17/01/2014

پيرل قنبر جي شعر جو تاتپرج - بدر ڌامراهو (Badar Dhamraho)

پيرل قنبر جي شعر جو تاتپرج
بدر ڌامراهو
”پيرل قنبر“ جي سوانح حيات تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هو سٺ، ستر، اسي ۽ نوي وارن ڏهاڪن دوران سنڌي شعر جي زمين کيڙيندي نظر اچي ٿو. پيرل جو ابتدائي زمانو آهي، سندس ڀر پاسي ۾ ٻيا به کوڙ سارا شاعر شعر جي دنيا ۾ ڌاڪو ڄمايون ويٺا ملن ٿا. جن ۾ ڌامراهن جو ”جعفر پنهور“، طيب جو ”قادن“، باڊهه جو ”شيرل باڊاهي“، ”دادن فقير“، وغيره. هن دور جي جيترن به شاعرن جانالا ڳڻيا اٿم، سي سڀ پيرل قنبر جا هم عصر آهن. ڪي ننڍا معاصر آهن، ته ڪي وڏا معاصر. هنن سڀني شاعرن جو شعر، فن ۽ فڪر جي لحاظ کان هڪڙي لڙي ۾ پوتل آهي. هنن شاعرن نعتيه ڪلام به چيو ته، مداحيه ڪلام به چيو، غزل تي طبع آزمائي به ڪئي ته، نظم، گيت، ڪافيون ۽ بيت به چيا آهن.

