25/02/2013

ڇا نوجوانن کي شاعري نه ڪرڻ گهرجي؟ - زرار پيرزادو (Zarar Pirzado)


ڇا نوجوانن کي شاعري نه ڪرڻ گهرجي؟
زرار پيرزادو
ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ تازو پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ڪا تبديلي آڻڻي آهي ته پوءِ نوجوانن کي شاعري ڇڏڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته شاعريءَ ذريعي تبديلي ناهي ايندي.
·                     ڊاڪٽر مبارڪ علي مُلڪ جو ناميارو تاريخ دان آهي، سندس راين ۽ خيالن کي يقيني طور تي اهميت ملندي رهندي آهي ۽ سندس ان راءِ جو به اختلافن باوجود بهرحال احترام ڪرڻو پوندو پر ان تي اڪيڊمڪ بحث پڻ ڪرڻ ضروري آهي.

·                     ڊاڪٽر مبارڪ جي ان خيال جهڙو اظهار يونان جي عظيم فلسفي افلاطون به ڪيو هو. افلاطون شروع ۾ پاڻ به شاعري ڪندو هو پر اڳتي هلي هن شاعريءَ مان ان بنياد تي هٿ ڪڍيو ته اها ڪنهن تبديليءَ جو ٻارڻ نٿي بڻجي.
·                     افلاطون ته ان ڪري شاعري کان بدضن ٿيو جو ان کان اڳ ۽ ان جي دور ۾ جيڪا شاعري ٿيندي هئي سا صرف ديوتائن ۽ حڪمرانن جي قصيدا گوئيءَ تائين محدود هوندي هئي.
·                     بهرحال افلاطون جي ان راءِ باوجود ان کان پوءِ به دنيا اندر نه رڳو عظيم شاعري سرجي وئي ۽ عظيم شاعر پيدا ٿيا پر انهن جي شاعريءَ ۽ ان ۾ اوتيل سوچ ۽ فڪر ڪيترا انقلاب به آندا.
·                     دنيا جي اديبن ۽ شاعرن جهڙوڪ روسو، هيگل، ٽالسٽاءِ، گورڪي ۽ شيڪسپيئر وغيره جي شاعري ۽ فڪري تحريرون ئي ته هيون جن برطانيا، فرانس ۽ روس جي انقلابن جو بنياد رکيو هو.
·                     ڇا اسان ون يونٽ واري تحريڪ، بنگال آپريشن، بلوچستان آپريشن ۽ ضيائي آمريت خلاف نذر الاسلام، شيخ اياز، نياز همايوني، عبدالڪريم گدائي، حيدر بخش جتوئي، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، شمشير الحيدري، تنوير عباسي، استاد بخاري امداد حسيني ۽ انور پيرزادي جي ڪيل شاعريءَ کي نظر انداز ڪري سگهجي ٿو؟
·                     ۽ ڄاڻايل مزاحمتي دورن ۾ شاعرن ۽ سندن شاعريءَ تبديلي نه آندي هئي، ”سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار“ ڇا ون يونٽ مخالف تحريڪ جو رهنما گيت نه بڻيو هو؟ ڇا شاعر ۽ اديب جيلن ۾ ڪڏهن نه ويا آهن؟
·                     سو اهو چوڻ ته شاعريءَ سان ڪا تبديلي ۽ انقلاب نٿو اچي سگهي يا شاعري ڪنهن تبديليءَ يا انقلاب ۾ رنڊڪ آهي، يا ان جو ڪو ڪارج ناهي، اها رڳو شاعرن جي پنهنجن جذبن جي ترجمان آهي ۽ بس.، وارو رويو غير سائنسي آهي.
·                     جيڪڏهن ڊاڪٽر مبارڪ علي جو اهو خيال آهي ته تبديلي ۽ انقلاب رڳو شاعريءَ سان نٿو ٿي سگهجي ۽ ان لاءِ ٻين شعبن سان سلهاڙيل ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ ائين موجوده جمود کي ٽوڙي سگهجي ٿو ته ان سان وري به اتفاق ڪري سگهجي ٿو.
·                     ۽ يقيني طور تي ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو اهوئي خيال هوندو ته خالي شاعريءَ سان تبديلي نٿي اچي سگهي.
·                     سو ائين چوڻ ته بهتر رهندو ته شاعريءَ سان گڏوگڏ ٻين شبعن کي به انقلاب يا ڪنهن تبديليءَ لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي پر اهو چوڻ صحيح ناهي ته شاعريءَ جو پنهنجو ڪو ڪارج ناهي، اها پاڻ تبديلي جو ٻارڻ ناهي يا اُها ڪا تبديلي ۾ رنڊڪ جو سبب آهي سو خيال ڪمزور آهي.
·                     ائين به ناهي ته ڪو دنيا اندر رڳو شاعري ئي ٿئي ٿي ۽ ٻيو ڪو ڪم ٿئي ئي نٿو. شاعري ڪندڙ حلقو ته هونئن به محدود ۽ اقليت ۾ هوندو آهي. اهو حلقو اڪثريت ۾ به ناهي جو ان کي تبديلي نه آڻي سگهڻ جو ڏوهه ڏجي ۽ باقي عوام کي آجو قرار ڏجي.
·                     ٻيو ته ادب ۽ شاعريءَ جو ڪنهن سان ڪو مقابلو ناهي ۽ نه ئي اهو ڪنهن جو ضد آهن. ادب سرجڻ جي اها بلڪل به معنيٰ ناهي ته نه سائنس تي ڪو ڪم ڪجي، نه ڪنهن تحقيق ۾ هٿ وجهجي، نه ڪا سياست ڪجي يا انجنيئر ڊاڪٽر، جاگرافي دان، نفسياتي يا ٽيڪنيڪلي ماهر پيدا نه ڪجن. ادب اهو به نٿو چئي ته ڪو معاشري کي معاشيات دانن، فنڪارن ۽ بينڪارن وغيره جي ضرورت ناهي.
·                     ۽ نه ئي شاعرن ۽ اديبن ڪڏهن اهڙي ڪا هام هنئي آهي ته رڳو شاعري ۽ ادب ئي انقلاب آڻي سگهن ٿا تنهنڪري ٻين شعبن جي ڪا ضرورت ناهي.
·                     انور پيرزادو جيڪو هڪ ئي وقت ايڪٽوِسٽ ڪميونسٽ، ترقي پسند شاعر، دانشور، صحافي، ڪالم نگار، نقاد، ۽ مهم جُو  هو تنهن اهو بحث ائين اُڪلايو هو ته ”ادب کي ڪنهن نظرئي جي نه، پر نظرئي کي ادب جي ضرورت آهي.“
·                     اسان جي مُشاهدي ۾ ته اها به حقيقت پڌري ٿي آڏو آئي آهي ته جن ملڪن ۽ قومن، ادب ۽ شاعريءَ کي نظر انداز ڪيو ته اهي پنهنجي سڃاڻپ ئي وڃائي ويهي رهيا آهن ۽ زوال جو شڪار ٿيا آهن.
·                     سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن پنجابين بابا بلهي شاهه،  وارث شاهه ۽ فريد کي پنهنجو نه ڪيو، ته ڇا ڪير چوندو ته اڄوڪو پنجاب بابا بلهي شاهه، وارث شاهه ۽ فريد وارو پنجاب آهي؟

No comments:

Post a Comment