30/04/2013

اخلاق انصاريءَ جو ناول ”اڏوهي“ - رئوف نظاماڻي (Raouf Nizamani)


اخلاق انصاريءَ جو ناول ”اڏوهي“
رئوف نظاماڻي
هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ اخلاق انصاريءَ جي هڪ مڃيل حيثيت آهي. سندس ڪهاڻين جا ٻه مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. اڏوهي سندس پهريون ناول آهي. ڪهاڻيءَ ۽ ناول هونئن ته هڪ ئي سڪي جا ٻه رخ آهن پر ڪهاڻي رڳو فرد/سماج جي ڪنهن مخصوص پاسي تي زور ڏيندي آهي جڏهن ته ناول جو ڪئنواس وسيع هوندو آهي، ان ۾ ليکڪ نه رڳو فرد ۽ ان جي ماحول جي سڀني سٺن ۽ خراب پاسن جو احاطو ڪندو آهي پر گڏوگڏ زندگيءَ ۽ ڪائنات ڏانهن پنهنجي نڪتهء نظر کي پڻ واضح ڪندو آهي.
ڊاڪٽر زواگو ماسڪو جي زندگيءَ جي گهماگهمي ۽ ڀڄ ڊُڪ وغيره کي ڏسندي اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته اڄ جي جيئري ٻولي شهري ٻولي آهي. اهڙي ماحول ۾ فنڪار ڳوٺاڻي ٻولي ۽ تشبيهون ڪٿان آڻيندو. هو جيڪڏهن اهڙي ڪا ڪوشش به ڪندو ته اهڙي ٻولي زندگيءَ مان نه پر رڳو ڪتابن مان حاصل ڪيل ٻولي هوندي.

هن وقت ادب ۾ فرد ۽ سماج يا ادب ۽ زندگيءَ جو بحث پس منظر ۾ هليو ويو آهي. ستر ۽ اسي جي ڏهاڪي ۾ ان سلسلي ۾ جيڪي بحث هلندڙ هئا اهي هاڻي ماضيءَ جو حصو بڻجي چڪا آهن. ان جو مطلب ڪنهن هڪ يا ٻئي نڪتي نظر جو کٽڻ يا هارائڻ ناهي، پر هن وقت جي صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي. سنڌي وچولو طبقو جيڪو ان وقت نئون نئون شهر ۾ داخل ٿي رهيو هو هاڻي ڪنهن قدر اتي پنهنجون پاڙون پختيون ڪري چڪو آهي ۽ سندس مسئلن جي نوعيت تبديل ٿي چڪي آهي.
ان کان سواءِ ان وقت سنڌي ادب ۾ وجوديت، سوشلزم ۽ انفراديت وغيره متعلق جيڪي بحث هلندڙ هئا اهي پڻ ماضيءَ جو تصور بڻجي چڪا آهن. سنڌي ادب يا نظرياتي جنگ ڄڻ ختم يا بهتر نموني ايئن چئجي بي معنى ٿي چڪا آهن. ان جو ڪارڻ سويت يونين يا سوشلزم جي ختم ٿيڻ کان وڌيڪ اهو آهي ته سنڌي ادب لاءِ سماجي نظرياتي ڪمٽمينٽ هڪ ثانوي شيءِ بڻجي چڪي آهي.
ان ڳالهه کي پڻ نظر ۾ رکڻ ضروري آهي ته وجوديت پنهنجي ليکي رڳو هڪ نظريو ڪونهي. مختلف ليکڪن پنهنجي ليکي ۽ پنهنجين حالتن موجب ان جي سمجھاڻي ڏني آهي. ان لاڙي جي ٻن اهم ليکڪن سارتر ۽ ڪاميو تي نظر وڌي وڃي ته ان اجتماعي جدوجهد ۽ سياسي/نظرياتي وابستگي کي زندگيءَ جي بي معنوعيت کان هڪ مقصد ڏيڻ لاءِ ضروري خيال ڪيو آهي. خاص طور تي الجزائر جي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ سندن ڪردار مثالي رهيو آهي پر اها نهايت حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ انهن ٻنهي ليکڪن کي ئي گھڻو ڪري سياسي وابستگي/جدوجهد جو مخالف ڪري پيش ڪيو ويو.
