اڄ جي سنڌ
هڪ مطالعو
ليکڪ: رڪ سنڌي
محمود مرزا جو واسطو وفاقي پاڪستان جي وڏي صوبي پنجاب
سان آهي. جڏهن سنڌ ۾ ايم آر ڊي جي پليٽ فارم تان جمهوري جدوجهد شروع ٿي ته ٻين
صوبن جي ڪيترن دانشورن، استادن، وڪيلن ۽ سياستدانن کي سنڌ جي حالتن جي اڀياس ڪرڻ
جو شوق جاڳيو. ڪي ان لاءِ آيا ته ڪٿي سندن مفادن کي نقصان رسڻ جو انديشو ته نه
آهي، يا ڪٿي مظلوم صوبن (قومن) جي عوام جي طاقت ايتري وڌي ته نه وئي آهي، جو ان تي
ضابطو رکي نه سگهجي ۽ پوءِ هميشه لاءِ سندن پرماريت تي ٻڌل نظام تباهه ۽ برباد ٿي
وڃي. پر ڪي ماڻهو اهڙا به هئا، جيڪي نيڪ نيتيءَ ۽ دل جي خلوص سان سنڌ جي مسئلن جي
ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ سندن نقطي نظر کي ٻين صوبن جي عوام تائين پهچائڻ ۽ پوءِ انهن
ناانصافين جي ازالي لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ جي نيت سان به سنڌ جي دوري تي آيا. انهن
۾ محمود مرزا ۽ سندس ساٿي ڳڻائي سگهجن ٿا. جن وفاقي پاڪستان جي مڙني قومن ۾ سرچاءُ
پيدا ڪرڻ، انهن کي هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۽ هڪ ٻئي جي حقن جي احترام ڪرڻ ۽ قومن ۾ پيدا
ٿيل بدگمانين کي ريٽڻ لاءِ اصلي صورتحال جو اڀياس ڪرڻ واسطي سنڌ جو دورو ڪيو.
محمود مرزا دوري
کان اڳ لاهور جي اخبارن ۾ ننڍن صوبن جو موقف اهل پنجاب آڏو پيش ڪرڻ لاءِ ”اهل پنجاب جي ذميداري“ جي عنوان سان مضمون لکيا.
ان بعد پاڻ ڪجهه ساٿين سان گڏ ۲-نومبر کان ۱۰ نومبر ۱۹۸۳ع تائين سنڌ جي ڪجهه
علائقن جو دورو ڪيو. پاڻ دوري ڪرڻ بعد سنڌ جي موجوده حالتن، سنڌي عوام جي سياسي،
معاشي ۽ ثقافتي مسئلن تي غور ڪري پنهنجي مخصوص نقطي نظر سان هڪ رپورٽ تيار ڪئي.
جيڪا روزنامه جنگ ڪراچي ۾ شايع ٿيڻ سان گڏ روزانه هلال پاڪستان ڪراچي ۾ ۲۷-جنوري
کان ۲ مارچ ۱۹۸۴ع تائين ۱۱ قسطن ۾ شايع ٿي، جنهن بعد هڪ ڪتاب جي صورت ۾ شايع ڪئي
وئي آهي.
جيئن ته سنڌ جي
حالتن کي جاچڻ لاءِ ڪيترن ئي غير سنڌي دانشورن وغيره سنڌ جي دورو ڪيو ۽ سنڌ جي
حالتن بابت تنظيمي طرح توڙي فردي طور تجزيا ڪيا ۽ ڇپرايا. پر انهن مڙني ۾ جيڪڏهن
ڪنهن ماڻهو ٿورڙي به غير جانبداريءَ سان ڪو سنڌ بابت تجزيو ڪيو ته اهو محمود مرزا
ئي آهي. ٻيو ته هن کي وڌيڪ، سنڌ جي مسئلن تي چٽائي سان لکڻ جي اميد ڪنهن غير سنڌي
ليکڪ مان ڪري ئي نه ٿي سگهجي. ان ڪري هن اداري ان رپورٽ جي اهميت ۽ وقت جي تقاضا
سان گڏ وقت جي نزاڪت کي سامهون رکندي ڇپايو آهي، ان لاءِ کيريون لهڻي.
