03/05/2015

ترڇا تير - ابو رافع (Abu Rafiu)

صدا لاشاريءَ جو شاعراڻو ڪتاب
ترڇا تير
ابو رافع 
ترڇا تير“ اسان جي دوست صدا لاشاريءَ جو پهريون شاعراڻو ڪتاب آهي، جيتوڻيڪ هو علمي ادبي طور چڱي عرصي کان لکندو رهيو آهي، سندس مقالا، مضمون، ڪالم ۽ ليک الڳ الڳ رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهندا آهن، پاڻ قانون جهڙي شعبي سان لاڳاپيل هوندي به شاعريءَ سان پريت رکي ٿو. اها هن جي اندر جي اساٽ آهي، جنهن کي هو پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهاري، پاڻ کي هلڪو محسوس ڪري ٿو.
سندس شاعري ۾ سنڌ جا اهي سڀ مسئلا آهن، جيڪي اظهارڻ لاءِ هو هر وقت بيچين رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو هڪ سوچيندڙ پڙهيو، ڪڙهيو ذهن آهي ۽ وري وڪالت جهڙي پيشي سان واسطو هجڻ سبب زندگيءَ جا ڪيترائي مشاهدا سندس اکين ڪيا آهن، جيڪي هن نثر توڻي نظر ۾ آندا آهن.

هن ڪتاب ۾ صدا هڪ نئين شاعر طور ظاهر ٿيو آهي، ٻيءَ طرح هن جو ادب سان لاڳاپو هڪ پڙهندڙ طور به رهيو آهي ته لکندڙ طور به! هاڻ جڏهن هو صاحب ڪتاب بڻيو آهي ته پڪ سان اسان جون واڌايون لهڻي ٿو ۽ اڳتي کانئس اها اميد به ڪجي ٿي ته هو لڳاتار شاعريءَ معرفت  نثر  معرفت سنڌي ادب کي ڪجهه ڏيندو رهندو. ”ترڇا تير“ ڪتاب نهايت حسين ڇپيل آهي ٻن رنگن جي ڇپائي ۾ ڪيترائي اسڪيچ وغيره پڻ ڪتاب ۾ ڏنل آهن. جن ڪتاب کي وڌيڪ سهڻو بڻايو آهي. ڪتاب جو مهاڳ اسان جي ناليواري اسڪالر ڊاڪٽر غلام نبي سڌائي صاحب جو لکيل آهي، هن حسين ڪتاب ۾ هڪ سئو يارهن صفحا آهن ۽ ان جو ملهه ٽي سئو رپيا آهي. ڪتاب کي سهڻو ڇاپڻ جو سهرو سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي سر تي آهي.

No comments:

Post a Comment