01/05/2015

مهندار شاعره مريم مجيدي - سرواڻ سنڌي (Sarwan Sindhi)

سنڌي شاعرائن جي مهندار شاعره مريم مجيدي
سرواڻ سنڌي
سنڌي شاعرائن ۾ تاريخي طور تي پهريون نالو مرکان شيخڻ جو اچي ٿو جنهن کان پوءِ اهو سلسلو آهستي آهستي اڳتي وڌي ٿو ۽ اهو سلسلو مختلف دورن کان ٿيندي رخسانه پريت تائين پهچي ٿوجن ادبي کيتر ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي، پر انهن سڀني شاعرائن جي جيڪڏهن مهندار شاعره چئجي ته اها ننگر ٺٽي جي شاعره مريم مجيدي ئي آهي.
مريم مجيدي پنهنجي والد سائين محمد خان مجيديءَ کان جيڪو علم، ادب، ڏات ۽ سلو پرايو اهو سندس شاعري ۽ شخصيت ۾ نمايان نظر اچي ٿو. آپا مريم کي پڙهڻ کان پوءِ ان ڳالهه جي پڪ ٿي وئي آهي ته شاعري صرف مرد ذات جو ئي ڪم نه آهي ۽ سٺي شاعري صرف مرد شاعرن جي حصي ۾ ئي ناهي آئي ۽ مريم مجيدي ان سڄي وايو منڊل کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو نه صرف شاعرائن پر مرد شاعرن سان به ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. مون کي پڪ آهي ته سندس شاعري هروڀرو ڪنهن مرد شاعر جي به وس جي به ڳالهه نه آهي. پاڻ سٻاجهڙي طبيعت جي مالڪ هجڻ سان گڏوگڏ وڏي شاعره پڻ آهي ۽ شايد زندگيءَ ۾ به ڪنهن کي دل سان سجدو ڪرڻ جو ارواهه ٿيو ته اها آپا مريم ئي آهي جنهن کي ڏسڻ سان سدائين هڪ احساس جاڳي ٿو ته اسان گهڻن کان ڀلا آهيون جو اسان وٽ مريم مجيدي جهڙي شاعره آهي ۽ هو سنڌ جي اوائلي شهر ٺٽي سان واسطو رکي ٿي ۽ پاڻ پنهنجي ذات ۾ ايتري ته معتبر آهي جو سندس ڪردار پڻ سندس شاعري وانگر گهڻن جي مٿان حاوي آهي. آپا مريم ڪڏهن به پنهنجي وڏائي ۽ قد وڌائڻ جي لاءِ ڪنهن کي به منٿ ناهي ڪئي ۽ نه ئي وري گهڻن کي ياد هوندو ته آپا مريم ڪڏهن پيدا ٿي آهي ۽ سندس سالگرهه جو ڏينهن ڪهڙو آهي جو ان ڏينهن تي ڪا اسپيشل سپليمينٽ ڪڍي سگهجي، ڇو ته آپا مريم ڪڏهن به مڃتا جي بکي ناهي رهي ۽ نه ئي وري ان جي گهوري رهي آهي هو صرف لکندي رهي ٿي ۽ اهڙو لکندي رهي ٿو جو سڀني جي خواهش هوندي آهي ته ڪاش آئون اهڙو لکي سگهان.
آپا مريم سنڌ جي هر بهادر ۽ سپوت کي پنهنجي شاعريءَ ۾ مڃتا ۽ ڀيٽا ڏني آهي ، پاڻ سنڌ توڙي هر مظلوم تي ٿيندڙ ظلم جي خلاف لکيو آهي. سندس شاعري ۾ پڻ وڏي معتبري بکي ٿي ۽ سندس شاعري کي پڙهندي ائين ئي لڳي ٿو ڄڻ ته ڪنهن پاڪ صحيفن کي پڙهيو پيو وڃي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي اهڙي ٻولي نه آهي جنهن کي پڙهندي هڪ منٽ جي لاءِ ئي ڪردار طرف سوچجي پر سندس لفظ لفظ سندس ڪردار جي اورچائي ۽ مڃتا جي گواهي ڏين ٿا ۽ سندس لاءِ هڪ اعليٰ اعزاز هجڻ جو ثبوت آهن.
ڀلا ڪو آهي جيڪو آپا مريم جي هنن شعرن سان سينو ساهي؛
رات جون پاڙون کتل پاتال ۾
ڏينهن ناهي ڏيهه جو سر تال ۾
چور ڪهڙو سوجهرا چورائي ويو