جيئن ته اسان هن
تجزئي سان سو سيڪڙو متفق نه به آهيون، پر ان کان به نرم لهجي ۾ تجزيي ڪرڻ جي ۽ ان
کي ڇپائڻ جي ڪنهن سنڌي ليکڪ کي (جنرل ضياءَ جي دور ۾) اجازت نه آهي. هن اداري
طرفان هن رپورٽ شايع ڪرائڻ جو ٻيو مقصد سنڌ ۾ هليل جمهوري جدوجهد تي لکيل مواد کي
هڪ هنڌ سهيڙي، ايندڙ دور جي تاريخدانن لاءِ سورس مٽيريل (مددي مواد) طور محفوظ ڪرڻ
پڻ نظر اچي ٿو. جيڪا ڳالهه پڻ اهميت جوڳي آهي.
محمود مرزا صاحب
جي رپورٽ ۾ هونئن ته ڪيترا ئي اختلافي نقطا موجود آهن، جن تي ڀرپور لکي سگهجي ٿو.
پر مان صرف ان جي ڪن مکيه اختلافي ڳالهين تي پنهنجي راءِ ڏيان ٿو:
۱. ته فاضل مصنف
هن سڄي رپورٽ ۾ سنڌين کي هڪ قوم ڪوٺڻ بدران، هڪ تمام ننڍڙي لساني قوميت قرار ڏنو
آهي. جڏهن ته حقيقت ان جي برخلاف آهي. ڇو جو اقوام متحده طرفان قومن جي جيڪا وصف
مقرر ڪئي وئي آهي. يا دنيا جي مفڪرن جيڪي هڪ قوم جا بنياد ڄاڻايا آهن. انهن تي
صحيح معنيٰ ۾ پوري پاڪستان ۾ سنڌي قوم ئي پوري لهي ٿي. سنڌي قوم کي پنهنجو علحده
جاگرافيائي وطن آهي، جيڪو ڪنهن فرد يا نظرئي جي مرضي خلاف قدرت جي قانون ۽ ارتقا
جي اصولن تحت وجود ۾ آيو آهي. ان جون جاگرافيائي سرحدون قدرتي طرح نروار ٿيل آهن.
جيڪي ان حالت ۾ صدين کان رهنديون پيون اچن. ٻيو ته سنڌي قوم کي پنهنجي جدا ترقي
يافته زبان آهي. جيڪا هزارين سال پراڻي هجڻ سان گڏ وڏي علمي ادبي سرمائي سان
مالامال آهي. سنڌي زبان دنيا جي چند وڏين ٻولين جي قطار ۾ بيهارڻ جوڳي آهي. ٻيو ته
سنڌي زبان پاڪستان جي تمام گهڻي شاهوڪار زبان هجڻ سان گڏ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾
ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي. سنڌي قوم کي پنهنجي هزارين سالن جي تاريخ آهي. ۽ اها چند
قبيلن يا نسلن جي ڇڙواڳ گروهه جو نالو نه آهي. پر ان جي ارتقا ۽ واڌاري ۾ هزارين
سالن جي تاريخ جو هٿ آهي. هتي مختلف قبيلا، انساني گروهه، نسلي گروهه ۽ ذاتيون هڪ
ٻئي ۾ ڳنڊجنديون ۽ هن قوم کي تشڪيل ڏينديون رهيون آهن. جن گڏجي هتي پنهنجي دفاع
جون جنگين لڙيون آهن. معاشي ميدان ۾ هڪٻئي جو سهارو ۽ ڀروسو بنجي جدوجهدون ڪيون
آهن، ۽ سندن تاريخي حالتون هڪجهڙيون رهيون آهن. پنهنجون الڳ قومي حڪومتون قائم
ڪيون اٿن. ڌارين سامراجي قوتن سان ويڙهيون وڙهي پنهنجي تاريخ جا پاڻ ڌڻي رهندا آيا
آهن. برصغير ۾ جيتري آزادي ۽ خودمختياري هڪ وحدت جي صورت ۾ سنڌي قوم ماڻي آهي،
اوتري ڪنهن ٻي قوم کي نصيب ڪانه ٿي آهي. سنڌي قوم وٽ صدين کان هڪ نرالي قسم جي
تهذيب ۽ تمدن رهندي آئي آهي. جيڪا هتان جي عوام جي گڏيل موڙي آهي. ۽ سندن صدين جي
محنتن، مشقتن، ڪارڪردگين ۽ ڪارگذارين جو عظيم ثمر آهي. جنهن جي مهاڀي سڄي قوم ۾ هڪ
گڏيل نفسيات جڙي آهي. هتان جي ماڻهن جي نفسياتي جوڙجڪ ۽ قومي ڪردار هميشه گڏيل
رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ سنڌ جا جاگرافي وطن ۾ رهندڙ ماڻهن جا گڏيل سياسي ۽ اقتصادي
مفاد آهن. جن سنڌي قوم جي وجود کي وڌيڪ مستحڪم ۽ جٽادار ڪيو آهي. ان هوندي به ڪو
سنڌين کي هڪ قوم مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيندو ته ان جي عقل تي لڙڪ ئي وهائي سگهجن ٿا.
