پيرل قنبر بابت سهيڙيل ڪوڙل قربدار جي ڪتاب جو مهاڳ
سپورنج ۽ سٻاجھو شاعر ”پيرل قنبر“
لٺ تي گھمان، نه پوءِ به ڪيان دل لڳيءَ کان دنگ مان،
’پـيــرل قـنـبــر‘ نـه مــون کـي ڪــو تـوبـهه جـو تـجـربــو آ.
استاد ’پيرل قنبر‘ سنڌي ٻوليءَ جو ڏاڍو ڀلوڙ، ڀاڳوَند، سپورنج، سٻاجھو، مٺڙو، ماٺيڻو،
محبتي ۽ في البديهه شاعر آهي. استاد ’پيرل قنبر‘ (۽ ٻين شاعرن، اديبن، مفڪرن،
وغيره) لاءِ هڪ انسان طور ته زمان ماضي جي جوڙجڪ موجب ”هئو/هو“ ڪتب آڻي سگھجي ٿو،
پر هڪ شاعر طور هُو اسان لاءِ سدا موجود آهن. هنن پنهنجي ڏات، ڏانوَ ۽ ڏاهپ سان فاني
زندگيءَ کي لافاني بڻائي ورتو آهي.
اسان جو سِر آهي
حاضر سدا حَسينن لئه،
ان تناظر ۾، اهي سڀئي ڏاتيار ڄڻ ته اسان لاءِ شخصي طور به زنده آهن. موت انهن
ڏاهَن ڏات ڌڻين جي مٽيءَ جو ٿيو هو، جنهن ڪو ’بدنُ‘ اختيار ڪيو هو، سندن سوچَ،
لکيل ۽ محفوظ بڻايل لفظن جي روپ ۾، اسان وٽ زندگيءَ جيان ساهه کڻي رهي آهي.
سدائين سچ پيو
چوان، سچ چوڻ آ سرويچي،
وڃي هو ڪَٽجِي بدن، ڪَٽجي پر زبان نه وڃي. (پيرل قنبر)
’پيرل قنبر‘ کي تون
ڪري ڇڏ مفت ۾ خريد،
مٽيءَ جي بُت جي تو کان مان ڪهڙي بَها وٺان. (پيرل قنبر)
’پيرل قنبر‘ جي پيدائش 17 جولاءِ 1933ع¨ تي، ۽ وفات 24 ڊسمبر 1994ع تي ٿي. ان موجب؛ استاد پيرل قنبرَ 61
سالن، 5 مهينن ۽ 7 ڏينهن جي حياتي ماڻي. هُو ميروخان تعلقي جي ڳوٺ ”مبارڪ ڪلهوڙي“
۾ پيدا ٿيو، جتي هن ابتدائي تعليم پِرائي. هُو 1950ع ۾ قنبر اچي سنڌي فائنل پاس
ڪري 1953ع ۾ پرائمري استاد ٿيو ۽ مختلف اسڪولن ۾ پڙهائي، 1978ع ۾ قنبر مان رٽائر
ٿيو، جنهن بعد وفات تائين شهدادڪوٽ ۾ زندگي گذاريائين. ان ريت سندس زندگي تنهن وقت
جي لاڙڪاڻي ضلعي ۽ هاڻوڪي قنبر-شهدادڪوٽ ضلعي جي ٽن مکيه شهرن ۾ ۽ سادگيءَ سان
گذري. هن 1956ع ۾ شاعريءَ سان لونءَ لڳائي ۽ تاحيات ان سان قرب جو ناتو جُڙيل
رکيو.
پٿر جو بُت رکي آڏو چَـيَـئـيـن ته سجدو ڪر!
خدا ئي ڄاڻي ته ڪهڙو خدا ڏئي ويو مون کي. (پيرل قنبر)
’پيرل قنبر‘ جي شاعراڻي زندگيءَ جا 48 ورهه شاعرن سان اُٿاويٺي ڪندي، شعرَ
پڙهندي ۽ لکندي، مشاعرن ۾ شرڪت ڪندي، پاڻ وٽ شاعرن جون محفلون منعقد ڪندي، ۽ ڪنهن
هنڌ حاضر هوندي به، اکيون ٻُوٽي پنهنجي ’خيال ۾ رهندي‘ گذريا.
هُو نه ٿيو مهمان آ مون وٽ ڪڏهن ’پيرل قنبر‘،
پاڻ اکين ۾ جيئن ويهي، مون کي سو انداز ڏي.
