پرويز ابڙي جي ناول ”تون هڪ خواب آهين“ جو
مُهاڳ
پيارُ ، جنهن جو ڪنهن به مندَ سان ٺاهه ناهي
رهيو!
امر اقبال
جڏهن محبوبا ڳالهائڻ ڇڏي ڏيندي آهي،
تڏهن سگريٽ پيئڻ شروع ڪبا آهن ۽ جڏهن شاعري ڳالهائڻ ڇڏي ڏيندي آهي، تڏهن ناول لکڻ
شروع ڪبو آهي. ناول لکڻ ائين آهي جيئن سفيد ڪاغذ تي رنگين پينسلن سان بي ترتيب
لڪيرون پائڻ. ڪاغذ تي پاتل لڪيرن کان وٺي اسان جي هٿن جي لڪيرن تائين، هڪ ڊگهو
الجهاءُ پکڙيو پيو آهي. بي ترتيبي خاموشيءَ سان اسان جي اندر ۾ گهڙي آئي آهي ۽
اسان سڀني جا من ”ڪراچي“ بڻجي ويا آهن.
محبوبا جي اکين تي نظم ڪيئن لکجي؟
ڪنهن الجهيل چڳ کي سلجهائڻ جو خوبصورت تصور ڪيئن ڪجي؟ ۽ سمنڊ سان گڏجي هڪ ڊگهو ٽهڪ
ڪيئن پکيڙجي؟ جڏهن زندگي دوزخن جي وچ ۾ ڊوڙ بڻجي وڃي، تڏهن انهن ڳالهين جي باري ۾
سوچڻ عياشيءَ ۾ شمار ٿيڻ لڳندو آهي، جنهن کي ٽين دنيا جي هيٺئين ڪلاس جو ماڻهو بلڪل
به افورڊ نٿو ڪري سگهي. گوتم ٻڌ جي چيل ”سروم دکم دکم“ واري ڳالهه ان وقت چڱيءَ
طرح سمجهه ۾ اچي ويندي آهي جڏهن زمانو چمڪندڙ خنجر بڻجي ويندو آهي ۽ ان جي اڳيان
فقط گلاب جهڙي دل هوندي آهي. ها! اهائي دل جيڪا پروءَ جي سيني ۾ کاٻي پاسي ڌڙڪي
رهي آهي (اسان کيس پيار مان ”پرو“ سڏيندا آهيون).
هِن Status-Oriented سماج ۾ هڪ حساس دل رکندڙ فرد جو جيئڻ
ائين آهي، جيئن ڪاوَن سان ڀريل رستي تي اگهاڙي پيرين هلڻ ۽ انهيءَ رستي تي هلندي
هلندي جڏهن ماڳ جو مبهم نشان نظر ايندو آهي تڏهن پيرَ انهن ڪاوَن سان ۽ جسم سان بي
وفائي ڪري ويهندا آهن.
جڏهن زندگي بنا ڳڙکين جي بند ڪمرو
بڻجي ويندي آهي، تڏهن ساهن جي زنجير نڙيءَ ۾ ئي ٽڪر ٽڪر ٿيڻ شروع ٿيندي آهي، ۽
پوءِ اها مونجهه سمنڊ سان گفتگو ڪرڻ سان به ناهي مٽجندي. سمنڊ، جيڪو پئبلو نيرودا کان وٺي اسان جي شيخ
اياز تائين دنيا جي سمورن شاعرن جو گڏيل دوست رهندو آيو آهي.
جڏهن خوابَ عذاب بڻجي ويندا آهن،
تڏهن هڪ هيمنگوي موت کي زوريءَ ڀاڪر ۾ ڀيڪوڙي
ڇڏيندو آهي ۽ هڪ عرفان چپ چاپ سنڌوءَ ۾ لهي ويندو
آهي.... پر تون ائين ڪڏهن به نه سوچجانءِ، پرو! ڇوته اسان توسان تمام، تمام گهڻو
پيارُ ڪيون ٿا. پيارُ، جنهن جو ڪنهن به مندَ سان ٺاهه ناهي رهيو، جنهن جو چين سان
ڪوبه چاهه ئي ناهي رهيو ۽ جيڪو هميشه بي چين رهندو آيو آهي.
دنيا هڪ وارياسو آهي ۽ موضوع
واريءَ جي اننت ذرن وانگر. ايڏن موضوعن کي ننڍڙن هٿڙن ۾ ڪيئن ٿو جهلي سگهجي؟ پوءِ
به اڄ جڏهن سنڌيءَ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ناول به مَسَ ٿا لکجن، تڏهن ناول لکڻ ائين
آهي جيئن ٿڌو ساهه کڻڻ، يا هڪ ننڍڙي دريءَ کي سجَ ڏانهن کولي ڇڏڻ. ۽ اهڙي ئي ماحول
۾ پرويز جو هي ناول به اسان لاءِ ڪيڏو نه خوبصورت
دلاسو آهي.
