هجومن ۾ هڪ هيکلو شخص: برڪت بلوچ
فياض لطيف
ڪي رواجي ۽ روايتي ماڻهو هوندا
آهن. وقت سان گڏ وک کڻي هلندا آهن. جنهن رخ جي هوا لڳندي آهي، ٻيڙي جي سڙھ وانگر
ان طرف رڙهندا آهن. وقت ۽ حالتون انهن جي مجبوري بڻيل هونديون آهن. انهن جي تقديرن
جو تعين حالتون ۽ وقت جون هوائون ڪنديون آهن. خوشامند هنن جي قابليت ۽ موقعي پرستي
سندن مزاج ۾ شامل هوندي آهي. مئل لاءِ جيئري کي ڪُهڻ هِنن جي ڏائي هٿ جو کيل هوندو
آهي. هو هر موقعي کي غنيمت سمجھي، ان مان لاڀ حاصل ڪندا آهن ۽ پنهنجي غرض لاءِ هر
گڏھ کي ابو چوڻ ۾ عار محسوس نه ڪندا آهن. هنن جي ڪابيابي ۽ ڪامراني ايستائين قائم
رهندي آهي، جيستائين منجھن ست ۽ ساھ هوندو آهي. هو پوري عمر رواجي ۽ معمولي مفادن
جي پويان جيون وڃائي، جواني جوئاري جيان هارائي، پوڙهائپ ندامت ۽ پڇتاءَ ۾ گذارڻ کان
پوءِ جڏهن هي جهان ڇڏي ويندا آهن، تڏهن پويان ڇڏيل مال ۽ ملڪيت جي انبارن تي سندن
پونئير مست اُٺ جيان اهڙو ته مارو ڪري ويهي رهندا آهن، جو انهن کان ان دولت جا
ميڙيندڙ به وسري ويندا آهن ۽ نتيجي ۾ اهڙي ماڻهن جا وارث فقط قبر جا جيت جڻيا ئي
وڃي رهندا آهن، جيڪي پنهنجي کاڄ بڻائڻ لاءِ کين ياد رکندا آهن. اهڙن ماڻهن جي
زندگيءَ لاءِ جڳ مشهور سرجڻهار ٽي ايس ايليٽ جي شهر آفاق نظم بنجر زمين (waste land) جون هي
سٽون ڪيتريون نه ٺهڪي ٿيون اچن.
We are the hollow men / we are
the stuffed men
Leaning together / head piece
filled with straw
This is the way the world ends
Not with a bang but with a whimper.
(اسين کوکلا، ٽيڳريل ۽ ڀوسي سان ڀريل ماڻهو
آهيون. اسان جون کوپريون ڪڙٻ جي ڪانن سان ڀريل آهن. انهيءَ ڪري اسان جي دنيا جو
انت ڪنهن حادثاتي ڌماڪي سان نه، پر اسان جي روڳي دردن سان ٿيڻو آهي)
ڪجھ ماڻهو غيرروايتي ۽ غير معمولي
هوندا آهن. هنن جي جيون جا رند ۽ پنڌ پنهنجا هوندا آهن. هنن جا خواب ۽ خوبصورتين
جدا، هنن جي پسند ۽ ناپسند، هنن جون ترجيحون ۽ اوليتيون الڳ هونديون آهن. لوڪ
لهوارو وهندو آهي، ته هو اوڀارا هلندا آهن. دنيا وارن لاءِ هو ديوانا ۽ ديوانن لاءِ هو دانا
هوندا آهن. هو پنهنجي لاءِ ڪاغذي نوٽن جا انبار ڪٺي ڪرڻ بدران ڪوري ڪاڳرن تي
پنهنجن احساسن ۽ جذبن جون ڪٿائون اوريندا آهن ۽ پنهنجي اها تخليقي دولت ڪنهن
سرمائيدار وانگر ڪنهن ٽجوڙيءَ ۾ بند ڪري رکڻ بدران ماڻهن ۾ ونڊيندا ۽ ورڇيندا آهن.
هو معاشي طور ڪيترا به مفلس هوندا آهن، پر هو دل جا انوکا امير ۽ آسوندا ٿيندا آهن.
