19/05/2015

سنڌ جون شاعر عورتون - ابو رافع (Abu Rafiu)

غلام مصطفيٰ سولنگيءَ جو مرتب ڪيل ڪتاب
سنڌ جون شاعر عورتون
ابو رافع
هيءُ ڪتاب پنهنجي نالي مان اهو ته ٻڌائي ٿو اهو شاعر عورتن جي باري ۾ آهي پر ڪتاب جي وضاحت اها آهي ته هن ڪتاب ۾ شاعري آهي ۽ اها سڀ شاعري شاعر عورتن جي آهي، جنهن کي غلام مصطفيٰ  سولنگيءَ گهڻي  محنت سان گڏ ڪيو آهي.
هن ڪتاب ۾ چاليهه شاعرائون آهن، جن جي چونڊ شاعريءَ سان گڏ سندن بايوڊيٽا ۽ تصويرون ڏنيون ويون آهن. ڪن شاعرائن بابت مختلف اديبن جا ويچار پڻ ڏنل آهن، ائين هيءُ ڪتاب عورت شاعرائن جو هڪ گڏيل خوبصورت مجموعو ٿي پيو آهي.
شاعرن ۽ شاعرائن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ ٺيڪ نه آهي پر هن ڪتاب مان سنڌي شاعراڻي ادب ۾ اسان جي محترم شاعرائن جو حصو چٽو ٿي بيٺو آهي، جيڪو ڪنهن تڪڙي حوالي کڻڻ لاءِ آسانيءَ سان ملي سگهندو، ان لاءِ غلام مصطفيٰ سولنگي جس لهڻي.
هن قسم جي ڪتابن تي ڪيترن محنت ٿئي ٿو اها فقط اهي شخص ڄاڻن ٿا، جيڪي اهڙو ڪم ڪن ٿا. چاليهن شاعرائن جو مواد هڪ هنڌ مليو آهي، ان کي سنڌي ادب لاءِ سٺو عمل چئبو، اهو ممڪن هئو ته ڪتاب کي ڪنهن ترتيب سان جوڙيو وڃي ها ته ان ۾ وڌيڪ نکار اچي ها!

سندي ادب جي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي سنڌي شاعرائون اڃا رهيل آهن جيڪي مرتب چواڻي ٻئي جلد ۽ ان کان وڌيڪ جلدن ۾ ترتيب ڏنيون وينديون، ڇو ته هيءُ ڪتاب جو پهريون جلد ڪري ڄاڻايو ويو آهي، جنهن ۾ ٽي سئو ويهه صفحا آهن ۽ ڪتاب تي چاليهن شاعرائن جا  چهرا پڻ نظر اچن ٿا. پڪي جلد واري هن سانڍڻ جهڙي ڪتاب جو ملهه چار سئو رپيا آهي ڪتاب کي ڇپائيندڙ ادارو آهي سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ.

1 comment:

  1. ڪتاب پي ڊي ايف ۾ موجود آهي ته رھنمائي ڪندا ۔

    ReplyDelete