ڊاڪٽر
فهميده حسين
نصابي
ڪتابن ۾ صنفي برابري ۽ انصاف
گذريل
هفتي درسي ڪتابن جي پوسٽ مارٽم بابت پڙهي ڪنهن دوست مون کي لکيو ته پوسٽ مارٽم جو
مطلب آهي ”موت کان پوءِ“ اهو ڪنهن ماڻهوءَ جي مري وڃڻ کان پوءِ سندس جسم جي
ڪيل وڍڪٽ سان منسوب هوندو آهي، توهان اهو اصطلاح ڇا سوچي استعمال ڪيو. مون جيتوڻيڪ
ايتري گهرائيءَ ۾ وڃي ڪو نه سوچيو هو ۽ ان لفظ جي مروج اصطلاحي معنيٰ منهنجي ذهن ۾
هئي، پر اها ڳالهه پڙهي سوچيان ٿي ته جيڪو حال اسان جي نصاب (۽ درسي ڪتابن) جو آهي
ان کي ڏسي ته چئي سگهجي ٿو ته اهو ڪنهن به ريت ڪنهن زنده ۽ اڳتي جي سوچ رکندڙ ۽
وڌندڙ قوم جي لاءِ تيار ٿيل ڪونهي، اهو ايترو مدي خارج، ساڪت ۽ قدامت پسند آهي جو
نه ئي ڪو اهو اسان کي دنيا ۾ ترقي ڪرڻ ۾ ۽ نه سرخرو ٿيڻ ۾ ڪا مدد ڪري سگهي ٿو، سو
جيڪڏهن ان جي وڍڪٽ يا تجزيي لاءِ مون اهو لفظ استعمال ڪيو ته هروڀرو غلط ڪو نه هو.
جنهن
سماج ۾ انسانذات جي پوري اڌ کي انسان ئي نه سمجهيو وڃي، ان جي شخصيت، صلاحيتن ۽
قوتن کي محض حياتياتي (biological) فرق جي ڪري قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو وڃي ۽ ان جي بنيادي
انساني حقن کان نابري واري وڃي، انهيءَ سماج
جا سڄاڻ تعليم يافته فرد، انهيءَ سوچ ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ تعليمي نظام يا
نصاب ۾ ڪا به شعوري ڪوشش نه ڪن ته اهو سماج يا ان جا فرد زنده قوم هئڻ جي دعويٰ
ڪري ئي نٿا سگهن. انسانذات جو هڪڙو اڌ صرف حياتياتي طور تي ٻئي اڌ کان مختلف آهي،
جنهن کي جنسي فرق چئجي ٿو ۽ قدرت جي نظام ۾ انهن جا ڪردار عورت ۽ مرد طور ضرور جنس (sex) جي بنياد تي ورهايل
آهن، جن کي ماءُ، پيءُ يا ڀيڻ، ڀاءُ ۽ ڌيءُ پٽ جا نالا ڏنل آهن، پر دنيا ۾، ڪنهن
به ملڪ يا سماج ۾ انهن جي حيثيت (status)، ڪارج، شهري يا سماجي ڪردار (roles)، صلاحيتن، حقن، ذميدارين جي بنياد تي صنف (gender) جو فرق رکڻ قابل قبول نٿو ٿي
سگهي، گڏيل قومن جي انساني حقن جي چارٽر ۾ صنفي برابري ۽ انصاف (Gender
equality and equity) تي زور هئڻ ڪري هاڻي ترقي يافته ملڪن سان گڏ پٺتي پيل
ملڪن ۾ به اهڙيون تعليمي پاليسيون جوڙيون ويون آهن، جن سان مردن ۽ عورتن ۾ هڪٻئي
جي لاءِ قبوليت سان گڏ برابري ۽ انصاف جا قدر اجاگر ڪري سگهجن. انهيءَ مقصد کي آڏو
رکي پرائمري جي ڪلاسن کان وٺي نصاب ۾ اهڙو بندوبست ڪيوويندو آهي، ورلڊ بينڪ ۽ ٻين
بين الاقوامي ادارن طرفان پاڪستان کي ان مد ۾ گهڻائي فنڊ مهيا ڪيا ويا آهن، ان ڪري
حڪومت پڻ ان ڏس ۾ سنجيده لڳي ٿي، پر تعليم جي ميدان ۾ اهڙن ماڻهن جي کوٽ آهي، جيڪي
ان مسئلي کي سمجهي اهڙو نصاب تيار ڪن. ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت ۽ ڪجهه غير سرڪاري تنظيمن
طرفان جوڙيل هڪ Gender Unit جي هڪ شاخ Gender Working Group جي نالي سان جوڙي وئي آهي، جنهن سان سنڌ جي
اسڪولن ۾ پڙهائڻ لاءِ تيار ڪيل نصابي ڪتابن جو تجزيو ڪرڻ جو موقعو مليو. اهو تجزيو
ڪرڻ لاءِ ڪي معيار (tools) سامهون رکيا ويا آهن، جن موجب اهو ڏسڻو آهي ته نصابي
ڪتابن جي مصنفن ۽ ايڊيٽرن ۾ مردن ۽ عورتن جو تناسب ڪيترو آهي، ڪتابن جي مواد ۽
تصويرن ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي نمائندگي ڪيتري آهي. جيڪي عورتن جا ڪردار آهن انهن کي
روايتي طور (stereotype) مقرر ڪردارن ۾ پيش ڪيو ويو آهي، يا ڪجهه تبديلي ڪيل آهي،
ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کان ڪهڙا عملي ڪم (activities) ڪرايا ويا آهن ۽ ٻنهي صنفن لاءِ استعمال ڪيل صنفن ۾ ڪهڙو
فرق آهي، وغيره ان ڏس ۾ هڪ ٽيم ٺاهي مختلف
مضمونن جا ڪتاب تجزيي لاءِ چونڊيا ويا، ظاهر آهي ته منهنجي دلچسپي وڌيڪ
سنڌي ڪتابن ۾ هئي، سو مون خاص طور صنفي برابري ڏسڻ لاءِ انهن تي ڌيان ڏنو.