’پيرل قنبر‘ شاعريءَ جي گھڻين ئي صنفن ۾ شعر سرجيا آهن، پر هن جي جيڪا شاعري،
سندس وفات کان پوءِ، هن جي شاگردن پاران سهيڙي ڇپرايل ٻن ڪتابن ـــــ ’اُگھاڙا پير
ٽانڊن تي‘ (1997ع) ۽ ’سجدو اداس آ‘ (2007ع) ــــــ ۾ پڌري آهي، تنهن ۾ غزلن جو
تعداد وڌيڪ آهي.© ’پيرل قنبر‘ بابت انهن ڪتابن ۾ ڏنل تعارفن ۾ ڄاڻايل آهي ته هن ڪجهه سنڌي
فلمن جھڙوڪ ”پرديسي“ (21-اپريل 1958ع)، ”سورٺ“ (8-جُون 1973)، ”پَرائي زمين“
(14-آگسٽ 1958)، ”گھونگھٽ لاهه ڪنوار“ (1970)، ”سوڍا پُٽ سنڌ جا“ (7-ڊسمبر 1973)،
”غيرت جو سوال“ (18-آڪٽوبر 1974) ۽ ”هاري“ جا ’ڪلام/گيت‘ به لکيا. انهن فلمن مان
ڪي ته هِٽ فلمون آهن، جيڪي عيدن جي موقعن تي جاري (رِلِيز) ٿيون. ان مان ڪَٿ ڪري
سگھجي ٿي ته استاد ’پيرل قنبر‘ تنهن وقت مشهور ۽ مقبول شاعر هو ۽ سندس ڪلامن کي
پسنديدگيءَ جي نظر سان ڏٺو ويندو هو، جو هڪ پٺتي پيل ۽ پاسائتي علائقي جي رهائشي
هئڻ باوجود کانئس فلمي گيت لکرايا ويا. ڏک اهو آهي ته استاد جي انهن مشهور فلمي
گيتن جو شايد ته ڪنهن به ليکڪ يا ماڻهوءَ وٽ ڪو رڪارڊ ناهي ۽ نه ئي ڪا مفصل ڄاڻ
آهي، ته ’پيرل قنبر‘ جا انهن فلمن ۾ ڪيترا ۽ ڪهڙا گيت شامل هئا، اهي ڪنهن ڳايا ۽
انهن جي موسيقي ڪنهن ترتيب ڏني. ڇا اهي گيت محفوظ آهن؟ يا وقت جي وِٿين ۾ وڃائجي
ويا آهن؟ مون انٽرنيٽ تي وس آهر ڳولا ڪئي، گھڻيون ئي ويب سائيٽون کوليون، پر مون
کي، ”هاري“ فلم جي ڪا ڄاڻ نه ملي، جڏهن ته ٻين فلمن جي انتهائي محدود ڄاڻ/ڊيٽا ملي
سگهي، جنهن مان انهن فلمن جي جاري ٿيڻ جون
تاريخون درج ڪيون اٿم. ان کان سواءِ يُوٽيوب تي ”پرديسي“ فلم جو صرف هڪ گيت ۽
”غيرت جو سوال“ فلم جا 3 گيت پلوڊ ڪيل هئا، جن مان اهو معلوم نه پئي ٿيو ته اهي
ڪنهن جا لکيل آهن، ڇاڪاڻ ته فلمي گيتن ۾ شاعر تخلص لکي نه سگھندا آهن. هڪڙو ٻيو
طريقو استاد جي انهن فلمي گيتن لهڻ جو اهو ٿي سگھي ٿو ته اڳي مختلف فلمي گيتن جون
چوپڙيون پڻ ڇپجنديون هيون، جيڪڏهن انهن چوپڙين جي ڳولا ڪجي، ته استاد جا فلمي گيت
لهي سگھجن ٿا. بهرحال، منهنجو مقصد ان پاسي ڌيان ڏيارائڻ آهي، ته استاد جي فلمي
گيتن بابت صحيح ڄاڻ هٿ ڪرڻ ضروري آهي. جڏهن ته هن جي ريڊيو تان نشر ٿيل ڪلامن کي
سهيڙڻ جي پڻ گھرج آهي.
