتراف ڪندا. سندس علمي ڄاڻ جا ثبوت “سوجهرو” جا سن ستر واري ڏهاڪي جا اهي شمارا آهن، جن ۾ ذوالفقار راشديءَ ۽ ٻين اديب دوستن جي وچ ۾، هڪ اڻ کٽ بحث  جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن ۾ رشيد ڀٽي، خواجه سليم، سليم سولنگي ۽ ٻين به بهرو ورتو يا سندس تنقيدي مضمونن جو ڪتاب ڪسوٽي.
ذوالفقار راشديءَ جي ادبي دوستن جو حلقو به گهڻو وسيع هو، جن ۾ محترم محمد ابراهيم جويو، مرحوم اُستاد بخاري، تاج بلوچ، مرحوم نياز همايوني، تاج جويو، مرحوم ظفر حسن شاهه، مرحوم غلام محمد گرامي، پروانو ڀٽي، مرحوم مخدوم طالب الموليٰ، محترمه ماهتاب محبوب، مرحوم نسيم کرل، مرحوم طارق اشرف ۽ مدد علي سنڌي اچي وڃن ٿا.
ذوالفقار راشدي، ذاتي زندگيءَ وانگر، ادب ۾ آزاد خيال رهيو. هُو نڪو ساڄي ڌر سان وابسته رهيو ۽ نه ڪي کاٻي ڌر وارن سان. اڃا ائين چئجي ته هو ساڄي ڌر کان وڌيڪ کاٻي ڌر سان لاڳاپيل رهيو. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي، لاڙڪاڻي جي بيراج مختيارڪار جي آفيس ۾، قربان علي بگٽي مرحوم سان ملڻ ٿيو، جتي هو ملازم هيو. مرحوم بگٽيءَ کلندي کلندي ذوالفقار راشديءَ کي چيو: “سائين هڪڙي ڳالهه چوان ناراض ته نه ٿيندؤ؟”
ورندي ڏنائينس: “بگٽي! توکي خبر آهي ته مان وسيع المشرب ماڻهو آهيان! جيڪو توکي چوڻو آهي، سو بنا ڪنهن ٻڏتر جي چئه!”
تنهن تي قربان علي بگٽيءَ چيو؛ “نه سائين! اهڙي ڳالهه ڪانهي. اصل ۾ آءٌ چوڻ ٿو گهران ته توهان جا ناتا ۽ گهڻ ڀلائي، ساڄي ڌر سان (ياد رهي ته قربان علي بگٽي مرحوم، ساڄي ڌر سان لاڳاپيل هيو) گهاٽا گهرا آهن. بهتر آهي ته توهان ساڄي ڌر سان ملي وڃو ۽ ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته کاٻي ڌر وارا توهان کي مڃتا به ته ڪا نه ٿا ڏين.”
تنهن تي ذوالفقار راشديءَ چيس: “توکي ڪنهن ٻڌايو آهي ته ترقي پسند اديبن طرفان، مون کي مڃتا ڪا نه ملي آهي. جيڪڏهن تون ائين سمجهين ٿو ته به، آءٌ انهن مان ئي ۽ انهن جو ئي آهيان.”
ذوالفقار راشدي، شاعر هجڻ سان گڏ، هڪ سٺو مضمون نگار، ڪهاڻيڪار ۽ نقاد پڻ هيو. سندس ڪهاڻين جي مجموعي، “خوابن جو مسافر” جو ٽائيٽل، پاڻ ذوالفقار راشديءَ، پنهنجي حياتي ۾ فتاح هاليپوٽي کان ٺهرائي ڇڏيو هيو. ذوالفقار راشديءَ جون، جيڪي ڪهاڻيون ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي شايع ٿيون، انهن ۾ سندس ڪهاڻي “ٿرڊ ڪلاس” ٻن ٽن ٻولين ۾ ترجمو ٿي. هن اردو شاعري به ڪئي.
