روبينه ابڙو
سنڌو پيرزاده جي شعري
مجموعي
”اداسي“ جو مهاڳ
(شاعري سنڌوءَ جي روح مان ڦُٽي
ٿي)
فنونِ
لطيفه ۾ شاعريءَ کي مٿانهون مقام حاصل آهي. اسان جي سماج اندر شروع کان وٺي شاعر
کي انتهائي احترام واري نظر سان ڏٺو ويندو آهي. ڪي ماڻهو شاعرن کي خدا جو شاگرد سڏيندا
آهن، ته وري ڪي پيغمبر ڪوٺيندا آهن. مرداڻي سماج هئڻ ڪري اسان وٽ مرد شاعرن کي ته
سولائيءَ سان پنهنجي فن جي ڪمال جا جوهر ڏيکارڻ جو موقعو ميسر هجي ٿو، پر اتي ئي
عورت کي پنهنجي اندر جا جذبا شاعريءَ وسيلي اظهارڻ تي تمام گهڻو ڀوڳڻو پيو آهي.
شرم، حياءَ ۽ حجاب جو ڪُوڙو دائرو هميشه عورت جي اظهار جي آواز کي پنهنجي اندر قيد
ڪندو آيو آهي. ڪيتريون ئي عورتون هونديون جن جي من ۾ ڏات ڏنگ هڻندي هوندي، پر انهن
جي آهه به شعر جو روپ وٺي عام ٿيڻ کان وانجهيل ۽ دٻيل رهجي ويندي هوندي، ڇو ته
سندن چپ رسمن، روايتن ۽ غيرتن جي ڌاڳن سان سبيل هوندا آهن. جيڪڏهن ڪجهه عورتون
پنهنجي اندر جي اور ڪاڳرتي آڻڻ ۾ سوڀاريون به ٿينديون آهن ته انهن جو ڪلام عام
ناهي ٿي سگهندو جو انهن جا مالڪ (مرد) پنهنجي انائن جي خول ۾ ايترا ته قيد هوندا
آهن، جو ڀلجان اهي پاڻ به سخن شناس ڇو نه هجن پڙهيل لکيل، دانشور، شاعر ۽ اديب ڇو
نه هجن پر اهي ڪڏهن به ناهن چاهيندا ته سندن ڪنهن عورت جي ڪوتائن جو ڪتاب ڇپجي، يا
انهن جي شاعري ڪنهن رسالي يا اخبار جي زينت بڻجي... پر جي ڪا عورت شاعره پنهنجون
ڪوتائون عام ڪرڻ ۾ سوڀاري به ٿيندي آهي، ته کيس لکڻ ۽ ڇپجڻ جي اجازت به ملي ويندي آهي
ته پوءِ اها اجازت به مشروط هوندي آهي، اهڙن شرطن سان جيڪي مرداڻي سماج پاڻمرادو
طئي ڪري رکيا هوندا آهن. اهڙا شرط جن لاءِ عورت کي ٻڌائڻ يا سمجهائڻ جي ضرورت ناهي
پوندي، هن کي پاڻ ئي پتو هوندو آهي ته سندن شاعريءَ کي ڪهڙي مصلحتن ۽ علامتن جو
سهارو وٺڻو آهي. مثال جيڪڏهن اسان سنڌي ٻوليءَ جي پهرين شاعره مائي مرکان کان وٺي
هن دور تائين اڀرندڙ شاعرائن جي شاعريءَ مان حوالا کڻون ته پتو پوندو ته انهن جي
شاعري پِيرن، مرشدن، سهرن، لاڏن يا وڌ ۾ وڌ پنهنجي مڙسن سان محبت جي اظهار ۽ انهن
جي تعريفن جي دائرن کان ناهي نڪري سگهي.
جڏهن
روايتن جون ڀِتيون ڀُتيون
ٿينديون آهن تڏهن بغاوت جو هڪ ڌڪو به انهن کي ڪيرائي پَٽ ڪري ڇڏيندو آهي... سنڌي
ادب ۾ هن وقت عورت شاعرائن جي هڪ وڏي انگ جي موجودگي ان ڳالهه جي چٽي نشاندهي آهي
ته هاڻ عورت وٽ اظهار جي آزادي آهي، هاڻي هوءَ مرد جي مهربانين جي محتاج ناهي
رهي.. پرنٽ، اليڪٽرانڪ توڙي سوشل ميڊيا ايتري ته پاڙ پختي ڪري ورتي آهي جو سنڌ جي
عورت به پنهنجي تخليقن کي پنهنجي مرضيءَ مطابق عام ڪرڻ ۾ خود مختيار آهي، هاڻ ان
ڳالهه کي مڃڻو پوندو ته تبديلي اچي چڪي آهي. هاڻ انهن مرد حضرات کي به سوچڻو پوندو
۽ ان ڌارا جو حصو بڻجڻو پوندو جيڪي اڄ به عورت جي جسم سان گڏ ذهن تي حڪمراني ڪرڻ
کي پنهنجو حق سمجهي ڪيترين ئي عورت شاعرائن جي جذبن ۽ خوبصورت تخيل کي انائن جي
ڪوٽن ۾ قيد ڪيو ويٺا آهن.....
