ياسر قاضي
پنهنجي نوعيت
جي هڪ مُنفرد آتم ڪٿا
سرڪاري
ڪامورا پنهنجي آتم ڪٿا ريٽائرمينٽ کان پوءِ ئي لکندا آهن، جنهن جو سبب اسين سڀ ڄاڻُون
ٿا. مون کي اهڙو ڪوبه ڪامورو نه سُجھي، جنهن پنهنجي آتم ڪٿا پنهنجي نوڪريءَ دؤران لکي
هجي. ڪي ڪامورا ته پنهنجي ريٽائرمينٽ کان پوءِ به پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ جي همت ناهن ڪري
سگھندا، خاص ڪري اهڙا ڪامورا، جن کي ”مَرا هُوا هاٿي، سوا لاک ڪا“ واري چوڻِيءَ تي
گھڻو ويساهه هُوندو آهي ۽ ريٽائرمينٽ کان پوءِ به ڪا ذميواري ملڻ جي آسري ۽ تاڙ ۾ هُوندا
آهن. هُونءَ ته هر ماڻهُوءَ کي پنهنجي خود نوشت لکڻ گھرجي، پر ڪامورا، جيئن ته سياسِي،
توڙي عوامي اُٿل پُٿل جو سبب بڻجندڙ يادگار تاريخي واقعن جا گواهه هُوندا آهن، ان جو
حصّو هُوندا آهن، يا گھڻن واقعن جا مُحرڪ به هُوندا آهن، تنهنڪري هر ڪاموري کي پنهنجي
آتم ڪٿا ضرُور لکڻ گھرجي. سنڌ ۾ آتم ڪٿائُون ته هُونئن ئي گھٽ لکيو ويُون آهن، انهن
۾ به سرڪاري ڪامورن جُون آتم ڪٿائُون نه هئڻ جي برابر آهن. ويجھڙائيءَ ۾ سنڌ جي بيوروڪريسيءَ
جي هڪ معروف ڪردار شمس جعفراڻي صاحب پنهنجي آتم
ڪٿا لکي آهي، جيڪا ”ڪتيم سڀ ڄمار“ جي سَري هيٺ
ڇپي آهي ۽ گھٽ عرصي ۾ چڱي موٽ ماڻڻ وارن ڪتابن ۾ شمار ٿي چُڪي آهي. اڄوڪو ڏينهن ان
ڪتاب جي حوالي سان ان ڪري اهم آهي، جو اڄ ڪراچيءَ جي ٽن تارن واري هڪ ٿڌي هوٽل ۾ هن
ڪتاب جو مهُورت ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي علم، ادب ۽ ڪاموراشاهيءَ سميت سنڌ جي سياست
جا پڻ اهم نالا شريڪ ٿي رهيا آهن.
جعفراڻي
صاحب عام سنڌي ڪامورن جي ابتڙ وضعدار، فهم ۽ فضيلت ڀريو ۽ گڻن سان ڀرپُور انسان آهي،
جنهن جي سنڌ جي علم، ادب، ثقافت، سياست ۽ بيوروڪريسيءَ سان واڳيل ماڻهن جي ڳچ انگ سان
نيازمنديءَ واري واٽ رهي آهي، جنهنڪري هن جن جن کي پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي سُڀاءَ
جو مُطيع ڪيو آهي، انهن جي اڪثريت جو سندس عهدي سان ڪوبه ڏيڻ وٺڻ ڪونهي رهيو، جنهنڪري
سندس ريٽائرمينٽ کان پوءِ به سندس واسطيدارن جو حلقو گھٽيو ڪونهي. ايئن اڪثر ڪامورن
سان ناهي ٿيندو. ظاهر آهي، اهي تعلقات قائم رکڻ ۾ جعفراڻي صاحب زندگيءَ جي گھڻن موڙن
تي مصلحت مان به ڪم ورتو هُوندو، جيئن ڪتاب ۾ گھڻين شخصيتن جي حوالي سان ذڪر ڪندي ورتو
اٿس، تنهن جي باوجُود به هُن ڪن شخصيتن جي حوالي سان توقع کان وڌيڪ سچ لکيو آهي. هن
