شاهه
لطيف تي هڪ نئين نظر
راز
شر
ريني
ڊيڪارٽ جو قول آهي ته مان سوچيان ٿو، ان ڪري مان آهيان، ماڻهوءَ جي وجود ۽ عزم کي
سندس سوچ ئي ڌار ڪري ٿي. انسان کي سندس سوچ ئي ان جي منصب لاءِ مجبور ڪيو ته انسان
اشرف المخلوقات سڏائي. اشرف المخلوقات مان مراد مڙني تخليقن کان اعليٰ ۽ اُتم. اهو
به ان ڪري جو انسان نه رڳو سوچي ٿو پر ڳالهائي به ٿو، ان ڪري هُن اهو منصب پنهنجي
لاءِ چونڊي ورتو. نه ته انسان پنهنجي عادتن، خصلتن ۾ جانور کان به هيٺئين درجي
وارو مقام رکي ٿو. توهان ڪڏهن جانور کي ٽوٿ برش ڪندي نه ڏٺو هوندو، پر پوءِ به ان
مان ڌپ نه ايندي آهي، پر انسان جيڪڏهن ٻه ڏينهن ڏندڻ نه ڏئي ته ان جي ڀرسان بيهڻ
به ممڪن نه هوندو آهي.
انسان
بنيادي طور تي اشرف المخلوقات ناهي پر اها ان جي منزل آهي يا جيڪو هن خدا جي بابت
سوچي رکيو، اها ئي مخلوقي اشرافيت يا مٿانهون درجو آهي، جنهن کي هو پنهنجي لاءِ
ڪنسيڊر ڪري ٿو.
اسان
جي صوفين مخلوقيت جي ان شرافيت کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا تبليغ ڪئي آهي اُها ئي هن
خطي جي فڪر جو حاصل مطلب آهي، پر عجب اهو آهي ته هتان جي صوفين جي ان تبليغ کي ڪن
اسلامي رنگ ڏنو ته ڪن وري هندو مت جي چادر ۾ ويڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. اها مذهبي
ٺيڪيدارن جي هٿ ٺوڪي ۽ شعوري ڪوشش هئي. هاڻي ته اهڙن بزرگن جا پونير انهن کي فرقي
پرستي يعني شيعي ۽ سنيءَ جي سنگھرن ۾ ٻڌي ويٺا آهن. اسان جا صوفي ته الله کي به
اورتي ڇڏي پرانهين پنڌ پيا آهن. بقول صديق فقير جي
ته:
الله
ڇڏيائون اورتي، پرانهين پنڌ پيا،
بنا
نالي سپرين، اڃا ڪي ٻيا،
واڪيندا
ويا، صادق ٻڌي سندرا.
ٻئي
پاسي اڄ جي نوجوان جي تحقيق جو دارومدار ماضيءَ جي تحقيق جي معيار تي منحصر آهي.
ڪنهن به مقالي لکڻ لاءِ سوچ ۽ ويچار جا رستا روڪيا پيا وڃن، جھڙوڪ تحقيق وارو عمل
سنڌ ۾ بند ٿيندو پيو وڃي. اسان وٽ هينئر تحقيق نگار ته ڇا پر انٽيليڪچوئل به اهو
ٿو سڏائي جيڪو شاهه جي بيت جو اُچار درست معنى ۾ ڪري وڃي ٿو. اهڙي قسم جي دانشور
کي بيت جي معنى، مفهوم ۽ فڪر سان ڪو به ڏيڻ وٺڻ يا واسطو نه آهي.
اهڙي
دور ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ جا فڪري رخ متعين ڪرڻ يقينن ڪنهن به معجزي کان گھٽ نه
آهي. جديد دور جي گھرجن پٽاندڙ شاهه جي فڪر کي عالمي تناظر ۾ ڏسڻ ۽ ان جو برميچڻ
لاءِ يقينن ڊاڪٽر غفور ميمڻ، جيڪو قلمي پورهيو ڪيو آهي ان لاءِ هو تحسين جي
قابل آهي. افسوس اهو آهي جو اسان ڪنهن به قسم جي اعلى درجي واري ڪم کي ذاتي ڪوتاهه
نظري واري اک ۽ گروهي وابستگيءَ واري عينڪ سان ڏسون ٿا جنهنڪري حقيقي ڏاهو ڪنڊائتو
ٿي ويو آهي ۽ اسان جي حقيقي ڏاهپ سنڍ پڻي جو شڪار ٿي ويئي آهي. اسان جي ادبي لڏي ۾
به مافيائون گھڙي آيون آهن جن جو ذڪر دٻيل لفطن ۾ محترم تاج بلوچ به
ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڪيو آهي. حقيقت ۾ اسان جي ادبي لڏي ۾ رڳو مافيائون ئي نه پر ٽارگيٽ ڪِلر ۽ گينگ وارا
پهچي ويا آهن جيڪي نئين سوچ کي ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪري رهيا آهن، ڇو ته ايئن نه ڪرڻ سان سندن دڪانداريءَ تي اثر پئي
ٿو ۽ بدقسمتي اها به آهي ته انهن وٽ جي جيڪو وکر آهي سو پئي پراڻو ٿي ويو آهي.
