مختيار راهو
ڪيم روح رهاڻ: ڊاڪٽر محمد لائق
زرداريءَ جي آتم ڪٿا
۽ عوامي تاريخ جي ڳولا
ڊاڪٽر محمد لائق
زرداريءَ جي آتم ڪٿا جو ھيءُ ڪتاب پڙهي پورو ڪيو. لنڊڪي جي زردارين مان پهريون پي
ايڇ ڊي تائين گھڻو پڙهيو لکيو ماڻهو جيڪو موري شھر جي اسڪول ۾ مٿي تي پٽڪو ۽ ڪنن ۾
پاتل والين سان داخل ٿيو ۽ پوءِ شھر جي ڊگري ڪاليج جو پرنسپال ٿي رهيو. ھن جي آتم
ڪٿا ڪيئن آھي جو سوال کي ڏاڍي دلچسپ چئي ان جي پڙھڻ جي صلاح ڏئي سگھجي ٿي.
ھيءَ آتم ڪٿا آھي جيڪا
ڊاڪٽر جي پنھنجي ذات جي مرڪز تي ئي ھلي ٿي. يقيني طور ھي سندس آتم ڪٿا آھي ان ۾
سندس بيان آھي، پر ڪٿي ڪٿي سندس لکڻي ھن جي آسپاس جي دنيا ۽ عام ماڻھن جي عوامي
تاريخ کي ڇيڙي ۽ يڪسر ڳالھ کي اڌورو ڇڏي وڃي، جيڪا ڪمي پڙھڻ واري کي ان عوامي
تاريخ کي ڄاڻڻ جي تاس ٻاڙ جاڳائي وجھي ٿي. ان دنيا جا ڏاڍا يا ھيڻا ماڻھو پنھنجي
زندگي جي روزمره جي بيزار ڪندڙ واقعن، صدمن ۽ حادثن سان وقت جو گاڏو گھليندي وقت
جي دز ۾ لٽجي وڃن ٿا ۽ پوء ورهين بعد ڪو ماڻھو انھن واقعن کي مختصر لکي ٿو ته اھڙو
ڪتاب جادوئي آئيني وانگر سامھون اچي ٿو، پر جيڪڏهن ڪتاب ھڪ شخص جي گرد ئي گھمي ۽
واقعن جو تاڃي پيٽو ور وڪڙ ڏئي ليکڪ وٽ ئي موٽي اچي ته ڳالھ اڌوري محسوس ٿئي ٿي.
يقيني ڳالهه آھي ته ھي
ھڪ آتم ڪٿا آھي نڪو تاريخ جو ڪتاب، پر وري به ان ساڳي دنيا تر جا عام ماڻھو جيڪي
ڪنھن پڙھئي لکئي ماڻھو جي واتان اھڙن ڪردارن، مڻين مٽي ۾ دفن ٿيل ماڻھن، وقت وڏن
واقعن ۽ پوءِ غير اھم ٿي ويل واقعن کي ٻڌي ڇرڪ ڀرين ٿا پر جيڪڏهن اھو عڪس ڌنڌلو
آھي ته ويتر تاس ڏئي ڇڏي ٿو. اوھان کي سخت ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته اوھان ڪنھن اھڙي
غير اھم جھوني وٽ ويھي اھڙا ڪتاب ان کي پڙھي ٻڌايو ھو رڙ ڪري ٻڌائي ته مون کي ياد
آھي اھو ڪيئن ٿيو ۽ ليکڪ جي جڳھ تي ڪھاڻي کي پاڻ کڻي توڙ تائين پھچائي ۽ ھو اوھان
کي ٻڌائي ھا ته زنگاڻن پنھنجي زرداري ذات کان الڳ منفرد سڃاڻپ ڪيئن پيدا ڪئي ھئي.
جو ماستر خميسي خان شيدي داخلا مھل ڊاڪٽر جي پنھنجي ذات زنگاڻو لکي ڇڏي.