                ”پيرل قنبر“ جي شعر جو جائزو وٺجي ته معلوم ٿئي ٿو ته، هو عروضي ماهر به هو ته، هندي ڇند وديا کان به واقف هو، ڇاڪاڻ ته هو عروضي شاعريءَ جي صنفن تي به طبع آزمائي ڪندي ملي ٿو ته، هندي شاعريءَ جي صنفن تي به طبع آزمائي ڪري ٿو. جيڪا ڳالهه کيس، هم عصرن ۾ مٿانهون بڻائي ٿي. سا اها آهي ته، جعفر پنهور فقط ڪافي ۽ بيت تي طبع آزمائي ڪئي، قادن طيب واري وٽ به ساڳيو، جعفر پنهور وارو انداز موجود آهي. پيرل فقير جو ڪلام به ڪافين تي مشتمل آهي. دادن به غزل جو شاعر آهي. پيرل قنبر اهڙو شاعر آهي، جيڪو علم عروض جي ميدان به کيڙي ٿو ته، هندي ڇند کي به هٿان نه ٿو ڇڏي، ڇاڪاڻ ته، هندي ڇند جو، سنڌي ادب ۾ واسو ڪي ئي صديون پراڻو آهي، پر عروض ڏيڍ صدي پراڻو آهي. عروض جون ڪيتريون ئي صنفون آهن. جن مان هڪ آهي ”مسدس“. هن مقالي ۾ پيرل قنبر جي مسدس جو جائزو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
                ”مسدس“ لفظ جي لفظي معنيٰ آهي ”ڇهه ڪنڊو“. اصطلاحي معنيٰ موجب نظم جو اهو قسم، جنهن جي هر بند ۾ ڇهه سٽون يا مصرعون هجن، ان کي مسدس چئبو آهي. فني سٽاءَ جي لحاظ کان، هي نظم جو اهو قسم آهي، جيڪو ڪيترن ئي بندن تي مشتمل ٿئي ٿو. هر بند ۾ ڇهه مصرعون هونديون آهن. هر بند جي ڇهين مصرع پهرين بند جي ڇهين مصرع سان هم وزن ۽ هم قافيه هوندي آهي. ڪن مسدس جي نظمن ۾ پهريون چار مصرعون پاڻ ۾هم قافيه ۽ پويون ٻه مصرعون پاڻ ۾ هم قافيه هونديون آهن. فڪري لحاظ کان مسدس جو موضوع وطن جي حب، قومي اصلاحي ۽ اخلاقي مضمون آهي.
                سڀ کان پهرين 1884ع ۾ مولوي الله بخش اٻوجهي، مسدس جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي. مسدس جو ٻيو وڏو شاعر فقير غلام علي ”مسرور“ هو. ان کان پوءِ محمد بخش واصف، نواز علي ”نياز“، کيئلداس فاني، (جيڪو شيخ اياز جو استاد هو)، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، نياز همايوني ۽ پوءِ ”پيرل قنبر“ هن صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس ٻنهي ڪتابن ”اگهاڙا پير ٽانڊن تي“ ۽ ”سجدو اداس آ“ ۾ ڳچ مسدس آهن. پهرين ڪتاب ۾ وچوواڙي آهن ۽ ٻئي ڪتاب ۾ انهن کي الڳ ڪري رکيو ويو آهي. جيڪڏهن سجيدگيءَ سان ڏٺو وڃي ته، ترتيب ۾ خامي آهي، ٻيو ته، پيرل قنبر جي ڪلام کي بگاڙيو ويو آهي. ايئن به هر گز سمجهڻ نه گهرجي ته  مرتب نگار ان کي بگاڙيو آهي. ممڪن آهي ته، نقل ڪندڙ کان سهوَ ٿي هجي. اهو به ممڪن آهي ته راويءَ کان وڌاءُ ٿيو هجي. اهڙو جائزو اڳتي ايندو. هتي آءٌ پيرل قنبر جي مسدس جي فن ۽ فڪر تي ويچار ونڊيندس. پيرل قنبر، مسدس جي ميدان ۾ نهايت خوبصورت تجربا ڪيا آهن، اهڙا تجربا هن طرح آهن:
پهريون تجربو: پيرل قنبر جو مسدس جي فن حوالي سان پهريون تجربو اهو آهي ته، هن مسدس جي اصلوڪي  فني سٽاءَ تحت مسدس رچيا آهن. ان ۾ پهريون چار سٽون پاڻ ۾ هم قافيه ۽ پويون ٻه سٽون پاڻ ۾ هم قافيه آهن. اها ئي مسدس جي اصلي هيئت آهي. اهڙا ڪجهه مثال هن طرح آهن:
هي پاڪ نبيءَ جو ناز ته ڏس، ڇا قدردانــي قــدرت ٿي ڪري،
هت پئي ٿي قضا ڀي ڪنڌ ڍاري، هت قدم بوسي قسمت ٿي ڪري،
هت ملڪ الموت ٿو مستي مٽي، هــت جهنگ جـــي بلا بيـــعت ٿـــي ڪري،
هت دوزخ ٿو دامن کي جهلي، هــت جان فدا جنت ٿي ڪري،
ڪا چــيز اُهـــا چــئه آ ڪـــهڙي جـــا نبـــيءَ مـٿان قربان نه آ،
جو پاڪ نــــبيءَ جو شـان ٿيو، تنهن شان جي مٽ ڪو شان نه آ.
هت برڪت جا بادل ٿــا مـــلن، هــت نــور جــي برسـات ملي،
هت قرب اندر ٿو ڪعبو ملي، هت عـــشق ۾ ٿـي عرفات ملي،
هت فڪر منجهان ٿو فيض ملي، هـــت ذات ســـواءِ ٿـــي ڏات مــلي،
هت رات منجهان ٿو ڏينهن ملي، هت ڏيــنهن منجــهان ٿي رات ملي،
ٿـــئــي چــنــڊ اڌو اڌ آڱــر ســان، ڇــا هـــوش اڃــا حيران نه آ،
جو پاڪ نبيءَ جو شان ٿيو، تنــهن شــان جــي مـٽ ڪو شان نه آ.
آ پهــتو محمد مـــير اتــي جــــت ذهــن بــشر بيــوس ٿـــي پــيو،
بـــراقــي سـفر بــيــوس ٿــي پــيو، عيسيٰ جــو اثر بيوس ٿي پيو،