۲. فاضل مصنف هن
ڪتاب ۾ ان تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ هڪ قوم جو وطن هئڻ بدران چون چون جو
مربو ....... سنڌين جي رحمدلي، فراخدلي، مهمانوازي ۽ امن پسندي مان غلط مطلب وٺي
انهن کي پنهنجي مفتوح سمجهي، مٿائن پنهنجي ٻولي ۽ ڪلچر مڙهڻ لڳا ۽ پوءِ وري هو
پنهنجي لاءِ جدا وطن وٺڻ لاءِ سنڌ کي ٽڪر ڪرڻ جو سوچڻ لڳا. اها سوچ سندن لاءِ ڪڏهن
به فائدي واري نه بڻبي. ان صورت ۾ هو اسان وٽ قابل قبول نه ٿيندا. ۽ هو انهن
مهاجرن وانگيان سمجهي ويندا، جيڪي ڪن هنگامي حالتن پيدا ٿيڻ ڪري پنهنجا اصل وطن
ڇڏي، ڀر وارن ملڪن ۾ اچي پناهه وٺندا آهن ۽ پوءِ حالتون سڌرڻ سان پنهنجن اصلي وطنن
ڏانهن هليا ويندا آهن. جيئن فلسطيني ٻين عرب ملڪن ۾ رهيل آهن. انهن لاءِ جيئن ئي
سندن وطن جون حالتون صحيح ٿينديون ته هو پنهنجي ديس موٽي ويندا. ان حالت ۾ هنن کي
عرب ملڪن ۾ پنهنجي ڌار قومي وجود قائم رکڻ، زبان ۽ ثقافت کي بچائڻ جو پورو حق حاصل
آهي. جيڪڏهن هتي جا مهاجر به پاڻ کي اهڙي حالت ۾ سمجهن ٿا ۽ پاڻ کي هتي عارضي
سمجهن ٿا ته کين پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي بچائڻ ۽ پنهنجو ڌار قومي وجود برقرار رکڻ
جو حق آهي. پر پوءِ کين شهرن بدران ٻين مهاجرن وانگر ڪئمپن ۾ وڃي رهڻو پوندو.
جيڪڏهن هو پاڻ کي هت عارضي به نه ٿا سمجهن ۽ ان هوندي به هتي وطن جي ڌڻي قوم مٿان
بالادست بنجي پنهنجو ڪلچر ۽ زبان مڙهڻ چاهين ٿا ته پوءِ هتان جا اصل رهواسي کين
وڌيڪ سهڻ ۽ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندا.
باقي جيتري قدر
ٻين صوبن جي رهواسين جو تعلق آهي ته انهن کي پنهنجا علحده وطن آهي، هو هتي روزگار
جي يا ڪنهن ٻئي بهاني سان پهتا آهن ته هنن کي به هتي ڌار لساني قوميت طور قبول
ڪونه ڪيو ويندو. هو پنهنجي قوم جو هڪ رولو ۽ خانه بدوش حصو آهن. هنن جي حيثيت هت
اهڙي آهي، جهڙي مغربي ۽ عرب ملڪن ۾ روزگار لاءِ ويل غير ملڪين جي. اهڙي صورتحال
پوري دنيا ۾ موجود آهي. ڪيترن ئي ملڪن ۾ غير ملڪي ماڻهو روزگار بهاني اچي رهندا
آهن، ته ڇا گڏجي اتي پنهنجي ڌار قوميت جو نعرو هڻن ۽ اتان جي اصل رهواسين جيترا
پاڻ لاءِ حق گهرن ۽ ان ملڪ کي پنهنجي جاگير سمجهي اتان نڪرڻ جو نالو ئي نه وٺن.