مان
پنهنجو پاڻ کي خوش نصيب ڀائيندي
آهيان جڏهن سوچيندي آهيان ته مان هڪ اهڙي دور ۾ پيدا ٿي آهيان جيڪو دور عورت شاعرائن
جي حوالي سان ارتقاءَ جو دور آهي... منهنجي دور ۾ منهنجي همعصر شاعرائن ۾ ڪيترائي
نالا آهن جيڪي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ وسيلي سنڌي ادب اندر پنهنجو مقام جوڙڻ ۾ سوڀاريون
ٿيون آهن. آنءُ سرهي آهيان جو اڄ اوهان سان پنهنجي ئي دور جي هڪ اهم ۽ سگهاري
شاعره سنڌو پيرزادو پاران شروع ڪيل سندس شاعراڻي سفر جي پهرين پڙاءَ
مان ڪجهه دلفريب پڙاڏا کڻي اوهان سان مخاطب آهيان... اوهان جي هٿن ۾ موجود هي ڪتاب
”اُداسي“ سنڌو پيرزادو جي تخليقن جو پهريون مجموعوآهي،
جيڪو ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته سنڌ جون عورت شاعرائون هر حوالي سان نه صرف
سگهارو تخيل رکن ٿيون پر سندن اظهار جي سگهه ايتري ته مضبوط آهي جو اها وڏا واڪا ۽
آواز جنمي سگهي ٿي، انقلاب برپا ڪري سگهي ٿي.
مون
زير نظر ڪتاب اندر سنڌو پيرزادو
جي شاعريءَ جي لفظ لفظ کي پڙهيو آهي، پرکيو آهي ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌوءَ جي
هن ڪتاب ۾ ڪيترائي اهڙا خيال آهن جيڪي ڌيان جو گريبان ڇڪيندي نظر ايندا. ڪيترائي
اهڙا شعر آهن جيڪي احساسن جي شدت کي ڇرڪائي ٿا ڇڏن ۽ سندس شاعريءَ ۾ موجود جذبن جي
سچائي اهڙو ماحول جوڙي ٿي ڇڏي جو ڪٿي ڪٿي ته اکيون ئي آليون ٿي پون ٿيون.... ڪٿي
ڪٿي حيرت به ٿئي پئي ته هڪ اهڙي سماج ۾ جتي عورت کي ايتري پذيرائي ملڻ سندس شعرو
سخن کي سمجهڻ، سندس رهنمائي ڪرڻ کي عيب تصور ڪيو وڃي اتي اهڙي سخنوري سرجڻ، جنهن ۾
دلين جي روداد ايتري ته منفرد بيان ڪيل هجي جنهن ۾ پڙهندڙ کي محسوس ٿئي ۽ هو
پاڻمرادو ڪنڌ ڌوڻي چئي ته ها..... اها آهي ڏات، جيڪا هر ڪنهن کي ناهي ملندي.
سنڌوءَ
جي هن ڪتاب ۾ غزل به آهن،
نظم به آهن ته وايون به، ڪجهه گيت به آهن جيڪي سنڌوءَ جي عورت هجڻ ڪري گيت جي مڪمل
لهجي سان ٽٻٽار آهن. سنڌوءَ وٽ سندس هر صنف جو پنهنجو هڪ باغ آهي ۽ هر باغ کي پنهنجي
بهار رت آهي هر صنف جو پنهنجو شان ۽ مان آهي، لطف آهي، مزو آهي.