هڪ اعليٰ درجي جو شاعر، فطرتي حقيقتن جو ترجمان ۽ دائمي قدرن جو قدردان هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ئي هڪ حساس ۽ نرم دل رکندڙ شاعر جو، سرمايو ٿئي ٿو. ائين ئي ذوالفقار راشدي، انساني مت ڀيد کان هميشه آجو رهيو. هو هڪ گادي نشين، روايتي پير، وڏو زميندار هوندي به پورهيتن، هارين، مسڪينن، مزدورن ۽ اٻوجهه ماڻهن جي اندر جي اُڌمن جي ڳالهه ڪندو هو. هُو هڪ آدرشي انسان هو. هو صرف سندن ڳالهيون ڪو نه ڪندو هو، عملي طور انهي جو ثبوت به ڏيندو هيو.
هڪ دفعي سندس ڳوٺ واري بنگلي جي اندرئين وڏي ويڪري هال (ڪمري) ۾ ويٺا هئاسون. سندس راڄ جو هڪ اڻ پڙهيل ماڻهو، اندر لنگهي آيو، ويٺو ۽ چيائين: “سائين، ٻڌو اٿم ته توهان مون تي بيحد ناراض آهيو.”
تنهن تي ذوالفقار راشديءَ چيس: “ڇا تي؟ ۽ اهو توکي ڪنهن چيو آهي؟”
ان ماڻهوءَ جواب ۾ ڪنهن ٻئي ڳوٺاڻي جو نالو وٺي، هڪ عام ۽ معمولي ڳالهه ڪئي.
تنهن تي ذوالفقار راشديءَ چيس: “بابا تون ته ڏاڍو ڳهيلو ۽ ڀورڙو آهين. مان ڪنن جو ڪچو ناهيان. پهرين ڳالهه ته تو ڪو به ڏوهه نه ڪيو آهي. جيڪڏهن تون منهنجي مخالف ماڻهن سان گڏجي گهمين ٿو ته پوءِ ڇاهي؟ اهو ته انساني حق آهي. آئون ڪير ٿيندو آهيان! منهنجي دل ۽ سينو ڪشادو آهي. جڏهن منهنجي درگاهه جا، جنهن جو آئون سجاده نشين آهيان، ڪيئي هندو مريد به آهن ۽ اهي منهنجي سيني ۾ سمائجي ويا آهن، ته تون ڪيئن ڌار رهندين؟”
پنهنجي موت کان اڳ ۾ ئي، مون کي گهرائي چيائين: “ايندڙ هفتي ڪراچيءَ هلنداسون. واٽ تي حيدرآباد ۾ به ڊاٻو ڪنداسون، جتي محترمه مهتاب محبوب، طارق اشرف ۽ مدد علي سنڌيءَ سان به ملنداسين. ٻڌو اٿم تاج بلوچ به بدلي ٿي، حيدرآباد آيو آهي. ان سان به ٻه ٽهڪ ڏئي، ڪراچيءَ هلنداسين.”
چيومانس: “ڪهڙي تاريخ تي هلڻو آهي؟”
ڪجهه سوچ ۾ پئجي ويو. چيائين: “تاريخ ڇا جي؟ بس هڪ ڏينهن اڳ ۾ ٻڌائيندومانءِ.”
مون دل ۾ چيو: “في البديهه شعر چوڻ ۽ امالڪ گفتگو ڪرڻ وارو، اٽل ارادي جو مالڪ، اڄ ڀلا ايڏي سوچ ۾ ڇو پئجي ويو آهي! هڪ ته جواب به دير سان ڏنائين، ٻيو تاريخ به مقرر نه ڪيائين. سندس چهري تي ڪنهن طرح جي اداسي به نه هئي.
26 آگسٽ 1986ع جي شام جو، کيس نڙيءَ ۾ ٿوري تڪليف محسوس ٿي. کيس لاڙڪاڻي جي پرائيويٽ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. سندس تڪليف ۾ شدت ايندي وئي، تان جو 27 آگسٽ تي، رات جو 2 وڳي، اجل جو فرشتو هن قيمتي روح کي، پاڻ سان گڏ وٺي رمندو رهيو.

هــــاڻــــي ڪـنـــهـن ســان نــــه آ دوســتــــــي ۽ نـــه دُشــمــنــــــي،
اي حــــــبـــيــــبـــــو الـــــوداع، اي رقـــــيـــــبـــــــــــــــــو الـــــوداع .

                              (ذوالفقار راشدي)

No comments:

Post a Comment