فريبيءَ اڳيان دل ڦرائي وياسي،
خزاني مان هڪ شيءِ کُٽائي وياسي. (پيرل
قنبر)
اميد ٿو رکان ته استاد ’پيرل قنبر‘ جي خزاني مان کُٽل ڪيئي ’شيون‘ هٿ ڪري
وٺبيون. فلمي گيتن ۽ ريڊيائي ڪلامن سميت، ضرورت استاد ’پيرل قنبر‘ جي انهن
’چوپڙين‘ کي به ڳولڻ ۽ نئين سِر ڇپرائڻ جي آهي جيڪي هن 1960 جي ڏهاڪي ۾ ڇپرايون،
جن ۾ ”سلامِ محبت“، ”جذبهء دل“ (يا ”جذبهء محبت“)، ”باغِ فردوس“، ”يادگارِ زندگي“،
”نگاهِ محبت“ ۽ ”تصويرِ صنم“ شامل آهن.
استاد ’پيرل قنبر‘ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، مولود، نعتون، بيت، نظم، قصيدا،
دوها، ڳجھارتون، سهرا وغيره لکيا، پر انهن مان جيڪي ڇپجي پڌرا ٿيا آهن تن ۾ گھڻائي
غزلن، پوءِ گيتن ۽ نظمن جي آهي. استاد ’پيرل قنبر‘ بنيادي طور غزل جو شاعر آهي. استاد
جي غزلن تي ڌيان ڌرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته انهن ۾ محبت جو رنگ ڇانيل آهي، نه صرف
ڇانيل آهي، پر وڏي محبت سان ڇانيل آهي. ڏسو:
ڪنهن ساڻ منهنجي دوستو، محبت اڃا ڀي آ،
پٿر سان گويا شيشي جي نسبت اڃا ڀي آ.
ٿو تير ڪمان مان نڪرِي کُٽي، نظرن جو نه ٿو
نشان کُٽي،
ميدان کُٽن ٿا ٻيا ’پيرل‘، محبت جو نه ٿو ميدان کُٽي.
مڃان ٿو هڪ ڏئي بوسو، ڏني تو هڪ جاگير،
اسان کي ٻِي وري جاگيرَ ڪڏهن بخسيندين؟
مون کي ٽوڪيو ٿا ڀلا ڇو، مان جو اُن لاءِ ٿو
مَران؟
جو نه ساگر سان رکي دل، اهو ساحل ته ڏَسيو!
محبوب آهي آڏو ته هتڙي ئي حج آ،
ڪهڙا وٺان مدينا، مان ڪهڙا مَڪا وٺان.
شيشي جو آهي چهرو، پٿر جو پر بدن آ،
شمعون هزار آهن، پوءِ به سڃو صحن آ.
هڪ حسن ادا، ٻيو عشق بقا رهيو، آهه ٻنهي ۾
جلوهءِ خدا،
تون مون لئه غلاف ٿي ڪعبي جو، مان تو لئه قرآن جو پوش ٿيان.
پنڌ ۾ هٿُ نه هٿَ سان هو ’پيرل‘،
هي سزا هئي، ڪوئي سفر نه هيو.
مسجد جي در کان ٿيندو وڃان ٿو صنم جي در،
اڄ سجدو هي خدا جو قضا ٿو ڪري وٺان.
شعر ته لاتعداد آهن جن مان استاد جي ڇپيل ٻنهي ڪتابن کي پڙهي مستفيض ٿي سگھجي
ٿو ۽ لاڀ ۽ لُطف پِرائي سگھجي ٿو، پر هتي، اختصار خاطر، ڪجھ شعر پيش ڪيا اٿم. استاد
جي ٻيءَ شاعريءَ وانگر سندس غزلن ۾ به عوامي لهجو نمايان آهي. پاڻ جيئن ته في
البديهه شاعر هو ۽ سندس اٿاويٺي پورهيتن، مزورن، هارين، غريبن ۽ عام ماڻهن سان هئي
ان ڪري هن جي ٻوليءَ ادبي ٻوليءَ بدران عوامي ٻولي آهي. هو شعر کي سادگيءَ سان پيش
ڪري ٿو ۽ دقيق مسئلن ۽ مامرن ۾ منجھڻ بدران، سادن احساسن ۽ جذبن کي اهڙي طرح
اظهاري ٿو جو اهي اسان کي عام انسان جي احساسن ۽ جذبن وٽان محسوس ٿين ٿا. هن جي
شاعريءَ ۾ سماجي مسئلن جي اُپٽار ملي ٿي. هُو بحر، وزن توڙي ٻين عروضي قاعدن ۽
قانونن جو چڱيءَ پر ڄاڻو هو ۽ موسيقيءَ جي سُرن ۾ رچيل هو، ان ڪري روانيءَ ۽ ردم
جي ڇولين تي هن جا شعر رقصان نظر اچن ٿا. ڏسو:
’پيرل قنبر‘ ڪبي ڪنهن هڪَ جي نه پُٺڀرائي،
آهن خدا جا خلقيل ٻئي يار سهڻا ڪوجھا.