راڄ کي آ شڪ رڳو رک پال ۾
سور پوکي ٿا اچون ڪيئي چيٽ ۾
پور پنهنجا ٿا پچن ڪيئن پال ۾
ڪنجهه ڪولهي جي ائين چئونرن منجهان
جيئن سهاين جو چڙو ڪنهن چال ۾
ڏاگهه تي چاڙهي وفا جون موملون
عشق کي واري اچو هر حال ۾
پاڻ سنڌ جي ارڏي نوجوانن سرائي قربان کهاوڙ، روپلي چولياڻي ۽ ٻين جي ڪملهي شهادت تي ڏک ونڊيندي چوي ٿي:
ضميرن جي صحيفن تي جڏهن چانڊاڻ جاڳي ٿي
اکين ۾ انقلابن جي تڏهن ڳاڙهاڻ جاڳي ٿي
بهارن جي بخيلي ڏس، هوائون بي هڳاءُ بڻيون
گلابن جي چمين سان پر، سڳنڌ سرهاڻ جاڳي ٿي
مسافر ڏينهن جا ماريا وڃن پيا واٽ اونداهه ۾
انهن جي رت شهادت مان ڪٺل لالاڻ جاڳي ٿي
آپا مريم مجيدي جي شاعري ۾ زندگي جي خوبصورتي به آهي، ائين ناهي ته هو صرف ڏکن ۽ مئل احساسن جي سڪرات ۾ جيئي ٿي، ائين نه آهي. هو ته رنگينن جي شاعره آهي جنهن زندگي جا ايترا ته رنگ ڏٺا آهن جيترا ڪو عام ماڻهو ڏسي نٿو سگهي، آپا مريم ڪنهن جي چوڻ تي لپ اسٽڪ تي به لکي ٿي ۽ ڪنهن جي ڏک ۾ مرثيو به لکي ٿي. پاڻ سنڌ جي ان شهر سان واسطو رکي ٿي جنهن کي ارغونن ۽ ترخانن کان ويندي الائي ته ڪيترن  حملي آورن لٽيو ۽ ڦريو، پاڻ ان شهر جي شاهد آهي جنهن ۾ علمي درسگاهن کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو ۽ سنڌ جي تاريخ تباهه ۽ برباد ڪئي وئي، پاڻ مڪلي جي ماٺ جي شاهد آهي جنهن ۾ سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ اڄ به مقبرن ۾ پوريل آهي ۽ جتان ڪو به سڏ ۽ پڙلاءُ نٿو اچي، هو سنڌ جي شاعره آهي جنهن سدائين ڌارين جي ڪاهن کي برداشت ڪيو آهي پر پنهنجي مٽيءَ کي ڪڏهن به بنجر ٿيڻ ناهي ڏنو جو اڄ به ڪيترائي سپوت ۽ سورميون پيدا ٿي رهيون آهن ۽ پنهنجي ڌرتي کي مختلف حوالن سان ڀيٽا ڏئي رهيون آهن جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته آپا مريم کان ويندي غزاله بتول تائين ڪي به سورميون نه اچن ها جيڪي سنڌ جي ڳالهه ڪن ها ۽ ان جي سينڌ پنهنجي رت سان سينگارين ها.
آپا مريم جي ان غزل کي پڙهڻ کان پوءِ هٿ ٺوڪين مهانتائن جا اعزاز پائي ويٺل سڀئي پلونگڙا لڳي رهيا آهن ۽ ائين محسوس ٿئي پيو ته هي انڌن جو ديس آهي جتي ڪنهن کي به احساسن جا رنگ ئي نظر نٿا اچن ۽ اهي سڀ هڪٻئي جي ڪلهي تي هٿ رکي قطار ۾ هلي رهيا آهن ۽ جنهن ان لڏي مان ڪنهن هڪ کي بهتر چيو ته پوءِ لکندڙن جي ۽ هٿ ٺوڪي مڃتا ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو جيڪو ڪڏهن به کٽڻ جهڙو نه آهي پوءِ ان ۾ ڪا درواڙ شهر جي وڏي شاعره آهي ته ڪا وري زندگي ۽ ڌرتي جي وڏي شاعره آهي، ٺيڪ آهي اهي سڀ شاعرائون هونديون ۽ اهي دراوڙ جون به هونديون ۽ ڌرتي جون به هونديون پر ڪير اهو ٻڌائي ته جيڪڏهن اهي ايڏيون مهان شاعر ۽ شاعرائون آهن ته پوءِ مريم مجيدي ڪٿي بيٺل آهي ۽ ان کي ڪهڙي خاني ۾ ڦٽو ڪيو ويندو ڇا ان جي ڪا به ڀيٽ نه آهي يا اها ان لائق ئي نه آهي جو سندس اعزاز ۾ ڪا خاص اشاعت شايع ڪئي وڃي ۽ لٻاڙي ليکڪ پنهنجي نظر پنهنجي ڀرپاسي ۾ به وجهن ۽ پنهنجي اکين تان انڌ جا کوپا لاهي ڏسن ته جيڪو اسين لکون پيا اهو صحيح آهي، ڇا ڪٿي ٻي ڪا اهڙي شخصيت ته نه آهي جيڪا واقعي ئي ان اعزاز ۽ لقب جي حقدار هجي.
