31/05/2015

سنڌو سڀيتا جا سوراشٽر وارا ماڳ - ابو رافع (Abu Rafiu)

عطا محمد ڀنڀري صاحب جو ترجمو ڪيل ڪتاب
سنڌو سڀيتا جا سوراشٽر وارا ماڳ
ابو رافع
اسان جو قومي ادارو سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي بنياد ڪمن ۾ شامل سنڌ جي تاريخ سان لاڳاپو رکندڙ ڪتاب لڳاتار ڇپائي رهيو آهي. تازو ئي اهڙو هڪ اهم تاريخي ڪتاب ڇپايو ويو آهي، جنهن جو نالو آهي ”سنڌو سڀيتا جا سوراشٽر وارا ماڳ“. هن تاريخي ڪتاب جو ليکڪ يورپي ليکڪ گريگوري ايل، پوسيل آهي ۽ هيءُ ڪتاب سندس اها ٿيسز آهي جيڪا هن انٿراپالاجي موضوع تي شڪاگو يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺڻ لاءِ لکي هئي.

هيءُ ڪتاب سنڌ جي اُڀرندي پاسي واري سموري علائقي جي تاريخي ماڳن بابت تحقيق آهي. سنڌ جو اڀرندو پاسو سواسٽر ۽ گجرات  سان لڳي ٿو. ساڳئي وقت اهو علائقو سنڌ جي سڀيتا سان لاڳاپيل پڻ رهيو آهي، جنهن سبب  سنڌو سڀيتا، سئوراشٽر واري سموري علائقي ۽ ساڳئي وقت گجرات ۽ راجستان واري علائقي ۾ پڻ پکڙي پئي آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ڪيترن ئي ماڳن جو ذڪر اسان کي شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ ملي ٿو. هند ۾ ڇپيل جينت ريلواڻيءَ جو ڪتاب ”ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ سنڌ جا سڀيتڪ ناتا“ ۽ هيءَ ڪتاب ”سنڌو سڀيتا جا سوراشٽر وارا ماڳ“ سنڌ جي اوڀرندي حصي جي تهذيب ثقافت ۽ تاريخ سمجهڻ ۾ گهڻا مدد گار ٿين ٿا.
هن ڪتاب جي اهم خوبي اها آهي، ته هيءَ هڪ کوجنائي ڪتاب آهي ۽ هڪ پي ايڇ ڊي لاءِ  لکيل مقالو هجڻ سبب، اهو جديد سائنسي انداز ۾ لکيل آهي. مغربي عالمن جن به سنڌ بابت لکيو آهي ان جو گهڻو حصو هنن جي سفرن ۽ يادگيرين تي ٻڌل آهي ۽ جيڪو سندن تحقيقي ڪم آهي، ان سنڌ کي گهڻو ئي لاڀ ڏنو آهي. مغربي عالمن سنڌ کي گهڻن ئي حوالن ۾ ڏنو آهي، جن ۾ تحقيق پڻ آهي.
هيءَ تحقيقي ڪتاب سنڌي کان سواءِ ٻين ڪن ٻولين ۾ گهڻو ڪجهه ترجمو ٿيو آهي، سنڌيءَ ۾ هن ڪتاب جو ترجمو اسان جي وطن دوست محقق  سائين عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي. سندس ڪيترا ڳڻ ڳائجن. اهو لکڻ کان وڌيڪ آهي، سندس محبت ۽ محنت هن ڪتاب جي هر صفحي تي وکري پئي آهي. جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ وڌيڪ مرتبي سان ڇپايو آهي، ڊبل ڪرائون سائيز ۾ پڪي جلد سان ڪيترين ئي مهرن ۽ نقشن واري هن ڪتاب ۾ ٻه سئو ڇانوي صفحا آهن. ڪتاب جو ملهه پنج سو ٽيهه رپيا آهي. ادارو ههڙي سٺي ڪتاب ڇپرائڻ تي جس لهڻي.

No comments:

Post a Comment