موسيٰ جو گذر بي وس ٿي پيو، جبـــرائيـــل جو پــر بــي وس ٿــي پيـــو،
هت ارڙهن ســال ٿــــي رات رهي، سامــــان ســحر بـــي وس ٿـــي پـــيو،
ٻيو مرســــل جـــان مـــعراج ڪـــري ڪـــو مولا جو مهــمان نه آ،
جو پاڪ نبيءَ جو شان ٿيو، تنهن شان جي مـــــٽ ڪو شـــان نه آ.
                مسدس جي ٻي سٽاءُ اها آهي ته، ڇهه ئي سٽون پاڻ ۾ هم وزن ۽ هم قافيه آنديون اٿس. اهڙي نموني جو مثال هن طرح آهي.
چمڪي فلڪ تي ماهه پيو صدقي رسول جي،
توکي اسان کي ساهه پيو صدقي رسول جي،
بڻــــجي گدا ۽ شاهه پيو صدقي رسول جي،
سنسار ٿي واهه واهه پيو صدقي رسول جي،
ڪـــــيڏي نه اسـان تي آ عنايت رسول جي،
شمرو هوندو ڪندو جو شڪايت رسول جي،
                ”اگهاڙا پير ٽانڊن تي“ جي صفحي 5 تي ٽي مسدس آهن. مان سمجهان ٿو ته، مرتب نگار کان سهَو ٿي آهي. هن هرو ڀرو ورجاءَ طور سٽ وڌائي سٽن جو بند جوڙيو آهي، جڏهن ته، اهو بند نه پر نظم جو عنوان آهي. عنوان طور ڏنل سٽ کي هن بند جو حصو سمجهيو آهي. پوءِ وراڻيءَ طور هر بند ۾ شامل ڪئي اٿس. اهڙي سِٽَ شامل ڪرڻ جي ڪري نظم  جي فني سٽاءَ جي صحت ئي بگڙجي وئي آهي.
مرتب نگار ساڳيو ستم صفحي ست تي موجود نظم سان ڪيو آهي. ٻه سٽون،
”نبيءَ جي نور جو آ جلوه هر نظارن ۾،
گـــلـــو گــــلزارن ۾ ســـج چنڊ تارن ۾
 ورجايون اٿس. جڏهن ته اهو نظم جو عنوان آهي. ساڳيءَ طرح صفحي اٺ، تي ٻه مسدس موجود آهن. هڪ ۾ اٺ ٻئي ۾ ست سٽون آهن. حقيقت ۾ جيڪا پهرين سٽ  ڏني وئي سا الڳ ۽ مسدس جو عنوان آهي، جيڪو هن طرح آهي:
” خدا کي عشق وصل ميم جو بسيار ٿيو“.
هيءَ وڌاري سٽ به ٿي سگهي ٿي. ۽ آخري سٽ
”نبيءَ جي نور جو آ جلوه هر نظارن ۾“
اٺين صفحي تي موجود مسدس جو عنوان آهي. پر اها سٽ وراڻيءَ طور آندي وئي آهي، جيئن ڪافي يا وائي ۾ سٽ وراڻيءَ طور ايندي آهي.
                ساڳيءَ طرح صفحي 9 تي آيل مسدس ”عجب تنِي تي آ جو نور کي نوري نه سڏن، انڌا چئبا جو پتل سون کي ڀي پرکي نه سگهن.“ شعر جون مصرعون نه پر عنوان آهي. ۽ آخري سٽ،
”نبي جي نور جو جلوو هر نظارن ۾“
هرو ڀرو وڌايل معلوم ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح ڇهن سٽن بجاءِ نون سٽن  جو ٺهي پوي ٿو. جيڪو معيوب آهي.
                صفحي 15هين کان 21هين تائين مسدس آهن. صفحي 23هين تي ”لطيفي لات جي جھر جهنگ ۾ جهونگار جاري آ.“ عنوان سان 9 مسدس، 39هين صفحي تي 6 عدد مسدس. 94صفحي تي ست مسدس 198 صفحي تي ٽي عدد مسدس آهن. ساڳيءَ طرح 203 صفحي تي ٽي مسدس، 208 صفحي تي ٻه مسدس آهن ”سجدو اداس آ“ ۾ نظم جو ڀاڱو الڳ رکيل آهي، جنهن ۾ ڪجهه شعر ساڳيا ۽ ڪجهه نوان آيل آهن.
ٽيون تجربو: مسدس جو ٽيون تجربو اهو ڪيو اٿس ته پنج سٽون هم قافيه رکي هڪ سٽ ۾ قافيو مٽايو اٿس. ان جي ترتيب هن طرح رکي اٿس. پهرين، ٻي، ٽين، چوٿين ۽ ڇهين سٽ پاڻ هم قافيه رکي پنجين سٽ جو قافيو مٽايو اٿس. اهڙو نمونو هن طرح آهي.
سو علم آ حــسين عـــطا ٿــي نه ٿو سگهي،
ســو آواز آ حـــسين خطا ٿي نه ٿو سگهي،
سو سجدو آ حسين قضا ٿي نه ٿو سگهي،
سو جاني آ حــسين جــدا ٿي نه ٿو سگهي،
آ هُن جـــهان ۾ چـــاهي ڪِ هــن جهان ۾،
ســـو جسم آ حســـين فنا ٿي نه ٿو سگهي.
                فڪري لحاظ کان مسدس جو مضمون وطن جي حب، قومي اصلاحي ۽ اخلاقي آهي. ڏٺو وڃي ٿو ته پيرل قنبر انهيءَ کي نباهيو آهي پر اڃا به ان ۾ نواڻ آڻي نوان موضوع ڏنا اٿس. هن جيڪي مسدس ۾ نوان موضوع آندا آهن سي آهن: مدح ۽ ثنا خواني، حسن ۽ عشق، سونهن ۽ سينگار، ظرافت وغيره ٻيا به انيڪ موضوع آهن. ڪجهه مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا.
حسن عشق ۽ سونهن:
گل کي به تنهنجي زلف کان رنـــگ و بــــو مـلي،
ڀونئري کي تنهنجي زلف جي آ جستجو ملــي،
هـــر ذوقِ آرزوءَ کــــي تنهـــنجــي آرزو مـــلــــي،
گوهر فشاني تو کــــي بـــه ڇــــا گفــــتگو مــلي،
هر ڪـــنهن ســـوال جـو گويا حاضر جواب آن.
تــــون آن حــسين پر ڇـــا حسين لا جواب آن.

