27/01/2014

استاد پيرل قنبر - جهانگير عباسي (Jahangir Abbasi)

سونهن جو مجاور استاد پيرل قنبر
جهانگير عباسي

سنڌي ادب ۾ شعر جي صنف پنهنجي اوائلي دؤر کان وٺي موجوده دؤر تائين جي سرجندڙ شعر تائين فن، فڪر، تخيل جي حوالي سان جتي وسيع ڪينواس رکي پئي اُتي هر دؤر ۾ جدت وارن خيالن سان نوان موضوع کڻي نئين فڪري ڌارائن واري سمونڊ سان موجزن رهندي تخليقي ۽ شعوري سفر طئي ڪري اڄ جنهن مقام تي اچي پهتي آهي ان کي ڏسي هي چئي ٿو سگهجي ته سنڌي شاعري دنيا جي ٻين ٻولين جي شعر جي ڀيٽ ۾ گهڻو اڳ ڀري پئي آهي. خاص طور تي رومانوي يعني عشق و محبت جي شاعري ڀرپور رهي آهي.

اوڻوهين صدي کان وٺي رومانوي شاعري يورپ  کان وٺي هڪ نئين شعري رنگ ۾ نروار ٿي آهي جيئن ليکڪ غلام شبير پنهنجي طويل تحقيقي مقالي ”اردو ادب ۾ رومانوي تحريڪ ”ايڪ مطالعه“ ۾ لکي ٿو ته رومانوي لحاظ کان برطانيه ۾ جن شاعرن حُسن جي بابت لطيف جذبات قلبي احساسات کي پنهنجي اسلوب ۾   شامل ڪيو تن ۾ ورڊس، ورٿ، وليم بيڪ، لارڊ بائرن، شيلي، ڪيٽس نه فرانس ۾ وڪٽر هوگيو، آمريڪا ۾ ايڊگرايلن پوُ، واشنگٽن ۾ ارونگ ۽ رُوس ۾ وري اليگزينڊر پشڪن رومانيت جي بنياد وجهندڙن ۾ اهم درجو  رکن ٿا. (1) اهڙي طرح سان ننڍي کنڊ ۾اردو شاعري ۾ به رومانوي شعر جو بنياد وجهندڙ اسان کي تمام گهڻا ۽ وڏا شاعر ملن ٿا جن ۾ ميرتقي مير، مرزا غالب، اخترالايمان، اسرار الحق مجاز، اختر شيراني، فيض، ناصر ڪاظمي، جُوش، پروين شاڪر، محسن نقوي، ساحر لڌهيانوي ۽ فراز اهم آهن.(2)
جيئن ته مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته سنڌي شعر جي تاريخ به اهڙن اڻ ڳڻين شاعرن جي ذڪر سان ڀريل آهي جن محبت، عشق ۽ دل لگي جي نفيس و نرم جذبن کي غزل جي صورت ۾ غير معمولي درجي تائين اثرائتو بڻايو آهي ۽ اهي نانءَ هينئر شعر جي افق تي ستارن جيان سنوري جگمگائي رهيا آهن جن ۾ خاص طور تي شيخ اياز، شمشير الحيدري، طالب الموليٰ، استاد بخاري، احمد خان مدهوش، تنوير عباسي، تاج بلوچ، سرڪش سنڌي، عبدالغفار تبسم اياز گل سان گڏ هڪ اهم شاعر استاد پيرل قنبر جو نانءُ به شامل آهي جيڪو سنڌي شاعري ۾ رومانوي شعر جو سرجيندڙ ۽ غزل جو بنيادي شاعر پڻ آهي.
