03/05/2015

ڪهاڻيون، ساروڻيون ۽ خط - ابو رافع (Abu Rafiu)

سليم نور حسين جون
ڪهاڻيون، ساروڻيون ۽ خط
ابو رافع 
اهو ته سچ آهي ته هر نج تخيلقڪار پنهنجي تخليقن ۾ پاڻ کي ئي تلاش ڪندو آهي، ٻئي ڪُجهه جي تلاش ٻئي نمبر تي آهي. اڳوڻو خواجه سليم ۽ اڄ جو سليم نور حسين هڪ ذهين ۽ خوددار ليکڪ/ شخص آهي. هن بنهه گهٽ لکيو آهي، پر جيڪي ڪجهه لکيو آهي ان ۾ سندس اعتماد نظر ايندو آهي. چڱو ئي وقت ٿيو هن شايد ڪهاڻيون لکڻ هُڳائي ڇڏيون پر هن ڪيترين ئي سنڌي ڪهاڻين جا ترجما ڪيا، نظمن جا ترجما ڪيا ۽ ٻين ڪيترن ڪتابن جا انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ۽ سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾. خاص طور اياز جي گيتن جو انگريزي ترجمو ”سانگ آف فرينڊم“ سندس کاتي ۾ هڪ اهڙو ترجمو آهي، جيڪو سدائين ياد رکيو ويندو. هو ڪنهن به نماءَ کانسواءِ اهڙو لکندڙ آهي، جيڪو ٿورهو لکندو آهي پر شانائتو لکندو آهي.

سندس اصلوڪي ميڙي چونڊي هيءَ ڪتاب آهي، جنهن کي سندس ڪليات به  ڪوٺي سگهجي ٿو. جنهن کي هن نالو ڏنو آهي. ”ڪهاڻيون، ساروڻيون، خط“ ڪتاب جي نالي سان ظاهر آهي ته سندس ڪجهه ڪهاڻين کان پوءِ ساروڻين نما مضمون ڪتاب ۾ شامل آهن، جيڪي سندس انهن دوستن اديبن بابت آهن، جيڪي سندس ساروڻين ۾ محفوظ آهن. جن ۾ حفيظ شيخ، نسيم کرل، رشيد ڀٽي، مرغوب بجاري، ناصر مورائي، اشفاق قاضي، حميد سنڌي، مولانا عبدالواحد سنڌي ۽ شيخ اياز شامل آهن، ساڳي وقت سندس پنج ڪهاڻيون ۽ هڪ اردو نظم ”خط“ جي نالي سان ڪتاب ۾ شامل آهي. ٻه سئو صفحن جي هن خوبصورت ڪتاب کي پيڪاڪ پرنٽرز ۽ پبلشرز پنهنجي رنگن ۾ شامل ڪيو آهي ۽ ان جو ملهه رکيو آهي ٻه سئو رپيا.

1 comment:

  1. آن لائن پڙهن جي سهولت اسان تائين پهچايو.....

    ReplyDelete