04/04/2013

امر پيرزادي جي شاعري - حبيب ساجد (Habib Sajid)


تون ستل آن چنڊ هيٺان
(امر پيرزادي جي شاعري)
حبيب ساجد
سچي ڳالهه اگر ڪجي ته شاعري هن حسين دنيا جي چند حسين رهواسين جي سڀ کان حسين حرڪت آهي. اسان قرآن مجيد ۾ ته اهو ئي پڙهيو آهي ته پهريون عشق ڏاڏا آدمَ ڏاڏي حوا سان ڪيو هو. ڏاڏا سائينءَ اسان جي ڏاڏي سائنڻ کي پيار جو پهريون جملو ڪهڙو چيو هو، ان تي تحقيق جي بي انتها ضرورت آهي. آسمانن مان تڙجي اچڻ ۽ وري هڪ ٻئي کي ديوانن جيان ڳولڻ ۽ سري لنڪا جي هڪ پهاڙ ڀرسان وري ملڻ، ڪنهن به رومانٽڪ اسٽوريءَ کان گهٽ ڪونهي. ڏاڏا آدم ڏاڏي حوا کي ڏسي پهريون جيڪو به جملو چيو هوندو، اهو جملو شاعريءَ جي سڀ کان پهرين ۽ سڀ کان حسين سٽ هوندي.

