رکيل مورائي
هڪ ڪتاب ۾ محفوظ ساروڻين جا سارس
سائين مير محمد
پيرزادو سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو اديب
آهي، جنهن جي پهرئين سڃاڻپ ته شاعري آهي، پر هوُ هڪ اعليٰ مضمون نگار، شاھ
جي نه رڳو شاعريءَ جو پارکو پر ان جي شعرن ۽ موسيقي جو پڻ هڪ اهڙو ماهر جنهن جهڙا
سنڌ ۾ گهٽ اديب هوندا، هن سنڌي ادب ۾ پنج ڪتاب ڏنا آهن جن مان ٻه شاعريءَ جا آهن ۽
ٽي نثر جا آهن، سندس شاعريءَ خاص طور گيت سنڌي نئين شاعريءَ جي اهڙن ميراث آهن،
جيڪا ايندڙ ڪيترن نسلن تائين جيڪڏهن پابند شاعريءَ جو اثر رهيو ته اهي اتساھ ڏيندا
رهندا.
سائين مير محمد جو اسان جي نسل جي ادبي اوسر
۾ جيڪو حصو آهي اهو اسان جو نسل ياد رکندو، هو لکڻ جي حوالي ۾ اسان جي رهبري هڪ
طرف ڪندو رهيو آهي ته نظرياتي طور هڪ وڏو عرصو، سڌي طرح پنهنجي ليڪچرن ذريعي
اسانجي رهنمائي الڳ ڪندو رهيو آهي. ظاهر آهي اهو سندس پاسو لڪل آهي، ادبي منچ تان هو مسلسل اسان سان
مخاطب ٿيندو رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته سڪرنڊ ۽ موري جو نهايت ويجهو تعلق رهيو آهي، ٻيءَ
طرح هو سموري سنڌ ۾ هڪ اعليٰ شاعر طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
هاڻي ته شايد سنڌ جي وڏي حصي کي خبر آهي ته
سائين مير محمد پيرزادو اصلي ٻلهڙيجيءَ جو آهي, پر ڪجهه وقت اڳ تائين سموري سنڌ کيس سڪرنڊ جو ئي
سمجهندي هئي ۽ سچ اهو آهي ته کيس سڪرنڊ جيڪو پيار ۽ احترام ڏنو آهي اهو به ياد رکڻ
جهڙوآهي. سندس ادبي توڻي سياسي شعور پڻ
ٻن حصن ۾ ورهايل رهيو آهي. پهريون ٻلهڙيجي هڪ اسڪول آف ٿاٽ ۽ سڪرنڊ هڪ ٻيو اسڪول
آف ٿاٽ، وچ ۾ هڪ نه محسوس لڪير! جيڪا سائين مير محمد مٽائڻ جي مسلسل ڪوشش ۾ رهيو.
ادب ۾ هو شاعريءَ ۾ رومانوي ڌارا جو شاعر
آهي، ۽ سندس شاعريءَ ۾ فطرت جا اهي (سڀ رنگ) جيڪي ڪنهن به زرعي سماج جي نمائندگي
ڪندا آهن، ظاهر آهي، فنڪار تي اهي رنگ پنهنجو اثر اوس ڇڏيندا آهن، جيڪي رنگ سندس
زندگيءَ جي آس پاس هوندا آهن هو هڪ زرعي ماهر آهي ۽ فطرت کي هن ويجهڙائي کان ئي نه
ڳو ڏٺو آهي پر نهايت باريڪي سان پرکيو به
آهي ۽ اهي سموريون باريڪيون نه رڳو سندس شاعريءَ مان ظاهر ٿين ٿيون پر سندس
نثر مان به ظاهر ٿين ٿيون؟ جيئن ته سندس تازي آيل ڪتاب بابت ئي مون کي ڪجهه لکڻو آهي ۽ اهو سندس ڪتاب نثر جو آهي ۽ اهو به
سندس يادگيرين تي ٻڌل، جنهن جو نالو آهي ”سارس
ساروڻين جا“.
ڪنهن به اڏامندڙ سارس جيان سندس اڏامندڙ
هيءُ يادگيرين ڪنهن به ترتيب کان آجيون آهن. ڪٿي روح ۾ لهي ويندڙ، ڪٿي ڪٿي ڪن
دوستن جون يادگيريون ڏاريندڙ ۽ ڪٿي سندس ادبي، سياسي ۽ شخص اٿي ويٺيءَ جا احوال!
