19/05/2015

راءِ گھراڻي جي تاريخ - ابو رافع (Abu Rafiu)

تاريخدان عبدالجيد نائچ جو ڪتاب
راءِ گھراڻي جي تاريخ
ابو رافع
سنڌ جي تاريخ تي ڪيترو ئي مواد موجود آهي، پر ان سڀ کي سهيڙڻ جي گهرج شايد سدائين رهندي. ڇاڪاڻ ته جيستائين اهو سمورو مواد سهيڙجي نٿو وڃي، تيستائين سنڌ جي اصلي تاريخ ليکي نه سگهبي.
تازو ئي راءِ گهراڻي بابت هڪ ننڍڙو ڪتاب لکيو آهي محترم عبدالمجيد نائچ، جيڪو راءِ گهراڻي بابت چڱي معلومات ڏئي ٿو. تفصيل ۽ ترتيب سان تاريخ لکڻ لاءِ هيءُ ڪتاب عربن جي فتح کان اڳ سنڌ ۾ راڄ ڪندڙ خاندان بابت ڄاڻ ڏيندڙ آهي.
ڪتاب ۾ مجموعي طور راءِ گهراڻي جي دور جو مختصر جائزو ڏنل آهي ۽ پوءِ جن راجائن بابت لکيو ويو آهي، انهن ۾ راجا راءِ ڏياچ، راجا راءِ سهيرس، راجا راءِ سهاسي،  راجا راءِ سهيرس ٻيون، راجا راءِ سهاسي ٻيون،  راڻي سونهن ديوي ۽ آخر ۾ ڏنل آهن، راءِ گهراڻي جا وزير.
راءِ گهراڻي جي دور جا هٿيار ۽ جنگي اوزار. سڀ گڏي ڪتاب راءِ خاندان تي روشني وجهندڙ آهي. تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هيءُ ڪتاب پڙهڻ جهڙو آهي. هونئن سڀ ڪتاب پڙهڻ جهڙائي هوندا آهن، پڙهندڙ موضوع جي چونڊ پنهنجي پسند جي ئي ڪندو آهي.

تاريخ جي هڪ دور بابت هيءُ ڪتاب سانڍڻ ۽ پڙهڻ جهڙو آهي، جنهن ۾ ستر صفحا آهن. ڪتاب جو ملهه هڪ سئو رپيا آهي ۽ هن ڪتاب کي ڇپايو آهي مارئي اڪيڊمي حيدرآباد سنڌ.

No comments:

Post a Comment