سنڌي
ادب ۾ جديد ادب جي رجحان
انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آهي، خاص ڪري شاعريءَ جو ڄڻ ته مزاج ئي تبديل ٿي ويو آهي، شاعري
۾ خاص ڪري نظم اندر منظر نگاري، قوم پرستي، رومانويت، مقصد، ترقي پسندي، بغاوت پسندي،
وجوديت، مطلب ته اڻڳڻيا انداز نظم اندر اجاگر ڪيا ويا آهن. سنڌو پيرزادو به ان
سمرڻيءَ جي موتيءَ وانگر آهي، جنهن جي نظمن ۾ پڻ مٿيان سمورا احساس ۽ جذبا ٽٻٽار
آهن. مان هتي شروعات ڪنديس سنڌوءَ جي نظمن کان، سنڌوءَ جي نظمن ۾ موضوع ۽ انفراديت
جا ڪيترائي اظهار ملن ٿا، سنڌوءَ جا ڪجهه نظم سندس ڳوڙهي مشاهدي مطالعي سان گڏ
پنهنجي مٽيءَ ۽ ماڻهن سان گهري لڳاءَ، محبت ۽ وابستگيءَ جي ڪري سندس شاعريءَ ۾
شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا. انهن نظمن جي ٻولي توڙي تخيل سنڌوءَ جو پنهنجي مٽيءَ سان
جڙيل رهڻ ۽ ڌرتيءَ سان سندس ڪمٽمنٽ کي اجاگر ڪن ٿا. سنڌوءَ جا نظم پنهنجي اندر هڪ
خوبصورت ابهام سانڍي پڙهندڙ کي ان ڳالهه تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا ته ماڻهو پنهنجي
مٽيءَ کان ڀلجان ڪيترو به پري ڇو نه هجي پر مٽيءَ ۾ جيڪا ڪشش آهي اها کيس هر وقت
پاڻ ڏانهن ڇڪيندي ٿي رهي.... ڳوٺ جون ساروڻيون به ته مٽيءَ جون ساروڻيون آهن.... ڳوٺ جي منظرن جون ساروڻيون به ته ڌرتيءَ جي
خوبصورتيءَ جي ساروڻين کان گهٽ ناهن، ڳوٺ جي ماڻهن جون ساروڻيون به ته قوم جي
ساروڻين جهڙيون هونديون آهن.
اُها ئي بُک ساڳي آ،
صدين کان اُڃ ساڳي آ،
اُهي ئي ڏُک مارُن جا،
صدين کان رُڃ ساڳي آ.
اڃا ڀي مارئي ٿر جي،
ڀري ٿي کوهه تان پاڻي!
جلن ٿا پير واريءَ تي،
وڃن ٿا دور پاڻيءَ لئه.
اُهائي بُک، بيماري،
سُڪائي رت ٿي ٿر جو.
وري اڄ ڦول صحرا جا
ويا ڪومائجي آهن. (سنڌو)
صدين کان اُڃ ساڳي آ،
اُهي ئي ڏُک مارُن جا،
صدين کان رُڃ ساڳي آ.
اڃا ڀي مارئي ٿر جي،
ڀري ٿي کوهه تان پاڻي!
جلن ٿا پير واريءَ تي،
وڃن ٿا دور پاڻيءَ لئه.
اُهائي بُک، بيماري،
سُڪائي رت ٿي ٿر جو.
وري اڄ ڦول صحرا جا
ويا ڪومائجي آهن. (سنڌو)
سنڌوءَ جي نظمن ۾ محبت جي تجربي کي انوکي انداز ۾ بيان ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ڪجهه نظمن اندر محبت کي فلسفياڻي انداز ۽ اک سان ڏسڻ جي ڪوشش
ڪئي اٿس ته وري ڪجهه نظمن اندر سماج اندر رسمن رواجن ۽ مرداڻي سماج جي گهاڻن ۾
پيڙهجندڙ محبت جو ذڪر ڪيل آهي....
مان آهيان درد اماوس جو،
تون چانڊوڪين کي چاهيندڙ،
مان آهيان مٽي صحرا جي
تون ديس گُلن ڏي ڪاهيندڙ. (سنڌو)
يا
هي نظم ڏسو:
ويل هي ڏاڍي ڀلي آ
چئوطرف رابيل آهن
ڀونءِ ڄڻ ڍڪجي وئي آ
خوبصورت ساوڪن سان
ماٺ جو سرٻاٽ آهي
هي سمو ڄڻ سار وانگر
ڄڻ ته ننڍڙي ٻار وانگر
اٽڪلون مون سان ڪري ٿو
کينچلون مون سان ڪري ٿو
ضد تي آهي چڙهيو ڄڻ
ڪنَ ۾ مون کي چئي ٿو
ڪاش هو توسان هجي هان
هن گهڙيءَ محبوب تنهنجو
ڪاش توسان گڏ هجي هان. (سنڌو)
سنڌوءَ
جي نظمن جا موضوع وسيع آهن
سندس نظمن جا ڪينواس اهي ئي ساڳيا سهي پر هن انهن تي جيڪا مصوري ڪئي آهي ان ۾ ڀريل
رنگ نج پج سنڌوءَ جا پنهنجا آهن.... سنڌوءَ جا نظم سندس زندگيءَ جي پڻ خوبصورت عڪاسي
ڪندي نظر ايندا اهوئي ڪارڻ آهي جو سنڌو پنهنجو پاڻ کي هڪ شاعره جي روپ ۾ نروار ڪرڻ
کان پرانهين رهي آهي.... هوءَ گوشانشينيءَ ۾ رهي لکندي رهي آهي ۽ لکندي پئي اچي.
