دردوندن
جي ديس ۾ هل تون
امين چانڊيو
گهڙي پل ۾ دل جي ديول ۾ گهڙي
ويندڙ، سنڌي ٻولي جي دلڪشن شاعر راشد مورائيءَ،
سيد سعيد علي شاهه صاحب جي گهر ۾ 5 مارچ 1944ع تي تعلقي موري جي ڳوٺ (جوڻا لوءِ)۾
جنم ورتو. پوءِ دنيا دنگ رهجي وئي جڏهن سيد زادي 13 ورهين جي ٻالڪپڻي واري راند
روند واري عمر ۾ شاعريءَ سان نينهن جو ناتو رکيو، نيٺ موت کي ڪو موت پوي جنهن اچي
25 مارچ 2014ع جي سانجهيءَ جو اسان کان، سنڌي ٻولي کان هڪ هيرن جو هار کسي ورتو.
سندس پيش ڪيل فڪر اڄ به حقيقت جي تصوير پيش ٿو ڪري ته:
”اڌ واٽ تان واپس
ٿي ورڻ ڪونه ٿو گهران
دم آهي ته ڪا هار
مڃڻ ڪونه ٿو گهران
سچ آهه حياتي تي
ڪوئي ڀروسو ناهي
”منزل کان اڳي پوءِ
به مرڻ ڪونه ٿو گهران“
راشد مورائي جي جسماني وڇوڙي
جو وَڍُ ته سنڌي ادب کي ڪاپاري لڳو آ، ان زخم تي مرهم هڻڻ وقت جي وس ۾ ناهي، ڇو ته جيڪو قلمڪارن زندگي جي ترجماني
ڪندي وڇڙي ويندو آ، عام طرح ان سماج جي زندگي جا رنگ هيڊا ٿي آخر ڌندلا بڻجي ويندا
آهن. زندگي جا رنگ ان ڪري ڌنڌلا ٿيندا آهن جو انهن لطيف فن رکندڙ ماڻهن جو قول ۽
فعل ستارن جيئن جرڪندڙ ۽ اتساهيندڙ اٻوجهه ديس واسين جون راهون روشن ڪندڙ هوندو
آهي.ان ڪنڊن جي راهه تي هر ڪوبه نه هلي سگهندو آ، پر ڪو ڪو بي باڪ لکاري ئي ٿي
سگهي ٿو.
”هر ڪو راشد هت
حقيقت آشنا ماڻهو نه آ،
”سچ چيو مون ڇو ته
مان منصور جو ڪردار هوس“
”هونئن ته لکين
انسان دنيا ۾، هن جو ناهي جواب
”سادو سودو ماڻهو
آهي بيشڪ موتين مُل“ (راشد)
سندس ڪردار، جستجو، عمل، خدمت
۽ ان جي ڏکن، ڏاکڙن، ڪشش ڪشالن، سندس زندگي جي مختلف موڙن تي سندس ورتاءُ، لهجو،
رنگ، ڍنگ اسان آڏو ٿي گذريو آهي. مان سمجھان ٿو ته پنهنجي قلم کي سڪونت اختيار
ڪرايان، سندس پورهئي، فڪر، علم، آدرشن ۽ ان جي سرهي سوچ جي خوشبوءِ سان پڙهندڙن کي
واس ڏياريان ته بهتر رهندو.
