29/05/2015

ڪُر کڻي بيٺل شاعري - علي آڪاش (Ali Akash)

ڏهاڪي جي اوجهڙ کان پوءِ ڪُر کڻي بيٺل شاعري
علي آڪاش
پنجاهه واري ڏهاڪي کان سنڌي شاعريءَ کي نون گسن ڏيڻ واري جيڪا تحريڪ شروع ٿي هئي، اها اڳتي هلي، سٺ، ستر، اسي ۽ نوي جي ڏهاڪن تائين ڇانيل رهي. انهن چئن ڏهاڪن دوران سنڌي جديد شاعري اسري ۽ پکڙي. سنڌي شاعريءَ ۾ ٻن قسمن جا واڌارا سڌارا، تبديليون ۽ اضافا ٿيا. هڪ، ان ۾ هيئتي يا ڍانچائي سڌارا، تبديلون ۽ اضافا ٿيا. ٻيو، ان جي مواد ۾ سڌارا تبديلون ۽ اضافا ٿيا. هيئتي اوسر ۾ پراڻين صنفن کي نئين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، وائي، دوهي، گيت ۽ غزل جي صنفن ۾ هيئتي تجربا ڪيا ويا ۽ انهن مان گهڻي ڀاڱي تجربا ڪامياب ٿيا ۽ شاعرن انهن تي طبع آزمائي، انهن کي عام ڪيو ۽ اهي تجربا سفر ڪندا اڄوڪي دور تائين پهتا. ان کان سواءِ، سنڌي شاعريءَ ۾ نيون صنفون پڻ داخل ٿيون، جن ۾ آزاد نظم، ترائيل، هائيڪا/ٽيڙو/ٽه سٽا، سانيٽ وغيره ٻاهران آيا ۽ انهن مان آزاد نظم ۽ هائيڪا وڌيڪ ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌيا. ان کان سواءِ، ڪي نيون صنفون سنڌي شاعرن متعارف ڪرايون، جن پڻ حال سارو سفر ڪيو. سنڌي ٻوليءَ کي نج نبار نموني. استعمال ڪرڻ تي زور ڏنو ويو ۽ ان کي فارسي ۽ اردوءَ جي اثرن کان ڪڍڻ جون ڪامياب ڪوششون ٿيون. شاعرن جي تخيل ۽ محاڪات ۾ پنهنجي وطن جي ڌرتي ۽ اڀ گهر ڪري ويٺا، جنهن سبب سنڌي شاعري سهڻي اسلوبياتي اوسر مان گذري. هڪ نئون روپ وٺي بيٺي. 

جڏهن ته مواد جي حساب سان، سنڌي شاعريءَ ۾ قوميت، وطن دوستيءَ، انسان دوستيءَ ۽ نئين ۽ حقيقي رومانويت جا عنصر شامل ٿيا. اها واندڪائيءَ جي وندر مان نڪري، زندگيءَ سان هم آهنگ ٿي بيٺي، اها پنهنجي مواد وسيلي، هڪ حقيقي فضا، علائقي، تهذيبي ورثي، جيئرن جاڳندن ماڻهن ۽ انهن جي مسئلن، گهرجن، خيالن ۽ خوابن سان ڳنڍجي بيٺي. 