هنن جي زندگي، پوپٽ جي جياپي جھڙي ۽ هنن جي لا اُبالائي شاهاڻي هوندي آهي. هو
پنهنجي دنيا ۾ مست ۽ مگن اهڙا من موجي ماڻهو هوندا آهن، جيڪي جڏهن پنهنجي تي ايندا
آهن، ته سڪندرِاعظم جھڙي ماڻهوءَ کي به ديوجانس وانگر چئي ڏيندا آهن، ”مون کي تنهنجو
ڪجھ نه گھرجي. تون منهنجي سامهون هٽ، ته مان سج جي روشني پَسان.“
جتي دنيا جي اڪثريت دولت، شهرت،
عيش ۽ عشرت پويان پنهنجو چين ۽ سڪون لُٽائي رهي هوندي آهي، اُتي حافظ شيرازي وانگر
دل جي ڪُنڊ کي هڪ ڪائنات بڻائي ويٺل هي تخليقار ۽ آرٽيسٽ مخلوق، پاسترناڪ جيان ان
اعتماد ۽ آنند ۾ هوندي آهي، ته ”اسان کنيو حُسن ۽ عشق، موت ۽ زندگي، ازل ۽ ابد،
باقي دنيا بدلائڻ جو خبط رواجي ماڻهن لاءِ ڇڏيو آهي“.
برڪت بلوچ جو شمار به اهڙن ماڻهن
۾ ٿئي ٿو، جن دنيا جي ڌن ۽ دولت پويان ڊڙوڻ بجاءِ حسن، عشق ۽ زندگيءَ جي حيرتن ۽
حُسناڪين پويان پاڻ وڃائيو آهي. هڪ دولتمند ماڻهو پئسي پويان پاڻ وڃائي محل ۽
ماڙيون ٺاهي ٿو، پئسو مُٺ ۾ واريءَ وانگر ٿيندو آهي، جنهن کي ڪيترو به مُٺ ۾ قابو
ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، پر اهو واريءَ وانگر هڪ ڏينهن مُٺ مان وهي وڃي ٿو ۽ محل ماڙين کي
به وقت جا طوفان ڍير ڪري وجھن ٿا، پر هڪ تخليقار ۽ عاشق، حسن ۽ عشق، حق ۽ سچ،
زندگيءَ جي سحر ۽ سندرتائن پويان پاڻ وڃائي اهڙين تحرين ۽ تخليقن کي جنم ڏئي ٿو،
جن جي سڳنڌ ۽ سهائي صدين تائين ماڻهن جي دلين کي معطر ۽ دماغن کي روشن رکي ٿي.
برڪت بلوچ، شاھ عبدالطيف
يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر آهي. هڪ سيبتو نقاد ۽ سهڻو شاعر آهي. هو چڱو
پڙهيل ڳڙهيل محقق، پُرخلوص دوست ۽ ٻيا کوڙ سماجي ناتا رشتا نڀائيندڙ هڪ برجستو
ماڻهو آهي، پر انهن سڀني حوالن سان گڏوگڏ هو هڪ مضطرب وجود ۽ بي چين روح آهي. روح
جي بيچيني عاشقن، عشاقن ۽ آرٽيسٽن کي نصيب ٿيندي آهي، جڏهن ته ذهن جي بي چيني
سرمائيدارن ۽ دولتمندن جو روڳ هوندي آهي. جيئن وينا جي تار هڪ آڱر جي ڇهاءَ سان مضطرب
۽ بي چين بڻجي ويندي آهي ۽ ان مان سوين سُر نکري پوندا آهن، ائين ئي فنڪار ۽
سرجڻهار جو روح هوندو آهي، جنهن کي هڪ نفيس آڱر جو ڇهاءُ مضطرب بڻائي ڇڏيندو آهي ۽
ان مان تخليقون آبشار ڌارائن وانگر ڦٽي پونديون آهن.
برڪت سان منهنجي آشنائي کوڙ پراڻي
آهي. 1997ع ڌاري آءٌ جڏهن سچل چيئر ۾ هوس،
تڏهن هن سان روز ڪچهريون ٿينديون هيون. ڪڏهن سچل چيئر جي لائبرريءَ ۾، ڪڏهن ان جي
اڳيان واري خوبصورت لان ۾، ڪڏهن ڊاڪٽر يوسف خشڪ جي آفيس ۾، ته ڪڏهن ڪينٽين تي چانھ
جي ڪپ تي، ڪڏهن سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ڊاڪٽر ادل سومرو ۽ اياز گل وٽ، ته ڪڏهن وري سامي
هاسٽل ۾ مونس اياز جي روم تي ساڻس روح رهاڻيون ٿينديون هيون. انهن ڏينهن ۾ برڪت جو
ڪلاس شام جو هوندو هيو ۽ صبح وارو وقت هو دوستن سان ڪچهرين ڪرڻ، يونيورسٽيءَ جي معطر
هوائن ۽ حسناڪين ۾ گھمندي ڦرندي شاعري ڪرڻ ۾ صرف ڪندو هو. ڪچهريءَ جا موضوع اڪثر
ڪري علم، ادب، شاعري، تحقيق، تنقيد، تصوف ۽ يونيورسٽيءَ جو ماحول ۽ موسمون هونديون
هيون. ڪڏهن ڪڏهن برڪت پنهنجن ڪجھ يارن دوستن جون شڪوھ شڪايتون به ڪندو هو. زماني
سازي نه نڀائي سگھڻ، حُسن وارن جي بي رخائين ۽ پنهنجي معصوم محبتن جو هو جڏهن به
ذڪر ڪندو هو، هن جي ڳالھ جي ڳل تان ڳوڙها ڳڙي پوندا هئا ۽ منهنجي هينئين تي سندس
ئي غزل جون سِٽون هُري اينديون هيون:
مان خوشيءَ سان خطا ڪري ويٺس
حسن آيو ته ها ڪري ويٺس.
