03/05/2015

نٽهڻ اس ۾ اڪيلو ماڻهو - رئوف عباسي (Rauf Abbasi)

نٽهڻ اس ۾ اڪيلو ماڻهو
رئوف عباسي
ادل سولنگي صاحب، ڪَوتا نگر ۾ ڪو نئون نالو يا تعارف ناهي. هن پنهنجي پاران ۾ پنهنجي مختصر ادبي سفر جي ڪٿا ٻڌائي آهي. نه فقط شاعريءَ ۾ پر، نثر جي ٻين حصن، بشمول صحافت ۾ به هُن پاڻ موکيو آهي. سندس مجموعو ”خانه بدوش لفظن جا قافلا“ ڪَوتا نگر ۾ توڙي جو هن جي پهرين وک آهي، پر اها وِک اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهيندڙ آهيس. سندس مجموعي۾ رومانوي شاعريءَ جي وڏن نالن جا معتبر تبصرا ٿيل آهن، جن کي ورجائڻ جي ڪا گهڻي ضرورت ناهي.

ادل سولنگي، هڪ ئي وقت ڪوي، صحافي سنڌ پرست ڌرتيءَ جو رکوالو، بين القواميت پسند، روايتن جو امين ۽ شاعريءَ جي مڙني انگن کي سمجهندڙ نظر اچي ٿو.
آئون ڪوشش ڪري نظم جي ڀاڱي تي ٻه چار ڳالهيون لکندس، شروعاتي نظم ”انڌنگر جا رهواسي تون سنڌ نگر مان ڇا ڄاڻين“ سنڌ جي ماضي حال ۽ مستقبل جو ڪيڏارو آهي. هڪ شاعر فطري طور حساس ته هوندو آ پر هو تاريخ جو ادراڪ رکي. ساڻيهه جي سڪ سان ٽمٽارو وهي. انياءَ تي للڪار ڪري، مارُن جي سُڏڪن، لڙڪن کي ذاتي سڏڪا ۽ لڙڪ سمجهي،  اها نه رڳو وڏي ڳالهه آ پر عظيم ڳالهه به آ. نظم جي ڀاڱي ۾ ڪُل 59 نظم آهن جن مان 7 ست نظم سنڌ جي عظيم سورهن جي نالي آهن، انهن کي ارپنا آهي. جن ماتر ڀومي سنڌ لاءِ جان جا نظرانا ڏنا.
جيڪي سِر ڏئي سُرهيه ٿيا
هي مجموعو قومي، مزاحمتي، رومانوي شاعريءَ جو وڻندڙ گلدستو آهي، جنهن کي هر سنڌيءَ لاءِ پڙهڻ لازمي آهي. نظم ڳوٺ جون ڳليون خود ڪلاميءَ واري انداز ۾ پاڻ سان جنگي صورتحال ۾ خطاب واري انداز ۾ آهي. جنهن ۾ هو شهري زندگي جي ڪوڙي ٽڪساٽ ۽ مصنوعي مادي زندگي کان بيزار ٿي ڳوٺ اچي ٿو. ڳوٺ جتي سندس پريت جا ناتا آهن مامتا جي فطري ڇڪ ۽ آسرو ندا اکيون هن لاءِ بي قرار آهن ۽ آخر هو ڳوٺ ڏانهن موٽي ٿو، نظم ”زندگي آهي ٽڙيل رابيل جان  جون هي ٻه ٽي سٽون
زندگي پڙتي چڳندڙ ڳيرڙا،
زندگي ٻيلن اندر ٻرندڙ چڙا
زندگي آ، جوٽ هاريءَ هٿ ۾،
زندگي آ، سون ناريءَ نٿ ۾
نظم ديوداس ۾ داخلي اڪيلائي ۽ رُوح جهڙي زندگيءَ ۾ اجاڙپن جو فڪر آهي. مثال طور هي سيٽون ان ڳالهه جي گواهي ڏين ٿيون.
ڪونه آهي چنڊ پنهنجو