هن وقت سنڌي اديب ليکڪ مٿان ڪي نظرياتي سياسي بندشون ۽ دٻاءَ ناهن، سندس لاءِ چونڊ محدود ناهي پر هڪ وسيع ميدان سندس آڏو آهي. سندس اصل امتحان ان ڳالهه ۾ آهي ته هو اها چونڊ ڪيئن ٿو ڪري ۽ پنهنجي فن جا جوهر ڪيئن ٿو ڏيکاري.
اخلاق بنيادي طور تي وچولي طبقي جو ليکڪ آهي. انهيءَ طبقي سان لاڳاپيل سندس ڪردار اندروني پيڙا مان گذرندي هميشه سماج ۾ پنهنجي مَقام جي ڳولا ۾ هوندا آهن. زير نظر ناول ”اڏوهي“ جو ڪردار ان لحاظ کان ماڻڪ ۽ مشتاق وغيره جي ڪردارن کان مختلف آهي. انهن ڪردارن جي ابتڙ جيڪي زندگيءَ کان بيزار، سماج کان ڪَٽيل ۽ پنهنجي اندروني پيڙا ۾ ورتل آهن. ان ناول جو مُک ڪردار هڪ اهڙو شخص آهي جنهن کي پاڻ کان وڌيڪ پنهنجي خاندان ۽ ٻارن جو فڪر آهي ۽ اها چنتا آهي ته سندس نه هئڻ جي صورت ۾ هو پنهنجي زندگيءَ جي معيار کي ڪيئن برقرار رکي سگهندا.
ناول کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي: اڏ، اڏو ۽ اڏوهي. اهي دراصل ڪردار جي زندگيءَ جا ٽي مرحلا آهن جن مان گذري هو پنهنجي انت تي پهچي ٿو.
منهنجي خيال ۾ ناول جي پيڙهه ان جو پهريون حصو ”اڏ“ آهي. يونيورسٽي جو هڪ استاد جنهن جي سڄي زندگي محروميت ۽ عدم تحفظ واري ماحول ۾ گذري آهي. ڪردار جي خاصيت اها آهي ته منجھس فيصلي ڪرڻ ۽ ان تي ڄمي بيهڻ جي قوت ناهي ۽ ٻي ڳالهه ته کيس پنهنجو پاڻ تي ڀروسو ڪونهي. ان جو هڪ مثال ته اهو آهي ته هو فوزيه سان محبت ڪرڻ جي باوجود به ان ڪري شادي نه ٿو ڪري جو هو پاڻ کي ان ذميواري کڻڻ جي اهل نه ٿو سمجھي، پر پوءِ ماءُ جي چونڊيل ڇوڪريءَ سان شادي ٿو ڪري جنهن جي سواءِ ٻار پيدا ڪرڻ جي ساڻس ٻي ڪا به هڪجھڙائي ناهي. ٻي ڳالهه جنهن تي سڄي ناول جو دارومدار آهي، ويهه هزار رپين جو چيڪ جيڪو کيس اڻتڻ ۾ وجھي مريض بڻائي ڇڏي ٿو. اهڙا ڪردار اسان کي پنهنجي چوڌاري گھمندا ڦرندا نظر ايندا. خواهش ۽ ڊپ وچ ۾ ويڙهه ڪردار جي هڪ خاصيت بڻجي چڪي آهي. ان صورتحال ۾ ڪردار جنهن نفسياتي ڪيفيت مان گذري ٿو ان سان سندس شخصيت ۾ خاصيتي تبديليون واقع ٿين ٿيون. سندس لاءِ فيصلو غلط ۽ صحيح وچ ۾ ناهي پر اصل ڳالهه ان چيڪ کي قبول ڪرڻ ۽ ان جي نتيجن نه، پر انهن جي ڊپ جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال وچ ۾ آهي. انهن حالتن مان گذرندي هو پنهنجي آڏو مختلف منظر آڻي ٿو، جتي انتظاميا کيس ان رشوت جي عيوض پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪري سگھي پيئي. جيتوڻيڪ انهن مان ڪا به ڳالهه واقع نه ٿي ٿئي پر ان ڪردار ۾ جسماني ۽ روحاني تبديليون واضح ٿيڻ شروع ٿين ٿيون. ڪردارن جي ان رويي مان هڪ ڳالهه ته اها ظاهر ٿي سامهون اچي ٿي ته سماج ۾ نه رڳو اهو ته قدرن جو بحران آهي پر اهو سوال ئي پس منظر ۾ هليو ويو آهي. فرد جي مزاحمت جي جاءِ ڊپ وٺي ڇڏي آهي جيڪو فرد جي جسم ۽ روح ٻنهي کي چٽ ڪري ڇڏي ٿو.