بحرحال منهنجي نظر ۾ جڏهن سنڌوءَ جي نظمن جو ڳوڙهو مطالعو ڪجي ٿو ته اها ڳالهه بار
بار ذهن ۾ اچي ڊاٻو ڪري ٿي ته سنڌوءَ جي نظمن ۾ اها جان آهي، اها اڏار آهي، اها
گهرائي آهي جيڪا سندس سڃاڻپ ضرور بڻجندي. هونءَ به ڪنهن شاعر جي سڃاڻپ سندس شاعري
۽ ان اندر موجود سندس فن ۽ فڪر ئي بڻجندو آهي.... سندس سڃاڻپ اهي نظم ضرور بڻبا
جيڪي هن وقت تائين پڙهندڙن جي نظرن کان اوجهل هئا، پر هن ڪتاب وسيلي عام ٿي نه صرف
پنهنجو تعارف سنڌي ادب سان ڪرائي رهيا آهن پر سنڌوءَ جي سڃاڻپ جو پڻ باعث ضرور
بڻبا.....
ساوڻ رُت ۾ ڏيئن وانگي
اُڀ تي ڪيڏا تارا آهن،
تارن جي جھُرمٽ کان پرتي
پورو پورو چنڊ به ڄڻ ڪو
ويرانيءَ جو ٽڪرو آهي.
پنهنجي گھر جي آڳر تي مان
ڪيڏيءَ دير کان ليٽيل آهيان!
سامهون کجيءَ جو وڻ آهي،
چانڊوڪيءَ ۾ روشن آهي.
کجيءَ جي ان وڻ جي پويان،
چنڊ به مون سان ڳالهائي پيو،
جنهن کي هر پل آنءُ تڪيان ٿي،
جنهن سان دل جو حال سليان ٿي. (سنڌو)
ان
کان علاوه سنڌوءَ جا ٻيا کوڙ سارا نظم، خاص ڪري ”هي سمو ڄڻ سار وانگر!، اڄ اداس آهيان مان!، Life is still going on… ۽ ياد جا آواره بادل“ سنڌوءَ جا انتهائي خوبصورت نظم
آهن ۽ سندس نظمن جي انهيءَ رنگين ۽ خوبصورت سمرڻيءَ ۾ هڪ نظم منڊيءَ تي ٽڪ وانگر
آهي جنهن جو ذڪر هتي مان لازمي سمجهان ٿي سو آهي ”منهنجا ننڍڙا سونو“، هي نظم
سنڌوءَ پنهنجي پياري پُٽ لاءِ لکيو آهي جنهن ۾ سندس عورتاڻن احساسن ۽ منجهس موجود
ممتا جي گهري ساگر جون موجون پسي سگهجن ٿيون:
منهنجا ننڍڙا سونو!
تنهنجي ڪارن وارن پويان
چهرو ڄڻ ڪو چنڊ لڪيل آ
منهنجي ڀرسان تون ستل آن
ڪمري ۾ ڄڻ چنڊ کڙيل آ
تون ئي آهين منهنجي ڇانءَ
منهنجا ننڍڙا سونو. (سنڌو)
سنڌوءَ
جي غزل اندر وري سنڌوءَ جو
ٻيو روپ پسي سگهجي ٿو. فني حوالي سان غزل ۾ سنڌو هڪ تمام سگهاري ۽ فن جي ڄاڻو شاعره
طور اڀري اسان جي آڏو اچي ٿي. دلچسپ ۽ مختصر لفظن ۾ وڏي مقصد واري ڳالهه ڪرڻ جون نالو
شاعري آهي ۽ اهو فن سنڌوءَ کي خوب اچي ٿو. سنڌوءَ جي طبيعت ۾ موجود حساسپڻو ۽ سچ
گوئي جا اولڙا سندس شاعريءَ اندر پڻ موجود آهن. هن جيڪو ڪجهه به سوچيو آهي اهو قلم
وسيلي ڪاڳر تي اتاري ڇڏيو آهي..... سنڌوءَ جي غزل جون سادڙيون سٽون به پنهنجي اندر
معنائن جا گهرا ساگر سمائيون ويٺيون آهن...