ڪتاب ۾ جن ماڻهن، دؤرن، سياسي تحريڪن، حالتن ۽ ادارن جو ذڪر ٿيل آهي، ان حوالي سان
هن ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ آءٌ ايترو ته چئي سگھان ٿو ته شمس صاحب ڪٿي به وڌاءَ کان
ڪم ناهي ورتو ۽ نه ئي وري ڪٿي ڪو ڪُوڙ هنيو آهي، (جيئن اڪثر آتم ڪٿائُون ”زِٽن“ سان
ڀرپُور هُونديُون آهن)، ها البته گھڻين ڳالهين کي پنهنجي وُضعدار ۽ حضُور شرم طبيعت
سبب ذڪر هيٺ ڪونه آندو اٿائين، هُونءَ به بقول سندس ئي: ”ڪُوڙ نه ڳالهائڻ جو مقصد اهو ناهي ته هر سچ ڳالهائجي!“
شمس
جعفراڻي صاحب سان منهنجي تمام گھڻي ويجھڙائي رهي آهي، جنهن جو هڪ سبب اهو به آهي ته
هُو ڳچ عرصو ثقافت جو سيڪريٽري رهيو ۽ منهنجو بحيثيت پرفارمر، سنڌ جي ثقافت کاتي سان
تمام ويجھو تعلق رهيوآهي ۽ گھڻن ميلن ميڙاڪن ۾ ڪئين ڪئين ڏينهن گڏ رهڻ جو موقعو مليو
آهي، جنهنڪري کيس ويجھڙائيءَ سان ڏسڻ ۽ پسڻ جو مُون کي موقعو مليو آهي. اها هڪ ٻي يادگار
ڳالهه آهي ته منهنجي ڊوماسائيل ۽ پِي آر سِيءَ تي به جعفراڻي صاحب جو آٽوگراف موجُود
آهي، ڇاڪاڻ ته منهنجي ٻالڪپڻي مان نؤجوانيءَ ۾ پير پائڻ واري دؤر ۾ سائين لاڙڪاڻي
۾ ڊپٽي ڪمشنر هو.
آءٌ
هن ڪتاب جي لکجڻ کان اڳ وارن مرحلن کان وٺي جو نه فقط اکين ڏٺو شاهد آهيان، بلڪ ان
جو پاڻ حصّو رهيو آهيان، جنهن جو جعفراڻي صاحب ڪتاب ۾ پاڻ به ذڪر ڪيو آهي (جيتوڻيڪ
مُون کان وڌيڪ ڪتاب لکڻ جي حوالي سان لکڻ جي اُتساهه جو ڪريڊٽ ڪنهن ٻئي کي ڏنو اٿس،
بهرحال...)، تنهنڪري مُون کي اها ڄاڻ آهي ته جعفراڻي صاحب روانيءَ ۾ جنهن ضخامت سان
هي ڪتاب لکيو، ان جا گھڻا حصّا اسان کي ڌار ڪري هن ڪتاب کي مختصر ڪرڻو پيو، ڇاڪاڻ جو
اهي سڀ باب جيڪڏهن ڪتاب ۾ شامل ڪجن ها، ته پوءِ ڪتاب ٻن جلدن ۾ ڇپائڻو پوي ها. اهو
شمس جعفراڻي صاحب، جيڪو اڳ ۾ لکڻ لاءِ بنهه راضي نه پئي ٿيو، اهو جو لکڻ لڳو ته اهڙي
روانيءَ سان لکندو ويو، جو اهي سڀ باب هڪ ڪتاب ۾ ماپائڻ ناممڪن ٿي پيا. سندن پاران
اهو سڀ جنهن انداز ۾ روانيءَ سان لکيو ويو، ان جو اثر اهو آهي ته جڏهن اوهان هي ڪتاب
پڙهڻ ويهو ٿا ته ان جي لکت جو انداز اوهان کي پڙهندو رهڻ تي مجبُور ڪري ٿو. اوهان واقعو
در واقعو، ڄڻ ته ان مخصوص دؤر جي اکين ڏٺن واقعن جي رُوداد پڙهندو وڃڻ تي ايئن مجبُور
ٿي وڃو ٿا جو، اوهان جي نيّت 5 صفحا پڙهڻ جي آهي، ته اوهان پنهنجو پاڻ ورق ورائيندا
