19/05/2015

ڀاڱا ڀاڱا ڀونءِ - ابو رافع (Abu Rafiu)

بلوچ صحبت علي جو ڪتاب
ڀاڱا ڀاڱا ڀونءِ
ابو رافع 
بلوچ صحبت علي ان ٻوليءَ جو شاعر آهي جيڪا صدين جي تاريخ رکي ٿي ۽ اُن ڀونءِ تي رهي ٿو جيڪا اڄ جي تاريخ تائين ڀاڱا ٿيڻ کان بچي وئي آهي، پوءِ به هو پنهنجي تصور ۾ ائين محسوس ڪري تو ته ڀونءِ ڀاڱا ڀاڱا ٿي وئي آهي ۽ ان ڀونءِ  جو نوحو آهن هيءُ نثري نظم، جيڪي هن ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن، جنهن ڪتاب جو نالو آهي ”ڀاڱا ڀاڱا ڀونءِ“. نثري نظم سنڌ ۾ چڱو ئي لکيو ويو آهي پر ان کي اها اهميت اڄ تائين نه ملي سگهي آهي، جيڪا هند ۾ ان ساڳي صنف کي ”نئين ڪوتا“ جي نالي ۾ ملي آهي.
بلوچ صحبت علي هونئن سنڌي ٻوليءَ جو برجستو شاعر آهي، کيس شاعراڻي  علم عروض جي به چڱي ڄاڻ آهي ۽ غزل خوبصورت لکندو رهيو آهي پر هن ڪتاب ڇپائڻ وقت نثري نظم کي اهميت ڏني آهي. سندس هنن نثري نظمن ۾ شاعراڻا احساس آهن، ٻولي آهي، شاعراڻو اظهار آهي،  ڇاڪاڻ ته شاعر جو نثر سٺو ئي هوندو آهي، پر هر سٺي شاعر جو نثر به سٺو هجي، اهو ضروري نه آهي. صحبت جون ڪيتريون ئي سٽون روح تائين رسائي ڪن ٿيون ۽ اڄ جي نه رڳو عالمي حالتن پر ساڳئي وقت ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ جو پڻ احوال ڏين ٿيون.
ان سڀ سان گڏ شاعر جو اعتماد پڻ موجود هجڻ گهرجي، جيڪو ڪتاب ۾ گهٽ نظر اچي ٿو.

هن هڪ سئو پنجونجاهه صفحن جي ڪتاب ۾ اسي صفحا نثر آهي، جيڪو صحبت عليءَ ۽ ٻين جو آهي، ان وقت فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿئي ٿو ته هي نثر جو ڪتاب آهي يا نظم جو؟ ساڳئي وقت ليکڪ جو پنهنجي لکڻ تي اعتماد/اعتبار به زخمي ٿئي ٿو، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ ضربجڻ نه گهرجي. هن ٻه سئو رپين جي ملهه واري ڪتاب کي پيڪاڪ پرنٽرز ۽ پبلشرز ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي. اداري ڪتاب سهڻو ڪري ڇيو آهي. ان لاءِ ادارو جس لهڻي ۽ ان کان پهريان شاعر!

No comments:

Post a Comment