”گذر ٿيا سال پر
پيدا نه ٿيو ڪو فرق عادت ۾
جهالت سان پيا
جهيڙيون ذهينن جي قيادت ۾
زمانا! داد ڏيڻو نيٺ
پوندئي منهنجي همت جو
ڏٺي هوندي ڪمي
ڪڏهين نه توڪا استقامت ۾“
سندس شخصيت ڏاڍي لطف ڏيندڙ ۽
اتساهه وڌائيندڙ هئي. منهنجو پهريون شاعري جو ڪتاب ”عڪس
۾ رقص“ ڇپجي آيو ته گفٽ ڪيومانس چوٿين ڏينهن تي فون ڪري مبارڪ ڏنائين چيومانس بابا
اوهان جي همت ڏيارڻ جي ضرورت آ. چيائين همت ڀريو آهين تون، سچ پڇو همت ڀريو هوس نه
پر راشد سائين جي چوڻ سان همت وڌي وئي هيم، تڏهن منهنجي ذهن ۾ سندس مشهور انقلابي
غزل ياد اچي ويو هو ته:
”مون ڏاڍ جا ڏونگر
ڪٽي جا واٽ آٺا هي،
ان واٽ تان گذرين
ته مون کي ياد ڪندو ڪر،
جوکي ۾ وڌم جيءَ
ڪيم جنگ امن لاءِ،
انياءَ سان اٽڪين
ته مون کي ياد ڪندو ڪر“
راشد مورائي جيڪا شاعري سر جي
سا اثر ڪندڙ ۽ وقت جي قاتل اکين سان ڳالهائيندڙ شاعري آهي، لفظ جو لفظ ساڻ ربط
اهڙو ته موتين جيان پويو اٿس جو شروعات کان اختتام تائين ماڻهو سندس سوادي ٻولي جي
جادو ۾ جڙيو رهي ٿو.
علامه دائو پوٽي صاحب هڪ هنڌ
نهايت اهڙن هر دلعزيز شاعرن لاءِ خوبصورت لفظ استعمال هئا ته ” شاعر اهو آهي جنهن
جي دل ۾ جذبو هجي ۽ جو انهيءَ جذبي کي سهڻو لفظي لباس پهرائي سگهي“ راشد جي هن
مزاحمتي نظم ۾ به جذبو ۽ لفظن جو ڪمال آهي.
”هي ڳاڙهي ماڙي
رئيسن جي ۽ سائي جيپ وڏيرن جي،
مان باغي هان سو
باهه ڏئي ٿو ڪريان سُڃ لٽيرن جي
هُتِ ٻن ڏينهن کان
ٻار بکيا، هِتِ توکي تياري نيرن جي
اڄ دنيا ڏسندي ڪيئن
ٿيندي آ جھڙپ بکايل شيرن جي،
مان باغي هان، مان
باغي هان“
راشد مورائي جي سوچن جا سرها
گل جڏهن ماڻهو جي ساڃاهه جي اڳند تي تڙن ٿا ته غير محسوس ٿيندڙ جذبا به محسوس ٿيڻ
لڳن ٿا، ڇو ته سندس تخليقون مقصديت ۽ حقيقت پسنديءَ جي دنيا ۾ وٺي وڃن ٿيون، جيئن
پاڻ چيائين ته:
”مقصد ساڻ سچائي
گهرجي، ڳالهه آ سِرَ جي کاپي جي
جاري آهي جاري
رهندي يارو جنگ جياپي جي“.
ادب جي ميدان ۾ منفرد مقام
رکندڙ راشد جي قابليت، ڏات ۽ ڏانءُ جو اعتراف اڄ جيڪو
اسان سڀ ڪري رهيا آهيون تنهن جو اصل سبب ۽ منطق اهو آهي ته منفرد حيثيت رکندڙ
شاعر، پنهنجي سڀني دورن جي هر پسمنظر ۾ خلوص ڀريو، آزادي جو جذبو ڏياريندڙ، ضميرن
کي جاڳائيندڙ، هي ضميرن کي للڪاريندڙ، ڏکايل ۽ پيڙيل طبقي جي احساس جو اظهار ڪندڙ
شاعر آهي. سندس هن غزل مان ان نصب
العين جي پرک پوي ٿي.
” درد وندن جي ديس
۾ هل تون!
راشد ساڻ ملايان
توکي“
درد ئي ته زندگي جي ساڃاهه
ڏيندا آهن، شاعر جا جذبا، عڪس ۽ ڏس پتو ته ڏسو، جتي پنهنجي هجڻ جو ثبوت ڏئي ٿو،
ائين جي فڪر جي ساڃاهه اها ئي ته هئي جو هن پروان ڏکن، سورن، دردن کي احساساتي طور
پنهنجو سمجھي انهن سان نبرندو رهيو.
No comments:
Post a Comment