31/05/2015

ڌرتيءَ جا ٽانڊاڻا - صبا شاه (Saba Shah)

ملهار سنڌيءَ جو ٻارن لاءِ لکيل ڪتاب
ڌرتيءَ جا ٽانڊاڻا
صبا شاهه
ملهار سنڌيءَ جي ڪتاب ”ڌرتي جا ٽانڊاڻا“ ۾ ٻارن جي دلچسپيءَ وارن مختلف موضوعن تي انتهائي سهڻا ۽ سريلا نظم شامل آهن، جن ۾ وندر ۽ ورونهن سان گڏ علم به ڄاڻ، پکي پکڻ، موسم ۽ وطن سان چاھ آهي. گرميءَ جي مند ۾ ٻارن کي نصيحت ڪجهه هن ريت ڪئي اٿس ته.
اونهارو آ پهتو ٻارو! گرميءَ جو آ چرچو ٻارو!
هر دم اُس کان بچجو ٻارو! ڪو نه آجايو رُلجو ٻارو!

شاعر ملهار سنڌي صاحب ان جفاڪش مزور جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪئي آهي جيڪو گرمي توڙي سردي ۾ محنت ڪري ٿو. پر اسان جي وطن ۾ اهو ئي غريب آهي اَنُ اپائيندڙي هاري هجي يا ڪوڏر هڻندڙ مزدور بک ۽ بي وسي سندس  ئي نصيب بڻيل آهي. شاعر ٻهراڙيءَ جي ٻارن، محنت ڪشن ٻارن ۽ اسڪول ويندڙن ٻارن لاءِ ڪيئن ته سهڻا نظما لکيا آهن سچ ته ڇا ته آرٽسٽ شاعر آهي ٻارن کي نصيحت ۽ واکاڻ هن ريت ڪري ٿو.
صابو آهي پيارو ڇوڪر،
ٻارو محنت وارو ڇوڪر.
محنت ۾ ”ملهار“ مزو آهي
محنت سان مقصد ملندو آ.

ملهار سنڌي نه صرف ٻارن جو شاعر آهي پر هو جديد سنڌي شاعري جو هڪ ناميارو نانءُ آهي جيڪو سنڌي ادب جي ڦهلاءَ لاءِ سج جي انهن ڪرڻن وانگي آهي جيڪي چوطرف آجالو ڪندڙ آهن سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپيل شعري مجموعي ”ڌرتي جا ٽانڊاڻا“ سنڌي ادب ۾ هڪ انمول اضافو آهي، جنهن جو مهاڳ ناليواري شاعر لاڙڪاڻي ۽ شاھ سيبائي جي رهائشي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لکيو آهي. ڪتاب خوبصورت ٽائيل ۽ 74 صفحن تي مشتمل آهي ۽ 45 نظم شامل اٿس.

No comments:

Post a Comment