03/05/2015

ذهن جي ڪرشماتي طاقت - ابو رافع (Abu Rafiu)

ننگر چنا جو ترجمو ڪيل ڪتاب
ذهن جي ڪرشماتي طاقت
ابو رافع 
علم جي الڳ الڳ شعبن ۾ ڪيتري ئي تحقيق سامهون اچي وئي آهي ۽ اها انساني سماج ۾ قبوليت به ماڻي چڪي آهي. ڊاڪٽر جوزف مرفيءَ جو ڪتاب ذهن جي ڪرشماتي طاقت پڻ انهن ڪتابن مان آهي، جيڪي ڪتاب انساني شعور ۾ هڪ اهڙو واڌارو ڪندا آهن، جيڪو انسان کي عملي زندگيءَ ۾ ته ڪم ايندو ئي آهي پر اهو علم هن کي پنهنجي ذهني قوت کي پرکڻ لاءِ پڻ اتساهيندو آهي.
هيءَ ڪتاب پڻ اهڙو آهي، جنهن مان اها ڄاڻ پوي ٿي ته انسان پنهنجي اندر موجود لڪل قوتن کي ڪيئن ڪتب آڻي سگهي ٿو. نوجوانن لاءِ رهنمائي ڪندڙ هي ڪتاب انهن ڪتابن مان به هڪ آهي جيڪي ڪتاب رڪارڊ وڪرو ٿيندا آهن  ۽ نه رڳو اهي پڙهيا ويندا آهن پر انهن مان ڀرپور لاڀ به ورتو ويندو آهي. اسان جي ملڪ جهڙن پٺ تي پيل ملڪن ۾ هن قسم جي ڪتابن کي سچ پڇ نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته نصاب نوجوانن سان سڌو لاڳاپو رکي ٿو ۽ اهو هن جي پڙهائي جو حصو آهي. ان ڪري هو ان کي لنوائي نٿو سگهي.

”ذهن جي ڪرشماتي طاقت، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائڻ جو مقصد به اهو آهي ته ان مان سنڌي نوجوان فائدو وٺي، هن ڪتاب جو ترجمو اسان جي نوجوان اديب دوست ننگر چنا ڪيو آهي. هن قسم جو علم سنڌي نوجوان کي ڏيڻ جو نيڪ ڪم اسان جي شعوري واڌ لاءِ سدائين جاکوڙيندڙ اداري سنڌيڪا پاران ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ٻه سئو صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه ٻه سئو رپيا آهي. سنڌ جي نوجوانن کي هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي.

No comments:

Post a Comment