توهان نه آهيو اگر ته ساز سڀ نه ٿا وڻن،
اسان جي راڳڻي ته بس اوهان جي آس پاس آ.
اسان جي راڳڻي ته بس اوهان جي آس پاس آ.
خيال سڀ سڪوت ۾ ۽ لفظ لفظ ماٺ آ،
اسان جي شاعري ته بس اوهان جي آس پاس آ.
اسان جي شاعري ته بس اوهان جي آس پاس آ.
ڪراچي
جنهن کي کوڙ سارا شاعر ۽ نازڪ مزاج انسان پٿرن جو شهر ڪري مخاطب ٿيندا آهن هڪ
اهڙو شهر جتي انسان مشينن وانگر ڪم ڪندي نظر ايندا هجن، جتي انسان انسان کان
ويڳاڻو هجي. جتي معاشرو ڀڃ ڊاهه جو شڪار هجي، سماجي ورتاءَ ڊانوان ڊول ٿي ويا هجن،
چئو ڏسا افراتفري ۽ دهشت گرديءَ جو راڄ هجي، اهڙي ماحول ۾ به سنڌوءَ جهڙي گهريلو
عورت وڏي ايمانداريءَ سان علم ۽ ادب جي واڌ ويجهه لاءِ جاکوڙي رهي آهي ۽ پنهنجي وت
۽ وس آهر سنڌي ادب کي مانائتو ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار نڀائي رهي آهي. ان ڳالهه کان
قطع نظر ته سندس ان پورهي جو کيس ملهه ڪهڙو ملندو..... ڪا موٽ به ملندي يا نه،
سنڌو ته بس شاعريءَ جي فن ۽ فڪر جي گهرائين تائين وڃي پڳي آهي.... هن شاعريءَ جي
فن کي پنهنجي روح ۾ سمائي خيال کي اهڙو ته تراشيو آهي جو سندس ان محبت جي ڪري هن
پنهنجا ڪيترائي خوبصورت غزل سرجي سنڌي ادب کي ڏنا آهن. اچو ته سنڌوءَ جي اهڙن ڪجهه
غزلن مان ڪجهه خيالن جي اڏار جي ڪٿ ڪيون ۽ ڏسون ته سنڌوءَ جو غزل ڪاٿي پهتل آهي:
عشق ٿو جيڪو پڙهائي پاڻ کي،
ڪنهن به مڪتب ۾ نه اهڙو درس آ.
ڪنهن به مڪتب ۾ نه اهڙو درس آ.
پنهنجو ماضي پئي وساريو مون،
سار تنهنجي ٻري ٻري آئي.
ظاهري خوش لڳان پئي ليڪن،
منهنجي اندر ۾ بيقراري آ.
منهنجي اندر ۾ بيقراري آ.
جو جھلڻ سان نه ٿو جھلي سگھجي،
وقت اهڙو عقاب سمجهان ٿي.
وقت اهڙو عقاب سمجهان ٿي.
ڪيڏيون
نه خوبصورت تشبيهون ۽
استعارا استعمال ڪيل آهن، ۽ ان فن جي ڪري سنڌوءَ جي شاعريءَ کي نئون نکار ملي ٿو،
جيئن پنهنجي ئي شعر ۾ سنڌو اهو واضع ٿي ڪري ته ”ڪو نئون استعارو ٿو گهرجي“ بلڪل
ايئن سنڌو نواڻ جي ڳولائو آهي ۽ هن ان ۾ ڪاميابي پڻ ماڻي آهي جيئن سندس ڪجھ
استعارن مان ظاهر ٿئي ٿو. ”عشق جو استاد ٿي پڙهائڻ، ماضيءَ جي ياد جو وِسڻ ۽ وري
ٻري پوڻ، وقت عقاب جو ڦندي ۾ نه ڦاسڻ“ وغيره.
علم
عروض جي ڄاڻن مطابق جيترا به بحر وزن آهن انهن منجهان 3 بحر اهڙا آهن جيڪي انتهائي ڏکيا
آهن جن تي طبع آزمائي ڪرڻ هر شاعر جي وس جي ڳالهه ناهي..... اهي هي آهن.
