مسرور پيرزادو
ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي جي ”آتم ڪٿا“
وڏن ماڻهن جي خوبين مان هڪ خوبي اها به
هوندي آهي ته هو پنهنجي وڏائي ٻين تي ظاهر ناهن ڪندا. هو لطيف جي لفظن ۾ ”لڪا ڀُڻن لوڪ ۾“ هوندا
آهن، ۽ پنهنجي نِوڙت، نياز، عاجزي ۽ انڪساري سان پنهنجو پاڻ کي ”ڪجهه به نه“ ڪري
پيش ڪندا آهن. ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جو ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادو
به اهڙو ئي وڏو ماڻهو آهي. هو پنهنجي ڪاميابين ۽ حاصلاتن کي الله سائين جو ڪرم
چئي، ڄڻ ته
لطيف سائين جي ان بيت جي مختصر ۽ تمام جامع
تشريح ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن بيت ۾ اسان جي روحاني هماليا فرمايو آهي ته:
ات ڪرت وارا ڪيترا، ڪرت ڪبو ڪوهه
جيڪو بندو ڪم ڪري، سو مڙيو ئي ڏوهه،
تون پارس آئون لوهه، جي سڃين ته سون ٿيان.
ائين ئي ڊاڪٽر پيرزادي پنهنجي ڪرت ۽ ٽيلينٽ
کي ”رب جي رضا“ سمجهندي هميشه اها ئي خواهش رکي آهي ته شل رب هن جي لوهه جهڙي وجود کي سڃي
سون ڪري ڇڏي. ۽ رب پاڪ به پنهنجي ٻانهي جي خواهش پوري ڪري هن کي سراپا سونُ بڻائي ڇڏيو.
ويجهڙائيءَ ۾ ڊاڪٽر محمد حسن پيزادي جي ”آتم ڪٿا“ وارو ڪتاب ڇپيو آهي جنهن ۾ هن
مختصر نموني پنهنجي زندگي جون يادگيرون لکيون آهن، توڙي جو هو ليکڪ ناهي رهيو پر
سندس بيان ڏاڍو سهڻو آهي، ائين لڳي ٿو ته ڄڻ هن ڳالهيون لکيون نه پر ٻڌايون آهن ۽
اهو Story Telling وارو انداز ڏاڍو
وڻندڙ آهي. هي ڪتاب محنت ۽ اعتماد واري سفر جو داستان آهي جنهن ۾ مصنف اڻ سڌي طرح ٻين
کي به اڻ سفر تي هلڻ لاءِ اتساهي ٿو.
انور پيرزادو اڪيڊميءَ پاران ڇپايل هن 164 صفحن جي ڪتاب ۾ ليکڪ جون تصويرون به آهن ته هن جي
شخصيت تي ٻين ماڻهن جا رايا به آهن. هن ڪتاب جي ڪا به قيمت لکيل ناهي ۽ هي ڪتاب
مارڪيٽ ۾ نه ايندو. هي ڪتاب صرف ڊاڪٽر
صاحب پنهنجي مائٽن، ڳوٺاڻن ۽ دوستن کي تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ ڇپرايو آهي.
ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادو، پيشي جي لحاظ کان هڪ
وٽرنري (جانورن جو) ڊاڪٽر آهي ۽ انهيءَ پيشي ۾ مهارت جي ڪري هو نه فقط ڪراچيءَ، پر پوري ملڪ ۾ مشهور آهي. هو 1970ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪراچي ۾
پنهنجي ڪلينڪ هلائي ٿو. هن وقت سندس عمر 80 سال آهي پر پوءِ به هو چست، تندرست ۽
پنهنجي ڪم ۾ جوانن وانگر جنبيل آهي ۽ آچر واري ڏينهن به اڌ ڏينهن ڪلينڪ تي ويندو
آهي. جيئن ته هن جي PETS CLINIC آهي، تنهنڪري
هن وٽ ڪراچي جا وڏا ماڻهو ۽ مشهور شخصيتون پڻ پنهنجا پالتون جانور
(PETS) کڻي ايندا رهيا آهن. ڊاڪٽر صاحب جي ڪلائينٽس جي ڊگهي لسٽ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو،
بينظير ڀٽو، اردشير ڪائوسجي ۽ ڪيترائي وزير، مشير، سفارتڪار، اداڪار، گلوڪار شامل
آهن. پنهنجي آتم ڪٿا ۾ هو لکي ٿو ته:
”هڪ
دفعي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو سيڪريٽري منهنجي ڪلينڪ تي آيو ۽ چيائين ته
وزيراعظم صاحب توهان کي گهرايو آهي. مان ساڻس گڏ ويس پر ڀٽو صاحب ڪنهن پرڏيهي اڳواڻ
سان فون تي مصروف هيو. سندن مصروفيت وڌي وئي ته مون سيڪريٽري کي چيو ته پوئتي ڪلينڪ
تي ڪلائينٽ منهنجو انتظار ڪري رهيا آهن سو مان وڃان ٿو. ڀٽو صاحب ٻيهر چئي ته پوءِ
گهرائي وٺجو. يعني مون کي گراهڪن ۽ جانورن جو اونو وڌيڪ هو، وقت جي وزيراعظم سان
ملڻ ۽ کائنس ڪو فائدو وٺڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه هئي.“
هن آتم ڪٿا جي ڪتاب کي پڙهي معجزن تي يقين ڪرڻ
تي دل ٿي چوي، ڇو ته
هڪ پوئتي پيل علائقي جي هڪ غريب خاندان جو ماڻهو
ڪيئن ڪٺن منزلون طئي ڪندو ملڪي سطح جو ماڻهو ٿو ٿئي. اها هڪ معجزي جهڙي ڳالهه
آهي. هن ڪتاب ۾ هو ٻڌائي ٿو ته هن جي داخلا ئي وٽرنري ۾ نه پئي ٿي. پوءِ اها ٿي
وئي، ۽ پوءِ هن سرڪاري نوڪري ڇڏي ڪراچيءَ ۾ خانگي ڪلينڪ کولڻ جو رسڪ کنيو ۽ هو ڪامياب به ٿي ويو.