هو به نڪتو ٻي جو پوڄاري
جنهن کي پنهنجو خدا ڪري ويٺس.
هو کل
مک، ڳالھ ڳالھ ۾ ٽوٽڪا ٻڌائي کلائيندڙ، ڳالهين ۾ بي ربط ۽ بي ترتيب، اڃا به چئجي
ته گھڻي قدر تجريدي، بحث مباحثي ۾ دليل سان ڳالھائيندڙ، ويٺي ويٺي ڪٿي گم ٿي ويندڙ
۽ سدائين ويچارن ۾ ويڙهيل مون کي اهڙو شخص محسوس ٿيو، جنهن کان ڪجھ وڃائجي ويو هجي
۽ هو هجومن ۾ هيکلو، ان کي ڳوليندو ۽ تلاشيندو هجي.
برڪت نه رڳو پنهنجي ڳالهين ۽ علمي
ادبي جيون ۾ لا اُبالائي رکندڙ آهي، پر هو پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ پڻ سادو، روايتي
ادبي چويارين کان پرانهون ۽ فقيرمنش ماڻهو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هو پنهنجي چڱي
علمي قابليت ۽ قابلِ قدر شاعراڻي ڏات هجڻ باوجود ادبي کيتر ۾ اڄ تائين اها مڃتا
ماڻي نه سگھيو آهي، جيڪا هو لهڻي. هن جي ذات ۽ زندگيءَ ۾ گھڻي قدر روايتي شاعرن
واري بي ترتيبي ۽ بي پرواهي آهي، توڙي جو هو گھڻو وقت تنوير عباسي، ايازگل ۽ ادل
سومرو جھڙي باترتيب ماڻهن جي صحبت ۾ رهيو آهي، جيڪي تخليق توڙي عام زندگيءَ جي
ڪاروهنوار ۾ سگھڙائپ ۽ سپورنجھائي جو سهڻو مثال آهن.
برڪت جي طبيعت ۾ جيتري قدر مون محسوس ڪيو آهي،
ته ٺهراءُ ۽ مستقل مزاجي تمام گھٽ آهي. هن جي من ۾، حسن درس جي لفظن ۾، ”هڪڙي
گھوڙي جي ٽاپولي آهي“ ۽ هن جي اندر بي قراريءَ جو هڪ سمنڊ موجزن آهي. بي قراري ۽
بي چيني ته تخليق لاءِ ڏاڍي سازگار ٿيندي
آهي. اها بي قراري ۽ بي چيني ئي آهي، جنهن دنيا جي تخليقارن کان عظيم شهپارا تخليق
ڪرايا آهن. چون ٿا ته ڊچ مصور وان گوگ پنهنجي بي قرار ڪيفيتن کي ساڙيندڙ سج جي
ڪرڻن هيٺان ويهي ڪئنواس تي اُتاريندو هو ۽ اڳتي هلي دنيا اهو تسليم ڪيو، ته وان
گوگ جي رنگن ۾ روح آهي ۽ هن جون پينٽنگس رنگن جي شاعري آهن، پر خبر ناهي برڪت
پنهنجي بي قرارين کي الائي ڇو پنهنجي تخليقن ۾ اوتڻ بدران اڪثر ڪري رستن، راهن ۽
پنهنجي اندر جي اُٻاڻڪائين سان اوريندو رهيو آهي. پکين وانگر وڻ هن جا هم راز،
هوائون هن جون رفيق، اڪيلائيون هن جو آٿت ۽ چنڊ ستارا سندس هم سفر رهيا آهن. هن
پنهنجي اندر جي خوبصورت خيالن ۽ خوابن کي جيترو خانه بدوشين حوالي ڪيو آهي، اهي جي،
هو ڪاغذ جي ڪئنواس تي اُتاري ها، ته هن جي ڪوتائن جو اهو منفرد ڳٽڪو اڄ اسان جي
هٿن ۾ هجي ها.