زنگاڻن جي ارڏائي سبب تر ۾ سندن ذات جي بجاءِ پنھنجي پاڙي جي ئي منفرد سڃاڻپ حاصل ھئي ڇا اڄ به ڪو جھونو زندھ آھي جيڪو پاڻ کي زنگاڻو لکرائندو ۽ سڏرائندو ھجي. اسين اھو ڄاڻڻ چاھيون ٿا ته خانو زنگاڻي جو مڪمل تعارف ڪير ڪرائيندو جنھن سائين جي ايم سيد جي پيءُ جي خون جو پلاند ورتو. ڇا سائين جي ايم سيد خانو زنگاڻي جو پنھنجي ڪنھن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آھي. اھو شيدي ماستر جيڪو ڳوٺ مڪراري جي ٻارن کي شاھ لطيف جا بيت ياد ڪرائيندو ھو جنھن شھر کان پنڌ مڪراري وڃي تر جي ٻارن کي تعليم ڏني ۽ زندگي ۾ ڪڏهن موڪل نه ڪئي ۽ سدائين واپس موٽندي ڪاٺين جو ڍڳ مٿي تي کڻي شھر گھر موٽي ايندو ھو. اهو شيدي استاد ئي ھو جنھن استاد جي نوڪري ڪرڻ کان اڳ بيلدار جي نوڪري مھل خانو زنگاڻي سان سينو ساھيو ھو. ڇا تعليم کاتي جي ڪنھن تختي تي ماستر خميسي خان شيدي جو نالو موجود آهي. ڊاڪٽر جي نانو حاجي آچر ايترو بردبار ھو جو ھن شھر جي لوھرن سان ڀائرن جھڙي دوستي رکي. اھا ناني آچر جي انساني ناتو ۽ بردباري ھئي جو سندس حج جي ٻين رفيقن سان ھڪ کدڙو فقير به ھو. ان کدڙي فقير زرداري جو نالو ڇا ھو. ڇا ھو حاجي قربان فقير (قرو زرداري) ھو جنھن کي ويجھڙ ۾ اسان ڏٺو پاڻ نيڪ نمازي ھٿ ۾ تسبيح ۽ حاجي سڳورو پڻ ھو سندس وفات به مديني شريف ۾ ٿي ھئي. ڇا ڊاڪٽر جي ناني حاجي آچر زرداري جھڙي بردباري اڄ جي ماڻھن ۾ موجود آھي. جيڪڏھن ناھي ته ڇو ناھي. سائي ڍوري جي ان عورت جو ذڪر ته آھي جنھن پنھنجي مڙس کي ڪارو ڪري ماريو ۽ رت ھاڻي ڪھاڙي سان ٿاڻي تي پيش پئي ۽ ان ڏوھ ۾ ڏھ سال ٽيپ کاڌائين. پر اھو راز ئي رھيو ته سائي ڍوري جي سرائيڪي لھجي ۾ جيڪو ميٺاج، لھر، موسيقي آھي ان جو سبب ڇاھي ڇو تر ۾ ٻيو ڪير به اھڙو سرائيڪي لھجو نه ٿو ڳالهائي سگهي ڇا ھاڻ اھو لھجو وڌيڪ زندھ رھي سگھندؤ. پنھنجي ڪلاس فيلوز ۾ حسن خاصخيلي جو ذڪر آھي پر پھلوان حسن خاصخيلي جو ذڪر ناھي.

ماڇين ۽ زرداين جي
جھيڙي جي سبب کي نروار ڪيو ويو آهي، بي گناھ مارجي ويل ماڇين ۽ زرداين جي خونن جو
به ذڪر آھي، پر سال ۽ وقت ناھي لکيل. جڏھن ته پوءِ بعد ۾ تر جي پرامن واسطي کي به
لکيو وڃي ھا ته ڀلو ھو. ڌاڙيل علي نواز ماڇي جي جھيڙي ۾ ڪاھي اچڻ جو لکيل آهي پر
علي نواز ماڇي جي فوجي آپريشن ۾ مارجي وڃڻ جو ذڪر ناھي، نڪو ان فوجي آپريشن ۾
انساني ڍال بنائي پوليس/فوج طرفان بي گناھ شھيد ڪيل ھڪ ماڇي جو ذڪر آھي. پر پوءِ
به ڪتاب پڙھڻ وٽان آھي.
اڄ ڊاڪٽر صاحب اسان جي
وچ ۾ ناھي ھو جس لهڻي جو گھڻو ادبي ڪم ڪيائين ضلع نوابشاهه جي تاريخ لکيائين ۽ ھن
ڪتاب ۾ پنھنجي شخصيت جي گرد کوڙ سارن واقعن کي لکيو اٿائين. شايد ڪو ٻيو ماڻھو
ضرور اھڙن کوڙ واقعن کي عوامي اک سان لکندو جنھن ۾ موري شھر جي عام ماڻھن انھن
مزاحمتي تحريڪن جو ذڪر به ايندو، سندن واسطن معرڪن، راندين، راڳ جو ذڪر به ايندو.
ذڪر ايندو ننڍڙن ننڍڙن ماڻهن جو جن وڏا ڪارناما انجام ڏنا.
No comments:
Post a Comment