ڇا هي ڳِجهن جو سماج آهي جتي هر ڪو ٻئي جي مرڻ ۽ ماس پٽڻ جي انتظار ۾ آهي؟ ڇا رشتا ناتا بس هڪ ڍونگ ۽ ڏيکاءُ آهن؟ اها صورتحال ان وقت وڌيڪ واضح ٿي سامهون اچي ٿي جڏهن ماڻهوءَ کي ڪنهن پنهنجي جي ضرورت پيش اچي ٿي. گھڻي ڀاڱي صورتحال مايوس ڪندڙ ئي آهي پر روشنيءَ جو ڪو اهڙو ترورو ظاهر ٿئي ٿو جيڪو حيران ڪري ڇڏي ٿو.
ناول جي ٻئي باب ”اڏو“ ۾ ليکڪ ان صورتحال جي نهايت وضاحت سان نشاندهي ڪئي آهي. اهڙا گھڻا ڪيس اکين آڏو آهن جتي جڏهن ڊاڪٽر بڪين لاءِ فيملي ڊونرز جي ڳالهه ڪندا آهن ته بلڪل ويجھا مائٽ به امتحان ۾ پئجي ويندا آهن. هتي جنيد جي ماءُ جو ردعمل بلڪل فطري آهي ته هوءَ اهو گوارا نه ٿي ڪري ته سندس پُٽ جوانيءَ ۾ هڪ گردي کان محروم ٿي وڃي پوءِ ان لاءِ ڀلي کيس سَو دليل ڇو نه ٿا ڏنا وڃن. ان سڄي صورتحال ۾ پڙهندڙ اهو محسوس ڪري ٿو ته ليکڪ جو مقصد ڪردار جي حياتيءَ جو انت آهي، پر ايئن نه ٿو ٿئي. ساڳيءَ ريت مريض کي جيڪا امداد ملي ٿي اها پڻ ڏاڍي غير متوقع آهي. هونئن هتي اڪثر ايئن ٿيندو آهي ته عام وچولي طبقي جو ماڻهو ته پري رهيو، جيڪڏهن ڪو ناليوارو ماڻهو به مصيبت ۾ اڙجي ٿو ته ان جي مدد لاءِ جيڪي اپيلون ڪيون وڃن ٿيون انهن جو ڪو اثر ڪو نه ٿو ٿئي ۽ اهو ماڻهو وڃي پنهنجي انت کي پهچي ٿو. هتي همراهه کي هر پاسي کان مدد پهچي ٿي. يونيورسٽي شاگرد ۽ دوست سڀئي سندس واهر لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا ۽ ايستائين ته نه رڳو کيس ڪڊني ڊونر ملي وڃي ٿو پر هو ٽرانسپلانٽ لاءِ پرڏيهه پڻ پهچي وڃي ٿو. منهنجي خيال ۾ صورتحال کي اهڙو رخ ڏيڻ مان ليکڪ جو مقصد پنهنجي ناول جي آخري باب ”اڏوهي“ تائين پهچڻو آهي.