مفاعلتن
متفاعلن
مستفعلن
مٿي
ذڪر ڪيل بحر اهڙا آهن جن
تي اياز سان گڏ ڪجهه سينيئر شاعرن لکيو آهي پر تمام گهٽ، نئين ٽهيءَ جي به آڱرين تي
ڳڻجندڙ شاعرن ان بحر وزن تي لکيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه استاد شاعرن ۽ نقادن جو خيال آهي
ته سنڌي ٻوليءَ جو مزاج اهڙو ناهي جو اهڙن ڏکين بحر وزنن تي شاعري ڪري سگهجي، پر ان هوندي
به سنڌي ٻوليءَ جي ڪجهه شاعرن اهڙن استادن ۽ نقادن جي اهڙين دعوائن کي پاسي تي رکي
انهن بحر وزنن تي نه صرف لکيو آهي پر ان سان فن توڙي فڪر جي حوالي سان تمام گهڻو
نڀايو پڻ آهي. مون کي حيرت ٿي جڏهن سنڌوءَ جي غزلن جو مطالعو ڪندي منهنجي نظر سندن
ڪجهه اهڙن غزلن تي پئي جيڪي ”متفاعلن“ جي بحر وزن تي لکيل آهن. ويچارڻ سان پتو پيو
ته سنڌوءَ جا اهي غزل نه صرف فني حوالي سان انتهائي سگهارا هئا، اهڙي ڏکئي بحر وزن
سان نه صرف هن سهڻي نموني نڀايو آهي پر ان ۾ خيال جو پوراءُ به انتهائي خوبصورت
ڪيو اٿس، جنهن مان پتو پوي ٿو ته هن نه ئي ڪا تُڪ بندي ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪا ڊکاڻڪي،
هن اهي غزل پنهنجي ڏات جي مدد سان سرجيا آهن ۽ سندس ڏانءُ جيڪو کيس اردو ادب ۾
ماسٽرس ڪرڻ جي ڪري مليو آهي ۽ ڏات جيڪا هن کي ورثي ۾ مليل آهي پوءِ هن ٻنهي کي جيءَ
۾ جاءِ ڏني آهي ۽ لکيو آهي... پنهنجي مطالعي جي ميز کي هميشه آباد رکيو آهي پڙهيو
آهي، اندر ۾ ڪڙهي آهي پنهنجو پاڻ کي پچايوآهي، شاعريءَ کي پنهنجي اندر ۾ سمايو
آهي، تڏهن ئي اهڙي بحر وزن تي هن ڪمال جي خيال آرائي ڪري عجب ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
متفاعلن جي بحر وزن تي لکيل سنڌوءَ جي ڪجهه غزلن جا ڪجهه شعر مثال طور هتي ڏيڻ
ضروري ٿي سمجهان:
تنهنجي پار ڏي منهنجا پرين ڇو ڪو پنک ٿي مان اڏان نه ٿي،
تنهنجي عشق ۾ تنهنجي چاهه ۾ ڪو پتنگ ٿي ڇو جلان نه ٿي.
تنهنجي عشق ۾ تنهنجي چاهه ۾ ڪو پتنگ ٿي ڇو جلان نه ٿي.
تون جي دور آن ٿو لڳي مون کي تون اڃان به دل جي قريب آن!
تنهنجي ويجهڙو به رهي پرين، ڇو مان خوش ڪڏهن ٿي کلان نه ٿي.
تنهنجي ويجهڙو به رهي پرين، ڇو مان خوش ڪڏهن ٿي کلان نه ٿي.
منهنجي
نظر ۾ رديف ڪنهن به غزل جي سونهن هوندو آهي ۽ غزل ۾ رديف جي نواڻ ۽ ان جو درست
استعمال يا ايئن چئجي ته رديف سان نڀاءُ غزل جي حسناڪيءَ ۾ واڌارو ڪري ٿو، سنڌوءَ
کي پڻ ان ڳالھ جي خبر آهي ۽ هن نه صرف عام ۽ مختصر رديف استعمال ڪيا آهن ۽ انهن
سان نڀايو آهي پر هوءَ نون رديفن جي پڻ متلاشي رهي آهي. ڊگها رديف پڻ استعمال ڪيا
اٿس جن جي ڪري سندس غزل ۾ هڪ منفرد ۽ وڻندڙ رڌم جنم وٺي ٿو، ان مان ڦٽندڙ موسيقيت
پڙهندڙ کي جهومڻ تي مجبور ڪري ٿي ڇڏي:
ڇو موسم سرد آهي ۽ اداسي هر طرف ڇانيل،
ڪو دل ۾ درد آهي ۽ اداسي هر طرف ڇانيل.
ڪو دل ۾ درد آهي ۽ اداسي هر طرف ڇانيل.