پير محمد المعروف استاد پيرل قنبر جنهن دؤر ۾ سنڌي شعر جي دنيا ۾ وارد ٿيو ان دؤر  جي شاعري مٿان فارسي شعر جا فڪر، خيال ۽ موضوع آخر پساهن ۾ هئا ۽ سنڌي شاعري طرحي، موضوعاتي ۽ علم و عروض جي نج بنيادي احڪامن جي قائدن پٽاندڙ سرجي ٿي وئي پر اهو استاد پيرل قنبر جو شعوري ادراڪ تخليقي جوهر جو ڪمال آهي جو هُن ان دؤر جي رواجي خيالن کي گل و بلبل ساقي، ميخاني، خار، تار، حسن و عشق، وفا، سخا، بي وفائي، بي رخي، بي بسي ۽ دل لگي جي فارسي مروج خيالن کي جدت ۽ جديد تشبيهاتي انداز ۾ پيش ڪندي ڪيترن ئي نون استعارن ۽ خيالن کي پڻ غزل ۾ سمايو آهي. جيئن هن جي هن شعرن مان ظاهر ٿئي ٿو.
هن عشق جو ته آهي آبِ حيات پيتل
خود موت سان نٿي هي محبت مري مري
ويڄن جو در وٺان يا تنهنجي خاڪ پا وٺان،
هن درد نامراد جي ڪنهن کان دوا وٺان،
محبوب آهي آڏو ته هتڙي ئي حج آ،
ڪهڙا وٺان مدينا مان ڪهڙا مڪا وٺان.
چڙهيل اک جي شرابن جو مون کي آهي نشو ڪافي،
هينئر ساقي، صراحي ۽ نه ساغر جي تلاش آ.
رخ تــان نه اڇل پردو سو تير ڇٽي پوندا،
هُو چنڊ به شڪ رکندو تارا به ٽٽي پوندا.
تـو بُـت جي بندگي ۾ جو مـحبوب آ مزو،
مون کي نظر ۾ ٻي ڪا عبادت نه ٿي ملي.
شاعري هونئن ئي لطيف احساسن جو نانءُ آهي جنهن ۾ شعر جي موسيقيت جو اثر قاريءَ جي دل جي تارن کي ڇيڙي هڪ عجيب رڌم وارو سرور بخشي ٿو خاص طور تي غزل جي شاعري جيڪا پنهنجي وجود ۾ انيڪ موضوع ۽ فڪر رکي ٿي ان ڪري ئي ته غزل کي تمام گهڻي اهميت حاصل رهي آهي جنهن جي تعريف ڪندي ليکڪ انور جمال لکي ٿو ”غزل شاعري جو اُهو پيڪر حُسن آهي جنهن م پنج يا ان کان وڌيڪ شعر ٿين ٿا. رمز، سوز وگداز، موسيقيت ان جون باطني خوبيون آهن جڏهن ته واردات حُسن، ڪربِ ذات جو بيان ۽ غم جو تذڪرو ان جا محبوب موضوع ٿين ٿا“ (3) استاد پيرل قنبر به اهڙي ئي غزل جو هڪ ڀلوڙ شاعر آهي جنهن پنهنجي غزل ۾ حُسن جي دائمي ۽ عارضي پهلوئن سان گڏ حقيقتِ حُسن ۽ دل جي رشتي کي هڪ سچو عاشق ۽ محبت جو متلاشي بڻجي جيئن پنهنجي وجود ۾ ڀوڳيو آهي، اُن جي تمنا ۾ پوڄيو آهي ائين ئي هن وري غزل ۾ پيش به ڪيو آهي، جيئن هنن شعرن ۾ نظر ٿو اچي.
ڇا محبت جي چئي ڪو مدهوشي، آ زبان تي هي مهر خاموشي،
افُ جهان ۾ زبان هوندي به مون کي بس بي زبان رهڻو پيو.
پٿر جو بت رکي آڏو چئين ته سجدو ڪر،
خدا ڄاڻي ته ڪهڙو خدا ڏئي ويو مون کي.
گمنام ڪري مون کي ڪاٿئن متان به ماريو،
مان عشق آهيان مون کي ڪري آشڪار ڇڏجو.