توڻي جو فلسفياڻي ۽ فڪري موضوعن سان نڀاءَ جي حساب سان، سنڌي شاعري ايتري اتساهيندڙ نه رهي آهي ۽ سنڌي شاعرن جي گهڻي ڀاڱي شاعري تخيل جي هيٺين اوچاين کي ڇهي سگهي آهي، پر ان هوندي به، اها ڪنهن طرح پنهنجي دور جي گهرجن جو پورائو ڪندي ڏٺي ويئي، سٺ، ستر ۽ اسيءَ جي ڏهاڪن ۾، اها مختلف تحريڪن مان مثاتر ٿي، ان جي ساٿاري ۽ مددي سگهه بڻيل رهي. نوي جي ڏهاڪي کان ان ۾ ڪي وڌيڪ نيون تبديلون آيون. هيءُ پهريون ڏهاڪو هو، جنهن ۾ شاعراڻي فن جي اهميت کان انڪار ڪندي، ان مان هٿ ڪڍيو ويو، جنهن جي ڪري، هيئتي اوسر جي لحاظ کان هيءُ ڏهاڪو گهڻو بهتر نه هو. پراڻي ٽهي شاعريءَ جي هيئتي اهميت کي جيئن جو تيئن برقرار رکيو، پر نئين ٽهيءَ جي مک ڌارا جي شاعرن، شاعراڻي فن کان اهميت کان انڪار ڪيو، انڪري، ان ڏهاڪي ۾ اهو ڏسي سگهبو ته سنڌ جي مک ڌارا جي نون شاعرن جي شاعرن جي شاعريءَ ۾ فني اوڻايون هيون، جيڪي انهن جي پيش ڪيل مواد جي خوبين کي کائيندي ڏسجن ٿيون. هن ڏهاڪي جي شاعرن کي اوج ان ڪري مليو، اهي گذريل ٽن ڏهاڪن جي شاعريءَ جي عمل جي پيداوار هئا، انهن وٽ شاعراڻي ٻولي ”ريفائينڊ“ حالت ۾ پهتي هئي، شاعريءَ جون صنفون اسريل حالت ۾ پهتيون هيون، اظهار جي طريقا به ترقي ڪيل شڪل ۾ انهن تائين پهتا هئا، پر ان هوندي به، انهيءَ سلسلي کي اڳتي وڌائي، ايندڙ ڏهاڪي جي حوالي ڪرڻ بدران انهن شاعرن پنهنجيءَ مستيءَ ۾ پاڻ کي نئون ۽ جديد قرار ڏيئي، پراڻي زماني کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن ان تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته شاعري کانئن ئي شروع ٿئي ٿي. مک ڌارا جي انهن شاعرن ۾ اهڙن خيالن جي اڀرڻ جو بنيادي سبب مٿي بيان ڪيل شاعراڻن ”انسينٽوز“ هئا. انهن شاعرن مان گهڻي ”يوٽليٽيرين“ هئا ۽ انهن جا پنهنجا ڪي ذاتي ٺوس خيال يا خواب نه هئا، اهي جنهن به روش ۽ رويي مان متاثر ٿيا پئي، انهن تي هنن شعر سرجيا پئي. انڪري، سنڌي شاعريءَ کي مجموعي طرح مواد توڻي هيئت جي لحاظ کان ڌڪ پهتو. مواد جا سلسلا جيڪي گذريل ٽن ڏهاڪن کان هلندا پئي آيا، اهي رڪجي ويا ۽ شاعريءَ مان متوازن پيغام ۽ سچي ڪيفيتن جي جاءِ عجيب هيجاني اظهار ورتي. شاعريءَ مان موسيقي گهٽ ٿي، ان جي تخيل ۽ محاڪات ڌڪ کاڌو، ٻوليءَ جو رس چس گهٽ ٿيو، سماج کي اڳتي وٺي ويندڙ لاڙا ختم ٿيڻ لڳا. رومانوي شاعريءَ ۾ مقابلي بازيءَ جي رجحان سبب نظم جي صنف مان ”ٿيميٽڪ يونيفارمٽي“ ختم ٿيندي ڏٺي ويئي. مٿان گهڻي واکاڻ ۽ گهٽ تنقيد ۽ ڇنڊڇاڻ کين نرگسيت جي اهڙي ميدان ۾ آڻي بيهاريو، جتي انهن ڪنهن کي به وٺ نٿي ڏني.