شاهه
لطيف تي اڪيڊمڪ حوالي سان ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ کان پوءِ تنوير عباسيءَ جو ڪم ليکي ۾ آڻڻ جوڳو آهي، پر فڪري حوالي مسان چند ٽڙيل پکڙيل
مضمونن کان سواءِ ڪجھه به نه ٿو ملي، هن ڪتاب کي پڙهن سان معلوم ٿئي ٿو ته ادب يا
شاعري نه رڳو سائنس جا ماخذ آهن پر انهن جي اڏام سائنس کان به اڳتي آهي. ان جي
حاصلات صادق جي سندري جيان واڪيندو وڃڻ ۾ ئي آهي. ان بيت جو علامه اقبال وري هيئن بيان ڪيو آهي ته ”ستارون سي آگي جهان اور ڀي هين“.
ڊاڪٽر
غفور ميمڻ شاهه جي فڪر کي نج سائنسي ۽ فڪري بنيادن تي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن آئزڪ نيوٽن کان ويندي آئين اسٽائن تائين ۽ سقراط
کان ويندي ٽوائن بي ۽ ڊاڪيدا تائين ڀٽائيءَ جي شعرن مان نتيجا اخذ ڪري انسانيت جو
درس نپوڙيو آهي، جيڪو انسانيت جو معراج يعني اشرف المخلوقات جي منصب ۾ مضمر آهي.
ڊاڪٽر
صاحب جي مضمونن ۾ مابعد الطبعاتي تصور کان ويندي انسانت جي ڪماليت ۽ زمان ۽ مڪان
جي ٻنڌڻن کان آجو ڪرائڻ جا سمورا سبق نهايت سولي ۽ آسان انداز ۾ بيان ڪيل آهن.
اسان واري ٽهي جيڪا هاڻي يقينن سينيئر ٽهي چورائڻ جي هر وجھه سان لائق آهي. ان مان
ڊاڪٽر غفور اڪيلو ماڻهو آهي جيڪو نه رڳو لاڳيتو لکي رهيو آهي پر هو پنهنجي پاڻ کي
اپ ڊيٽ رکڻ لاءِ ڏيهي توڙي پرڏيهي ادب لڳاتار پڙهي به رهيو آهي. منهنجي خيال ۾
سندس مطالعي ۾ هاڻي ادبي فنپارن کان وڌيڪ فڪري ڪتاب اچن ٿا، جن جو چٽو عڪس سندس هن
ڪتاب جي مضمونن ۾ نظر اچي ٿو. خاص ڪري اهڙي فڪر کي سنڌ جي فڪر سان سلهاڙڻ سندس
تحريرن جي هڪ نمايان خوبي به آهي.
دنيا
جي ماڻهن وٽ چند ڳاڻ ڳڻيا مسئلا آهن جن مان ڇوٽڪاري توڙي انهن جي اظهار لاءِ هر
معاشري جو ماڻهو مختلف اظهاري طريقن کي اختيار ڪري ٿو. هر ماڻهوءَ کي سندس پيشڪش
ٻين کان منفرد بڻائي ٿي. ڀٽائيءَ جي دور ۾، ڀٽائيءَ کان اڳ توڙي پوءِ وارن دورن ۾
به ڪيترن ئي صوفي بزرگن انسان جي اندر واري ڏک جي آجپي لاءِ گس ۽ پيچرا بيان ڪيا
آهن، پر جيڪا پيشڪش يا پريزنٽيشن ڀٽائيءَ وٽ آهي، اُها ٻين جي نصيب ۾ ناهي. سچل،
گرهوڙي، حمل، زمان شاهه، چيسن شاهه فات، قاضي قادن، خواجا محمد زمان، لنواري واري،
مين شاھ عنايت، غلام حيدر گروڙي توڙي بيدل ۽ بيڪس جون ڪي ڪي سٽون ڀٽائيءَ کان به
گوءِ کڻي وڃن ٿيون پر پنهنجي تڪميل ۾ جيڪا ڳالهه ڀٽائي ڪري ٿو ساڳي تڪميل ۽ پورڻنا
اظهار جي حوالي سان ڪنهن وٽ به ڪانهي، ساڳيءَ ريت اسان جي محققن ۽ دانشورن ڀٽائيءَ
جي شاعريءَ جي سمونڊ مان جيڪي معنيٰ جا موتي ڪڍيا آهن، اهي به يقينن واکاڻ جوڳا
آهن پر ڊاڪٽر غفور جنهن طريقي سان ڀٽائيءَ کي نئين انداز ۾ پيش ڪيو آهي ان انداز
کيس ڀٽائيءَ جي شاعري توڙي سمونڊ جو نئون غواص بڻائي ڇڏيو آهي. خدا سندس قلم ۾ اڃا
به زور پيدا ڪري جو ڀٽائيءَ جي فڪر ۽ معنيٰ جا موتي عالم کي آڇيندو رهي.
