افضل سليمان قاضيءَ جو ڪتاب
”سنڌ ۽ پاڪستان جو رياستي نظام“
يوسف شاهين
نه واهي، نه ويڄُ،
نه مُک، نه مسيحُ،
ڏسي حال ڏيههَ جو،
جُهري پيم جيءُ،
عجبَ منجهان ايءُ،
اوريم سُور اُڀ سين. -يوسف
جُهرندڙ
جيءَ سان فضل سليمان قاضي سنڌ جا سور سنڌين سان اورڻ لاءِ هڪ ڪتاب قلمبند ڪيو آهي،
جنهن جو نالو رکيو اٿائين: ”سنڌ ۽ پاڪستان جو رياستي
نظام“. دراصل هيءُ ڪتاب گذريل 66 سالن دوران، سنڌ سان ٿيل ناانصافين جو ڪچو
چٺو آهي، جنهن ۾ هن مرد مجاهد ڄاڻايو آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان ويندي اڄ تائين ڪيئن
سنڌين کي ڦريو ويو، ڪيئن هنن جا پيداواري وسيلا ۽ روزگار جا حق ماريا ويا، ڪيئن
سنڌين کي بک، بدحالي ۽ غربت ڏانهن ڌڪيليو ويو آهي. اُهو هڪ طويل ۽ دردناڪ داستان
آهي، جنهن لاءِ مصنف ڪيترائي دستاويزي ثبوت، مختلف تاريخدانن ۽ عالمن جي لکيل
متعلقه ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن.
سڀ
کان اول مصنف جناح صاحب جي هڪ ابتدائي تقرير ۽ 1940 واري ”قرارداد لاهور“ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن تحت پاڪستان ۾
شامل ٿيندڙ مسلمان اڪثريت وارين رياستن يا صوبن کي اهو يقين ڏياريو ويو هو ته اُهي
آزاد ۽ خومختيار هونديون. انهن کي آزاد رياست (State)
جو درجو حاصل رهندو. مرڪز وٽ فقط دفاع، مواصلات ۽ خارجه معاملن واريون وزارتون
هونديون. پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ خاص طور سنڌ کي آزاد ۽ خودمختيار رياست بدران
ڪالونيءَ طور هلايو ويو. اهو سنڌ سان پهريون دوکو ٿيو. ايتري قدر جو پاڪستان ٺهڻ
کان پوءِ جيڪا پهرين ڪابينا ٺاهي ويئي، ان ۾ ڪوبه سنڌي وزير نه کنيو ويو. اهڙي طرح
پاڪستان ٺاهڻ لاءِ سنڌين جو خواب بيسود ثابت ٿيو.
مصنف
وڌيڪ لکي ٿو ته انگريزن جي ڏينهن ۾ 1935 واري صوبائي قانون تحت سنڌ کي جيڪا صوبائي
خودمختياري حاصل ڪئي، اها به ختم ٿي ويئي. سنڌ کي سيلز ٽيڪس (Sales Tax) اوڳاڙڻ جو حق حاصل هو، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اهو به ڦرجي ويو.
پاڪستان تي ٿاڦيل پهريون وزيراعظم لياقت علي خان حيران ڪندڙ ڳالهه ڪئي ته ”صوبا
فقط انتظامي سهوليت لاءِ وجود رکن ٿا.“ مصنف لکي ٿو ته پاڪستان ٺهڻ شرط تڪراري
فيصلا ڪيا ويا جن ۾ ننڍن صوبن جي قيادت ۽ عوام کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو.
سنڌ جون زمينون، مالياتي وسيلا ۽ نوڪريون ”قبضه گروپ“ جي حوالي ڪيون ويون.
ڪراچي
شهر ۾ مهاجرن سنڌي هندن جي گهرن تي حملا ڪيا ۽ کين پنهنجي ڌرتي ڇڏڻ لاءِ مجبور
ڪيو. ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز جي حوالي ڪرڻ لاءِ پير
الاهي بخش کي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو ويو جنهن عهدو سنڀالڻ شرط 24 ڪلاڪن
اندر ڪراچي کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. انهن ئي ڏينهن ۾ نواب شاهه جي
ڪليڪٽر مسعود کي لاهور موڪليو ويو، جتان هو مهاجرن جون ته ٽرينون ڀرائي نوابشاهه
پهتو، جتي انهن کي آباد ڪيو ويو.
مارچ
1948ع ۾ جناح صاحب مشرقي پاڪستان جو دورو ڪيو، جتي هن پلٽن ميدان ۾ اعلان ڪيو ته
هاڻ اڙدوءَ کي پاڪستان جي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏجي ٿو، جيڪا دراصل فقط ٻه سيڪڙو
ماڻهن جي ٻولي هئي. ايڏي وڏي فيصلي بابت پاڪستان جي سياسي اڳواڻن سان مشاورت نه
ڪئي ويئي. پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان سنڌي عوام سان ڪهڙيون
ناانصافيون ڪيون ۽ ڪيئن انهن کي پوئتي ڌڪيليو، ان جا مصنف ڪيترائي مثال .قلمبند
ڪيا آهن.
اڳتي
هلي مشرقي پاڪستان جي عوام سان ويساهه گهاتي ڪئي ويئي. هنن جي اڪثريت واري حيثيت
کي ختم ڪرڻ لاءِ پنجاب وارن برابري (Parity) جو
ڪوڙو نعرو هڻي ”ون يونٽ“ قائم ڪيو. جنهن جو سڀ کان وڏو نقصان سنڌ کي ٿيو. سنڌ جي
تاريخي حيثيت، سنڌ جو نالو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي هڪڙي ئي ڌڪ ۾ ختم ڪيو ويو. ون يونٽ جي
آڙ ۾ پنجاب وارا پاڪستان جون 90 سيڪڙو نوڪريون ۽ 90 سيڪڙو آمدني کائي ويا. ايتري قدر
جو زڪوات جو پيسو به نه ڇڏيائون.
پاڪستان
جي فوج ۾ اڃا تائين ڪوبه سنڌي جنرل جي عهدي تي نه پهتو آهي. پاڪستان نيوي ۽
ايئرفورس ۾ سنڌين جي نمائندگي نالي ماتر آهي. ايئرمارشل عظيم
دائود پوٽه کي حق مطابق ايئرفورس جو سربراهه مقرر ڪرڻ بدران هن کي افريڪا
جي هڪ ملڪ زمباوي ڏانهن موڪليو ويو.
مصنف
وڌيڪ لکي ٿو ته پاڪستان جي عوام اقتدار تي لڳاتار فوجي قبضي سبب شهيد ذوالفقار علي
ڀٽي هڪ ڀيري جيل ڪوٽڙيءَ مان لکيو ته هن ملڪ تي جيترو ڊگهو عرصو مارشل لا رهندو
اوترو ئي پاڪستان جو وجود خطري هيٺ رهندو. ڀٽي صاحب اڳڪٿي ڪئي ته بلوچستان ۽ سرحد (خيبر
پختونخواه) کان اڳ سنڌ پاڪستان کي خدا حافظ چوندي.
1971ع
۾ مشرقي پاڪستان جي ڌار ٿيڻ سبب باقي بچيل پاڪستان سياسي توڙي معاشي طور انتهائي
ڪمزور ٿي ويو. خاص طور پاڪستان جي سرحدن لاءِ ڪئين خطرا پيدا ٿيا. اهڙين حالتن کي
سامهون رکندي سنڌ مان شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي
اول مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ پوءِ وزيراعظم طور قبول ڪيو ويو. بعد ۾ کيس سياسي
ميدان مان خارج ڪرڻ لاءِ قتل ڪيو ويو. اهڙو ئي حشر شهيد محترمه
بينظير ڀٽو جو ٿيو. اڄ پاڪستان جي 72 سيڪڙو آمدني سنڌ ڀري ٿي. ان کان علاوه
پاڪستان کي 90 سيڪڙو تيل ۽ 70 سيڪڙو گئس پڻ سنڌ ڏي ٿي. جڏهن ته پاڪستان جون 90
سيڪڙو نوڪريون فقط هڪ صوبي کي حاصل آهن. پاڪستان جي سڀني وفاقي وزارتن، واپڊا،
پاڪستان ريلوي، پي آءِ اي، پلاننگ ڪميشن، پاڪستان ٽيليويزن، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ۽
ٻين سوين سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن ۾ سنڌي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس ملندا.
بهرحال،
جناب فضل سليمان قاضيءَ سنڌ سان گذريل 66 سالن
دوران ٿيل ناانصافين جو هڪ ڊگهو پوتا ميل ڏنو آهي، جيڪو سڀني سنڌين کي ڏاڍي ڌيان
سان پڙهڻ گهرجي. مصنف هڪ عالم، محقق ۽ باهمت قلمڪار آهي. ڏک جي ڳالهه اها آهي ته
66 سالن جي ڦرلٽ کان پوءِ اڄ سنڌي قوم حق گهرڻ يا وڃايل حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد
بدران آهستي آهستي هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ هرحال تي راضي رهڻ ۾ سلامتي سمجهي ٿي. هن کان
اڳ جيڪي ڌريون سنڌ جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪنديون هيون، انهن مان ڪيترائي هاڻ فيڊريشن
۾ رهڻ جي تبليغ ڪن ٿا. اُهي سنڌ جي حقن
بابت ڏاڍي خوف ۽ محتاط انداز ۾ ڳالهائين ٿا. فيڊريشن ۾ رهڻ سٺي ڳالهه آهي. پر هنن
مسئلن جو ڪير جواب ڏيندو ته سنڌي قوم تمام تيزيءَ سان ”اقليت“ ۾ تبديل ٿي رهي آهي.