ٿو موت به هر هڪ ماڻهو مٿان پرواز ڪري ’پيرل
’قنبر‘،
ڇا دم جي خبر ڪو دير نه دم، هت درد هزارين غم تي آ غم.
جي جنگ لڳي ته جنگ ۾ ئي سلطان ڏي ڀي سڌو ٿِي،
ليڪن ڪڏهن ڪجانءِ نه ڪا سائل تي اُلر ساٿي!
عالم جو اڄ خير گُهرو ڪو،
ڪُڙميءَ هٿ مان هرُ تِرڪيو آ.
عاقلُ ڪيڏا وَس ڪري پر،
جاهلَ سان ٿو پرچي جاهلُ.
مُرڪي ٿِي ڪنهن جي قسمت، ڪنهن جي قضا ٿي
روئي،
ڪنهن جي گلا ٿي مُرڪي، ڪنهن جي ثنا ٿي روئي.
اڃا ته تن جي نصيبن ۾ آهي لوڻ لَسي،
مارن کي مولا کنڊون کير ڪڏهن بخشيندين.
استاد ’پيرل قنبر‘ جي ڪتاب ”اگھاڙا پير ٽانڊن تي“ ۾، 48 بندن تي مشتمل طويل
۽ مسلسل غزل ڇپيل آهي،ª جيڪو ”مانيءَ“ تي آهي، جنهن ۾ حيرت انگيز طور استادَ بنا قافئي
جي، صرف رديف ”ماني ڪا نه ٿِي“ سان نڀايو آهي ۽ ڪيئي اهم خيال ۽ واقعا قلمبند ڪيا
آهن:
گھر سفر ۾ ڏِس ته هر دم پاڻ سان آ ساڻ پر،
قبر ۾ رلجي هلي ملڪيت ۽ ماني ڪا نه ٿِي.
ٿو مري هر ڪو مگر هِي هِي مُئو، هُو هُو
مُئو،
ڪنهن جي مانيءَ تي ٿِي ماني، ڪنهن جِي ماني ڪا نه ٿِي.
ساڳئي ڪتاب ۾، ان ئي غزل پٺيان، استاد جو ٻيو غزل به، 48 ئي بندن تي طويل ۽
مسلسل غزل، ڄڻ ته ساڳئي سٽاءَ ۾ سرجيل آهي، جنهن ۾ ”مهرباني“، ”ماني“، ”فاني“، ”رواني“، ”نشاني، وغيره هم
قافيا لفظ، قافين طور استعمال ڪيل آهن ۽ رديف ”ڪا نه ٿي“ ڪتب آندل آهي:
ٻاهتر فرقو ويو ٿي، ڪئن چوي ڪو ڪئن چوي،
مسلمانن وٽ به هيءَ مسلماني ڪا نه ٿي.
استاد ’پيرل قنبر‘ جي غزلن بابت گفتگوءَ کي مختصر ڪندي، سندس انهن ڪجھ شعرن جي
نشاندهي ڪرڻ چاهيان ٿو، جن ۾ هنَ عوامي شاعر جي حيثيت ۾ خدا، هري رام، بُت، پٿر، مسجد،
مندر، مذهب، ۽ مذهبي نشانن/اهڃاڻن/ماڳن بابت ڪيئي سندر خيال سرجيا آهن. استاد جي
ٻين شعرن وانگر انهن شعرن ۾ پڻ اها خوبي آهي، ته انهن جي وضاحت يا تشريح جي ضرورت
محسوس نه ٿِي ٿئي. ڏسو:
’پيرل قنبر‘ هي دل به قَسم پاڪ چيز آ،
ڇا جي ڪري خراب هي خانهء خدا رکان.
اُڏين ته خيال سان طوفان اُڏجان جڳ تي جيئن،
اڏامي مسجد و مندر جهڙو مڪان نه وڃي.
