24/04/2013

مبارڪ علي لاشاري ۽ سندس ڪتاب ”جديديت پڄاڻان ۽ بيٺڪيت پڄاڻان“ - اياز لطيف دايو (Ayaz Latif Dayo)


زندگي جي حسناڪين جو ڪردار مبارڪ علي لاشاري
۽ سندس ڪتاب ”جديديت پڄاڻان ۽ بيٺڪيت پڄاڻان“
اياز لطيف دايو
ادب، شاعري ۽ فلسفي جي دنيا ڪائنات جيتري وسيع آهي، جهڙي طرح پوري ڪائنات جي ڦهلاءَ کي ڪنهن سوچ، فڪر ۽ فهم ۾ قيد نٿو ڪري سگهجي اهڙي طرح انهيءَ دنيا جي اڻکٽ ڪتابن جا جيئن ورق ورائيندا وينداسين ته نوان مظهر، نيون ڌارائون ۽ نوان موضوع اسان جي سامهون ايندا ويندا.
اڄ کان لکين ۽ ڪروڙين سال اڳ جڏهن اسان جي ڪائنات وجود ۾ پئي آئي ته ڪنهن کي به ڄاڻ نه هئي ته ڪائنات اهو فطري سفر اڄ جي جديد دنيا کي اهڙو جنم ڏيندو جنهن ۾ اسان جي ڪائنات هڪ عالمي ڳوٺڙي (Global Village) واري عالمي اصطلاح کان به اڳتي وڌي ڪري آڱر جي هڪ ڇهاءُ کان بعد ۾ اسان جي آڏو ذهن جي اسڪرين تي تري ايندڙ انيڪ سوالن جا جواب اهڙي طرح سامهون اچي وڃن ٿا جو اسان پنهنجي شعوري ڪوشش جي باوجود انهي نتيجي تي پهچي نٿا سگهون ته اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهيو. پر جڏهن اسان ادب، شاعري ۽ خاص ڪري فلسفي جي دنيا جي گهرائي ۾ وينداسين ته محسوس ٿيندو ته اهو عمل نه هڪ ڏينهن جو نتيجو آهي ۽ نه وري ڪائنات جو فطري سفر پنهنجو پاڻ منزل طئي ڪري موجوده ماڳ تي پهتو آهي پر اسان کي ڄاڻ ملي ٿي ته انهي سوچ جي ابتدا مسيح جي پيدائش کان اٽڪل ڇهه سَو سال اڳ يونان ۾ شروع ٿي.