مسافر رات آهي ۽ رُلي ٿو روح پيو رڻ ۾،
آوارهه گرد آهي ۽ اداسي هر طرف ڇانيل. (سنڌو)
آوارهه گرد آهي ۽ اداسي هر طرف ڇانيل. (سنڌو)
سنڌ
۾ گيت کي جن شاعرن عروج تي
آندو انهن مان شيخ اياز، استاد بخاري، مير محمد پيرزادو، ۽ سرمد چانڊيو جا نانءَ سگهارا
آهن، پر جڏهن جديد سنڌي گيت جي تاريخ ۾ جهاتي پائبي ته ڪيترن ئي اهم نالن تي نظر
پوي ٿي... اها ڳالهه ته پڌري پٽ پيل آهي ته سنڌي گيت جو جنم هندي گيت مان ٿيو
آهي.... ويهين صديءَ جي شروعاتي دور ۾ ڪشنچند بيوس، کيئلداس، هري دلگير، هوندراج،
شيخ اياز، استاد بخاري، نارائڻ شيام، تنوير عباسي، نياز همايوني، کان ٿيندو سنڌي
گيت مير محمد پيرزادو، قمر شهباز، شمشيرالحيدري، ۽ سرمد چانديو تائين پڳو ۽ پوءِ
نئين نسل ڏانهن منتقل ٿيو آهي جنهن جي قطارن ۾ بيٺل سنڌو پيرزادو پڻ پنهنجي حصي جي
ڏات ۽ ڏانءُ ماڻي ورتو آهي ۽ گيت لکيا آهن.....
سنڌوءَ
جا گيت پڻ سندس شاعراڻي مزاج
جي ترجماني ڪندي ملن ٿا، توڙي جو نظمن، غزلن ۽ واين جي ڀيٽ ۾ گيتن جو انگ گهٽ اٿس
پر پوءِ به انهن گيتن ۾ سنڌوءَ جي شعوري ڪوشش سان گڏ سندس مشاهدي ۽ مطالعي جي وڏو
هٿ آهي. سندس گيت ۾
سنڌو پنهنجي دور ۾ ٿيندڙ لقائن سان همڪلاميءَ سان گڏ پنهنجي اندر سان ڳالهائيندي پڻ
ملي ٿي...... ڇو ته گيت جو مزاج ئي ڪجهه اهڙو آهي جو هر عورت جو ئي آواز هوندو
آهي، سو گيت لکڻ وقت سنڌوءَ به پهرين پنهنجو پاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پوءِ
عورت جي آواز کي سمجهو آهي، ڄاتو آهي، ۽ پوءِ گيتن ۾ ڳاتو آهي جنهن جا سُر ۽ تال
اسان کي سنڌوءَ جي گيتن ۾ چڱيءَ طرح ملي سگهن ٿا ۽ اسان سنڌوءَ جي گيتن مان
موسيقيت جا مزا ماڻي، احساس ۽ خيالن جي حسنا ڪين جا املهه موتي به پسي سگهون
ٿا.....
شاھ جمال تي راڳ هلي پيو.
ڳوٺ پريان ٻلهڙيجي آهي،
مُهين تي وسڪارو آهي،
جل ٿل منظر سارو آهي!
وائي
نج سنڌي صنف آهي ۽ سنڌي شاعريءَ
جو تمام وڏو ڪارنامو ليکي وڃي ٿي. عام طورتي وائيءَ کي سنڌي شاعريءَ اندر مقدس
حيثيت حاصل آهي.... بيت جيان وائي جو لکڻ به هر سنڌي شاعر لازمي سمجهندو آهي ۽ پاڻ
تي بيت ۽ وائيءَ جو حق سمجهي حق ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي... سنڌوءَ به وائيءَ لکي
ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ جي حق ادائگي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي .... سندس ڪتاب ۾ واين جو
انگ گهڻو آهي، سندس وائي پڙهڻ سان ائين ٿو لڳي ڄڻ سنڌوءَ جي اندر جي اور هجي....
هن پنهنجو پاڻ سان يا شين سان جيڪا همڪلامي ڪئي آهي ان جا پڙاڏا وائي جي صورت
اختيار ڪري آڏو آيا هجن.... وائي پنهنجي اندر ۾ نظم وانگر هجي ٿي، هڪ مسلسل
نظم.... وائي عام طور تي ڇند تي آڌاريل هوندي آهي، کوڙ سارن شاعرن وائي کي عروض جي
ڪنواس تي پڻ چٽيو آهي ۽ اهو تجربو پڻ لاڀائتو ثابت ٿيو آهي، ڇو ته عروض جا رنگ
وائيءَ کي خوبصورتي ارپن ٿا. ان مان اهو مقصد هر گز نه وٺڻ گهرجي ته ڪو ڇند تي
لکيل وائي عروض تي لکيل وائيءَ کان ڪنهن قدر گهٽ آهي.... نه.... ان جا پنهنجا رنگ
آهن، خوبصورتي آهي، رچاءُ آهي ۽ موسيقيت آهي.... بحرحال وائي کي ڪهڙي به رنگ ۾
لکجي هن جو پنهنجو هڪ انوکو هڳاءُ آهي جيڪو پاڻ مرادو ڦهلجي ٿو ۽ پاڻمرادو انهن
روحن کي وڃي رسي ٿو جيڪي روح اهڙن هڳائن جا متلاشي رهندا آهن....