محمود مرزا جو اهو منطق اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهي.
ته ڇا سڀاڻي
انگريز انهن ڌارين کي ڌار قوميت يا قوميتون تصور ڪري، انهن کي لنڊن ورهائي ڏيندا؟
ان ڪري اها سوچ ختم ٿيڻ گهرجي ته سنڌ ڪا ننڍن لساني گروهن جو وطن آهي. سنڌ صرف
سنڌين جو وطن آهي. ٻين جي هتي حيثيت عارضي ۽ ثانوي آهي. اهڙا ماڻهو جيڪڏهن سنڌين ۾
رلي ملي هڪ ٿي ويندا. سنڌ جي مفادن کي پنهنجا مفاد سمجهي، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي
اپنائيندا ته اسان کي سندن رهائش تي ڪوبه اعتراض ڪونه ٿيندو. نه ته ٻي صورت ۾ هنن
کي اڄ نه ته سڀاڻي پنهنجي اصل وطنن ڏانهن موٽڻو ئي پوندو.
۳. فاضل مصنف
ڄاڻائي ٿو ته، ڀارت جي حڪومت، سنڌ ۾ جمهوري تحريڪ جي شدت کي نظر ۾ رکي، اتي ”عالمي
سنڌي سميلين“ ڪرائي. جنهن تي هتان جي اردو پريس هاءِ گهوڙا مچائي ڏني. ان هاءِ
گهوڙا جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو، ته ميڊم حميده کهڙو لاءِ افواهه
اٿيو ته هن ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي. اها خبر ملندي اردو اخبارن ڳالهه کي نوڙي
مان نانگ بنائي وڌو. ڪيئي بهتان بازيون شروع ٿي ويون. ملڪ دشمني ۽ قوم دشمني جا
ليبل لڳائڻ تائين اردو پريس اڳتي وڌي وئي. جڏهن ته ڳالهه ۾ هئو ڪجهه به ڪونه. ان
ڪانفرنس سڏائڻ جو هتان جي جمهوري جدوجهد سان پري جو به واسطو ڪونه هو. ان ڪانفرنس
ڪرائڻ جون تياريون اتان جا سنڌي اديب ۽ دانشور ٻن ٽن سالن کان ڪري رهيا هئا ۽ پڪي
تاريخ جو اعلان (جيڪو پاڪستان جي اخبارن ۾ ڇپيو) به ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿيڻ کان
چار مهينا کن اڳ ڪيو ويو هو. اهڙي قسم جي ڪانفرنس ڪا ڀارت ۾ پهريون ڀيرو ڪانه ٿي
رهي هئي، پر اهو سلسلو گهڻو اڳ کان هلندڙ هو. ان ڪري ان ڪانفرنس کي هتي جي جمهوري
جدوجهد ۽ سياسي حالتن سان واسطيدار ڄاڻائڻ بي وقوفي ئي سڏبي.
جيڪڏهن، سنڌي
سميلين مخصوص نقطي نظر سامهون رکي ڪرائي وئي ته انهن ئي ڏينهن ۾ ”عالمي پنجابي
ڪانفرنس“ ڪهڙي نيت سان ڪرائي وئي. جنهن ۾ پاڪستان جا پنجابي دانشور حڪومت جي اجازت
سان شريڪ ٿيا هئا. جنهن ۾ پنجاب جي ٻنهي حصن کي ملائڻ لاءِ آواز بلند ڪيو ويو هو.