شاعري جي تخيلاتي سمونڊ ۾ شاعر جو شعري ادراڪ به سمونڊ جيان ئي وسيع ۽ عميق هجي ٿو ائين حُسن ۽ فطرت جو ڪينواس به وسيع آهي. حُسن جي حسناڪيون انڊلٺي رنگن جيان آهن جيئن محبوب جي هر ادا نرالي ۽ بي بها بڻجي ٿي ائين انڊلٺي رنگ به نرالا ٿين ٿا. انسان فطري طور تي سُونهن ڏي مائل آهي ئي آهي پر اڪثر جذباتي، احساساتي طور تي به ان ۾ غير معمولي درجي تائين بي وس بڻجي پهچيو وڃي ٿو. حُسن جي حسناڪين جي تعريف ڪندي اردو جو ليکڪ ۽ فلسفي پروفيسر سعيد احمد رفيق لکيو آهي ته ”حسن نه معروضي آهي نه موضوعي پر معروض ۽ موضوع، مشهود ۽ شاهد ۾ هڪ خاص تعلق وارو جڏهن رشتو پيدا ٿئي ٿو اُن وقت ئي حُسن جي تخليق ٿئي ٿي ۽ حسناڪي پنهنجي جلون جو پرتُو بڻجي اڀري ٿي.“ (4) استاد پيرل قنبر فطري طور تي ته شاعراڻو مزاج اڳ ئي رکندڙ هيو پر جڏهن مجازي عشق جي باهه ۾ جلي ڀڙڪو ڏنائين ۽ محبوب جي تات ۾ تڙپي سندس حسناڪين جي تند ۾ وٺجي جلي، پڄري اڀريو ته انهيءَ عشق جي لاحاصلات هن جي زندگي کي هڪ نئين وهنوار سان سلهاڙي ڇڏيو ۽ هو سُونهن جو مجاور بڻجي رومانوي شعر جي رنگ ۾ رنڱ جي ويو، اها رومانيت جنهن بابت مشهور نقاد ۽ ليکڪ ڊاڪٽر شمس الرحمان لکي ٿو ته ”رومانيت انسان جي مادري زبان آهي ۽ شاعر جو تخيل مادري زبان جي تخليقي شعور کي استعمال ڪرڻ خوب ڄاڻيندو آهي“ (4) سچ ته اهڙي شعوري تخليق تخيل کي استاد پيرل قنبر واقعي به خوب استعمال ۾ آندو آهي جنهن جو مثال هن جا هي عشقيه، رومانوي شعر آهين.
غير سان ڪر آب ڪوثر جو بيان
مون سان تون پنهنجي پگهر جي ڳالهه ڪر،
منهنجي به درد دل جون دارون هيو هُن وٽ
الفت ۾ جي امداد ڪري هاته ڪري ها
مان اُن جي ئي فرقت ۾ نه بي رسمون رُلان ها،
برباد کي آباد ڪري ها ته ڪري ها.
يا منهنجي دنيا لُٽي ڇڏ يا پرين تو پيار ڏي،
بي جرم باقي نه ايڏو عشق ۾ آزار ڏي
نه کڻ اکيون مان ادا کي قضا چئي نه وجهان،
دوا کي زهر، زهر کي دوا چئي نه وجهان،
بغير پردي نه مستن جي آ تون محفل ۾،
مٽيءَ جي بت کي مبادا خدا چئي نه وجهان.