اسان جيڪڏهن اڃا به جذباتي ٿي وڃون ته اهو به چئي سگهون ٿا ته ڏاڏا آدم ڏاڏي حوا جي چئي جو آڌر ڪندي، جنت مان تڙجڻ جي جيڪا سزا پاتي هئي، ڇا اها قرباني ڪنهن به طرح سان ڪنهن وڏي فلم بڻائڻ لاءَ ڪافي ناهي؟
شاعر جڏهن رات جو اوچتو ننڊ مان اٿي ويهي ٿو ۽ هٿوراڙيون هڻي قلم ۽ ڪاغذ ڳولي ٿو ته اهو انوڀو به هڪ طرح سان شاعراڻين حرڪتن ۾ شمار ٿئي ٿو. مون جڏهن پياري شاعر امر پيرزادي جي شاعري پڙهي ته مون کي ان ۾ اهڙا کوڙ ساترا جملا ۽ شعر مليا جن مان ڪي ته ضرور ڏاڏا آدم ڏاڏي حوا لاءِ چيا هوندا، ۽ مزي جي ڳالهه ته چوڻ جو اهو سلسلو لکين سالن جو سفر ڪري اڄ جي ڊجيٽل ايج تائين ساڳي آزاديءَ ۽ ساڳي ئي حُسن سان جاري ۽ ساري آهي:
جنهن گهڙيءَ مون چميو تنهنجي رخسارَ کي
منهنجي قدمن جي هيٺان خدائي هئي
يا هي شعر
مان ته توسان مري چڪو آهيان
ساهه هي ڪير ٿو کڻي هاڻي
 امر پيرزادو اسان جي سنڌ جي انهن نوجوانن ۾ شمار ٿئي ٿو جن ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي هر سهولت کي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان استعمال ڪيو آهي، سوشل نيٽ ورڪ جي هر سائيٽ تي اوهان کي سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي شاعريءَ جي حسين دنيا ملندي. مجيب سنڌي ڪورائي، محمد سليمان وساڻ، احسان دانش ۽ سندس ڀاءُ رضوان گل ۽ سڀ کان وڻندڙ ۽ ٿڪل اکين ۾ مرڪون آڻيندڙ نالو سائين قاضي منظر حيات، جيڪو سنڌ جي هر سنوڻ ۽ ڏڻ  جي موقعي تي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي سجائڻ ۾ مصروف نظر ايندو آهي.
فيس بوڪ ۽ اسڪائپ تي جنهن ڏينهن به امر سان ملاقات ٿيندي آهي ته ڄڻ گلابن جي ڪنهن باغ مان گذرڻ ٿيندو آهي. سندس ڳالهيون ۽ ڌيمو ڌيمو لهجو ٻڌڻ، وقت جي چند حسين استعمالن مان هڪ آهي. مون کي ياد ٿو اچي ته هڪ دفعي پاڪستان ريلوي ڪراچيءَ جو منهنجو پيارو ساٿي ۽ گارڊ ”زرم خان جدون“ منهنجي ڪمري ۾ انٽرنيٽ تي مون سان گڏ ويٺو هو ته ان وقت ئي امر به آن لائين ٿي ويو، زرم خان امر جي تصوير ڏسي امالڪ چيو: ”يار! سنڌيون ۾ ڀي اتني حسين لڙڪي موجود هين. سبحان الله اس لڙڪي ۾ تو پوري خدائي موجود هي.“
ها ها ها... ممڪن آهي هن جو مطلب الائي ڇا هجي پر هن جي جملي ۾ موجود شاعريءَ جو مزو مان شامَ تائين ماڻيندو رهيس.
پوئين ملاقات ۾ امر ٻڌايو ته سندس شاعريءَ جو ڪتاب ڇپجي رهيو آهي. مون کي ان ڳالهه جي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي، مون کيس چيو ته مون کي ٽائٽل ته اماڻي ڏجو. هن فيس بوڪ جي اها لنڪ اماڻي ڏني جتي ٽائيٽل موجود هيو، ”عشق“ ڪتاب جو ٽائيٽل واقعي به عشق هو ۽ جنهن به ٺاهيو آهي، ان ۾ ان جو عشق صاف نظر اچي رهيو آهي. ٻي ڏينهن تي امر مون کي پنهنجو پورو ڪتاب اِي بوڪ (پي ڊي ايف) ۾ اماڻي ڏنو. مان انتهائي خوشيءَ مان ان کي پنهنجي موبائل ۾ رکي ڇڏيو. هاڻي جڏهن جڏهن به پاڪستان ريلوي جي ڪنهن هيڊڪوارٽر تي گارڊز ريسٽ هائوس ۾ واندڪائي ملندي آهي ته پڙهڻ لڳندو آهيان. واقعي امر جي سنڌي شاعري اسان جي سنڌي حواسن تي ٽارگيٽيڊ ڊرون حملا ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي.
هوا جي جهوٽي جيان لڳين ٿي، جڏهن به چاهين گهلي وڃين ٿي
نه ڪي به توسان شڪايتون هن، نه ڪي اسان جا سوالَ آهن
۽ انهيءَ غزل ۾ هي ته هڪ شاهڪار بند آهي:
لڳين پئي روز تون نئين، ڪا نئين ٿي توکي سڃاڻ گهرجي
گلاب   جهڙي   نه   چنڊ   جهڙي،   اهي    پراڻا   مثال   آهن
(مزي جي ڳالهه آهي ته هن غزل جو عروض به ڪمال جو آهي سکي پيا کي ملين ته چئجان ....)
هو زماني اڳيان ڪيڏو مجبور هو
۽ خدا تائين هن جي رسائي هئي
ڏيندو توکي اهڙو تحفو ڪير ڀلا
مون اڄ تولئه ڳاڙهي ساڙهي پاتي آ
ماڻهو سالن ساڻ ڳڻن ٿا جيون کي
مون ته حياتي ساٿ سان تنهنجي ماپي آ
هاءِ ڪهڙا ڪيان ها مان توسان وچنَ
پاڻ سان ئي نه واعدا نڀايا اٿم
ٿي انڌيرو به روشن ويو آ پرين !
بلب سارا جڏهن هي وسايا اٿم
 امر لاءِ ممڪن آهي ته اها تمام وڏي حاصلات هجي ته هو انور پيرزادي جهڙي شخصيت ۽ زرار جهڙي آرڪيالاجسٽ جو ڀاءُ هجي پر منهنجي پنهجو خيال آهي ته امر جا پنڌ ۽ پيرا بنهه پنهنجا ۽ اصلوڪا آهن. ها اهو به ممڪن آهي ته هن ڪن سيبتن شاعر جيئن امداد حسيني ۽ اياز جانيءَ جي رندن تي پنهنجا اولين پيرڙا رکيا هجن پر هن مهل جڏهن مان هي سندس ڪتاب پي ڊي ايف فارم ۾ پڙهي رهيو آهيان ته  مان هڪ نئين، نرالي، سادگي ڀريل لهجي ۽ نماڻائي وچان لکي ڪري مرڪندڙ شاعر ڏي پنهنجي اشهد آڱر اُڀي ڪري سنڌ ۽ سنڌ واسين کي ان جو پتو ٻڌائي رهيو آهيان.
”عشقَ“ جي اي بوڪ کي پنهنجي ڪرسر سان هيٺ تي سوريندو جيئن جيئن امر جي لکڻين وچان گذري رهيو آهيان تيئن تيئن هڪ بي انتها سادو ۽ نماڻو ورزن منهنجي عينڪ جي شيشن اڳيان ڪنهن ريشمي ڪنهن ٿانَ جيان کلندو ۽ وڇائجندو پيو وڃي. هر پني تي هڪ نه پر ٽي ٽي چار چار سٽون اهڙيون ملن ٿيون جيڪي بنهه به رواجي ۽ روايتي نه آهن، امر تمام ڪاميابيءَ سان پنهنجي ورزن ۾ هڪ سڄاڻ ۽ اکيون کولي جيئندڙ هڪ شهري سنڌي شاعر جو ويس ڌاريو آهي، پر جنهن ۾ ڪنهن ڪنهن لمحي تڪڙ ۾ لکيل جملن جون چتيون به نظر اچن ٿيون ۽ ڪٿي ڪٿي ايئن به لڳي ٿو ته امر غزل ۾ جگجيت کي ڏاڍو ٻڌي ان جو اثر به قبول ڪري ٿو، خير اها ڪا ايڏي وڏي ڳالهه ڪانهي.
 تم يه ڪيسي جدا هوگئي
هر طرف هر جگه هو گئي
جاني والي گئي ڀي تو يون
چاند سورج گهٽا هو گئي
آخر ۾ موڪلائيندي مان صرف ايترو ئي آکيندس ته شيخ اياز جي لفطن ۾ سنڌيءَ جو”گيڙو ويس غزل لکندڙ“  شاعر منهنجي خيال ۾ هن وقت امر پيرزادي ۽ رحمت پيرزادي جي روپ ۾ سوٽيڊ بوٽيڊ شهري بابُوءَ جي روپ ۾ اسان آڏو نروار ٿيو بيٺو آهي.
تون ستل آن چنڊ هيٺان
۽ رئو هٽجي ويو آ.

No comments:

Post a Comment