پرويز منهنجي لاءِ اهڙن ٿورڙن
ماڻهن مان هڪ آهي، جن کي لفظن جي تارازيءَ ۾ توري نه ٿو سگهجي. هو ڏاڍو عجيب دوست
آهي، جنهن جي ٽهڪن جي اداسي ۽ خاموشيءَ جي پراسراريت کي مون ويجهڙائيءَ کان محسوس
ڪيو آهي. نامياري ڪهاڻيڪار قبول ابڙي جي گهر ۾
پيدا ٿيڻ جي باوجود هن ڪڏهن به پيءُ جي نالي جو کٽيو ناهي کاڌو. پرويز ادب جي
بازار ۾ لفظن جي ڪاغذي گلن جو ڪاروبار ناهي ڪيو. لکڻين کان وٺي روين تائين، هُو
بلڪل نيچرل آهي. هُو شهرت جي رنگين لغڙ جي پٺيان ڪنهن ٻار وانگر ناهي ڊوڙيو.
منهنجي خيال ۾ هُو انهن ٿورڙن نوجوانن منجهان هڪ آهي، جيڪي گهڻو ڪجهه پڙهڻ کان
پوءِ ٿورو لکن ٿا ۽ ڀرپور لکن ٿا. دوستيءَ جي معاملي ۾ انتهائي حساس ۽ ادبي
گڏجاڻين کان پرڀرو رهندڙ پرويز، سخت قسم جو مُوڊي ماڻهو پڻ آهي. هو چاهي ته پنجاهه
ڏينهن کان پوءِ به توهان ڏانهن پنجن سٽن جي چِٽ به نه ٿو لکي سگهي ۽ چاهي ته هر
پنجن ڏينهن کان پوءِ توهان ڏي پنجاهه صفحن جو خط لکي سگهي ٿو. ڪجهه سال اڳ ماسڪو
جي ٽيڪسٽائيل اڪيڊميءَ مان مون ڏانهن لکيل سندس ڏيڍ سو کن صفحن جو خط ان ڳالهه جي
شاهديءَ ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو، جيڪو روس جو هڪ خوبصورت ۽ نرالو سفرنامو پڻ آهي.
پرويز جون ڪهاڻيون الڳ سندس ڪمري
جي ڪنهن ڪنڊ ۾ رکيون آهن، پر هو ڇپجڻ ۾ انٽريسٽ نه ٿو وٺي. هتي ادب جي نالي ۾
ٿيندڙ بي ادبيون ۽ پاليوٽيڊ رويا سندس لاءِ مونجهه جو سبب بڻجن ٿا. ادبي سنگت جي
گڏجاڻيءَ ۾ زوريءَ ڇڪي اچڻ ۽ پڇاڙڪين ڪرسين تي ويهڻ کان پوءِ به هو رمپا پلازا جي
اوپن ايئر ڪيفي ٽيريا ۾ چانهه جي ڪوپ تي مون کان ڪوئي نئون لطيفو ٻڌندي پاڻ کي
وڌيڪ رليڪس محسوس ڪري ٿو. هو ممتاز مفتيءَ جي لکيل اها ڳالهه به ورجائي ٿو ته:
”اديبن سان صرف سندن ڪتابن ۾ ملڻ گهرجي“. ڪيتريون ئي راتيون اکين ۾ ڪاٽي ڇڏيندڙ
پرويز هن ناول جي ڇپجڻ لاءِ انسپائريشن سندس چواڻي منهنجي ڏنل ”ٽيڪر“ مان حاصل ڪري
ٿو ۽ هنن صفحن کي اتي ئي ڇڏي هڪ نئين ناول لاءِ پيپر ورڪ ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو. امر
شهيد ڀڳت ڪنور رام جي رت جي سڳنڌ کي سانڍيو ايندڙ رڪ ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان، هڪ
ڳوٺ ”شاهه قلي پور“ جي گهٽين کان وٺي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي خواب ــ رستن تائين،
لياريءَ جي ٻاڪڙا هوٽلن کان وٺي ماسڪو جي نائيٽ ڪلبس تائين، پرويز جيڪا رولاڪي ڪئي
آهي، ان جا مختلف شيڊز سندس هن ناول ۾ جڳهه جڳهه تي نظر اچن ٿا. لاحاصل محبتن جي
هن خوبصورت دستاويز کي سنڌي ادب جو نقاد ڪهڙي عينڪ پائي ڏسندو، اها خبر مون کي
ناهي، باقي ايتري خبر ضرور آهي ته مون سان گڏ پرويز ابڙو پڻ انتونيو چيخوف جي چيل
ان ڳالهه تي هڪ ٽهڪ ڏئي سگهي ٿو ته: ”تنقيد نگار ان گهوڙي ــ مک وانگر هجي ٿو،
جنهن جو ڪم چڱو ڀَلو هَرُ ڪاهيندڙ گهوڙي جي ڪم ۾ رڪاوٽ وجهڻ هوندو آهي“.
ڪي ماڻهو هر وقت خوابَ ورهائيندا
رهندا آهن. خوابَ ورهائيندي ورهائيندي، اهي پاڻ به شام جهڙو ڪوئي گلابي خواب بڻجي
ويندا آهن ۽ ڪيترين ئي اکين ۾ جهومڻ لڳندا آهن. سچ ته پرويز جو هي ناول به ڪيترين
ئي نيرين اکين سان خواب سليندو، ڪيترين ئي سرمئي اکين ۾ خواب ورهائيندو ۽ ڪيترين
ئي گلابي اکين ۾ خوابن وانگيان جهومڻ لڳندو....
No comments:
Post a Comment