شاعري انسان جي لطيف احساسن، جذبن اڌمن، انقلابي آدرشن کي جتي اجاگر ڪري ٿي اتي معاشي، سماجي ۽ معمول واري زندگي جي داخلي ۽ خارجي مسئلن جي اپٽار کي به نروار ڪري ٿي جنهن جو اظهار  نثر جي ڀيٽ ۾ شعر جي روپ ۾ وڌيڪ سولائي سان نه ٿئي ٿو ۽ دل جي تارن کي ڇهندو پڻ اهو ئي سبب آهي جو  عظيم شاعر شيلي چواڻي جماليات ۽ حسن جو فن آهي“ اتي عام اظهار جو ذريعو پڻ آهي هڪ شاعر طور تي استاد پيرل قنبر جي شاعري جو ٻيو پهلو اهڙي شاعري سان پڻ ڀريل آهي جنهن ۾ هن سنڌي سماج ۾ ٿيندڙ ڏاڍاين، ويساهه گهاتين طبقاتي بنيادن تي ناانصافين ۽ انساني تذليل لاءِ آواز اٿاريو آهي. انسان کي انسان سمجهي ان سان پيار ڪرڻ، همدردي جتائڻ جي ڳالهه ڪندي، ان جي درد جي دونهي پنهنجي دل ۾ دکندي، تڙپي اٿي ٿو. جيتوڻيڪ هو غزل جو شهنشاهه شاعر آهي پر انهيءَ اظهار لاءِ گيت، بيت، چوسٽا، ڪافيون، وايون ۽ نظم پڻ چيا آهن. هتي اهڙن شعر مان ڪجهه پيش ڪجن ٿا.
انسان کي ٿو ظلم ڪري زندگي کان تنگ،
ڪو خسته حال ڀي نٿو ٿئي ڪنهن خوشي کان تنگ.
ٿو ظلم هو ڪري پيو مفلس غريب تي
انسان آهي يا ڪوئي حيوان ڍور آ.
ڇاهي الائي دنيا، دنيا کي يار ڇا چئون؟
ڪٿ ابتدا ٿي روئي ڪٿ انتها ٿي روئي،
جنهن کان پڇ ته ڪنهن کي ڪوئي سڪون ناهي،
ڪٿڙي اکيون ٿيون روئن ڪٿڙي ادا ٿي روئي.
کڻي ڏيو ايڪو، عمل، فرض ۽ ذهن، محبت،
سرِ تعليم جو نئون ڪو مان ڪري ڪو ”لا“ ٺاهيان.
استاد پيرل قنبر جي شاعري جي اونهي مطالعي سان هي پروڙ پوي ٿي ته هو نه صرف پنهنجي دؤر جو پر شعر و ادب جي تواريخ ۾ هر دؤر جو هڪ استاد الشعراءُ ۽ ڪهنه مشق شاعر آهي ۽ رهندو. هن پنهنجي شاعري ۾ جيڪي استعارا، محاورا، اصطلاح، ترڪيبون ۽ تشبيهون جنهن شعري ۽ تمثيلي انداز ۾ ڏنيون آهن انهن جي جماليات جو پنهنجو نشو آهي فن، فڪر جي لحاظ کان به اهي سڀ لوازمات مڪمل نظر اچن ٿيون، جن بابت راءِ ڏيندي ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار پنهنجي مضمون ۾ هن طرح سان لکي ٿو ته ”استاد غزل، گيت، ڪلام، ڪافيون، وايون، شعر، مولود شريف، نعتون، بيت نظم ۽ شعر لکيا هئا جنهن م ٽيهه اکري به شامل آهي. استاد سنڌي، هندي، اردو، سرائڪي ۽ انگريزي زبانن ۾ شاعري ڪئي... هو فن موسيقي جو به ڄاڻو ۽ ماهر هو. هو موسيقي جون ڌنو به پاڻ ترتيب ڏيندو هو“ (5) هيءَ راءِ استاد جي ويجهي شاگرد ليکڪ جي آهي جنهن هن جو پهريون شعري مجموعو ”اگهاڙا پير ٽانڊن تي“ ترتيب ڏنو آهي. اها ڳالهه وڏي حيرت جو ڳي به آهي ته ايتري سگهاري شاعر جو ڪلام جيڪو پنجن زبانن ۾ آهي پر اڄ تائين محفوظ ناهي رهيو ۽ نه ئي وري هن جو سنڌي شعر به اها پذيرائي ماڻي سگهيو آهي جيڪا استاد پيرل جو حق پڻ آهي. پوءِ به هو جنهن سطح تي معروف آهي اهو هن جي باقي ڪلام جو ئي ڪمال آهي جيڪو ٻن شعري مجموعن ۾ موجود آهي جنهن جا هي شعر پڻ ڪيترا نه دلڪش آهن.