ڊاڪٽر پيرزادي جي عظمت اها به آهي ته هو ماڻهن
جي مدد ڪندڙ انسان آهي. هن 30 کان وڌيڪ ماڻهن کي پنهنجي ڪلينڪ تي روزگار ڏنو، جنهن
سان نه فقط ان ماڻهو پر ان جي سڄي ڪٽنب چڱو وقت گذاريو. ان کان علاوه پنهنجي ڳوٺ ۽
ٻين علائقن جي ماڻهن کي به جڏهن مدد جي ضرورت پئي آهي ته هو ڊاڪٽر صاحب سان ان
اميد تي ملندا آهن ته هو سندن مدد ڪري ۽ هي خدا جو بندو به انهن جي مدد ڪندو رهيو
آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهن جي ڪوڙ کي ڪوڙ سمجهڻ باوجود به مدد ڪري ڇڏيندو اٿن ۽ گهڻي
پڇا ڳاڇا نه ڪندو اٿن.
ٻلهڙيجي جي پيرزادن واري خاندان جو هي ”وڏو“ ڪنهن
به قسم جي وڏائي ۽ غرور واري بيماري کان پاڪ رهيو آهي ۽ خاندان توڙي سموري ڳوٺ جا
ماڻهو هن جي دل سان عزت به ان ڪري ڪندا آهن، ته هو سڀني سان پيار وچان پيش ايندو
آهي. کلڻو، ملڻو هي شخص روزي نماز جو پابند،
ديندار ماڻهو آهي پر "تنهنجو دين توسان ۽ منهنجو دين مان سان"
واري ڳالهه تي عمل ڪندي دهرين سان به کلي ڪچهريون ڪندو آهي.
1970ع واري ڏهاڪي ۾ هن جو گهر
(جنهن ۾ سندس ڪلينڪ به هئي) هن جي ڪميونسٽ ڀاءُ انور پيرزادي جي بيٺڪ به هئي جتي
راتين جو دير تائين مذهبي انتهاپنسدي جي خلاف ۽ ڪميونزم جي حمايت ۾ ڪچهريون ٿينديون
هيون، جن جي خبر ڊاڪٽر صاحب کي چڱي
طرح هئي. ڊاڪٽر صاحب هر نشيِ کان پري رهيو آهي پر هن کي پتو هيو ته سندس ئي گهر ۾
هڪ مئخانو به کليل آهي جتي هن جي ڀاءُ فقير يار محمد ۽ انور صاحب جا دوست ۽ فقير
نشا پتا ڪندا ها. سندس اهو گهر ٻلهڙيجي واسين لاءِ اها جڳهه هو جتي هو اوپري شهر ڪراچي
۾ اچي ترسندا ها. اهي ڳوٺ جا ماڻهو علاج معالجو ۽ ٻيا ضروري ڪم ڪرائي هن وٽ اچي
ماني ٽڪي به کائيندا ها، ته
آرام جي ننڊ به ڪندا ها. ڊاڪٽر صاحب انهن کي مصروفيت مان وقت ڪڍي ڪراچي شهر جو سير به ڪرائيندو هو.
هو صحيح معنيٰ ۾ هڪ سخي ماڻهو آهي جيڪو ماڻهن جي مدد لاءِ پنهنجي پيسي جي پرواهه
ناهي ڪندو. هٿ جو ايترو کليو هجڻ ڪري خاندان جا ڪجهه ماڻهو هن تي هميشه تنقيد به ڪندا
رهندا آهن. ٻارن سان هن جو رويو هميشه شفقت وارو رهيو آهي. هو پنهنجي انتهائي
مصروف دور ۾ پڻ گهر جي سڀني
ٻارن کي ڪراچي جي تفريحي ماڳن تي گهمائڻ وٺي ويندو هو ۽ هن پنهنجو ڪتاب پنهنجي ڏوهٽن،
ڏوهٽين، پوٽن ۽ پوٽين جي نالي ڪيو آهي. جيڪي اميد آهي ته وڏا ٿي هن جون يادگيريون
نه فقط پڙهندا پر ان رستي تي پڻ هلندا جنهن تي هلندي ڊاڪٽر صاحب اهڙو انسان ٿيو جهڙو
انسان ٿيڻ جي هدايت مذهبي ڪتابن ۾ ٿيل هوندي آهي. دعا آهي ته هو تندرست هجي ۽ وڏي ڄمار
ماڻي.
No comments:
Post a Comment