”آسان سنڌي“-غير
مادري زبان لاءِ ٽئين ڪلاس کان اٺين ڪلاس تائين پڙهائي ويندي آهي، جيڪا گهڻو ڪري
پرائيويٽ اسڪولن ۾ ميٽرڪ واري نظام جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڙهندا آهن (او ليول ۽
اي ليول ۾ سنڌي ڪا نه پڙهائي ويندي آهي). منهنجو ارادو ”سنڌي“ مادري زبان واري
نصاب جو تجزيو ڪرڻ جو به آهي، پر في الحال جيڪي ڪتاب ڏسي سگهي آهيان انهن ۾ موجود
اوڻاين تي ٿوري روشني وجهجي، جيئن انهن جي اصلاح جو ڪو رستو نڪري. اسان جي ٽيم
طرفان مقرر معيارن موجب جيڪي ڳالهيون محسوس ڪيون ويون، انهن مان ڪجهه ٿورين جو ذڪر
ڪريان ٿي:
سڀ
کان پهرين ڳالهه اها ته نصابي ڪتابن جي تياريءَ ۾ عموماً ۽ پرائمري ڪلاسن جي ڪتابن
لاءِ خصوصاً ڪتابن جا مصنف مرد ۽ عورتون ٻئي
هجن ته بهتر ۽ انهن جو ذهني لاڙو (mindset) جدت پسند هجي جيڪي جديد تعليمي
نظام جي ضرورتن کان واقف هجن، ان سان گڏوگڏ ٻارن جي عمر جي لحاظ کان ذهني سطح،
نفسيات ۽ ٻوليءَ جي سطح بابت ڄاڻ رکندا هجن، اهي پاڻ به پرائمري استاد رهيا هجن يا
ايجوڪيشن جي مضمون ۾ ڪا ڊگري (بي ايڊ، ايم ايڊ وغيره) هجين ته جيئن
ڪلاس جي جوڙجڪ، سبق جي منصوبه بندي (lesson plan) ۽ ٻين عنصرن جو خيال رکي سبق لکن. انهيءَ معيار کي سامهون رکي 2015
۾ ڇپيل سنڌي ڪتابن کي ڏٺوسين ته اهو ڏسي حيرت وٺي وئي ته مصنفن ۾ عورتن جو تعداد
نه هئڻ برابر هئو، مردن مان به جيڪي نالا اڪثر ڪتابن تي لکيل هئا، انهن کي وفات
ڪئي سالها سال گذري چڪا آهن جن ۾ مرحوم عبدالڪريم سنديلو، سيد صالح محمد شاهه، سيد
شاهه محمد شاهه، سکيو خان چنا وغيره جا نالا شامل آهن. سو جديد دور يعني ايڪيهين
صديءَ جي گهرجن جي پوري ٿيڻ جو ته سوال ئي ڪو نه ٿو پيدا ٿئي. ٻين حال حيات مصنفن
جي نالن ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، عزيزه سومرو، ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ امداد حسينيءَ
جا نالا شامل آهن. جيڪي سبق مون انهن ڪتابن ۾ ڏٺا انهن لاءِ آءٌ ايترو چئي ٿي
سگهان ته مصنف طور نالو هئڻ باوجود محترم ڊاڪٽر الانا ۽ امداد حسينيءَ جا لکيل ڪو
نه آهن، ها البت ممڪن آهي ته انهن سبقن جي نظرثاني سهيڙ يا ايڊيٽنگ ڪئي هجين. مون
کي ته لڳي ٿو ته انهن عالمن جا نالا صرف رعب وجهڻ لاءِ يا تبرڪ طور انهن ڪتابن جي