چنڊ جي تون روشني سان جهول ڀر،
مون کي ٻڪ ۾ يار ٽانڊا ڻو ته ڏي.
اسان کي زخم رسن ۽ اسان ٿي گونگا رهون،
اسان کي ظلم سهڻ لاءِ ڪا زبان ته ملي
غلاميءَ جو هو ڪو نه ٿيندو، نه ٿيندو،
ڪٿي لوهه هلڪو نه ٿيندو، نه ٿيندو،
صدق سان نهاريو پنهنجي سنڌڙيءَ ڏي،
اهو ڪنڌ ڪو ڪو نه ٿيندو نه ٿيندو.
آهن عجيب دنيا ۾ قدرت جا ڪارخانا،
ڪو پيٽ لئه پريشان ڪنهن وٽ ڀريل خزانا.
استاد پيرل قنبر جديد سنڌي شاعري ۾ به اهم جاءِ ولاري ٿو. هن پنهنجي عملي زندگي جنهن سادگي، مخلصي ۽ يارويسي ۾ گذاري آهي ۽ سادي طور طريقي سان فقيري منش کي اختيار ڪيو پنهنجي شاعري ۾ به هو اهڙو سيبتو ۽ سهڻو شاعر نظر اچي ٿو. هن جي اهڙي محبتي شخصيت جي باري ۾ ساڻس ويجهو رهندڙ شاعر ۽ ليکڪ ڪوڙل قربدار هن طرح سان بيان ڪري ٿو ته ”استاد پيرل قنبر هڪ حساس دل رکندڙ انسان دوست، ملنسار ۽ کل مک انسان هو، جنهن سڄي زندگي پاڻ کي پيڙا ۾ رکي ٻين کي خوشيون ارپيون. محبت پيار جو پيڪر نيڻن جي دل ۾ جاءِ ڏيندڙ شاعري جو شهنشاهه هو“ (6) هاڻي ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته استاد پيرل جي سموري شاعري کي هٿ ڪري هن جا وڌيڪ شعري مجموعا شايع ڪيا وڃن ته جيئن عام عوامي ماڻهو کان وٺي ادب جي هڪ قاري تائين ۽ ادبي دنيا جي پهلوئن تائين هن جو اُهو رتبو جوڙيو وڃي جنهن جو هُو حقيقي معنيٰ ۾ حق دار پڻ آهي. سندس شاعري ادب جي املهه هيرن موتين جيان آهي. ۽ هيرا موتي هر دؤر ۾ جرڪندا رهندا آهن ۽ رهندا بقول استاد پيرل قنبرهن شعر جي جنهن ۾ هو پنهنجو خيالن کي ڪاڳر ۾ رهجي وڃڻ جي ابدي ڳالهه ڪري ٿو.
نقشا وفا جا بي وفا جي گهر ۾ رهجي ويا
 پارس جا جگر راه جي پٿر ۾ رهجي ويا،
هٿ تي ڪريا زمين تي ڪريا، قلم تي ڪريا.
باقي رهيا جي اشڪ سي ڪاڳر ۾ رهجي ويا.
   
حوالا:
(1)  شبير غلام، مضمون ”اردو ادب ڪي رومانوي تحريڪ“.
(2)  ايضاً.
(3)  جمال انور، ڪتاب ”ادبي اصطلاحات“.
(4)  فاروقي شمس الرحمان ڊاڪٽر، مضمون اختر الايمان اختر جمالياتي ليجينڊ هڪ جائزو.
(5)  مڱڻهار ولي محمد ڪامريڊ، مضمون استاد پيرل قنبر.
(6)  قربدار ڪوڙل، تاثراتي رايو، ڪتاب ”سجدو اداس آ“.

No comments:

Post a Comment