برڪت جو جنم 18جولاءِ 1953ع تي ٿيو. هُن جي پروش
۽ پالنا هڪ صوفياڻي ۽ ادبي گھراڻي ۾ ٿي آهي. سندس والد هڪ سٺو شاعر ۽ ڀاءُ شوڪت
ناميارو براڊڪاسٽر رهيو آهي، جيڪو اڄڪلھ دنياوي جنجھٽن ۽ نوڪريءَ کي خير آباد چئي،
پنهنجي ڳوٺ حسين آباد ۾ سرسبز ٻنين ۽ چوڌاري وڻڪار جي وچ ۾ آشيانو اَڏي، هڪ دل جي
ڪُنڊ وَسائي ويٺو آهي. برڪت جي نه رڳو تربيت هڪ سُماني ۽ سُلڇڻي خاندان ۾ ٿي آهي،
پر هن جي شعوري واڌ ويجھ به هڪڙي شاعراڻي ۽ منفرد ماحول ۾ ٿي آهي. هن جو ڳوٺ حسين
آباد، جيڪو چوطرف فطري رنگينين، سرسبزين ۽ وڻن ٽڻ سان جنجھيل آهي، سچ پچ ته هڪ
شاعر جي خوابن جھڙو سُندر ۽ حُسناڪ آهي. اڄ جيڪڏهن ورڊس ورٿ هجي ها ۽ هِن ڳوٺ جي
موهيندڙ منظرن کي پَسي ها، ته يقينن ان تي هڪ حسين نظم ضرور لکي ها.
برڪت جيترو پڙهيو ۽ پُرجھيو آهي، اوترو لکي نه
سگھيو آهي ۽ جيترو لکيو اٿائين، ايترو ڇپجي نه سگھيو آهي، ان ڪري هن جي شاعريءَ تي
حتمي راءِ ڏيڻ مون لاءِ ممڪن نه آهي. هن جي شاعري، جيڪا مون پڙهي ۽ سندس زباني ٻُڌي
آهي، ان جي آڌار تي چئي سگھجي ٿو، ته هن جي شاعريءَ ۾ خارجي منظرن ۽ مظهرن جي نسبت
داخلي وارتائن ۽ احساساتي ڪيفيتن جو عڪس ۽ اولڙو وڌيڪ آهي. هن جي شاعريءَ ۾ ڪنهن
جي سار جون صدائون به آهن، ته سندس دل جا سڏ ۽ سُڏڪا به. وساري به، نه وساري سگھڻ
جي بيوسي به آهي، ته زندگيءَ جي خالي پڻي جو ڪافڪين احساس به.
جي سارجي ته، سارجي ڪنهن کي؟
وسارجي ته، وسارجي ڪنهن کي؟
پڙاڏو مان پنهنجي سڏن جو هان
پڪارجي ته، پڪارجي ڪنهن کي؟
نه زندگي آ، زندگي پنهنجي
گذارجي ته، گذارجي ڪنهن کي؟
برڪت شاعريءَ ۾ اڪثر ڪري نظم،
وائين، گيتن ۽ غزلن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، جيڪي پنهنجي پنهنجي طور تي هڪ الڳ
فڪري، فني ۽ احساساتي خوشبو رکندڙ آهن، پر ذاتي طور تي مون کي هن جون وائيون ۽ غزل
وڌيڪ موهيندا ۽ متاثر ڪندا آهن، ڇو ته برڪت جو مزاج عاشقاڻو ۽ روح عارفاڻو آهي،
انهيءَ ڪري غزل ۽ وائين جي قالب ۾ هن پنهنجي غمزده احساسن ۽ عاشقاڻي اُڌمن کي
آسانيءَ سان اوتيو آهي. هن وقت سنڌي شاعريءَ ۾ توڙي جو فارسي ۽ اردو شاعري وانگر
غزل جي زمين گھڻي پائجي ۽ چوڙجي چُڪي آهي. ساڳيا قافيا، رديف. ساڳيون ترڪيبون ۽
تشبيهون. خيالن جي يڪسانيت، لفظن جو منجھيل سُٽُ، سِٽن ۾ نه روح، نه راحت. پر ان
جي باوجود برڪت جي غزلن ۾ نواڻ ۽ ندرت آهي. ڪٿي ڪٿي ته هن جي اظهار ۾ خيال جي اهڙي
نفاست، فڪر جي اهڙي گھرائي ۽ حسيت جي اهڙي سُڳنڌ آهي، جو ان کي پَسي هينئون هُٻڪارجي
وڃي ٿو. هتي برڪت جي سموري شاعري ۽ صنفن جو اڀياس ۽ تجزيو ته ممڪن ڪونه آهي، پر ”ڪَڻي
مان کرار پرکڻ“ جي مصداق سندس غزلن مان چند مثال هيٺ ڏجن ٿا، جن مان پارکو ۽ سڄاڻ
دوست، هن جي شاعراڻي حُسن ۽ حسيت جي چڱيءَ پرِ ڪَٿَ ڪري سگھندا.