25 صفحا پڙهي وڃو ٿا ۽ اوهان کي بوريت جو ڪو احساس ئي ڪونه ٿو ٿئي. اها خوبي هر ڪنهن
جي لکڻيءَ ۾ ناهي هُوندي ۽ جعفراڻي صاحب شايد هي ڪتاب لکڻ کان اڳ پاڻ به پنهجي ان خُوبيءَ
کان واقف نه هجي. مُنهنجي مختصر مُطالعاتي زندگيءَ ۾ ڪي چند ليکڪ ئي اهڙا هُوندا، جن
جي لکڻين ۾ اهڙي قدرت مُون کي نظر آئي هجي. هي ڪتاب ۽ ان کي لکڻ جو انداز يقيناً انهن
چند غيررسمي مثالن ۾ شمار ٿئي ٿو. جعفراڻي صاحب گھڻو اڳ (شاگرديءَ واري زماني ۾ ۽ ان
کان پوءِ پنهنجي اطلاعات کاتي واري نوڪريءَ دؤران) اخبارن ۾ ڪالم لکندو رهيو آهي، جيڪي
مُون ڪونهن پڙهيا، تنهن ڪري اهو تبصرو نه ٿو ڪري سگھان، ته سندس نثر ۾ اها قدرت اڳ
۾ ئي هئي، يا کيس وقت، حالتن ۽ عظيم ماڻهن جي صحبت اهڙو ڪمال سيکاريو. هُونءَ ته هر
مصنف، اديب ناهي هُوندو، پر هي ڪتاب جعفراڻي صاحب کي بجاء طور تي هڪ مصنف ئي نه، پر
هڪ اديب ۽ قلمڪار طور به متعارف ڪرائڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي، ۽ شمس صاحب، تحرير جي دلچسپ
انداز جي ڪري، گھڻن سينيئر اديبن کي به مَلهه مارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. هن ڪتاب اچڻ
کان پوءِ اهو بحث پڻ هلندڙ آهي ته هي ڪتاب ”آتم ڪٿا“ (Autobiography) آهي يا ”يادگيريُون“
(Memoirs)، پر ادب جي
هڪ معمُولي ۽ ادنى شاگرد هئڻ جي ناتي آءٌ هن کي ”آتم ڪٿا“ ئي مڃان ٿو، جيتوڻيڪ هن ڪتاب
جا ڪجهه باب پنهنجي ادائگيءَ جي انداز ۽ چال ۾ ”يادگيريُون“ لڳن ٿا، پر مجمُوعي طور
تي هن ڪتاب کي ”آتم ڪٿا“ واري بُڪ شيلف ۾ ئي رکيو ويندو. چوندا آهن ته ڪتاب اولاد وانگر
هُوندو آهي ۽ پهريون ڪتاب پهريٺي اولاد وانگر! ۽ پهريٺي اولاد ئي مثالي ۽ گُڻائتِي
هجي ۽ ماڻهن جي واکاڻ ماڻي ته اها نيڪ صالح اولاد کان گھٽ ناهي هُوندي. ان حساب سان
شمس سائينءَ کي پنهنجي نيڪ صالح پهريٺي اولاد مبارڪ هجي. اها هڪ الڳ ۽ پنهنجي جاءِ
تي مُسمّم حقيقت آهي ته هن ڪتاب کي جنهن شان سان ڇپجڻ گھربو هو، هن جي ڇپائيءَ ۾ ان
شان ۽ شوڪت ۾ ڪميُون ضرُور رهجي ويُون آهن.
آتم
ڪٿائن جو اهم حصّو تصويري تاريخ به هُوندي آهي. جعفراڻي صاحب هن ڪتاب ۾ جن شخصيتن
۽ تاريخي واقعن جو ذڪر ڪيو آهي، انهن جُون يادگار تصويرُون به وٽس پڪ سان مُوجود هُونديون،
جن جي تاريخي حيثيت هُوندي. هن ڪتاب ۾ انهن مان چُونڊ 20، 25 تصويرُن جو يادگار البم
شامل ٿئي ها ته ڪتاب جي رونق ۾ هيڪاندو واڌارو ٿي وڃي ها ۽ واقعن کي تقويت پڻ ملي ها.