چيو
ويندو آهي ته ڪنهن اديب جي ڪتاب جي مهورت سندس شاديءَ جو ڪاڄ هوندو آهي. ان ڪري
اهڙي موقعي تي گھوٽ کي ڪجهه يه چوڻ نه جڳائي پر ڪتاب ۾ ڪي فني اوڻايون به هونديون
آهن جن جو ذڪر ڪرڻ هونئن ته مان خراب نه ٿو سمجھان پر جيڪڏهن نه ڪبو ته صحتمند
تنقيد جنم نه وٺي سگندي.
ڊاڪٽر
غفور بنيادي طور تي سوچيندڙ ذهن يا ٿنڪر آهي ان ڪري هو جيئن سوچيندو آهي تيئن
لکندو آهي. جيئن ته تحرير توڙي زبان سوچ جو تڪڙو ساٿ نه ڏيئي سگھندي آهي ان ڪري
ڊاڪٽر غفور لکڻ دوران ان ڪميءَ تي ضابطو آڻي نه سگھيو آهي. ڳالهائڻ واري ۽ تحريري
زبان ۾ فرق هوندو آهي، ان ڪري تڪڙ ۾ لکيل سوچ جي تحرير تي هڪ ڀيرو ڌيان ڏيڻ گھرجي
جنهن سان ڪو به مقالو يا تحرير پنهنجي منطقي منزل تي پهچي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جي هنن
مضمونن ۾ اهڙي قسم جي جلد بازي نظر اچي ٿي جيڪا شايد ٻيهر پڙهڻ کان پوءِ درست ٿي
سگهن ها، يا وري ڪنهن ٻوليءَ جي ماهر کان ان تي نظرثاني ڪرائي وڃي ها.
هڪ
ٻي ڳالهه چوڻ ضروري ٿو سمجھان ته ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب هينئر جنهن منزل ۽ مرتبي تي
فائز آهي ان جاءِ تي سندس راءِ نهايت اهميت واري آهي. ايندڙ دور جو محقق يقينن ڊاڪٽر صاحب جي ڪيل ڳالهه کي سند مڃيندو
۽ ان کي مڃڻ به گھرجي، ڇو ته اهي ئي تحريرون اڳتي جي محقق کي سندس تحقيق جي مهارت لاءِ
بنياد فراهم ڪنديون. اهڙي صورت ۾ ڪوٽ ڪيل مقصد لاءِ ڀٽائيءَ جا شعر يقينن ڀيٽڻ
گھرجن. ڊاڪٽر صاحب جي مضمونن ۾ پيش ڪيل ڀٽائيءَ جا چند شعر ڀٽائيءَ جي ڪنهن به
رسالي ۾ موجود نه آهن، مون اٽڪل ٻارنهن نسخا ڀيٽائي ڏٺا آهن پر اهي شعر مون کي ڪٿي
به نه مليا آهن. اهڙا بيت يقينن ڀٽائيءَ جي شعري زمين ۾ چيل آهن، پر مون اڳي ئي
عرض ڪيو ته ڪي اهڙا به گمنام شاعر آهن جيڪي فڪر توڙي لسانيات حوالي سان ڀٽائيءَ
سان پرميچي بيٺا آهن. اهڙن شعرن جو مان هتي حوالو ڏيندس:
دنيا
سڀ درياءُ، ڪو ڪو تارون تنهن ۾
هڪري
لهر لوپ جي، ٻيو آتشي آڙاهه
طالب
ان تڙاهه، موڙي پاڙهيون هڪڙيون.
اچي
رهيا ريل ۾، لڪڙيون کوڙي
ويڙا
اکوڙي، جوءِ نه وئي جوڳئين
جارو،
هيئين ڪارو، لڙ کان ٿي لاشڪ
معرفت
جومن ۾، سوڌ
پڙهه سبق
هنج
پروڙج حَق، ماڻئين ڪونئر ڪلاب جا
اريج
جنين جي رورح ۾، جيري ۾ جائون
انهن
کي آئون، ڪهڙا ڪبيرا آڇيان.
ان
کان سواءِ ڪيترا ٻيا شعر آهن جن جي صورتخطيءَ کي درست ڪرڻ جي ضرورت هئي، ڇو ته غلط
صورتخطيءَ سان هڪ ته بيت پڙهن جو حظ هليو وڃي ٿو، ٻيو ته معنى به مٽجي وڃي ٿي. مون کي اميد آهي ته ڊاڪٽر صاحب منهنجي اهڙين صلاحن
کي دل ۾ نه ڪندو ۽ ان کي هڪ سٺي دوست جي صلاح سمجھي انهن بيتن جي درستگي ڪندو. اڄوڪي
ڪاڄ ۾ مون ڪتابن ۾ موجود اعلى فڪري رخن سان گڏ ان ۾ موجود ڪجھه اوڻاين جو به ذڪر
ڪيو آهي. مان پنهنجي لاءِ قطعي طور تي ايئن نه چوندس ته:
”رات
ڪو پِي اور صبح ڪو توبهه ڪرلي
رند
ڪي رند رهي هاٿ سي جنت نه گئي.“
No comments:
Post a Comment