کولي در ڪو بند ڪري ٿو
من تاڪن ۾ ڦاسي پئي ٿو.
چارئي چَپَ، چُپِ چُپِ آهن
اکڙين سان ڪو ڳالهائي ٿو.
رات به ساڳي، رُتِ به ساڳي
خواب هر ڪو جدا لهي ٿو.
.........................
ساڀيائو! اڄ سپنا ٿي وڃو
واقفو! اڻ ڏٺا ٿي وڃو.
هوريان هٽائجو پلئه کي
او هٿو! هن وٽ هوا ٿي وڃو.
روز مينهن آ، ٻوڙي وجھي متان
نيڻئون! وارياسا ٿي وڃو.
اڄ پرين آهي ڏاڍو پري
چمبيليو!اڄ ته چهرا ٿي وڃو.
................
ٽانگرو! سڀ ٽڙي پو جھٽ پٽ
راھ هن جي تي هير پنکڙيون ته ڇٽ.
پوپٽن جي پيھ، سج لهڻ تائين
رَسيو ڀونرو نه، رات راڻي وٽ.
ڪوٺجن ڪاربان ٻئي توڙي
ڪوئلو پوءِ ڀي نه، هيري مٽ.
برڪت جي مٿئين غزلن جي شعرن ۾، ”در جو کُلي بند ٿيڻ، من جو تاڪن ۾ ڦاسڻ،
چپن جو چُپِ هجڻ، اکڙين جو ڳالهائڻ، نيڻن جو وارياسو هجڻ، ساڳي رُتِ ۽ رات ۾ جدا خواب
لهڻ، پلئه هٽائڻ لاءِ هٿن جو هوا بنجڻ، چمبيليءَ مان پرينءَ جو چهرو پَسڻ ۽ محبوب
جي راھ ۾ هير جو پنکڙيون ڇٽڻ “ اهڙيون ترڪيبون ۽ تمثيلون آهن، جيڪي نه فقط سنڌي
شاعريءَ ۾ نئين انداز، نئين اظهار ۽ ٻوليءَ جي نئين ادا جو ڏس ڏين ٿيون، پر ان سان
گڏوگڏ انهن منجھان برڪت جي سُندر شاعراڻي ادراڪ ۽ احساس جي سُڌِ پڻ پوي ٿي.
برڪت وٽ اظهار ۽ احساس جي اڇوتي ڏات ۽ ڏانءُ آهي.
هن جو مشاهدو ۽ مطالعو به موچارو آهي. هن جي اندر ۾ شاعراڻو بي چين روح به آهي، هو
جيڪڏهن پنهنجي انهن مڙني صلاحيتن کي يڪجا ڪري، سنجيدگيءَ سان شاعريءَ طرف ڌيان
ڏيندو، پنهنجي ٽڙيل پکڙيل ڪوتائن کي سهيڙي ترت ڪتابي صورت ۾ پڌرو ڪندو، ته مون کي
يقين آهي، ته هن جي شاعريءَ ۾ ايتري جان آهي، جو اها نه صرف سنڌي ادب ۾ ٿوري ئي
عرصي اندر پنهنجي جوڳي جاءِ جوڙي وٺندي، پر اها پڙهندڙن ۽ پروڙيندڙن جو چڱو حلقو
به حاصل ڪري وٺندي.
18 جولاءِ برڪت بلوچ جي جنم تاريخ
آهي. آءٌ پنهنجي هن سيبتي سرجڻهار دوست کي سندس 58 جنم ڏينهن جون کوڙ واڌايون ڏِيڻ
سان گڏوگڏ اها پڻ دعا ڪريان ٿو، ته شال سندس اها روح جي بي چيني سدائين قائم رهي،
جنهن هن کي جيون جي اڻانگي راهن ۾ ڪيئي ڀيرا ٽُٽُڻ جي باوجود ثابت قدم ۽ سلامت
رکيو آهي.
No comments:
Post a Comment