ائين ناهي ته آپا مريم قديم دور جا ڪا شاعره آهي ۽ سندس سٽ سٽ ۾ درد ۽ ڏک سمايل آهي پر هو جديد دور جي به شاعره آهي توڻي جو وٽس انٽرنيٽ جي سهولت به نه آهي ۽ وٽس معلومات جي لاءِ سڀئي وسيلا به نه هوندا پر ان جي باوجود پاڻ سڀني اهم معاملن کان باخبر آهي، هو سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين کان ويندي دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ٿيندڙ ظلم کان به آگاهه آهي ۽ سندس قلم هر ڏاڍ جي خلاف کڄي ٿو. سندس تشبيهون ئي سندس سڃاڻپ آهن ۽ کيس مهندار شاعرا چوڻ لاءِ شاهد آهن.
اوهان کان ائين پري ٿي ڪيئن، اسان جي آ سري ويئي
غريبي سرد اوگهڙ ۾ ڊسمبر جيئن ٺري وئي
مهانگيون خواب جون اکيون اڻ ملهه آرزو جي دل
اڄوڪي دور حاضر وٽ رکي گروي چري وئي
زڪواتون ۽ عشر اڳرا
اگهاڙو پر اجر ڪيڏو
اڃا درد دل جو ڪفر پيو ڪري
هري هانءُ هر هر اوهان کي گهري
پاڻ اتاهان ڪارونجهر
ساهه اسان جو اڇڙو ٿر
غربت جي گدلي سينور ۾
نسرن ڪيڏا نرڄا سر
ناري ناهي ٻير پڪل ڪا
ڌوڻ نه ڌوتا هڻ نه ڀتر
آپا مريم مجيدي پنهنجي شاعري کي جڏهن ڪتابي شڪل ڏني پئي تڏهن پاڻ مسودو کڻي ڪنهن وٽ به سندس شاعري لاءِ ٻه اکر لکڻ جي لاءِ جهول نه جهلي، ڇو ته کيس خبر آهي ته لفظن جي مالا انهن کي پارائي ويندي آهي جنهن جو قد ننڍو هجي ۽ اهي پنهنجو قد وڌائڻ لاءِ ٻين جي لفظن جو سهارو وٺندا آهن ۽ پنهنجون عزتون داءُ تي لڳائي ايترو ته لکرائيندا آهن جو کڻي اهي لفظن ۾ ته مهانتا جي چوٽي تي هوندا آهن پر اصل ۾ سندن ڪويتائون ئي انهن جو ساٿ ناهن ڏينديون ۽ انهن جي هٿ ٺوڪي مهانتا جي اوگهڙ ڍڪي ناهي سگهنديون ۽ اها اوگهڙ نروار ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ اهي ان کي چتيون هڻڻ ۾ سڄي زندگي وڃائي ڇڏيندا آهن، پاڻ ان ڳالهه جو اظهار هيئن ڪري ٿي:
هر ڪو پنهنجو راڳ آلاپي،
سڀڪو سمجهي پاڻ مٿانهون
ڀٽائي جيڪو سڀني جو ڀرجهلو آهي ۽ سڀني جي زبان آهي ان کان رهنمائي وٺڻ ۽ ان آڏو وڃڻ ۾ ڪو به عيب نه آهي، يقينن آپا مريم مجيدي به وٽس وڃي رهنمائي ورتي ۽ کائنس ڪجهه ورتو اهو سندس مڃتا ۽ عظمت جو اهڃاڻ آهي، آپا ڪيڏي شاعره آهي ان جي لفظن وسيلي ڪڏهن به ڪٿ نٿي ڪري سگهجي. هو وڏي شاعره آهي ۽ هو هٿ ٺوڪين مهانتائن ۽ مڃتا کان گهڻو مٿي بيٺل آهي ۽ ان کي ڪنهن به اهڙي مڃتا ۽ مهانتا جي ضرورت نه آهي جيڪا وقت جي ڌوڙ ۾ لٽجي وڃي يا جنهن کي سڄي زندگي چتيون هڻندي گذري.

sarwansindhi02@yahoo.com

No comments:

Post a Comment