نوي جي ڏهاڪي ۾ مراعات يافته انهن مک ڌارا جي شاعرن جي شاعريءَ سان اهڙي غيرسنجيدي رويي جي ڪري، گذريل ٽن ساڍن ٽن ڏهاڪن ۾ سنڌي شاعري پهريون ڀيرو ڳتڻيءَ جهڙيءَ حالت ۾ ڏٺي ويئي. اڳتي هلي، اهي شاعر به هوريان هوريان شاعريءَ مان به هٿ ڪڍي، ٻين ڪمن سان لڳا پوئتان شاعريءَ ۾ ڀور جهور جو جيڪو عمل شروع ٿيو هو، اهو اڳتي هلي صحافتي ادارن ۾ واڌ، نون ٽي وي چئنلن جي کلڻ ۽ ڪيبل نيٽ ورڪ جي عام ٿيڻ، موبائل فونن جي اچڻ ۽ سائبر سرگرمي وڌڻ سبب وڌيڪ تيز ٿيو. چئن ڏهاڪن تائين، سنڌ ۾ سماجي سطح تي، سڀ کان نروار رهڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو سنڌي شاعري پسمنظر ۾ هلي ويئي. سنڌ جي ماڻهن به نئين هزاريءَ جي شروعاتي ورهين ۾ جهڙوڪ سنڌي شاعريءَ کي وساري ڇڏيو هو. ماڻهن کي ڄاڻ، اتساهه ۽ مصروفيت جا ٻيا وسيلا ملي ويا هئا. نتيجي ۾، ڪتاب ڇپجڻ ۾ گهٽتائي، ادبي رسالا ۽ ميگزن به هوريان بند ٿيڻ لڳا، ادبي سنگت لابين جي ور چڙهي، پنهنجن بنيادي مقصدن کان ڇڏي ڏنو، ان ۾ اهي ماڻهو قابض ٿي ويهي رهيا، جن جون سنڌي ادب لاءِ ڪي نمايان خدمتون نه هيون. شاعرن شاعرن ڪئي پئي، پر اها فاصلن جي ڌنڌ ۾ گم هئي، وسيلن جي اڻاٺ جي ڪري ڪا خبر نٿي پئي ته ڪير ڇا لکي رهيو آهي.
ان هڪ ڏهاڪي جي گهٽ ٻوسٽ کان پوءِ هڪ حسين حادثو پيش آيو، اهو هو سوشل ميڊيا جو اڀار. انهيءَ هڻي ڍينگها ئي ڍير ڪري ڇڏيا. ماڻهن کي اظهار جو تڪڙو، سستو ۽ سولو رستو ملي ويو، ڄاڻ ۽ مسئلن ۽ ٻين فردي ۽ اجتماعي مامرن کي ونڊڻ جو وسيلو هٿ اچي ويو، اهي اخباري مالڪن تي ۽ ميڊيائي ادارن جي محتاجي مان نڪري آيا، هاڻي ڪو هائيڊ پارڪ ۾ خط لکڻ لاءِ ايلازُو نه هو، نه ئي ڪالم ڇپائڻ لاءِ ڪنهن ايڊيٽوريل پئج جي انچارج جي سنهي ڪرڻ جي گهرج هئي. سڀني کي سوشل ميڊيا جي وسيلي کي استعمال ڪرڻ جو هڪ جيترو حق ۽ وس ماڻيل هو. 