جيڪو پاڪستان جي اردو پريس وارن جي ڪنن تائين به پهتو هو. پر آخر ڇا ڳالهه هئي جو
سنڌي ڪانفرنس لاءِ ته هاءِ گهوڙا مچائي آسمان مٿي تي کنئيو ويو هو. پر هن ڪانفرنس
لاءِ اردو پريس ۽ اردو دانن ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي هئي، ۽ ان ڪانفرنس کي هتان جي
ماڻهن کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
ڇا سنڌين ۽
پنجابين جي حب الوطني ۾ فرق آهي؟ ڇا ٻنهي ڌرين جي وفادارين ۾ زمين آسمان جو ويڇو
آهي؟ ڇا پنجابي سنڌين کان وڌيڪ اعتبار ۽ ڀروسي جوڳا آهن؟ اهي سوال گهٽ اهميت جوڳا
نه آهن.
۴. فاضل مصنف لکي ٿو
ته سنڌ جي ٻهراڙي جي ماڻهن ڀڃ ڊاهه، باهين ۽ مارڪٽ جا رستا ان ڪري اختيار ڪيا، جو
هو نيم قبائلي ذهنيت رکندڙ هئا ۽ سندن احتجاج ڪرڻ جو نمونو شهري ماڻهن واري عدم
تشدد واري شرط کان جدا هو. مصنف اڳتي لکي ٿو ته نيم قبائلي ماڻهو، شهرين وانگر
جلسا جلوس ناهن ڪندا. اصل ۾ مسئلو ائين نه آهي، سنڌ جي ماڻهن پهريان احتجاج ڪرڻ جا
چالو طريقا استعمال ڪيا. جلسا ڪيا، جلوس ڪڍيا، هڙتالون ڪيون ۽ عدم تشدد جي اصول کي
آڏو رکي پنهنجا مطالبا پرامن نموني پيش ڪيا ۽ انهن جي حل لاءِ حڪومت تي آئيني ۽
قانوني طريقن سان دٻاءُ وجهڻ شروع ڪيو. پر جڏهن حڪومت ان پر امن احتجاج کي به
برداشت نه ڪيو ۽ حفاظتي مشنري (فوج) ماڻهن مٿان ڏاڍ ۽ تشدد شروع ڪيو. سندن لاءِ پر
امن اظهار جا مڙئي رستا بند ڪري ڇڏيا. ته عوام به جوابي ڪاروائي ڪرڻ تي مجبور ٿي
پيو. هن به هٿيارن جو مقابلو طاقت سان ڪرڻ ۾ ڏاهپ ڄاتي. ان هوندي به هنن احتجاج جا
پرامن طريقا جلسا، جلوس، هڙتالون آخر تائين جاري رکيون.
۵. فاضل مصنف، ڪتاب
جي آخر ۾ سنڌ جي مسئلي جي حل لاءِ جيڪي تجويزون ڏنيون آهن. اهي اهڙيون بنيادي
تجويزون ناهن، جن تي عمل ڪرڻ سان، سنڌ جا مسئلا حل ٿي سگهن. اسان انهن تجويزن کي
ناڪافي سمجهون ٿا ۽ انه سان اختلاف ڪندي پنهنجي طرفان ڪجهه رايا ڏيڻ گهرون ٿا.
وفاقي پاڪستان ۾
ننڍين ۽ پوئتي پيل قومن جون شڪايتون دور ڪرڻ ۽ کين زندگي جي هر ميدان ۾ انصاف ڏيڻ
۽ خوشحالي جي رستي تي آڻڻ لاءِ ڪي بنيادي انقلابي تبديليون آڻڻيون پونديون. اهي
پاڻ نه اينديون، پر انهن لاءِ ننڍين صوبن جي عوام کي موثر نموني آواز اٿارڻو ۽
جدوجهد ڪرڻي پوندي. ان لاءِ پاڪستان جي وفاق کي مضبوط ۽ مستحڪم ڏسندڙن جو فرض آهي
ته هو ننڍين قومن جي جائز مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪن. منهنجي راءِ ۾
جيڪڏهن هيٺين ۶ نقطن جي بنياد تي جدوجهد هلائي وڃي ته جيڪر پاڪستان جو وفاق مضبوط
۽ مستحڪم ٿيڻ سان گڏ خوشحال ۽ آسودو پڻ بنجي پوي، ۽ قومن ۾ وڌندڙ نفرتون هميشه
لاءِ ختم ٿي وڃن.