چاهه پنهنجو
ڪا ڪَتي پنهنجي نه آ
آڪاس ۾،
پن پڻ جي مند جهڙو
پنهنجو جيون
ساڳي نظم۾
پپر وڻ هيٺان ڪوئي
ٽمٽائيندڙ حياتيءَ جو ڏيئو
دربدر، رولاڪ ڄڻ خانه بدوش
ديوداس جي جملي ڪيفيتن جو کليو اظهار آهي، ڪوي جي داخلي، ارتا ۽ ديوداس واري نائڪ جي وارتا پڻ هڪٻئي ۾ جذب ٿي ويون آهن، اُجاڙ نظم ۾ شڪوه آهي. عوام کان.
اڻ ڀُنيو. اڻ ڄاڻ لوڪ
درد پنهنجي ديس جو
ڄاڻي نه ٿو
ٻي حسي ۽ بي رحمي جي وشال ڪائنات ۾ ذلتن جي ٽياس تي ٽنگيل آهي اڪيلو آدمي ان جا احساس، جذبا، خواهشون، خواب سڀ چڪنا چور
ساڳي نظم ۾
ڪير ڪنهن کي ڪاڏئي آٿت
ٺلهو ڪو آسرو
اميد ڪا ڏياري نه ٿو
ڪو جهٻوتر جيترو
ڪنهن کي ڪڏهن
ڪنهن تي اچي ئي ڪو نه ٿو
اهو سنڌ منظر آيا عراق،  لبيا ۽ شام جي صورتحال آ جنهن جي بنا مبالغي منظر نگاري ٿيل آهي، فرد جي داخلي ڪيفيت اُن کي سوچڻ جا گس ڏيندي آهي.هي ڇاهي ؟ هيئين ڇو آهي؟
پوءِ ڇا لاءِ ؟
اُهي بنيادي سوال، ارتقا ڏانهن وٺي ويندڙ آهن.نظم ”نٽهڻ جو مسافر“ ذاتي ڪربلا جو چٽو پٽو مظهر آهي.
هن نظم جي ٻولي تمام شاهوڪار ۽ دلپسندآهي، پرين تو پڄاڻان“ به ڪَوي جي احساسن جي ڪٿا، جو حلفيه بيان آ.
نه ڪي، نٽهڻن مان ملي واندڪائي
رڳي گهر گهٽين مان لڇي ماندڪائي
رهي ٻارهو ئي آ، اُلڪن جي موسم
اڌمن جي موسم، ها سُڏڪن جي موسم، نظم ”سو ديس مسافر منهنجو ڏي“ رزميه داستان جي هڪ ڪڙي آهي.پر ان ۾ ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن جو ذڪر، شاعر کان رهجي ويو آ، ٻين سڀني شهيدن کي ته ڀرپور ڀيٽا ڏني وئي آهي.
نظم ”فاصلا“ اميري، غريبيءَ جي تضاد ۽ موجوده سنڌي معاشري جي عڪاسي ڪندڙ آهي.
شهر شهر بي حسيون
ڳوٺ ۾ ڳوٺ ۾ جُٺيون

پيش منظر ۾ سڀني اڳيان نشابنر آهي. مجوعي طرح ”خانه بدوش لفظن جا قافلا“ رزميه داستان، مزاحمت، پريم، پريت، للڪار، وفائن، بي وفائن، درد، دلبرين، مينڌيءَ جي کيت، چوڙين جي کڙڪي، نمورين جي هڳاءَ، پپر جي پنن جي سرسراهٽ، ذيتونن جي خوشبو، سارين جي لابارن، محبوبائن جي ماڻن، ڳوٺاڻي زندگيءَ جي موهيندڙن نظارن، گفتارن ۽ جنگ جي نظارن تي رقص ڪندڙ غصه رفتا جو هڪ سانڍڻ جهڙو مجموعو آهي جنهن لاءِ ڪَوي ۽ ڇپائيندڙ اداري سرسوتي ساهت گهرَ کي کوڙ مبارڪون.

No comments:

Post a Comment