ڪن تقريبن جون يادون، پر سڀ آس پاس جون، آرپار جون بنهه گهٽ! بلڪل سندس طبيعت
وانگر اندر ۾ ڪيتريون ئي تڪيلفون سانڍي برباديءَ سان جيئندڙ، ڪنهن به گڻواڻ شخص
جهڙيون، پر ڪڏهن ڪڏهن اندر جي آرٽسٽ کي گهٽيندڙ! جيڪي پڙهي مونکي پنهنجي ويچار تي
وڌيڪ اعتماد آيو آهي ته ڪو به شخص/فنڪار پنهنجو نجو سچ فقط پنهنجي تلخيق ۾ ئي
اظهاري سگهي ٿو ۽ هيءُ ڪتاب انهن سنساري صنفن ۾ شمار ٿئي ٿو جن کي تخليق کان ٻاهر جون صنفون ڪوٺيو ويو آهي، ادب ۾
اهي آهن، ڪٿائون آتم ڪٿائون، ڊائريون، خط وغيره ۽ ڪجهه ٻيو اهڙو ئي.
اسين جيڪي سندس آس پاس رهيا آهيون اهي شايد
کانئُس وڌيڪ اميد رکون ٿا ۽ سچ پچ اهو اسان کي حق به هجڻ گهرجي. پر وري به آخري
فيصلو ليکڪ کي ئي ڪرڻو آهي ته هو پنهنجي گذاريل عمر جي تجربي مان لکيت ۾ ڇا کڻڻ
چاهي ٿو ۽ ڇا ڇڏڻ چاهي ٿو. پڪ سان هن ڪتاب ۾ سائين مير محمد پنهنجي ٻاهر مان ته
ڪجهه کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر پنهنجي اندر سان هن گهڻي بيرخي اختيار ڪئي آهي. جڏهن
ته هيءَ ڪتاب کيس اهـڙي مڪمل اختياري ڏيڻ وارو آهي ٻيءَ صورت ۾ هو پنهنجي شاعريءَ
۾ ته پنهنجو اختيار استعمال ڪندو ئي رهيو آهي. ”مان ورجايان ٿو ته ڪو به تخليقڪار پنهنجو
نجو سچ پنهنجي تخليق ۾ ئي اظهاري سگهندو آهي.
ڪيترن ئي محسنن، دوستن، جون ڪيتريون ئي
يادون کڻي ايندڙ هي ڪتاب، ڪيتريون ئي يادون اڃا پاڻ ۾ نه سمائي سگهيو آهي شايد ڪو
نئون ڪتاب، ان اوسيئڙي ۾ هجي، اسين ته ان
اوسيئڙي ۾ آهيون ئي آهيون. ڪٿي ڪن دوستن جو ذڪر خاص طور سائين جي ايم سيد، سائين
امداد محمد شاھ، سائين مٺل ملاح ۽ پياري ثناءُ الله خاصخيليءَ جون يادون جتي گهڻو
ڪجهه ڏئي وڃن ٿيون. اتي اکيون آليون به ڪري وڃن ٿيون ۽ ڪتاب ۾ ڪجهه ڪجهه غير ضروري
به لڳي ٿو. سڀ کان اهم ۽ وڻندڙ ڪتاب جا اهي حصا آهن جيڪي سندس ننڍپڻ سان واڳيل
آهن، خاص طور ٻلهڙيجيءَ سان ۽ پوءِ ڏوڪري ۽ ٽنڊي ڄام سان، ڪيئن به سائين مير
محمد جو هيءَ ڪتاب پڙهڻ جهڙو ته آهي ئي ڇو
ته هيءُ هڪ اعليٰ شاعر جي هڪ ادنيٰ يادگيرين جو ڪتاب آهي، سندس اعليٰ يادگيرين جو
ڪتاب ڏسڻ ۽ پڙهڻ لاءِ اسان ڪيترو به اوسيئڙو ڪنداسين جيئن سندس شاعريءَ جي هر نئين
ڪتاب جو اوسيئڙو ڪندا آهيون
ٻه سئو چوئيتاليهن صفحن جو هيءَ پڪي جلد ۽
اعليٰ پني تي ڇپيل ڪتاب اسان جي دوست محمد حنيف سومري
ترتيب ڏنو آهي، اسان تي سندس وڙ ڇاڪاڻ ته سائين مير محمد جي اڄڪلهه طبيعت
ناساز رهي ٿي. اميد ڪجي ٿي ته اسانجو دوست
محمد حنيف سندس باقي رهيل ۽ ڇڙوڇڙ ٿيل ڪم کي به ترتيب ڏيئي پڙهندڙن تائين
پهچائيندو، ڇو ته اهڙي اميد رحمت الله پيرزاديءَ مان
ته ڪري نٿي سگهي جو هن لاءِ پنهنجا ئي گهڻا ڪم آهن جيڪي کيس ڪرڻا آهن ڪجهه اهم ۽
ڪجهه غير اهم! سڪرنڊ جي پورهئي تي ٻڌل باک ٽرسٽ ٻلهڙيجي پاران ڇپيل هن ڪتاب جو
ملهه ٽي سئو رپيا آهي.
No comments:
Post a Comment