ڇو ڏيارين ٿو هي مندر ڀلا مسجد جا چڪر؟
اسان محبت ۾ ڪو مذهب نه ڌرم رکون ٿا.
پٿر جو بُت رکي آڏو چَـيَـئـيـن ته سجدو ڪر!
خدا ئي ڄاڻي ته ڪهڙو خدا ڏئي ويو مون کي.
جھل تون رخسار جو تِر، ڪاڏي مڪي مان وڃان،
حِجر اسود آ هِتي، هُتڙي هجڻ جي بدران.
تِر ڀي ته رُخ تي آهي ۽ آ ڳوڙهو به ڳَل تي،
ڪعبو وٺان يا همنشين، مان ڪربلا وٺان.
محبوب آهي آڏو ته هتڙي ئي حج آ،
ڪهڙا وٺان مدينا، مان ڪهڙا مَڪا وٺان.
رُخ تان ائين نه تون ڪر پردو پري پري،
ويندس مري مان سڪ جا سجدا ڪري ڪري.
پٿر جي بوتي کي ٿو پوان چنبڙي، اي ’پيرل‘!
ليڪن نه خدا کي مان، خدا ٿو ڪري وٺان.
هڪ سال ۾ ئي لَٽڙي ٽڪرُ لاهي وتو تو،
تو کي ڀلا، قبر! ڇا ضرورت هئي ڪفن جي.
تلاش آهي ته مون کي جي پرين جي پگھر تازي
جِي،
نه زم زم جي تلاش آهي، نه ڪوثر جي تلاش آهي.
هتي موضوع جي نسبت سان استاد جو ئي سرجيل هڪ ”چَوسٽو“ ڏيڻ چاهيان ٿو:
هڪَ اک ۾ آ مسجد، ٻِي اک ۾ آ مندرُ،
مان بانگ کي ٻڌان يا هري رام کي ٻڌان؟
هر آدمي ڏئي ٿو پنهنجي حسن جو هوڪو،
مان خاص کي ٻڌان يا سڄڻَ عام کي ٻڌان؟
زبردست! بهترين! فرقي پرستيءَ ۽ شدت پسنديءَ جي وڌندڙ ملڪِي سماج ۾ اهڙي
شاعريءَ ۽ اهڙن انسانن جي ضرورت آهي، جيڪي سهپ ۽ ٻئي جي احترام ۽ قبوليت جو سبق
ڏين.
استاد ’پيرل قنبر‘ جي گيتن ۾ وڻندڙ خيالن جي سٺي پيشڪش آهي ۽ اهي پنهنجي فني سٽاءَ
۽ بيهڪ ۾ ڀرپور آهن. سندس هي بيحد پيارو ۽ مقبول گيت ڏسو:
ڇِني ڀلا مان ڪيئن
ڇڏيان، ڇِنڻ جو هي نه پيارُ آ،
تنهنجِي ته ياد سان ڀريل، منهنجو هِي وار
وارُ آ.
ڏِسي هي غم سنگت
ڪَئي مون جام جي شراب جِي،
پَئي نه وڌ مون کي
خبر ڪنهن ڏوهه يا ثواب جِي،
پيئان مگر اکين ۾ بس هي تنهنجو ئي خمار آ.
استاد ’پيرل قنبر‘ کي گيت سرجڻ جي سٺي صلاحيت هئي. هن جي ٻنهي شعري مجموعن ۾
گيتن جو چڱو تعداد ڇپيل آهي، خاص ڪري سندس ڪتاب ”سجدو اداس آ“ ۾، گيتن جو حصو ڌار
ڇپيل آهي. انهن گيتن جي مطالعي مان پڌرو آهي ته وٽس گيت جو لهجو، ٻولي، ردم، رواني،
موضوع، ڪردار ۽ نڀاءُ آهي:
هَلندي به مون کان غلطي
ٿي هڪڙي،
هٿ نه چُميم
تنهنجا.
ڳوڙهن سان جي آلا
ٿي پيا،
ڳَل نه اُگھيم تنهنجا.
استاد ’پيرل قنبر‘ جو هيءُ بيحد وڻندڙ گيت آهي ۽ پنهنجي وقت جو انتهائي مشهور
گيت رهيو آهي، جنهن جي نغمگيءَ ۽ احساس کي چڱيءَ پر اڃا به محسوس ڪري سگھجي ٿو. ’پيرل
قنبر‘ جو هيٺيون گيت به درديلن احساسن جو خوبصورت اظهار آهي:
قدر ڪو نه دل جو پيو، دل جي پٿر کي،
اسان ڪعبو سمجھيو هو دلبر جي در کي.