ناول جو آخري باب ”اڏوهي“ باقي ناول کان ڄڻ ڌار بيٺل آهي. پڙهندڙ کي، اڳ واري ڪردار کي ڳولڻ/سڃاڻپ لاءِ ٿورو سوچڻو پئي ٿو. شايد ليکڪ جو اهو مطلب آهي ته پڙهندڙ پاڻ اهو لاڳاپو قائم ڪري، پر ڳالهه اها آهي ته ڪردار مڪمل طور تي تبديل ٿيل آهي. شروعاتي حصي وارو ڊڄڻو، فيصلو نه ڪري سگھندڙ، هر وقت پنهنجي ڪٽنب جي لڏپلاڻ لاءِ سوچڻ وارو شخص هڪدم ئي ان جي ابتڙ هلڻ شروع ڪري ٿو. ٻيو، گاڏيون، عورتون ۽ اين جي اوز هڪ بلڪل ئي اهڙو شخص جنهن کي اڏوهي اندران کوکلو ڪري ڇڏيو هجي. پڙهندڙ انهن ٻن شخصن ۾ لاڳاپو ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڇا ان تبديليءَ جو ڪارڻ ويهه هزار رپين وارو چيڪ آهي جنهن ليکڪ جي اندر ۾ هڪ ڇڪتاڻ کي جنم ڏنو هو ۽ جسماني ۽ ذهني تبديلين جو ڪارڻ ٿيو هو يا اهي حالتون آهن جيڪي بيماري کان وٺي ٽرانسپلانٽ تائين پيش آيون آهن؟
اصل ڳالهه جتي پڙهندڙ کي پهچڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي، اها ڀلي منفي معنى ۾ ئي سهي، ڪردار جي اندر جي مضبوطي آهي. هڪ عام ماڻهوءَ کان هڪ اهڙي شينهن تائين جو سفر، جيڪو پنهنجي فائدي لاءِ پنهنجي ڀائٽي هٿان زال کي قتل ڪرائي ڇڏي ٿو، ڏاڍو ڇرڪائيندڙ آهي. اها ڳالهه ناهي ته اهڙا ڪردار هتي موجود ناهن. هن وقت اسان جو سماج قدرن جي جنهن بحران مان گذري رهيو آهي ۽ جيڪا اڏوهي ان کي لڳي چڪي آهي ان جي ڪري اهڙا ڪردار ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه ناهن پر انهن جي پيداوار ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي. رڳو اهو نه، ناول ۾ ڪي خال آهن. شايد ليکڪ جو مقصد اهو هجي ته پڙهندڙ کي ڪا ذهني مشق ڪرائجي ۽ هو ڀلي پنهنجا نتيجا ڪڍي.
ڊڪشن جي لحاظ کان ناول کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. شروعاتي حصي ۾ اخلاق جو روايتي ڊڪشن حاوي نظر اچي ٿو. خودڪلامي، اندر جي اُڻتڻ ۽ پُور پچائڻ، ان حصي جي خاصيت آهن. ٻين ڪردارن سان لهه وچڙ بس نالي ماتر آهي. ٻئي حصي ۾ ڪردار جو اهو پاسو ڄڻ ختم ٿي وڃي ٿو. ڪردار جي پنهنجي پاڻ سان ويڙهه ڄڻ هڪ نقطي تي پهچي ختم ٿي وڃي ٿي. ان ڪري ٻئي حصي ۾ ليکڪ جو خارجي/سماجي پاسو وڌيڪ حاوي نظر اچي ٿو. ان مطابق ئي ان جو ڊڪشن پهرئين حصي کان بدلجي وڃي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ دڪشن کي ساڳيو رکڻ ۽ ان کي انت تائين پهچائڻ گھڻو ڏکيو نه هوندو آهي، پر ناول ۾ جيئن ته هڪ کان وڌيڪ منظرنامن ۽ صورتحال کي پيش ڪرڻو پوندو آهي، ان ڪري ان ۾ ساڳيو ڊڪشن آخر تائين رکڻ ۽ ان سان نڀائڻ، واقعي ليکڪ لاءِ هڪ چئلينج هوندو آهي.