پــــيرل کــــي آحَسين تنهـــنجو حُسـنِ زندگي،
وک وک تي همنشين آ توسان حـــرف سادگي،
چهري سندءِ تي نقش آ ســـدا نقـــش تـــازگـي،
تنهــنجو ســـتم ستـــم به رهـــي طرز بنـــدگي،
محبت ۾ جسم و جـــان لئه مٺـــڙو عـــذاب آن،
تون آن حســين پر ڇــا حـــسين لا جـواب آن.
سنڌ:
تــــون سنڌي ٿــي ٿو سنڌ ڇڏين،
تون ڪاتي ٿي ٿو ڪنڌ ڇـــڏين،
تـــون رانـــدي ٿـــي ٿو رند ڇڏين،
تون مئـــڪش ٿــي ٿو منڌ ڇڏين،
مان تــو لاءِ پــــاڻ نـــه روليـــندس،
مان ٻيـــجل ٻيو ڪـــو ڳولينــدس.

سينگار:
تــــــون جي کليـــن ته شمــع وساڻيل جلي پوي،
سنگدل جو ضبط ساهه ٿي سڪ ۾ سُڪي پوي.
درياءُ وهندو وهنــــدو به هيــــڪر رڪــي پوي،
گردش ڪندي به چنڊ ڪڪر ۾ لڪي پوي،
ڪــو آ فلڪ جو، ڌرتي جو تون ماهتاب آن،
تـــون آن حســــين پر ڇا حسين لاجواب آن.

تـــو جـــهڙو نــــازُ نــــازُ آ نـــازِ شـــهيد ۾،
ديـــــدار تنـــهنجي جهڙو مزو آنه عيد ۾،
فخر زليخان آهين تون دل جي خريد ۾،

ظرافت:
ڪـو صـلح سُـــڪَرَ جــو سيرُ کپي،
مون کي ٻڪري سان گڏ شيرُ کپي،
نه ڪـــو سسئي نه ڪــــو ڏير کپي،
نــه ســـاڙ حســـدُ ۽ مــــيـــر کــپــي،
ٻـــيـــا ڀـــاڳ فـــساد جـــا ڀوري ڏيو.

مـــان ساگر ٿيان مان ساحل ٿيان،
الله ڪــــري مـــان عـــادل ٿــــيان،
جو قـــاتـــل ان جـــو قاتـــل ٿــيان،
جو در تـــوهـــان جـــي سائــل ٿيان،
هو ماس ڪُـلهن تـان ڪوري ڏيو.
مون کي اڳيـون صديون سوري ڏيو.

ڀــــل مــون کــي هٿن ۾ هر ڏيو،
ڀل چيلهه تي ڪُنجيل ورُ ڏيو،
هـــر جـــوءِ ۾ جـــالــر جـــر ڏيـو،
ڀــل مــون کــي غــريبي گهر ڏيو،
پــر گهــر جـا ساٽ نه سوري ڏيو.
مون کي اڳيون صديون سوري ڏيو.
ها پنهــــنجن يـــا ڪِ پــراون سان،
دمـــســاز دلـــيــــري داون ســــــــان،
هي شــيشن ســـان يا ڪاون سان،
هـــي پرتـــي جـــي پـــڙلاون ســـان،
هُو جــهونــا ڳـــڙ ڀـــي جـــهوري ڏيو.
مون کي اڳيون صــديون سوري ڏيو.
نه ئي دوکي جــو ڪـــو داءُ کـــپـــي،
مـــون کـــي پرت کــپي ۽ ساءُ کپي،
نــه ڪــي ڏاڍن جـــو پـــڙلاءُ کـــپـي،
نه ڪي چالاڪي جو ڪو پاءُ کپي،
مــون کـــي ســـر تــارازيءَ توري ڏيو.
مون کــي اڳيــون صديون سوري ڏيو.
هنن مثالن مان ثابت ٿئي ٿو ته، پيرل قنبر جي شاعري ذهني عياشي نه پر حقيقي رنگ ۾ رتل آهي. لفظن جي رواني، سلاست، لفظن جو جڙاءُ اهڙو ته خوبصورت آهي، جو سندس هم عصر شاعرن وٽ گهٽ ملي ٿو.

No comments:

Post a Comment