نه خوشبو خوشيءَ جي، نه سرهاڻ سُک جي،
رڳو گھر غمن جو، رڳو ڏات ڏک جي،
ڏئي باهه ڇڏجي پو اهڙي گذر کي.
ڪندين دانهن ’پيرل‘ ته ڇا دادُ ٿيندو!
هو ڪاغذ جو گل آ، ڪا خوشبو نه ڏيندو،
ڇڏي ڏي، نه ڄاڻي جو سِڪ جي اکر کي.
استاد ’پيرل قنبر‘ جا اڪثر گيت، گھڻي ڀاڱي مٿئين گيت جهڙي سٽاءَ ۾ آهن، يعني
ٿلهه ٻن سِٽن جو ۽ بندُ ٽِن سِٽن جو. هن پاڻ کي شايد ان سٽاءَ ۾ سهنجو پئي محسوس
ڪيو! نه ته گيت جا جيڪي ٻيا سٽاءَ استاد استعمال ڪيا آهن، اهي به پاڻ منجهه ڪشش
رکن ٿا.
استاد ’پيرل قنبر‘ جا نظم پڻ مطالعي جي ’ميز‘ تي آندل آهن.
ڏسو:
انسان سمورو عيب جو گھر،
ڪنهن ڪنهن جا عيب اُگھاڙيندين!
يا
مان تو لئه پاڻ نه روليندس،
مان ٻيجل ٻيو ڪو ڳوليندس...
يا
تون جي کِلين ته شمع وساڻل جَلي پوي،
سنگدل جو ضبط ساهه ٿي سِڪ ۾ سُڪي پوي،
درياهه وهندو وهندو به هيڪر رُڪي پوي،
گردش ڪندي به چنڊ ڪڪر ۾ لڪي پوي،
ڪو آ فلڪ جو، ڌرتيءَ جو تون ماهتاب آ،
تون آن حسين پر ڇا حسين لاجواب آن.
استاد جا نظم رواني رکندڙ ۽ سٺا نظم آهن. هن جا خيالَ نظم سان هم آهنگ ڀانئجن
ٿا. هو گيتن وانگر نظمن ۾ به ڀرپور آهي.
استاد ’پيرل قنبر‘ جي شاعريءَ ۾ سنڌ وطن سان حُب به ڪيئي شعرن ۾ اظهاريل آهي،
جن مان محسوس ٿو ٿئي ته هن ان موضوع کي به اظهارڻ چاهيو آهي، پر هُو اِها حُب عوامي
لهجي ۾ ئي پيش ڪري سگھيو آهي؛ انقلابي، جوشيلو، جذباتي ۽ احتجاجي لهجو ڪٿي پس منظر
۾ سمايل آهي:
اسان سنڌ خاطر ته سر ڀي ڏينداسي،
ڪنڌن جا هي ڪنگرا اُڏائي ڀلي ڪو.
وقتُ آيو ته اسان باز بڻي اڏنداسي،
سيني سان سنڌ جو نقشو به کڻي اڏنداسي.
اي سنڌ! تنهنجو ڪين ڪڏهن در ڇڏي ڏبو،
تنهنجو نه ڇڏبو ساٿ، پنهنجو سِر ڇڏي ڏبو.
مونث هجون يا مذڪر، تو سان هي قول آ،
آواز تو ڏنو ته وني، ور ڇڏي ڏبو.
مون کي سُڌ آ، سنڌ کي سنڌي،
پڪ مڃيندا ماتا هوندا.
استاد ’پيرل قنبر‘ جي زندگيءَ جو مکيه، نوجوانيءَ ۽ جوانيءَ وارو عرصو قنبر
شهر ۾ گذريو: سندس پڙهائي، نوڪري، شاعريءَ سان لڳاءُ قنبر شهر ۾ ٿيو. سندس محبوب
ڪٿان جو هو، اهو ته ڪنهن ناهي لکيو، پر لاشڪ، ته سندس محبوب قنبر جو ئي هوندو،
جنهن هن جي اندر ۾ عشق جي چڻنگ کي ڀـڀـڙ بڻايو (قنبر هونئن به دلبرن ۽ محبوبن جو
شهر آهي). ان ڪري استاد ’قنبر‘ کي پنهنجي نالي ۽ ’تخلص‘ جو حصو بڻائي، پنهنجي
مستقل نسبت ۽ سڃاڻپ قنبر سان ڳنڍي ڇڏي. هن قنبر سان پيار جو اظهار ڪيترن ئي شعرن ۾
ڪيو آهي:
شهرَ پنهنجي سان لڳن هي دل، اکيون ۽ پيرَ، هٿَ،
شهرُ جو منهنجي سڄڻ جو، ان شهر سان سِر لڳي.