مصنفن طور لکيا ويا آهن، ڇو جو جديد دور جي تعليمي معيارن موجب اهي سبق بلڪل به
وقتائتا (relevant) ڪو نه آهن. ايڪيهين صديءَ جي ٻارن لاءِ اڄڪلهه جي تعليمي
نظام مان پڙهيل نوجوان ليکڪن کان سبق سکرائڻ وڌيڪ بهتر ٿيندو. سو چئي سگهجي ٿو ته
صنفي برابريءَ جي لحاظ کان ليکڪن ۽ ايڊيٽرن ۾ عورتون شامل ڪو نه
آهن، برابر تعداد ته پري رهيو ڏهه سيڪڙو به ڪونهن. ٻئي طرف شخصيتن ۽ ڪردارن جي
سبقن ۾ نمائندگيءَ جي لحاظ کان ڏسجي ته ڪي به عورتون موجود ناهن، ڪردارن مان به
رڳو هڪڙو ڪردار ”نوري نماڻي“ جو ڏنو ويو آهي، سو به ان ڪري جو عورتن لاءِ نئڙت،
نياز ۽ نماڻائيءَ جا گڻ ضروري سمجهيا ويا آهن ۽ انهن لاءِ خالص زنانا گڻ آهن. سبقن
۾ جتي جتي عورتن جو ذڪر آيو آهي اتي عورتن کي روايتي (stereotype) ڪردارن ۾ ڏيکاريو ويو آهي. مثال
طور پنجين ڪلاس جي ڪتاب ۾ هڪڙي سبق جو عنوان آهي ”موڪل جو ڏينهن“. ان ۾ پيءُ پٽن
کان پڇي ٿو ته اهي موڪل ۾ وقت ڪيئن پيا گذارين ته هڪڙو چوي ٿو ته آءٌ ڪتاب پيو
پڙهان، ٻيو ٿو چوي ته دوست کي خط پيو لکان ۽ ٽيون ٻاهر راند پيو ڪري. وري جڏهن
پيءُ ڌيئن کان ٿو پڇي ته اهي ڇا پيون ڪن ته هڪڙي ڇوڪري چوي ٿي ته آءٌ ڪپڙا پئي
سبان ۽ ٻي پاڻي ڀرڻ جو ٿي ٻڌائي، هاڻي انهيءَ سبق مان ٻارن کي ڪهڙو تاثر مليو ته
پڙهڻ لکڻ ۽ ٻاهر راند رهڻ ڇوڪرن جو ڪم آهي، باقي ڇوڪرين جو ڪم آهي ڪپڙا سبڻ ۽ پاڻي
ڀرڻ (يا گڏين سان راند رهڻ سو به گهر جي اندر). نه ڇوڪرا سبڻ جو ڪم ٿا ڪري سگهن،
نه پاڻي ڀرڻ جو، ڇو ته اهي زنانا ڪم آهن. اهو هن سماج جو تصور (mindset) آهي. ڇا ان کي
بدلائڻ جي ضرورت ڪانهي؟ ائين به ڪونهي ته مرد اهي ڪم ڪونه ڪندا آهن. اسان جي سماج
۾ اجرت تي ٿيڻ وارو هر اهڙو ڪم مرد ڪري ٿو سگهي پر گهر ۾ ساڳيو ڪم ڪرڻ (بنا اجرت)
معيوب آهي.اهو هوٽل ۾ بورچي ٿي رڌي پچائي سگهي ٿو، درزي بڻجي ڪپڙا سبي سگهي ٿو ۽
پخالي يا ٽينڪر وارو بڻجي پاڻي به ڀريندو پر گهر ۾ بنا معاوضي جي اهي ڪم ڪرڻ تي
ماڻهو مهڻا ڏيندا ته زنانا ڪم ٿو ڪري! عورت چوويهن ڪلاڪن مان ارڙهن ڪلاڪ گهر ۾ ڪم
ڪندي آهي، پر ڪو به پڇندو ته چوندا، گهريلو عورت (house wife) آهي، ڪم ڪا نه ٿي ڪري. گهر ۾
ڪيل پورهيو بنا معاوضي هئڻ سبب ڳڻپ ۾ نٿو اچي ۽ کيس ڪمائو فرد نٿو سمجهيو وڃي پر
جي سندس ڪيل سمورا ڪم ڪنهن ملازمن کان ڪرائجن ته پوءِ خبر پوندي ته سندس ڪم ڪيترو
ڏکيو ۽ مهانگو آهي.