سنڌ جي اڪانامي سنڌين کان ڦري ڌارين جي حوالي ڪئي ويئي آهي. سنڌ جا پيداواري
وسيلا، ۽ روزگار جا حق مجموعي طور ڌارين جي قبضي هيٺ آهن. ڪڏهن ڪڏهن قومون ڊگهي
عرصي تائين ناانصافيون برداشت ڪرڻ ۽ جبر سهڻ جون عادي ٿي وينديون آهن. هن وقت سنڌي
قوم وٽ فقط هڪ مطالبو وڃي بچيو آهي ته .”نوڪريون ڏيو.“
افسوس
آهي ته سنڌي قوم دنيا ۾ ٿيندڙ تيز انقلابي تبديلين کان پاڻ کي آگاهه رکڻ لاءِ تيار
ناهي. پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ کان ويندي اڄ تائين دنيا جون ڏيڍ سئو کان وڌيڪ غلام
قومون آزاد ٿي چڪيون آهن. وڏيون وڏيون بادشاهتون، جيڪي دهشتگردي ذريعي قائم ڪيون
ويون، اهي لڳاتار ڀورا ڀورا ٿي رهيون آهن. هن وقت دنيا ۾ آزاد ملڪن جو تعداد 200
کان به وڌي ويو آهي. اهي آزاد ٿيل قومون صدين کان پوءِ پنهنجون مادري ٻوليون،
مذهبي عقيدا ۽ تهذيبون بحال ڪري سگهيون آهن. صدين کان پوءِ هو پنهنجي مالي ۽
پيداواري وسيلن جا مالڪ ٿيا آهن.
سنڌ
جي موجوده ساڍا اٺ ڪروڙ آباديءَ ۾ چار ڪروڙ ڌاريا ماڻهو آهن. چون ٿا ته پاڪستان جي
آئين مطابق سڀني کي حق آهي ته هو ڪنهن به صوبي ۾ آباد ٿي سگهن. پر پاڪستان جي آئين
۾ اهو ڪٿي لکيل آهي ته چار ڪروڙ ڌاريا فقط سنڌ ۾ آڻي سنڌين کي ”اقليت“ ۾ تبديل ڪيو
وڃي. سنڌين لاءِ اهو عمل ته فوجي ڪاهه کان به خطرناڪ ثابت ٿيندو. پاڪستان جي آئين
۾ اهو ڪٿي لکيل آهي ته سنڌ جي لکين ڪارخانن جا سمورا مالڪ فقط ڌاريا هجن. سنڌ جو سمورو ڪاروبار، سموري اڪانامي ڌارين جي
حوالي هجي. پاڪستان جي آئين ۾ ڪٿي اهو لکيل آهي ته سنڌ جون اڌو اڌ زرعي زمينون
ڌارين کي ڀڳڙن مٺ تي ڏنيو وڃن هن وقت سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 50 لک افغاني آهن ۽ اوترائي
پشتون فاٽا ۽ صوبي پختونخواهه کان سنڌ ۾ آيل آهن. موجوده حڪومت گهٽ ۾ گهٽ افغانين
کي سنڌ مان ڪڍڻ جو سکڻو نعرو هنيو آهي، پر هڪ به افغانيءَ کي ڪڍي نٿا سگهن. انهن
وٽ سنڌ پوليس کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ جديد هٿيار آهن. هاڻ ته اتر وزيرستان ۾ ٿيندڙ فوجي
آپريشن سبب اتي جا لکين ماڻهو سنڌ پهچڻ وارا آهن. جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي
ته انهن ماڻهن کي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ نه ڏنو ويندو. پر اها محض خام خيالي آهي. انهن
ماڻهن جا لکيل مٽ مائٽ اڳ ۾ ئي ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ موجود آهن جيڪي وڏا وڏا
ڪاروبار ڪن ٿا. اهي سڀ جا سڀ بنا رنڊڪ سنڌ ۾ آباد ٿي ويندا.
ڪجهه
عرصو اڳ سنڌ حڪومت سنڌ مان سٺ لک بنگالي ۽ بهاري ڪڍڻ لاءِ مهم هلائي هئي مگر هڪڙو
به بنگالي يا بهاري سنڌ مان نه نڪتو. انهن کي هڪ سياسي پارٽيءَ گاڏيون ڀرائي سنڌ
جا شناختي ڪارڊ ٺهرائي ڏنا.
اڄ
حالت اها آهي ته سنڌ جي اڌواڌ اسڪولن ۾ سنڌي نٿي پڙهائي وڃي. اهي سنئون سڌو ڏاڍ
مڙسيءَ سان چون ٿا ته هو پنهنجن اسڪولن ۾ سنڌي نه پڙهائيندا. سنڌ حڪومت پورو زور
لڳائڻ جي باوجود ڪجهه به نه ڪري سگهي.
آخر ۾
اهو ئي سوال پيدا ٿئي ٿو ته جناب فضل سليمان قاضيءَ کي سنڌ جي حقن تي لڳل ڌاڙن
بابت ٻيا ڪيترا مرثيه لکڻا پوندا. ڪڏهن اهي مرثيه رنگ لائيندا، ڪڏهن سنڌ جو ماڻهو
سجاڳ ٿيندو، اسان ڪڏهن ماٺ جي اعتڪاف مان نڪرنداسين.
اچو اچو ته اوريون،
سڀئي گڏجي سورَ
ڪن گهڻا، ڪن ٿورا،
ميڙي ٿيون مخمور
ان پر ڪري اسورَ،
رات کٽايون روڄَ جي. - يوسف
No comments:
Post a Comment