سنڌو
جي وائي ۾ اها ردم ۽ موسيقيت
موجود آهي جيڪا وائي لکڻ لاءِ گهربل آهي يا ضروري آهي جنهن جي ڪري سندس وائيءَ ۾ رچاءُ
پيدا ٿئي ٿو.....
ٿڌڙي ٿڌڙي هير لڳي پئي
تون آن مون سان گڏ،
چانڊوڪيءَ هن رات ۾!
پهريون پيار ايئن هوندو آ،
ڇوري ايئن نه پڏ،
چانڊوڪيءَ هن رات ۾!
سنڌوءَ
جي واين جا موضوع منفرد آهن، وٽس رومانويت به آهي، سماجيات به آهي ته جديد ۽ ڪلاسيڪيت جو سنگم پڻ سندس ٻي شاعريءَ
وانگر سندس واين ۾ به ملي ٿو. خارجي توڙي داخلي ڪيفيتن جو توازن رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين
جنهن ۾ هوءَ ڪافي حد تائين ڪامياب به ٿي آهي. رومانوي احساسن ۽ داخلي ڪيفيتن سان
ٽٻٽار سنڌوءَ جي ٻن واين جا هي بند ڏسو ڪيڏا نه خوبصورت آهن ۽ ڪيڏي نه رواني آهي
انهن جي وراڻين ۾:
سندوري ٿي سينڌ آ
تارا تارا چڳ،
تون جو آئين سپرين!
يا
سجدا منهنجو ساهه ۽
من جا وڄنم گهنڊ،
ساجن تنهنجي لاءِ!
پنهنجي
چوڏس سماج ۾ ٿيندڙ واقعن تي پڻ سنڌوءَ جي گهري نظر آهي، سندس اها نظر واقعن ۽ حالتن جي گهرائيءَ تائين وڃي پڄي ٿي
۽ پوءِ سندس اندر ۾ شاعري چشمن جيان اٻڙڪا ڏئي نڪري ٿي جيڪا انهن منظرن، واقعن، حالتن
۽ انهن جي ڪري پيدا ٿيندڙ خوشين ۽ ڏکن جي احساسن سان مالامال هوندي آهي. سنڌوءَ جي
شاعريءَ ۾ موجود خارجي ڪيفيتون کيس هڪ سگهاري ۽ سماجيات تي نظر رکندڙ دانشمندانه
ايپروچ جي مالڪ شاعره طور روشناس ڪرائي رهيون آهن:
مور مئا ڄڻ ٿر مري ويو،
ڊوڙي ٿي پئي ڊيل،
سانجهيءَ جي هن ويل!
سنڌوءَ
جي شاعريءَ جو ڳوڙهو جائزو وٺڻ کان پوءِ مان انهيءَ نتيجي تي پهتي آهيان ته شاعري
سنڌوءَ جي روح مان ڦٽي ٿي، هن وٽ اها ڏات ۽ ڏانءُ آهي جو هوءَ پنهنجي
شاعريءَ ۾ موجود ڪومل احساسن وسيلي تتل ريت جهڙن جذبن مٿان ميگها وانگر وسي سارو ماحول
مهڪائي ٿي ڇڏي. آخر ۾ سنڌوءَ جي هن شعر سان پڄاڻي ڪندي کانئس اها اميد ڪيان ٿي ته
هن جنهن پنڌ جي شروعات ڪئي آهي ته کيس شاعريءَ جا اڃان کوڙ سارا سنگ ميل طئه ڪرڻا
پوندا ۽ پنهنجي فن ۽ فڪر ۾ اڃان وڌيڪ پختگي آڻي ادب جي افق تي وهائو تاري جيان
جرڪڻ جا جتن جاري رکندي.
ڏات منهنجي آ ڪنهن پکيءَ وانگر،
هاڻ اوچي اُڏار چاهيان ٿي.
هاڻ اوچي اُڏار چاهيان ٿي.
15 آگست، 2014
شيخ زيد ڪالوني، لاڙڪاڻو
No comments:
Post a Comment