ٻيا به آهن شهر سوَ ڀي، سي اکين تي يار پر،
مان ئي هان ’پيرل قنبر‘، منهنجو قنبر سان سِر لڳي.
پُور سدا جو سانگين پيم، ماس هڏو چم ڳڻتين ڳاريم،
’پيرل‘ بر سر لوچي لڌم، شوق مان شهر قنبر، ڙي ڀينر!
ساڳيءَ ريت استاد ’پيرل قنبر‘ جي محبت؛ قنبر کان پوءِ شهدادڪوٽ شهر سان به
ٿِي، جڏهن هُو اتي وڃي رهيو ۽ شهدادڪوٽين سان سندس اٿاويٺي ٿِي. ان بعد هُن
شهدادڪوٽ جي شانَ ۾ پڻ شعر سرجيا. خاص طور ”اگھاڙا پير ٽانڊن تي“ ۾، صفحي
112 کان 114 تائين، 24 شعرن تي جُڙيل مسلسل غزلُ نمايان آهي، جنهن ۾ هن ڪيترين ئي
شخصيتن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. هتي ان غزل جا ٻه شعر پيش ڪجن ٿا:
شهدادڪوٽ کي مون پنهنجو گھر چئي ڏنو،
ڪَتيون، قمر ۽ ڪهڪشان اختر چئي ڏنو.
ڊرامن ۽ ڪچهري ڪري شهدادڪوٽ کي،
مون سونو ڪوٽ، چاندي سندو در چئي ڏنو.
پر ان غزل جي مقطع ۾، استاد ’پيرل قنبر‘ وري به قنبر شهر جي ئي ڳالهه ڪئي آهي:
اسحاق فريديءَ پڇيو: ٻيو شهر پيارو ڏَس،
شاعر قنبر مون پيرل، قنبر چئي ڏنو.
منهنجي خوش نصيبي، ته ان پياري عوامي شاعر ۽ مٺڙي انسان؛
استاد ’پيرل قنبر‘ سان منهنجون پڻ 1992-1993ع دوران، هڪ ٻه ڪچهريون؛ نامور شاعر
سرمد چانڊئي جي قنبر ۾ نصيرآباد ناڪي لڳ اوطاق تي ٿيون هيون ۽ اتي ٿيل ڪچهريءَ دوران
طرحي مشاعري ۾ شرڪت ڪئي هئي، جنهن جا ڪي عڪس منهنجي سوچن ۾ موجود آهن.
استاد جا قنبر توڙي شهدادڪوٽ ۽ ٻين ڪجهه شهرن ۾ انيڪ شاگرد ٿيا،
جن کانئس شاعريءَ ۾ رهنمائي ۽ رهبري حاصل ڪئي. انهن مان اسان جو سنگتي ڪوڙل
قربدار به هڪ آهي. ڪوڙل قربدار پاڻ به سٺو شاعر آهي، نثر ۾ پڻ لکندو آهي ۽
سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ سان گڏ ”پيرل قنبر سماجي سنگت سنڌ“ جو اعزازي ميمبر ۽
”پيرل قنبر ساهت سنگت لاڙڪاڻي“ جو باني ۽ اڳواڻ آهي. هن پاڻ تي استاد ’پيرل قنبر‘
جو قرض سمجھندي؛ محبت، عقيدت ۽ محنت سان هي ڪتاب ”پيرل قنبر: تخليقڪارن جي نظر
۾“ سهيڙيو آهي، جنهن ۾ نه صرف ’پيرل قنبر‘ جو هڪ مختصر ۽ اهم انٽرويو شامل
آهي، پر ارڙهنِ مختلف اديبن، شاعرن، صحافين ۽ سڄاڻ شخصيتن جا؛ استاد ’پيرل قنبر‘
جي شاعريءَ ۽ شخصيت بابت مضمون، مقالا ۽ تاثر محفوظ ڪيل آهن، جن ۾ يادگيريون پڻ سانڍيل
آهن. ان سڄي ۽ بيحد ڏُکي جاکوڙ جو ڪِريڊٽ ڪوڙل قربدار جي سِر آهي، جنهن لاءِ هُو
جَس لهڻي.
