شبير حسين شبير جي ڪتاب
”خاموش لفظن جو رقص“ تي هڪ نظر
رياضت ٻرڙو
سنڌي
ادبي سنگت قنبر شاخ جي ڪارگر ڪمن مان، جيڪڏهن مون کان ڪنهن هڪ چونڊ بابت پڇيو
ويندو ته اهو اجتماعي طور سنگت جون مسلسل منعقد ٿيندڙ هفتيوار تنقيدي گڏجاڻيون
هوندو، جن ۾ نه صرف اسان جي ادبي رهنمائي ۽ اصلاح ٿئي ٿي، پر اسان کي، توڙي ادبي
سنگت قنبر کي، نئين ٽهيءَ مان اسرندڙ ليکڪ تسلسل سان ملندا رهن ٿا، ۽ ايئن سنگت جو
ادبي قافلو پنهنجي منزل ڏانهن وڌندو هلي ٿو:
ساٿ هلندو رهي، لاٽ
ٻرندي رهي،
نـوجـوان سـاٿـيــو، ســنــڌ جـا وارثــو. (گدائي)
سنڌي
ادبي سنگت قنبر شاخ پنهنجي 30-هين سالگرهه سن 2010ع ۾ ملهائي چُڪي آهي. جيڪڏهن
اسان سنگت-قنبر جي ميمبرن جِي جنم-تاريخن تي نظر ڪنداسون ته اسان کي معلوم ٿيندو
ته سنگت جي ادبي سلسلي ”باک“ جي خاص نمبر ۾
ڇپيل ٽِيهن ميمبرن ۾، وڏي ۾ وڏي ڄمار وارو ميمبر استاد عبدالهادي چانڊيو آهي جنهن
جو جنم-سال 1931ع ۽ سندس عمر 79 ورهه آهي ۽ ننڍي ۾ ننڍي ڄمار وارو ميمبر ”بيوس“
محرم مغيري آهي جنهن جو جنم-سال 1989ع ۽ سندس عمر 21 ورهه آهي. اها يقيناً شاهدي
آهي ته سنگت-قنبر پنهنجي بزرگن سان گڏ نئين نسل کي هڪ اهڙو ادبي پلئٽفارم مهيا ڪري
ڏنو آهي، جتي ادبي سکيا جا در هميشه لاءِ ۽ هر عمر واري لاءِ کليل رهيا آهن.
پر،
ميمبرن جي ان فهرست تي نظر ڌرڻ سان جنهن ڳالهه مون کي ڏک رسايو سا اها ته ان ۾
اسان جي اڄوڪي صاحبِ ڪتاب اديب دوست شبير حسين شبير
جو نالو ڪو نه هو. شبير حسين سنگت-قنبر جو نه صرف ميمبر رهيو آهي، پر سٺو ۽ سرگرم
عهديدار به رهيو آهي، خاص ڪري سيڪريٽريءَ طور هن پنهنجو ڪم سٺيءَ طرح سرانجام ڏنو
۽ پنهنجي وس آهر سٺو پتوڙيو. ان ڪري شبير جي ميمبرشپ جو معطل ٿيڻ ڪو سٺو عمل ناهي.
اڄ مان کيس گذارش ڪندس ته هُو پنهنجي ان ادبي رشتي کي بحال ڪرائي.
اهي ته
ٿيون سنگت جي حوالي سان ڳالهيون، جيڪا اسان سڀني کي سِڪ جي مالا ۾ پوئيون ويٺي
آهي. هاڻي اچون ٿا ته شبير حسين شبير جي پهرئين ڪتاب ”خاموش
لفظن جو رقص“ تي، جنهن جو اڄ مهورت به آهي ته اڀياسي پروگرام به، ان ڪري
تعريفي نظر به وجھبي، ته ان جي اوڻاين کي به ظاهر ڪبو. چڱو ڪم پهريائين ڪجي سو سڀ
کان اڳ کيس مهورت جي حوالي سان ڪتاب جون واڌايون ڏيان ٿو. شال هُو سدائين سٺي کان سٺو
لکڻ جي ڪوشش ڪندو رهي، جيئن پهرئين ڏينهن کان وٺي ڪندو اچي پيو ۽ يقيناً هن ڪافي
ڪجھ سٺو لکيو آهي، جنهن جي شاهدي سندس نثري نظمن ۽ شاعراڻي نثر مان ملي ٿي.
ڊيمي سائز ۾ 112 صفحن تي مشتمل هي
ڪتاب ”ڪنول“ پبليڪيشن قنبر فيبروري 2009ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي پهرين صفحي
تي ڪتاب جي صنفن بابت سڀني کان مٿي لکيل آهي: ”نثري نظم“، وري ان کان ٿورو هيٺ
لکيل آهي ”شاعراڻو نثر“ ۽ وري ان کان هيٺ ڪتاب جي نالي هيٺان ننڍين ڏنگين ۾ لکيل
آهي ”شاعري“. ايترو مونجھارو ڇا لاءِ؟ ڇا اهو بهتر نه هو ته ڪتاب جي نالي هيٺان سب
ٽائيٽل (ننڍي عنوان) طور لکجي ها ”نثري نظمَ ۽ شاعراڻو نثر“؟ نالي جي حوالي سان
ئي، ڪتاب جي صفحي نمبر 3 تي (جيڪو ٻيو اندريون ٽائٽل/سيڪنڊ اِنر ٽائٽل آهي) ”خاموش
لفظن جو رقص“ جو انگريزي ۾ ترجمو ڪري لکيل آهي ”Rythem
of silence words“.
اسان ڪيئن پنهنجن ڪتابن کي ننڍين غلطين جو شڪار بڻائي عيبدار ڪيون ٿا، ان جو اظهار
اهو ترجمو به ڪري ٿو. ردم جي درست اسپيل آهي ”Rhythm“ ۽ ان جي معنى يا مقصد ڪنهن به طرح
”رقص يا ناچ“ ناهي. ان جي معنى ”سنڌيڪا ڊڪشنري“
(2003ع) ۾ لکيل آهي: ”توازن، وزن، لئي، آهنگ 1- اهڙو سُر، تال يا وهڪرو (لفظن
وغيره جو) جنهن جي ادائگي ۽ لهجو ساڳئي توازن سان ڀرپور هجي. 2- موسيقي يا شاعريءَ
۾ اهڙو طريقو“ (ص 789). جڏهن ته ان جي صفت ”ردمِڪ/Rhythmic“ يا ”ردميڪَل/Rhythmical“ بابت لکيل آهي: ”متوان، هم آواز،
موزونيت وارو، گرتار سان يا سريلو، سُر ۾ هئڻ“. ٻنهي لفظن بابت اهڙيون ئي ڪجھ
معنائون وڌيڪ تفصيل سان ڪمپيوٽر جي ”انڪارٽا ڊڪشنري“
۾ به ڏنل آهن. ”رقص“ جو انگريزي ترجمو محترم پرمانند ميوارام جي مشهور ”سنڌي-انگريزي ڊڪشنري“ (ٽيون ڇاپو 1991ع) ۾ ”A dance“ ڏنل آهي،
جنهن جو اسم ”رقاص/ A dancer“ پڻ ڄاڻايل آهي. (ص 287) تنهنڪري ”Rhythm/ردم“ بدران
”اَي ڊانس/A dance“ هجڻ گھرجي ها. ان کان سواءِ لفظ ”خاموش“، ”لفظن“ جي صفت طور آيل
آهي جيئن ”خاموش لفظن...“ تنهنڪري ان جو انگريزي ترجمو به اسم ”سائيلينس/silence“ ڏيڻ بدران
صفت ”سائيلينٽ/silent“ ڏيڻ گھرجي ها. ان ريت ”خاموش لفظن جو رقص“ جو انگريزي ترجمو ”A Dance of Silent Words“ هجڻ گھرجي ها.
ڪتاب جي ارپنا،
ڪائنات جي اثرائتي شخصيت امڙ جي حوالي سان (چئن سِٽن ۾) هن طرح آهي: ”امان جي اُن
ٻُڪ-نانءُ، جنهن ۾ مون لاءِ، دعائن جا نظم، سرجندا رهيا.“ خوبصورت ارپنا آهي.
يقيناً امڙين جي ٻُڪن ۾ دعائن جا نظم سرجندا آهن، جن ۾ اولاد لاءِ اڻ مَئيون
محبتون سمايل هونديون آهن. منهنجي صلاح صرف اها آهي ته ارپنا ۾ ”اُن“ لفظ نه هجي
ها پر اتي ڪا صفت ٻُڪ سان سلهاڙجي ها، جهڙوڪ ”امان جي رَحل جھڙي ٻُڪ-نانءِ...“ ته
منهنجي خيال ۾ وڌيڪ سٺو ۽ ڀرپور انتساب ٿئي ها.
ڪتاب ۾ ”مهاڳ“
به شامل آهي ته ”اَمهاڳ“ به! مهاڳ عزيز قاسماڻيءَ لکيو آهي ۽ اَمهاڳ نالي
واري شاعر تاجل بيوس. حيرت جي ڳالهه آهي ته پهريان عزيز قاسماڻي ۽ پوءِ تاجل بيوس!
خبر ناهي، ته تاجل بيوس پنهنجي اڀياس کي پاڻ ”امهاڳ“ (يعني مهاڳ نه، ته پوءِ ڇا؟) نالو
ڏنو هو يا صاحبِ ڪتاب اها ترميم ڪئي؟ بهرحال، اهو ”نوجوان سِنڌڻ جھڙي خوبصورت
شاعري“ جي نالي سان لکيل امهاڳ هڪ سٺو مهاڳ آهي جنهن ۾ تاجل بيوس سٺِي
۽ مختصر طرح شبير جي شاعريءَ جو اڀياس ڪيو آهي ۽ سندس شاعريءَ ۾ سمايل مختلف قدرن
کي نروار ڪيو آهي، انهن قدرن ۾ ”ديد جي ڌرتيءَ جي قدرن واري شاعري“، ”استحصال
ڪندڙن جي نشاندهي ڪندڙ شاعري“، ”جمالياتي قدرن ۽ خوبين واري شاعري“، ”عشقيه يا
مجازي شاعري“ ۽ ”استعارن سان سينگاريل شاعري“ وارا قدر شامل آهن. مان سمجھان ٿو ته
ڪتاب ۾ تاجل بيوس جي مهاڳ هوندي، ٻئي ڪنهن 13-صفحن تي مشتمل مهاڳ جي ضرورت نه هئي،
ان جي بدران شبير کي پنهنجيون تخليقون وڌيڪ شامل ڪرڻ گھرجن ها.
شبير
حسين جي هن ڪتاب ۾ 75 ننڍا وڏا نثري نظم آهن. انهن نثري نظمن ۾ ڪيترائي نثري نظم
شبيرَ بيحد خوبصورتيءَ سان لکيا آهن. اڪثر نثري نظمن جي ٻولي ۽ جوڙجڪ يا سٽاءُ ڏاڍو
وڻندڙ آهي ۽ موضوعَ يقيناً ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ دل ۾ لهي ويندڙ آهن. اهي پڙهڻ کان پوءِ
پڙهندڙ سوچ ويچار تي مجبور به ٿئي ٿو يعني انهن کان متاثر به ٿئي ٿو، جيڪا ئي شاعر
جي خوبي ۽ ڪاميابي به آهي. جيڪي نثر نظم مون کي گھڻو پسند پيا، تن ۾ ”گُهور“ (ص
30)، ”صبح جھڙيون ادائون“ (ص 35)، ”عظيم پير“ (ص 38)، ”زندگي، لطيفِي بيت“ (ص
41-42)، ”چُمي“ (ص 46)، ”زنگ جو شهر“ (ص 49)، ”وسريل خدا“ (ص 52)، ”واريءَ ذرو“ (ص
53)، ”انڌِي سوچ“ (ص 56)، ”رنگ“ (ص 60)، ”جمهوريت جو آئڪون“ (ص 64)، ”رت بدلي رت
ڏنئي!“ (ص 66-67) ۽ ”قبوليت جو رسالو“ (ص 73) شامل آهن. انهن نثري نظمن مان ٿورن
تي منهنجا ڪي اعتراض به آهن، جيڪي اڳتي ايندا، پر پوءِ به انهن ۾ شبير حسين هڪ
شاعر طور پنهنجي ڀرپور سڃاڻپ ڪرائيندي نظر اچي ٿو.
اچو ته
ڪجھ نثري نظمن جو اڀياس ڪيون.
(1) ”گھور“
نالي سان نثري نظم جي شروعات هن طرح ڪيل آهي:
بهار جا ڪجھ پل
اڌارا کپن
خوشبوئون
رابيلي شام جا ڪجھ لمحا ...
... ۽ سنڌوءَ جهڙيون ڇوليون
يا رب!
هُو اچڻ وارو آ
۽ اهي سڀ
هن مٿان گھور ڪرڻ
لاءِ کپن!!!
منهنجي راءِ ۾ ان جي شروعات هيئن
هجڻ گھرجي ها:
مون
کي ٿا کپن
بهار
جا ڪجھ پل
خوشبوئون...
ڇاڪاڻ ته
جڏهن اهي سڀئي وڻندڙ شيون، لقاءَ وغيره هُن مٿان گھور ڪرڻا آهن ته پوءِ اهي اڌارا
نه هجڻ کپن، اهي پنهنجا هئڻ گھرجن.
(2) ”زندگي،
لطيفي بيت“ نثري نظم جون آخري پنجَ سِٽون واڌاريون آهن ۽ اهي نثري نظم
کي ڌڪن ٿيون. اهي نه هئڻ سان نثري نظم جي سهڻائپ تي ڪو به اثر نه پوندو. ڏسو:
... تون آهين ته
زندگي لطيفي ڪو بيت آ،
تون ناهين ته زندگي موت آ،
تون آهين ته سڀ ڪجھ،
تون ناهين ته ڪجھ به نه...!
ان کان پوءِ هي سِٽون واڌاريون
آهن:
هي سڀ ڇاهي!؟
هي سڀ ڇو آ!؟
مون ۾ مان به آهيان
يا
رڳو تون آن!!؟؟
(3) ”زنگ
جو شهر“ نثري نظم جو سٽاءُ پڻ ڪجھ ڌيان لهڻي ٿو. پهريان اهو نظم جيئن
لکيل آهي، پيش ڪيان ٿو:
مان
تو بن
ڄڻ
ڪو لوهه پراڻو
جنهن مٿان
مٽيءَ دز
چڙهڻ لاءِ
اچي ٿي
۽ زنگُ
پنهنجو شهر
اڏڻ جو سوچي ٿو
تون اچ ۽ مرڪي پئه
انهيءَ کان پهرين
جو آنءُ رئيءَ ۾
لٽجي وڃان
۽ ڪو
زنگ جو شهر بڻجي وڃان.
هي نثري نظم هن ريت ٺاهڻ وڌيڪ
بهتر هو:
تو بنا
مان،
ڄڻ لوهه
پراڻو
مٽيءَ ۾
پيل
جنهن تي
زنگُ
پنهنجو شهر
اڏڻ جو
سوچي ٿو
تون اچ ۽
مرڪي پئه
انهيءَ
کان پهرين
جو آنءُ
رئيءَ ۾
لٽجي وڃان
ڪو
زنگ جو شهر بڻجي پوان.
هن هنڌ
مان اهو پڻ اظهار ڪرڻ چاهيندم ته نثري نظم ۾ سٽن کي مناسب هنڌ تي پورو ڪري/ڇڏي،
نئين سِٽ شروع ڪرڻ جي وڏي اهميت آهي. ان جو ڪن هنڌن تي شبير حسين ڏاڍو سٺو استعمال
ڪيو آهي ۽ ڪن هنڌن تي وري بي ڌيانيءَ جي وَر به چاڙهي ڇڏيو آهي. اميد رکان ٿو ته
ان بابت هُو ضرور سوچ ڪندو. مثال طور ”چُمي“
۽ ”مهانتا“ نثري نظمن کي اجايو ڊگھو ڪيو
ويو آهي.
(4)، (5) ۽ (6) ”وسريل خدا“، ”دعا“
۽ ”خواب“ جهڙن نظمن ۾ ليکڪ خدا سان
پنهنجي ڳانڍاپي کي اظهاريو آهي. هي سوال ذاتي مذهبي عقيدن سان گهرو واسطو رکي ٿو.
پهرين ٻن نثري نظمن بابت مان اهو ئي چوندم ته بنيادي طور انهن نظمن ۾ ليکڪ سُڪون
کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڏسو” وسريل خدا“ وارو نظم:
اي ٻٻر!
مون کي
تنهنجي ڇانوَ ڏاڍي وڻي ٿي
۽ ٿڌي هير
مون کي
منهنجو وسريل خدا
ياد ڏياري ٿي.
”ڇانوَ“
۽ ”ٿڌي هير“ بنيادي طور سُڪون ڏيندڙ حالتون آهن. اهڙيءَ طور ”دعا“ نثري نظم
۾ پڻ ”دنيا جي ميلي ۾ وڃائجي ويو آهيان“ مان پڻ اهڙو ئي اظهار ٿو ٿئي ته ”سُڪون
کان وانجھيل آهيان ۽ زماني جي چڪرن ۾ ڦاسي پيو آهيان“. جڏهن ته ”خواب“ نثري
نظم ۾ ليکڪ پٿرن جي پوڄا کي نِنديو آهي. ڇا هن ڪڏهن پٿرن کي پوڄيندڙن کان اهو پڇيو
آهي ته اهي پٿرن جي پوڄا ڪندا آهن يا سندن خيال موجب پٿرن اندر لڪل شڪتيءَ/هستيءَ
جي، جنهن کي هُو ڀڳوان سڏيندا آهن؟ ڀلا مسلمان به ته ڪيئي عقيدتون رکن ٿا، جنهن جو
اظهار پوڄا جهڙو ڪن ٿا!
(7) ”واريءَ
ذرو“ ڏاڍو اثرائتو مختصر ۽ مڪمل نثري نظم آهي جيڪو سڄو هتي ڏيڻ چاهيان
ٿو:
تنهنجي
نظر کان سواءِ
آنءُ
ائين آهيان
ڄڻ
صحرا ۾ واريءَ جو ذرو!
(8) ”رنگ“
نثري نظم پڻ ٿوري ڌيان سان وڌيڪ سهڻو بڻائي سگھجي پيو. ڏسو:
ننڍڙن نظمن کي
پوپٽن جو ويس پارائي
مون
تنهنجي زندگيءَ ڏي
اماڻي ڇڏيا هِن
تنهنجي آسپاس ئي
ڪن گُلن مٿان ويٺل هوندا
اٿ، کين ڏس
۽ پڪڙ
توکي کوڙ رنگ ملي پوندا.
هن نثري
نظم ۾ پوپٽن کي ”اُڏائي ڇڏيو آ“ هجي ها، ڇو ته پوپٽن کي اماڻبو نه، پر اڏائبو آ.
ان کان سواءِ پوپٽن کي ”پڪڙڻ“ پڻ ذهن قبول نه ٿو ڪري. پوپٽن جي آزاديءَ ۾، هتان
کان هُتي اڏرڻ ۾ جا ڳالهه آهي، اها انهن کي پڪڙڻ ۾ ناهي.
(9) ”جمهوريت جو آئڪون“ هڪ سٺو نثري نظم آهي، پر ان ۾ ”ڊيسڪ
ٽاپ تان جمهوريت جو آئڪون ڊليٽ ٿيڻ ڪا معنى نه ٿو رکي. اها ڳالهه ڪمپيوٽر هلائيندڙ
ڀليءَ ڀت ڄاڻن ٿا. اصل ڳالهه آهي ته جمهوريت جو سافٽ ويئر ئي اَن اِنسٽال ٿئي پيو،
تنهنڪري ان کي جلد ئي ڪو خطرناڪ آمريتي ”وائرس وڪوڙي ويندو.“
(10) ”قبوليت جو رسالو“ نثري نظم ۾ جيڪڏهن ”رسالي“ بدران ”صحيفو“ هجي
ها ته اڃا خوبصورت نثري نظم ”دعائن“ جي حوالي سان بڻجي پوي ها. ڏسو:
ڪائنات جي ڪينواس تي
مون
تنهنجي مرڪن لاءِ
دعائن جا نظم
لکي ڇڏيا آهن.
يقين اٿم ته
قبوليت جي رسالي (صحيفي) ۾
پهرين پني تي ڇپجندا.
نثري نظمن کان پوءِ شبير حسين جو
سرجيل ”شاعراڻو نثر“ آهي، جنهن ۾ پڻ
شبير حسين خوبصورتيءَ سان گھڻن ئي هنڌن تي نڀايو آهي. مختصر طور انهن بابت ٻه لفظ چوندس
ته شبير حسين شاعراڻو نثر ڀلي لکي، پر هُو خاص ڌيان نثري نظمن تي ڏئي، ڇو ته انهن
کي شاعراڻي حيثيت ۽ مڃتا حاصل آهي. شاعراڻي نثر ۾ جن ”سِٽن“ موهي وڌو، تن ۾ هي
نمايان آهن:
* تنهنجي مرڪ ۾ ايڏو سُڪون ڪٿان
آيو؟
* اکين جي دنيا کان ته پري وئين،
خوابن جي ڪائنات کان به ڇو رُٺو آهين؟
* تنهنجون
ٽوڪن ۾ ويڙهيل ڳجھارتون مون کي سمجھ ۾ نه اينديون آهن. مهرباني ڪري صاف ڳالهائيندو
ڪر.
* خوابن جا پوپٽ، تعبيرن جا گل
ڳوليندا رهندا آهن.
* دعا مون کي ان لاءِ سُٺي لڳندي
آهي جو هُن ڪڏهن مون لاءِ دعا گُهري هئي.
* منهنجون آڱريون تنهنجي وفا جو
پورٽريٽ نه ٿيون چِٽي سگھن، تون مون کي ڀلي بي وفا چئي سگھين ٿي!
* توکان دُور، زندگي
اماوسي رات ئي ته آهي!
* پرديس ته منهنجي زندگيءَ جو حصو هو، پوءِ ان جي سزا هُن کي ڇو؟
جڏهن ته هي شاعراڻو نثر ڏسو:
* ننڍڙا جملا ۽
ننڍڙا نظم ڪنهن باغ ۾ گلن مٿان ڦرندي ڏسين ته سمجھجانءِ اهي مون ننڍڙي جا خلقيل پوپٽ
آهن.
منهنجي خيال ۾ اهو جملو هن ريت
هئڻ سان وڌيڪ ڀرپور محسوس ٿئي ها:
- باغ ۾
گلن مٿان پوپٽ ڦرندي ڏسين ته سمجھجانءِ ته اهي منهنجا خلقيل نظم آهن.
يا هي ”شاعراڻو نثر“ ڏسو:
* تنهنجن اُجرن
خيالن آڏو، منهنجا اونداها عمل ڪٿي ٿا بيهي سگھن!
ان کي هن ريت ٺاهي سگھجي پيو:
- تنهنجن اجرن عملن آڏو، منهنجا
اونداها خيال ڪٿي ٿا بيهي سگھن!
ڇو ته
طاقت اجرن خيال کي ته حاصل آهي ئي، پر جڏهن اجرن عملن جي طاقت جاڳندي آهي ته پوءِ
اونداها خيال ذرو به بيهي نه سگھندا آهن.
اهڙيءَ طرح هي ”شاعراڻو نثر“
منهنجي خيال ۾ ڪنهن به ريت ڇپڻ نه گھرجي ها:
* سِڪَ، تنهنجي هجي
يا ڌرتيءَ جي، سَنڌُ سَنڌُ سُڪائي ٿي ڇڏي!
سِڪ مثبت
پهلُو رکي ٿي، جڏهن ته شاعر ان کي منفي رخ ۾ پيش ڪيو آهي.
هيٺئين ”شاعراڻي نثر“ جا پڻ آخري
ٽي لفظ ذاتي ڪيفيتن کي ڌَڪ رسائن ٿا:
* معصوم مُک تي ڏنل
چمين جي محسوسات نه پُڇ! ايئن پئي لڳو ڄڻ خدا کي چميون ڏنيون پيون وڃن!
اِتي هجي
ها: ”... ڄڻ خدا کي چميون پيو ڏيان!“ اتي شاعر کي پنهنجي وجود کي آڻي، محسوسات کي
سگھ ڏيڻي هئي.
پُڄاڻيءَ
تي اچي پهتا آهيون. خوشي آهي ته شبير حسين دبئي وڃي به، اتان جي مصروف، مشڪل ۽
مشيني زندگيءَ جو حصو بڻجي به، ادبي زندگيءَ کي پنهنجن خيالن جي دنيا ۾ آباد رکيو
آهي. هُو وقتاً فوقتاً اِي-ميل ڪري پنهنجا نثري نظم يا ڊائريءَ جا ورق موڪليندو
رهندو آهي. شال سندس قلم جي سگھ سدا قائم دائم رهي.
(سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ پاران 27 مارچ 2010ع
تي، شبير حسين شبير جي ڪتاب
”خاموش لفظن جو رقص“ جي مهورت ۽ اڀياسي
پروگرام ۾ پڙهيل مضمون)
No comments:
Post a Comment