ڪتاب جو اڀياس ڪندي ان ڪميءَ کي شدت سان محسُوس ڪيو پيو وڃي.
”خيرپُور ۾ خير جا ڏينهن“، سائين
محسن علي شاهه بخاريءَ جو خيرپور ۾ گھاريل ڪجهه سالن جي انتهائي دلچسپ يادگيرين تي
مُشتمل ڪتاب آهي (جيڪو سندس زندگيءَ جو پهريون ۽ آخري ڪتاب هو)، جنهن جي تحرير جو انداز
ايڏو ته دلچسپ آهي، جو ان کي پڙهڻ دؤران پڙهڻ وارو پنهنجي مُنهن پيو کلندو آهي. سائين
علي احمد بروهيءَ ان ڪتاب جو، ان ڪتاب جيترو ئي دلچسپ مهاڳ لکيو، جنهن ۾ سائين محسن
علي شاهه کي تنبيهه ڪندي بروهي صاحب لکيو: ”هڪ ڀيري هڪ ٻروچ بندوق کڻي شڪار تي نڪتو.
هن ان کان اڳ ڪڏهن به بندوق ڪانه کنئي هئي. جھنگ ۾ پهچي ڏڪندڙ هٿن سان فائر ڪيائين
ته اتفاق سان سندس پهريون فائر ئي ڪنهن آڙيءَ کي سڌو لڳو ۽ ٻروچ جي وهوا ٿي وئي. سڄي
ڳوٺ سندس نشاني بازيءَ کي ساراهيو. جڏهن ته ٻروچ ويچاري ته ڌُڪي تي فائر ڪيو هو، جيڪو
اتفاق سان وڃي آڙيءَ کي لڳو ته ٻروچ جي واهوا ٿي وئي. ان کان پوءِ ٻروچ اها بندوق صاف
ڪري وڃي گھر لڪائي رکي ته ٻيهر شڪار تي ويم ته اها عزت، جيڪا الله پهرين فائر سان ڏني،
اها به هلي ويندي، تنهنڪري ڍَڪي ڀلي آ! سو آءٌ به محسن علي شاهه کي چوندم ته تنهنجو
پهريو ڪتاب ٻروچ جي اُن فائر وانگر ايڏو سٺو لکجي ويو آهي، جو هاڻي تُون قلم صاف ڪري
لڪائي رک، ته ڪٿي ٻئي ڪتاب سان تنهنجي قلم جي پت وائکي نه ٿي پئي!“ شايد سائين مُحسن
شاهه بخاريءَ، علي احمد بروهي صاحب جي انهن لفظن جو مان رکندي ئي ”خيرپور ۾ خير جا
ڏينهن“ کان پوءِ ٻيو ڪوبه ڪتاب ڪونه لکيو ۽ هُو سال ڏيڍ اڳ ئي اسان کان موڪلائي ويو.
پر ان واقعي جي تناظر ۾ ان جي بنهه اُبتڙ آءٌ شمس جعفراڻي صاحب کي ٻروچ وانگر بندُوق
لڪائي رکڻ جي صلاح ڪونه ڏيندس، بلڪه اها صلاح ڏيندس ته هُو هاڻي باقاعدگيءَ سان ٻين
موضُوعن (سياسي، سماجي مسئلن) تي به لکندو رهي ۽ پنهنجي تجربي سان ڀرپُور زندگيءَ جو
ونڊ پنهنجي لکڻين ذريعي پڙهندڙن سان ڪندو رهي. هن ڪتاب جا باقي رهيل باب نه فقط جعفراڻي
صاحب جي يادگيرين جي الڳ ڪتاب جي صُورت ۾ شايع ٿيڻ گھرجن، بلڪه هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو
اڃا وڌيڪ شانائتي ۽ هن ڪتاب ۾ شامل مواد جي شايانِ شان شايع ٿيڻ گھرجي، جيڪو سنڌي ادب
۾ سهڻي اضافي سان گڏوگڏ سِول سروسز جي ماڻهن سميت عام ماڻهن لاءِ به گھڻن ئي حوالن
سان رهنمائيءَ جو ذريعو آهي.
No comments:
Post a Comment