اڏوهي سماج کان ڪٽيل هڪ فرد جي رڳو اندروني اڻتڻ جي ڪهاڻي ناهي، ان ۾ مختلف سماجي مسئلن/روين کي چِٽيو ۽ سامهون آندو ويو آهي. هڪ پاسي يونيورسٽي انتظاميا آهي جيڪا مختلف بيقائدگين ۾ ورتل آهي ۽ هڪ شاگرد جي قتل کي آپگھات قرار ڏيئي پنهنجي جان بچائڻ گھري ٿي. ٻئي پاسي گھر جا اهي ڀاتي آهن جيڪي علاج لاءِ مليل پئسن کي ... تي خرچ ڪرڻ کي بلڪل جائز قرار ڏين ٿا. اهي ئي اُهي حالتون آهن جيڪي ماڻهوءَ جي اندر کي اڏوهي جيان چَٽ ڪري وڃن ٿيون ۽ کانئس ماڻهپو کسي وٺن ٿيون.
اخلاق پنهنجين ڪهاڻين جي حوالي سان ممڪن آهي ته ماڻڪ، مشتاق ۽ مدد علي سنڌيءَ جو تسلسل هجي، پر ناول کي پريءَ ريت رڳو نقطئه نظر کان ڏسڻ مناسب ڳالهه نه ٿيندي. ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ادب ۾ جيڪي ٻه ڌارائون ڌار ڌار هلي رهيون هيون اهي اڳتي پاڻ ۾ گڏجي ويون. اهو رڳو سنڌي ادب ۾ نه، پر هتان جي ٻين ٻولين جي ادب ۾ پڻ ٿيو آهي. ٻنهي لاڙن جي نمائنده اديبن هڪٻئي کي شعوري ۽ لاشعوري طور قبول ڪندي هڪ امتزاج synthesis کي سامهون آندو آهي. ان صورتحال سان ٺهڪجي نه سگھندڙ ليکڪن لکڻ ئي ڇڏي ڏنو. هر ليکڪ وانگر اخلاق به مختلف ليکڪن کان اتساهه ورتو آهي ۽ سندس لکڻين ۾ رڳو ماڻڪ ۽ مشتاق نه، پر امرجليل جي جھلڪ به محسوس ٿئي ٿي. ان سڀ جي باوجود اخلاق جو اسٽائيل ۽ انداز پنهنجو آهي ۽ اها ئي اهم ڳالهه آهي ته ليکڪ پنهنجي لکڻيءَ مان سڃاتو وڃي ۽ کيس وڌيڪ ڪنهن تعارف جي ضرورت پيش نه اچي.
اڏوهي“ هڪ اهڙي ليکڪ جو ناول آهي جيڪو سياسي دٻاءَ کان آزاد آهي، ان ڪري کيس شعوري طرح ان دٻاءَ جي ڪنهن ردعمل لاءِ مجبور نه ٿو ٿيڻو پوي جيئن کانئس اڳ جي ليکڪن پنهنجو پاڻ کي محسوس ڪيو ٿي. شايد ان ڪري ئي اهو ناول سماجي حقيقت نگاريءَ جي ويجھو آهي. ظاهر آهي ته اخلاق لاءِ سوال، ردعمل کان وڌيڪ ويجھو آهي. هن پنهنجي ان حق جو ئي استعمال ڪيو آهي. ادب کي هونئن به ڪنهن هڪ يا ٻئي خاني ۾ بند نه ٿو ڪري سگھجي. سياسي دٻاءَ کان آزاد سماجي ذميداريءَ جو احساس هڪ حساس ليکڪ جي شعور جو حصو هوندو آهي جنهن کي ليکڪ مٿان مڙهي نه ٿو سگھجي. ان جو اظهار هو ڪهڙي نموني ڪري ٿو اهو سندس اختيار آهي. ان لحاظ کان ”اڏوهي“ ناول کي سنڌي ادب ۾ نون لاڙن ڏانهن هڪ اڳتي قدم قرار ڏيئي سگھجي ٿو.

No comments:

Post a Comment