31/05/2015

بئريسٽر مظهر سليمان قاضي - ابو رافع (Abu Rafiu)

منظور الحق قاضيءَ جي لکيل جيوني
بئريسٽر مظهر سليمان قاضي
ابو رافع
ساهتي پرڳڻي کي اهڙو اعزاز سدائين رهيو آهي ته هن هر دور ۾ ڪي املهه شخصيتون پيدا ڪيون آهن. جن ۾ عالم، اديب، شاعر محقق، سياستدان ۽ صحافي شامل آهن.
ساهتيءَ جو هڪ ننڍڙو پر تاريخ ۾ ياد رکڻ جهڙو شهر ورو آهي، جيڪو سنڌ جي دل سمجهيو ويندو آهي ۽ ان شهر جي قاضي خاندان ڪراچيءَ کي پهريون مسلمان ميئر قاضي خدا بخش ڏنو، ان خاندان ٻيا پڻ ڪيترائي شخص ڏنا آهن، جن الڳ الڳ شعبن ۾ پنهنجون نه وسرندڙ خدمتون ڏنيون آهن، ان ئي قاضي خاندان مان هڪ شخصيت بئريسٽر مظهر سليمان قاضي جي به آهي، جيڪو هن ننڍي خاندان جو وڏو شخص ٿي اڀريو. تاريخ جي ورقن ۾ ڪي شخص گمنام ٿي وڃن ٿا، انهن جو جوڳو قدر نٿو ٿئي ڇاڪاڻ ته انهن جا پونيئر انهن کي ياد نه ٿا ڪن، بئريسٽر مظهر سليمان قاضي به ائين موري جي اڄ جي ماڻهن کان وسريل آهي، ڇاڪاڻ ته سندس باري ۾ مناسب نموني لکيو نه ويو آهي.

هاڻ جڏهن سندس جيوني منظور الحق قاضي صاحب لکي آهي تڏهن سندس باري ۾ ڪجهه معلومات ته ملي ٿي پر سچ اهو آهي ته مظهر سليمان قاضيءَ جي جيوني/ڪٿا، تفصيل سان لکڻ جي گهرجي آهي.

منظور الحق قاضي جس لهڻي، جنهن بنيادي معلومات پنهنجي هن مختصر ڪتابڙي ۾ ڏني آهي، پر ڪنهن به صورت ۾ هيءَ ڪتاب مظهر سليمان قاضيءَ جي جيون ڪٿا جو عيوضيپڻو ادا نٿو ڪري، قاضي صاحب جي زندگيءَ جي الڳ رخن بابت هڪ هزار صفحن جو ڪتاب لکي سگهجي پيو، ان ڪتاب ۾ سندس زندگي جون ڪي اهم يادگار تصويرون شامل ڪري سگهجن ها! پر وقت ويو نه آهي، قاضي صاحب جي جيوني ۾ ڄاڻايل سندس انٽرويو پريس بيان، تصويرون، سندس باري ۾ زنده رهجي ويل انهن شخص جا انٽرويو جن ساڻس ڪي گهڙيون گهاريو، اهي سڀ سهيڙڻ گهرجن ۽ اهي محفوظ ڪرڻ گهرجن ائين هڪ اهم شخصيت کي محفوظ ڪري سگهجي ٿو، هي ڪتاب مطهر سليمان قاضي بابت تعارفي ڪتابڙو آهي، جيڪو اڄ جي نوجوانن کي ڌيان سان پڙهڻ گهرجي ۽ ان مان پرائڻ گهرجي. ته اڳتي ڪيئن وڌبو آهي، ۽ ايماندريءَ ان زندگي گذارڻ جا ڪهڙا فائدا آهن. هي ڪتاب  پيڪاڪ پنٽرز ۽ پبلشرز ڇپايو آهي. ڇاونجاهه صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو ملهه هڪ سئو رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment