12/02/2013

سنڌي ٻوليءَ جي بگڙجندڙ شڪل! - سحر گل


سنڌي ٻوليءَ جي بگڙجندڙ شڪل!
سحر گل
انيڪ انگريزي لفظ آهن، جيڪي پاڪستان ۾ ڳالهايون ويندڙ ٻولين جو حصو  ٿي ويا آهن، يا جن جا متبادل لفظ سامهون نه آيا آهن. انهن انيڪ لفظن ۾ ”ڪمپيوٽر“، ”انٽرنيٽ“، ”ٽي وي چينل“، ”بريڪ“، ”گلاس“ جهڙا لفظ شامل آهن، جيڪي هر ٻوليءَ جي مزاج جي حساب سان ٿوري شڪل مٽائي موجود رهن ٿا. اهڙن لفظن جو ٻوليءَ ۾ داخل ٿيڻ سڀاويڪ آهي. پر جيتري قدر روزمره جي زندگيءَ ۾ عام گفتگوءَ جو تعلق آهي، ان ۾ موجود عام استعمال ٿيندڙ لفظن جي جاءِ تي انگريزي لفظن جو استعمال ٿيڻ ٻوليءَ جي شڪل تبديل ٿيڻ جي نشاندهي ڪري ٿو. اهڙي تبديلي ٻوليءَ جي اصلي سونهن جي پس و پيش خاتمي جو سبب بڻجي سگھي ٿي. مثال طور ڪيترائي اهڙا جملا آهن، جيڪي گھرن، ٽي وي چينلن، آفيسن، ۽ مختلف محفلن ۾ عام ماڻهن توڙي ادب سان وابسته ماڻهن کي ڳالهائيندي ٻُڌندا آهيون. اهي جملا هيٺ ڏجن ٿا.

·        ڪافي چينج ۽ ڊويلپمينٽ ٿي آهي. (ڪافي تبديلي ۽ ترقي ٿي آهي).
·        هينڊ واش ڪيو. (هٿ ڌوئو).
·        بريڪ فاسٽ ريڊي ڪيو. (ناشتو تيار ڪيو).
·        ٽوينٽي فرسٽ سينچريءَ جي چينج ماڻهن کي سرپرائيزڊ ڪري ڇڏيو آهي. (ايڪيهين صديءَ جي تبديلي/نواڻ ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي).
·        ميٽنگ ڪهڙي ٽائيم ٿيندي؟ (گڏجاڻي ڪهڙي وقت ٿيندي؟).
·        ڇا اِنوِيٽيشن ڪميونيڪيٽ ڪري ڇڏيَوَ؟ (ڇا دعوت ڏئي ڇڏيَوَ؟)
·        ان پراسيس ۾ نِيڊ بيسڊ ٽريننگ گھرجي. (ان مرحلي دوران ضرورت آهر، يا گُھربل تربيت گھرجي).
·        ناليج کي ڪَنوي ڪرڻ جو ميٿڊ ڇا آهي؟ (ڄاڻ ڏيڻ يا منتقل ڪرڻ جو طريقو  ڪهڙو هوندو؟).
·        اسان پرابلمز کي هائيلائيٽ ڪري پريزنٽ ڪيو آهي. (اسان مسئلن کي نمايان ڪري پيش ڪيو آهي).
·        اوهان کي هيڊ ايڪ آهي؟ (اوهان کي مٿي ۾ سور آهي؟)
·        وِليجز ۾ پاورٽي آهي. (ڳوٺن ۾ غربت آهي).
اهڙا ڪيترا ئي جملا لکي سگھجن ٿا، جيڪي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته ارتقائي انداز جي بدران ٻوليءَ ۾ اها تبديلي هڪ وبا يا ٻوڏ جيئن اچي ڏمري آهي. جيڪا ٻوليءَ جي شڪل ۾ مستقل بگاڙ آڻيندي رهندي. نئين نسل جي ڳالهائي ويندڙ سنڌي  ته تمام بگڙي وئي آهي، ۽ ان ۾ ڪو  به شڪ نه آهي ته ان جا ذميوار فقط ٻارن جا والدين نه آهن، پر ڪجهه ذميواري رياست ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اختياري اداري تي اچي ٿي ته ڪجهه ميڊيائي ادارن تي به اچي ٿي. مڙني شراڪتدارن کي ان ڏس ۾ جوڳا قدم کڻڻا کپندا. لکت واري سنڌيءَ کي ته اخبارون ۽ مخزن بچائي وٺندا، پر ڳالهائي ويندڙ سنڌي ويندي پئي انگريزيءَ جي ور چڙهندي. ان مسئلي سان اختياري ادارن کي باقائدي تياريءَ سان نِبرڻو پوندو. هڪڙي تربيتي پروگرام ۾ فقط ويهن منٽن ۾ هڪ اداري جي نمائندي سنڌي ڳالهائڻ وقت 169 لفظ انگريزيءَ جا استعمال ڪيا. اتي اهو لازمي ٻڌائيندي هلان ته هن ڀاءُ انگريزيءَ ۾ گفتگو ان ڪري نه پئي ڪئي، جو کيس انگريزي ڳالهائڻ نه ٿي آئي. مون سان گڏ جيڪي ٻاهريان ۽ ولايتي (جرمن ۽ فرانسيسي) دوست هئا، انهن مان هڪڙي کلي چيو ته، جي انگريزيءَ لاءِ ترجمي ڪار نه به هجي ته به هو گفتگوءَ جو جوهر سمجھي ويندا. سندن چوڻ هو ته انهن ايترو انگريزيءَ جو استعمال ڪنهن به ٻي ٻوليءَ ۾ نه ڏٺو آهي. خود منهنجو ٻولين سکڻ جو تجربو رهيو  آهي. تازو ئي مون عربي ٻوليءَ جا ٻه سال پورا ڪيا آهن. ڪورس جي ستن ئي درجن جي ڪتابن ۾ مون ڏٺو ته سواءِ شهرن، نالن ۽ ڪجھه سائنسي لفظن جي قديم توڙي جديد عربيءَ ۾ ورلي ئي ڪي ٻاهريان لفظ آندل هئا.
سنڌيءَ جي رومن اسڪرپٽ ۾ تبديليءَ تي بحث:
ڇا سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ ان کي ديوناگريءَ مان رومن شڪل ۾ آندو وڃي؟ ان موضوع تي انيڪ بحث هلندا رهن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ماهر محقق وِلمِڪس وِلسن مزاريلو مطابق سنڌي ٻوليءَ جي دنياگير جياپي لاءِ لازمي آهي ته ان کي رومن شڪل ۾ آندو وڃي. اهڙيءَ طرح ٻاهريان محقق به ڏاڍي آرام سان تحقيق ڪري سگھندا، ۽ سنڌي سکڻ وارن جو انگ به وڌي سگھي ٿو. مٿان عربي اکرن جو سنڌيءَ ۾ شامل ٿيڻ فقط سنڌي ٻوليءَ جو بار وڌائڻ آهي. مثال طور عربي ٻوليءَ جي ڪورس ڪرڻ کان پوءِ مون ڄاتو ته عربيءَ ۾  ”ث“، ”س“ ۽ ”ص“ لاءِ مختلف اُچار ۽ آواز آهن، جڏهن ته سنڌيءَ ۾  ٽنهي اکرن جو فقط هڪ ئي اُچار ”س“ آهي. ”ت“، ۽ ”ط“ جا به عربيءَ ۾ ٻه ۽ سنڌيءَ ۾ هڪ اُچار آهن. نه رڳو اهو، پر چئن مختلف اکرن ”ز“، ” ذ“، ”ض“ ۽ ”ظ“ لاء به عربيءَ ۾ چار مختلف آواز ۽ اُچار آهن ۽ سنڌيءَ ۾ فقط ”ز“ جي اُچار سان چارئي اکر اُچارجن ٿا.
سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽  تحقيق  ۾ سنڌين جو ڪردار:
سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ ترويج ۾ هيٺيان نقطا ذهن ۾ رکڻ کپن:
(الف) سنڌي ٻولي، سنڌي ڪلاسڪس ۽ ڀٽائيءَ جو فلسفو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ ناياب فڪري ادب آهي، ان کي نئين نسل تائين پهچائڻ هڪ مسئلو ٿي پيو آهي، ان ڪري به ته سنڌي ٻولي انگريزي اسڪولن ۾ پڙهائي نٿي وڃي. سنڌيءَ جي عظيم ڪلاسيڪي ادب کي نئين نسل کي ڪيئن ٻڌائبو ۽ انهن ڏانهن ڪيئن منتقل ڪبو؟ اهو سوال تمام اهم آهي. مثال اسان وٽ ڀٽائيءَ جي فلسفي کي نئين نسل تائين ڪيئن پهچائبو، ان تي سوچڻ کپي. منهنجي خيال ۾ جيستائين ڀٽائيات شعبو يا ڪورس اسڪول کان وٺي يونيورسٽيءَ تائين نه پڙهائبو، تيستائين نئين نسل ۾ اهڙي عظيم ڪلاسيڪي ادب کي زندهه رکڻ ممڪن نه آهي. اهو ئي سبب آهي ته باوجود ان جي ته ڀٽائي دنيا جي انهن چند شاعرن مان آهي، جن ۾ فڪر جي گھرائي اڻ ڪٿ آهي، فلسفي جي شعبي ۾ يوناني ۽ جرمن فلسفي پڙهائڻ مهل ڪيترن ئي عظيم فلسفين جي نقطهءِ نظر پڙهائڻ مهل، مثال ڀٽائيءَ مان کڻي ايندا هئاسين. ڀٽائيءَ جي فڪر کي ان نگاهه سان ڏسڻ ۽ ان  تي تحقيق جي ڪافي گھرج آهي، جيڪا نه ٿي آهي.
(ب) پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين جو ڪردار:
اهي سنڌي، جيڪي پرڏيهه ۾ رهن ٿا، اهي ڪيتري حد تائين نج سنڌي ٻولي پنهنجي نسل ۾ منتقل ڪن ٿا، اهو به سنڌي ٻوليءَ جي جياپي ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. سنڌ سان محبت ڪندڙ، ۽ پاڻ کي سنڌي سڏائڻ ۾ فخر ڪندڙن کي ضرور به سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ جوڳا اُپاءَ وٺڻا پوندا. بغير ٻارن ڏانهن پنهنجي ٻولي ۽ ادب منتقل ڪرڻ جي سندن سنڌيت مڪمل نه آهي.کين گھرجي ته ٻارن جي شروعاتي ڏينهن ۾ مائرون ۽ پيئر ٻارن جي ٻوليءَ تي ڪم ڪن. سڀ کان پهرين ته ٻارن سان گھر ۾ سنڌي ڳالهائين ته جيئن سنڌي ٻولي سندن بنياد ۾ ئي رچيل هجي. ان جو هڪ ٻيو طريقو اهو آهي ته پنهنجي ٻوليءَ ۾ لوليون ڳائي ٻارن کي ٻڌائجن، آکاڻيون ٻڌائجن، گيت ياد ڪرائجن. جيترو گھرن ۾ ان تي ڌيان ڏنو ويندو، اوترو ئي ممڪن ٿيندو ته ٻار پنهنجي ٻوليءَ سان لاڳاپيل رهي. سنڌي خاندان  پاڻ ۾ اُٿي ويٺي ڪن، سنڌي ڳالهائين ته جيئن سندن ٻار به هڪٻئي سان سنڌيءَ ۾ ڏيٺ ويٺ ڪن. پنهنجي  پاڙي ۽ علائقي ۾ اهڙا ميلا ۽ ميڙاڪا منعقد ڪيا وڃن، جن ۾ ٻارن ۽ وڏن جي شموليت سان ڊراما، راڳ، رقص ۽ تقريري مقابلا  پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪيا وڃن.
(ڀ) سنڌي ٻوليءَ جي قومي اداري جي حوالي سان تجويزون:
سنڌي ٻوليءَ جي اختياريءَ واري اداري کي دنيا ۾ ٻولين تي ٿيندڙ ڪم تي نظرثاني ڪرڻ کپي، ۽ انهن کان سکندي هر اهو طريقو ۽ حڪمتِ عملي اختيار ڪرڻ کپي، جنهن سان سنڌيءَ جهڙي وسيع ٻوليءَ جي لکتي ۽ بياني شڪلين کي اصلوڪو رکيو وڃي. ٻولين جي ترقيءَ ۽ ترويج ۾ حڪومتن جو ڪردار تمام اهم آهي. تدريسي ڪتابن يعني سِليبسَ ۾ مادري ٻوليون لازمي شامل ڪرڻ کپن. اسڪول ٻار جي بنيادي درسگاھ آهن، اتي سکيل درسَ ئي کيس اڳتي اها سکيا کڻي هلڻ سيکاريندا. اهڙي شِق ته ملڪ جي آئين ۾ به واضح بيان ڪيل هجي. ان لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي اختياريءَ واري اداري کي گھرجي ته ملڪ جي اعلى ادارن تائين ان مسئلي کي کڻي، گھٽ ۾ گھٽ اهو ته فيصلو ڪرايو وڃي ته ٻار پڙهندو پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾. دراصل مڙني ٻولين جي اختياري ادارن کي گھرجي ته باقائدي ملڪ جي ٻولين جي اصلوڪي شڪل قائم رکڻ تي ڪم ڪن. ان تي وڏي پئماني تي مهم هلائين. جيڪڏهن اڙدو ٻوليءَ جو اختياريءَ وارو ادارو ان ڀلي ڪم جي شروعات ڪري ۽ ان مهم ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ملڪ جي مڙني ٻولين جي اختياري ادارن کي به شامل ٿيڻ جي نينڍ ڏئي ته ان جا نتيجا فائديمند ثابت ٿيندا. اها مهم انٽرنيٽ جي سماجي گروهن، ريڊيي، ٽي وي ۽ اخبارن ذريعي بهترين طريقي سان هلائي سگھجي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي اختياري اداري کي گھرجي ته هو ٻوليءَ جي تجربيگاهه، جنهن کي ليبارٽري چئجي ٿو، قائم ڪري، جنهن ۾ ٻوليءَ تي ادبي، فڪري، لغتي، ۽ ٻين مختلف حوالن کان ڪم ڪيو وڃي.

No comments:

Post a Comment