هنن
ڪتابن ۾ ”هاري“ جي عنوان تي سبق آهي، پر ”هارياڻي“ ڪنهن کي ياد ڪانهي، ان جو ڪو
ذڪر ڪونهي، جڏهن ته اها ٻنين ۾ ڪيترائي ڪم ٿي ڪري، گُڏ ڪرڻ، ڦٽيون چونڊڻ، مال جي
خدمت چاڪري، گاهه ڪرڻ وغيره کان پوءِ گهر جي سانجڻ ۽ رليون سبڻ، ڀرت ڀرڻ جي پورهين
۾ پرهه ڦٽيءَ کان آڌيءَ تائين رڌل رهڻ باوجود هن کي ”پورهيت“ جو درجو حاصل ڪونهي،
ڇو ته اهي ڪم ڪري هوءَ جدا آمدني حاصل نٿي ڪري. انهيءَ سبب اسان جي نصابي ڪتابن ۾
به پورهيت عورت جو ڪو تصور ڪونهي. ايتري قدر جو اسڪول ٽيچر، ڊاڪٽر جهڙا پيشا جيڪي
سماج جا قبول ڪيل آهن، اهي به هنن ڪتابن ۾ مردن جا ڏيکاريل آهن، سواءِ هڪ ٻن جاين
جي، پائلٽ، ڊرائيور ڪندڙ، آفيسر يا ڪو به عزت، طاقت وارو ڪردار عورت جو موجود
ڪونهي. گهر ۾ ٻارن جي معاملن ۾ يا فيصلن ۾ عورت جي ڪردار کي ڪا اهميت ڪانهي، هنن
ڪتابن ۾ ڪن سبقن ۾ ٻارن کي ڪنهن ڳالهه جي اجازت وٺڻي آهي يا ڪو سوال ڪرڻو آهي ته
اهو پيءُ کان ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪنهن عورت کي ”سگهڙ زال“ (سبق جو نالو) چيو ويو
آهي ته اها ڦٽل گهر کي ٺاهڻ، ماني ٽڪي ڪرڻ، صفائي سٿرائيءَ جو خيال ڪرڻ سان سگهڙ
آهي نه ته بدافعالي آهي، هوءَ پڙهڻ، لکڻ، ٻيو ڪو تخليقي ڪم ڪرڻ جي ڪري سگهڙ ڪانهي،
جڏهن ته سگهڙ مرد ته لوڪ ادب تخليق ڪندا آهن ۽ ٻوليءَ جا وينجهار ٿيندا آهن. اهڙي
سگهڙ عورت تيار ڪرڻ لاءِ ڇوڪرين کي اسڪول مان اچي به ماءُ سان رڌڻي ۾ مدد ڪرائڻي
آهي، ٻهاري ڏيڻي آهي (جيئن هڪ سبق ۾ آهي) پر ڇوڪرو بيٽ بال کڻي ٻاهر راند ڪرڻ هليو
وڃي ته مڙئي خير آهي. ان جو نتيجو ڇا ٿو نڪري ته وڏي ٿيڻ کانپوءِ ڇوڪرا پنهنجي ڪم
ڪندڙ زال جو هٿ ونڊائڻ ۾ عار سمجهن ۽ عورت تي ٻيڻيون ٽيڻيون ذميواريون پئجيو وڃن،
جيڪي ڪم اڳي مرد ڪندا هئا سيڌو سامان وٺڻ، ٻارن کي پڙهائڻ يا اسڪول ڇڏڻ ۽ کڻي اچڻ،
اهي به هاڻي عورتن کي ڪرڻا ٿا پون.پوءِ به عورت ڪيتري به محنت ڪري ان کي ڪا مڃتا
ڪانهي، هڪڙي درسي ڪتاب ۾ نظم جون سٽون آهن:
محنت ڪر تون محنت
ٻار
محنت مڙسن جو سينگار
اسان
جي جاگيرداراڻي سوچ رکندڙ سماج ۾ ”مڙسي ڪرڻ“، ”مڙس ماڻهو ٿيڻ“ ۽ ”محنت مڙسن جو
سينگار“ جهڙا اصطلاح روايتي (stereotype) تصور ڏيندڙ آهن، جن ۾ صنفي مت ڀيد موجود آهي. گهٽ ۾ گهٽ
درسي ڪتابن ۾ اهڙي مدي خارج سوچ کان پاسو ڪجي ۽ اهڙا تصور ڏجن جن سان سماج ۾ ڪا
مثبت تبديلي اچڻ جو امڪان پيدا ٿئي. جيڪڏهن ايڪيهين صديءَ جي ٻار کي مدي خارج
جاگيرداراڻي دور جا تصور ڏبا ۽ هن عالمگيريت يا گلوبلائيزيشن جي دور ۾ به بند
دماغن وارو شهري بڻائبو ته پوءِ هن ملڪ جو آئيندو ڪيئن ۽ ڪهڙو هوندو سو هرڪو سمجهي
سگهي ٿو.
No comments:
Post a Comment