انهيءَ حسين حادثي مان سنڌ جي شاعرن به فائدو ورتو، جيڪي گذريل هڪ ڏهاڪي کان وٺي ٻڌا ويٺا هئا. انهن پنهنجيون تخليقون ونڊيون. اتان سنڌي شاعريءَ جو هڪ نئون دور شروع ٿيو. شاعر هڪٻئي جي ويجهو آيا، هڪٻئي جي شاعرين ۽ ٻين تخليقي اسمن تي راءِ ڏيڻ لڳا، اهڙي نموني سوشل ميڊيا وسيلي شاعرن جي هڪ نئي کيپ به تيار ٿي، اسري، اڳتي وڌي ۽ هينئر اها متحرڪ آهي. ان حساب سان شاعرن جي محتاجي به ختم ٿي، انهن کي خيال ونڊڻ لاءِ هڪ سگهارو پليٽ فارن هٿ اچي ويو. ان کان سواءِ لابيون ۽ ادبي هڪ هٽيون به ٽٽيون، شاعرن کي هاڻي ڪن نام نهاد فردن ۽ ادارن پويان ڦرڻ جي گهرج نه هئي، اهي ايڪڙ ٻيڪڙ رسالي جي ايڊيٽر جي دٻ دونس کان آجا ٿيا، اخباري ڪنڊ ۾ شاعري ڇپائڻ جي لوڙ انهن ۾ نه رهي. ان سڄي سرگرميءَ مان سنڌي شاعريءَ کي فائدو اهو پهتو آهي ته ان ۾ هاڻي ڪتاب گهڻا ڇپجي رهيا آهن، ادبي محفلن وسيلي سنڌي شاعرن جو ميلاپ تيز ٿيو آهي، ادبي مضمون گهڻا لکجي رهيا آهن ۽ اهڙين سمورين سرگرمين جي نتيجي ۾ سنڌي شاعري، هڪ ڏهاڪي جي وٿيءَ کان تيزيءَ سان اوسر جا ڏاڪا طئه ڪري رهي آهي. اهڙي وڻندڙ صورتحال شايد اڳي ڪڏهن به جڙي هئي.

بهتر اڳڀرائي هيءَ ٿي آهي ته سوشل ميڊيا تي سنڌ جي شاعرن جي ميلاپ سبب، سندن هڪٻئي اثر پئجي رهيا آهن. انهن مان هڪ اثر اهو آهي ته سنڌي ٻولي هڪ نئين ۽ سڀاويڪ دڳ تي پئي اچي. سنڌي ٻوليءَ جو نئون شاعراڻو لهجو اسري رهيو آهي. اڳي اظهار جي وسيلا گهٽ هئا. ڪتابن وسيلي ئي شاعري پڙهبي هئي ۽ سري، لاڙ، اتر، وچولي، ٿر توڻي مهراڻي جي شاعريءَ جو الڳ الڳ انداز هو، پر هاڻي انهن ڀاڱن جا شاعر روزاني بنيادن تي هڪٻئي سان گڏ ويٺا آهن، هڪٻئي کي پڙهن پيا ۽ خيال ونڊين پيا ۽ اهي هڪٻئي جو ٻوليائي اثر به وٺي رهيا آهن، لاڙ جا لفظ اتر ۽ اتر جا لاڙ ڏانهن ۽ لاڙ ۽ اتر جا وچولي ڏانهن ۽ انهن ٽنهي جا وري سري ۽ ٻين ڀاڱن ڏانهن سفر ۾ آهن. ٻوليءَ جي تڪڙي گردش سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ نئين شاعراڻي ٻولي تيار ڪرڻ ۾ مددگار ٿي رهي آهي. 
ماضيءَ ۾ لاڙ اتر جي چڪرن ۾ عام ماڻهن جي ذهنن ۾ جيڪو گند ڀريو ويو هو، اهو صاف ٿي رهيو آهي. هاڻي ماڻهن جي وچ تي اهڙي پروپيگنڊا ڪندڙ ڌريون وسيلي جو ڪارڻ ناهن، ماڻهو، ۽ شاعر به، سڌيءَ ريت، اهو پرکي رهيا آهن ته لاڙ اتر سنڌو رڳو سنڌي ماڻهن کي ورهائڻ لاءِ هو ۽ لاڙ اتر جو چڪر اصل ۾ گهن چڪر هو، ڪنهن ابتي کوپريءَ جي منفي سوداءَ جي ڌڪار جوڳي پيداوار هو، ماڻهو جتي ڪٿي سٺا خراب آهن. ان کان سواءِ، ٻروچ ئي سماٽ وارو سوداءُ به جهڪو ٿي رهيو آهي. سوشل ميڊيا ٻروچ ۽ سماٽ سڳن مائٽن وانگي سنگتي آهي. ان سموري عمل مان هڪ نئين وڻندڙ ثقافتي هڪجهڙائي جنمجي رهي آهي.

No comments:

Post a Comment