اوهين انهن تحريرن جي اڀياس سان؛ محسوس ڪري وٺندا، ته استاد
’پيرل قنبر‘ جي شخصيت بابت لکيل تاثراتي ۽ يادگيرين وارن مضمونن ۾ ڏاڍي محبت،
عقيدت ۽ پنهنجائپ سمايل آهي. اهڙن مضمونن جا ليکڪَ سائين مقصود گل، سرمد چانڊيو، مختيار
سمون، احمد علي ’صابر‘ چانڊيو، جيئل اوڏ، علي ضمير سنڌي، الطاف قادري، علي گوهر
ميراڻي، ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار، پروفيسر منظور ڇڄڙو ۽ عيسى ميمڻ آهن. جڏهن ته جن
محققن ۽ اديبن؛ استاد ’پيرل قنبر‘ جي شاعريءَ جو اڀياس پنهنجن مقالن ۽ مضمونن ۾ ڪيو
آهي، تن ۾ احسان دانش، بدر ڌامراهو، جهانگير عباسي، عنايت عارباڻي، ڪوڙل قربدار، منظور
سولنگي ۽ نظام الدين ڪلهوڙو شامل آهن. انهن سڀني اديبن کي به جَس ڏيان ٿو، جن
پنهنجي علم، فڪر ۽ ڄاڻ موجب؛ استاد ’پيرل قنبر‘ جي شاعريءَ جا ڪي رُخ نروار ڪيا
آهن، کيس مڃتا ڏني آهي ساڻس محبت جو اظهار
ڪيو آهي.
مان کي پڪ آهي ته ڪوڙل قربدار جو سهيڙيل هي ڪتاب ”پيرل
قنبر: تخليقڪارن جي نظر ۾“ استاد ’پيرل قنبر‘ جي شخصيت ۽ شاعريءَ کي سمجھڻ ۾؛
بنيادي ڪتاب طور پسند ڪيو ويندو.
¨
پيرل قنبر جي ڪتاب ”اگھاڙا پير ٽانڊن تي“ (ڇپيل 1997ع) جي سهيڙيندڙ ڪامريڊ
ولي محمد مڱڻهار استاد پيرل قنبر جي ڄمڻ جو سال 1937ع لکيو آهي، پر موجوده ڪتاب ۾
ساڳئي ليکڪ ڄم-سال 1933 درج ڪيو آهي.
© ٻئي مجموعي ۾ ڪجهه شعرِي اسم ساڳيا پڻ آيل آهن،
جن ۾ ڪي ’هلڪيون‘ تبديليون به ڪيل آهن. ان بابت ”اداري پاران“ ۾ سيد عبداللھ شاهه
’اطهر‘ ڪتاب جي ص-8 تي ڄاڻايو آهي: ”ان ڪتاب ]اگھاڙا پير ٽانڊن
تي[
۾ ڪيتريون ئي ڪوتاهيون رهجي ويون، جن ۾ پروف جون غلطيون هجڻ سبب، وزن بحر جي ٽوڙ
ڦوڙ ٿي وئي، جنهنڪري استاد جو اصل خيال سمجھ ۾ نه پئي آيو، جيڪا استاد جي فن ۽ فڪر
سان سخت بي انصافي لڳي.“ منهنجي خيال ۾، بهتر هو ته انهن شعري اسمن کي نئين ڪتاب ۾
نشانبر ڪجي ها، ته جيئن پڙهندڙن جي رهنمائي ٿي سگهي ها.
ª طويل غزل جو اهڙو
تجربو ’پيرل قنبر‘ جي همعصر عوامي شاعر گل حسن گوپانگ ”شاد“ پڻ ڪيو هو، جنهن ۾ هن
لڳ ڀڳ 100 بند لکيا هئا. اهو غزل ”شاد“ صاحب؛ قنبر ۾ ناموَر شاعر سرمد چانڊئي جِي
نصيرآباد لڳ اوطاق تي ڪنهن پروگرام ۾ ٻڌايو هو، جيڪو شايد اڻ ڇپيل ۽ سندس پونئرن
وٽ آهي.
!تماپ بهترين
ReplyDeleteبهترين تبصرو
ReplyDelete