يوناني فلسفين انساني فڪري تاريخ کي هڪ نئين اک سان ڏسڻ جي جستجو ڪئي ۽ هزارين سالن کان نسل در نسل منتقل ٿيندڙ ڏند ڪٿائن ۽ مفروضن کي رد ڪندي انهن فلسفين اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهڙن مفروضن ۽ ڏند ڪٿائن تي اعتماد ڪري نٿو سگهجي ۽ اهڙين ڏند ڪٿائن جو گهڻو حصو ست سَو سال قبل مسيح جي انهي زماني جي مشهور شاعر هومر ۽ ٻين جي تحريرن ۾ ملي ٿو ته ابتدائي يوناني فلسفين هومر جي انهن تخليقن جي ڀرپور آجيان ڪئي. ڇاڪاڻ ته هن واضح نموني چيو ته اهي هزارين سالن جون ڏند ڪٿائون انساني تصورن کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهن. انهي کان پوءِ ايندڙ فلسفين پنهنجو گهڻو تڻو محور تجربي ۽ عقل (Reason) کي ئي فوڪس ڪيو ڇاڪاڻ ته انهن پروڙي ورتو هو ته جيستائين مافوق الفطرت واري عمل کان اڳتي وڌي ڪري فطرتي مظهرن ۽ سوچن جو سفر شروع نه ٿيندو ته ڪائي هڙ حاصل نه ٿيندي ۽ اهو سفر هومر کان شروع ٿي مبارڪ علي لاشاري تائين پهچي ٿو. انساني تهذيب جي ارتقائي سفر ۾ هزارين اکڙين جا اوجاڳا آهن، هزارين آدرشي انسانن جا پٿون ٿيل پير آهن ۽ هزارين انسانن جي دلين مان ڦٽي نڪتل درد آهن جن سڀني جي صرف ۽ صرف هڪڙي سوچ اتم نظر اچي ٿي ته انساني تهذيب جي اوسر اهڙي نموني ٿئي جيئن ظالم ۽ ظلم ڪندڙ جو وجود ختم ٿي وڃي، مذهبن، ڏند ڪٿائن، ڪوڙين روايتن ۽ فتني پسند فتوائن مان جان آجي ٿي وڃي ۽ اهو خواب کڻي اسان جو ساٿي ۽ پيارو دوست مبارڪ علي لاشاري، سومر موري جي ننڍڙي ڳوٺ بخش علي لاشاري کان سفر تي نڪتو آهي ۽ انهي سفر ۾ هلندي هن ڪٿي به ٿڪاوٽ جو احساس نه ڏياريو آهي. هن وٽ ڪو به پڇتاءُ جو اولڙو به ڪونهي ۽ نه ئي هن اهو محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اڪيلي سر پنهنجي سپنن جي ساڀيا حاصل ڪري سگهجي ٿو.
انهي سفر ۾ پنڌ ڪندي هن مهل تائين جيڪو به هن حاصل ڪيو آهي انهي کي ساميءَ جي مٽن ۾ سانڍڻ بدران سڀني ساڃهه وندن جي اڳيان ورهائڻ جو عمل به جاري رکيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن وٽ زندگيءَ جي حسناڪين جا محرڪ، ڪردار ۽ اتساهه جا ذريعا هر وقت موجود آهن. انهن محرڪن ۽ اتساهه جو جنم ”جديديت پڄاڻان ۽ بيٺڪيت پڄاڻان“ جي صورت ۾ ڏئي ٿو.
اهو هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن سان اسان جي انساني تهذيب جڪڙيل آهي، هڪ اهڙو موضوع  جنهن سان امن، پيار ۽ خوشحالي جا خواب به لاڳاپيل آهن ته ساڳئي وقت ظلم ۽ جبر جون سر حدون به انهي موضوع جو اهم حصو آهن، جيڪو اسان جي ڌرتي جي درد کي پوري دنيا جي درد سان ڳنڍي ٿو. اهڙي موضوع کي سمجهڻ جي لاءِ ۽ انهي کي سمجهائڻ جي لاءِ هزارين سال گذري چڪا آهن پر انهي ۾ ڏينهون ڏينهن تجسس واري تاس وڌي رهي آهي. جيتوڻيڪ سنڌي ٻولي ۾ انهن موضوعن تي اڳ ۾ سائين ابراهيم جويو کان وٺي نوجوان دانشور جامي چانڊيي تائين فڪري ڌارائون  موجود آهن پر مبارڪ علي لاشاري جي انفراديت اها آهي جو انهي موضوع تي هڪ عليحده ڪتاب ڏنو آهي جيڪو بحث جا نوان در کولي ٿو ۽ سائين عبدالقادر جوڻيجي جهڙي ليکڪ کي به انهي ڪتاب ۾ هڪ اهڙي انفراديت نظر آئي آهي جيڪا سنڌي ٻولي ۾ اڳ ناپيد هئي ۽ اهڙي صورت م اسان ڪتاب جي نوجوان ليکڪ کي  جس ڏيڻ کان رهي نٿا سگهون.
مبارڪ علي لاشاري جي وڏي حاصلات اها آهي ته هن انگريزي ٻولي ۽ ادب تي عبور حاصل ڪري ورتو آهي، انهي ڪري ”جديديت پڄاڻان ۽ بيٺڪيت پڄاڻان“ جهڙو ڪتاب اسان کي ڏنو آهي جنهن لاءِ عبدالقادر جوڻيجي جهڙي عالمي ادب تي عبور حاصل ڪندڙ ليکڪ جهڙا لفظ اهم آهن. سنڌي ٻولي ۾ شايد اهو پهريون ڪتاب آهي جنهن ۾ ٻي دنيا جي ادب، سياسيات ۽ فلسفي ۾ ڇا پئي وهيو واپرايو ۽ هاڻي ڇا پيو وهي واپرائي، کان واقف ڪيو ويو آهي.
اٽڪل 90 صفحن جي هن ڪتاب ۾ موضوع سان لاڳاپيل عالمي ليکڪن جو جهڙي نموني احاطو ڪيو ويو آهي اهو يقينن سنڌي ٻولي جي نون توڻي پراڻن ليکڪن جي لاءِ اتساهه جو ذريعو بڻجندو ڇاڪاڻ ته لاشاريءَ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪئي آهي ته انگريزي ٻولي جي اصطلاحن کي سولي ۽ سادي نموني ويس پارائجي.
مون کي انهي ڪتاب جي اهميت سان گڏ انهي عمل جي شدت سان ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته ڪتاب ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي انهي حصي جو ضرور ڪجهه نه ڪجهه جائزو وٺڻ گهرجي ها جنهن ۾ اسان جي ليکڪن به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. انهي پهلوءَ جي ضرورت به محسوس ٿئي ٿي ته سنڌي ٻولي جي ليکڪن عالمي ادب جي ڪهڙي حصي کي وڌ ۾ وڌ قبول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.  انهن سامراجي سوچ سان ڪهڙي ڪهڙي موڙ تي مقابلو ڪيو ۽ اسان جو ادب به عالمي ادب جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪيتري جاءِ والاري سگهي ٿو. بهرحال مبارڪ علي لاشاري جي هيءَ تخليقي سفر جي ابتدا جيڪڏهن ٻار جي بانبڙن پائڻ جي روايت آهي ته سمجهان ٿو ته سندس ادبي بلوغت تائين اها روايت شاندار هوندي ۽ اسان جي ڌرتي جو هي ليکڪ سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ اهم مقام والاريندو.
آخر ۾ مبارڪ علي لاشاري کي تجويز ڏيندم ته ڪتاب جي آخر ۾ انهن ليکڪن جو مختصر تعارف ضرور ڏنو وڃي ها جن جو هن ڪتاب ۾ ذڪر شامل آهي ۽ انهي سان گڏ سڀني مددي ڪتابن جي لسٽ به شامل ڪئي وڃي ها ته جيئن اسان جا پڙِهندڙ انهن ڪتابن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ها. شيخ اياز جي هنن سٽن سان اجازت وٺندم:
ڦرندا ڦرندا ڏينهڙا، ساڳيا نه رهندا،
اچن ٿا ڪهندا، ڪار ڪڪر ديس تي.

No comments:

Post a Comment