پاڪستان ۾ قومن
جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪي بنيادي نقطا:
1. پاڪستان ۾ چئن قومن جي جداگانه قومي وجودن کي تسليم
ڪري، پاڪستان کي هڪ گهڻ قومي ملڪ مڃيندي، چئني قومن جي وطنن (صوبن) کي آزاد ۽
خودمختيار رياستن جو درجو ڏنو وڃي.
2. پارلياماني طرز حڪومت جي مطابق پاڪستان جو هڪ اهڙو
وفاق قائم ڪيو وڃي، جنهن ۾ بالغ راءِ دهيءَ جي اصول تي سڌو سنئون چونڊيل قانون ساز
اسيمبليءَ کي مڪمل بالادستي حاصل هجي ۽ وفاقي قانون ساز اسيمبليءَ ۾ مڙني قومن کي
هڪ جيتري نمائندگي ڏني وڃي.
3. وفاقي حڪومت صرف ٽي کاتا دفاع، پرڏيهي معاملا ۽ ڪرنسي
پاڻ وٽ رکي. جنهن جي انتظاميه ۾ چئني قومن جي هڪ جيتري نمائندگي هجي. صوبن جي وچ ۾
سرمائي جي آزادانه منتقليءَ تي بندش وڌي وڃي ۽ وفاقي يونٽن کي پنهنجو الڳ بئنڪ
سرمايو محفوظ ڪرڻ جو حق هجي ۽ سندن لاءِ الڳ بئنڪ، بجيٽ ۽ مالياتي نظام هجي.
4. ٽيڪسن جي نفاذ ۽ وصوليءَ جو اختيار وفاقي يونٽن وٽ
هجڻ گهرجي ۽ وفاق کي خرچ پکي لاءِ يونٽ هڪ جيترو ٽيڪس ادا ڪن. اهڙي طرح وفاق طرفان
ملندڙ گرانٽون يا ٻيون امدادون هڪ جيتري تناسب سان يونٽن ۾ ورهايون وڃن.
5. وفاقي يونٽن کي پنهنجي نيم فوجي تنظيم (مليشيا) رکڻ
جو اختيار هجي. جنهن جي انتظامي ڪمن ۾ وفاقي يونٽ آزاد ۽ خودمختيار هجن.
6. چئني قومن جي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي ۽
هر ٻوليءَ کي پنهنجي واسطيدار يونٽ اندر سرڪاري توڙي خانگي لکپڙهه جي ڪمن ۾
استعمال ۾ آندو وڃي. اردو کي چئني يونٽن جي وچ ۾ رابطي جي زبان طور رهڻ ڏنو وڃي.
انهن نقطن تي
تيستائين ڪاميابي سان عمل ڪرائي نه ٿو سگهجي جيستائين:
1. فوج ۾ چئني قومن کي هڪ جيتري نمائندگي ڏئي، فوج ۾ هڪ
صوبي جي هڪ هٽيءَ کي ختم نه ٿو ڪجي.
2. صوبن جي وچ ۾ ٿيندڙ لڏپلاڻ بند ڪرائي نه ٿي وڃي ۽ سنڌ
۽ بلوچستان ۾ ٻين صوبن جي آيل ماڻهن کي واپس نه ٿو ڪيو وڃي ۽ انهن جون ملڪيتون
واپس ڪري مقامي رهواسين کي نه ٿيون ڏنيون وڃن.
3. هندستان مان آيل مهاجرن کي هتان جي قومن ۾ ضم ٿي انهن
جي ٻولي ۽ تهذيب کي اپنائڻ تي مجبور نه ٿو ڪيو وڃي.
منهنجي نظر ۾
مٿين ۶ نقطن جي بنياد تي ئي پاڪستان کي متحد ۽ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن هن وقت
به وڏي بالادست قوم طرفان ننڍين قومن جي سماجي ۽ معاشي حقن کي نظرانداز ڪيو ويو ته
ننڍيون قومون مجبور ٿي اهڙا رستا اختيار ڪنديون، جيڪي وري ٻيهر هڪ ٻئي سان ملي نه
سگهندا.
(ڇپيل روزاني ”سنڌ
سجاڳ“ ڪراچي، ۲۴ اپريل ۱۹۹۲ع)
No comments:
Post a Comment